Sunday, August 19, 2012

ناچو

ناچو

ڪھاڻي

وھاب سھتو


سج لٿو ته ڍڳا ڇوڙي، هَرُ ڪلھي تي رکي، ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيم. سڄو ڏينھن ڪَڙهڻ جي ڪري، ڏاڍو ٿڪجي پيو هئم. هَرُ، دَرَ جي ٻاهران رکي، ڍڳن مان پاڃاري ڪڍي وڃي کين واڙي ۾ آهُرن تي ٻڌم. پاڃاري گھر ۾ ڇڏي، هَرُ کڻڻ لاءِ ٻاهر نڪتم ته ولڻ جي منھن پئجي ويم. ٻڌايائين؛ “اڄ ڦرڙن جي ڳوٺ راڳ آھي، سو ٻڌڻ هلبو.”

“ڏاڍو ٿڪل آھيان. سڄو ڏينھن ڍڳن سان گڏ اُڙھو آھيان. ھاڻي صفا هلڻ کان هلاک آھيان. سو اڄ ڇڏ، وري ڪنھن ٻئي دفعي هلنداسين”. نٽائيندي چيومانس.


“اڙي يار! اُھي اُھي ماشوڪ آيا آھن جو ڌنڌا ئي ڇڏي ڏي. تون وري ٿڪجي پيو آھين. جوانن کي به ٿڪ ٿيندو آھي ڇا؟” زور ڀريندي چوڻ لڳو؛ “اھي ميلا ملاکڙا ۽ راڳ روپ ڪو روز ٿيندا آھن ڇا؟ جو چوين ٿو ته؛ اڄ نه وري ڪنھن ٻئي دفعي هلنداسين.”

“بس اڄ ڇڏ! وري ڪڏھن.” هَرَ کڻڻ لاءِ نِوڙندي چيومانس.

“هَرُ اتي رک! ڪاڏي ٿو کڻين! پھرين ٻڌاءِ ته هلين ٿو يا نه؟ تون ڇا کان ٿو لھرائين؟ پئسا نه اٿئي ته مان ڏيانءِ! جيڪڏھن اڃا ٻيءَ ڪنھن شيءِ جي ضرورت اٿئي ته اھا به ڪري وٺبي. تون رڳو ھا ڪر. سڄي سنگت تيار ٿي آھي، ۽ تون چنڊن واري ننھڪر ٿو ڪرين.

ولڻ ڏاڍو ضدي ماڻھو آھي ۽ جڏھن ھوڏ تي چڙهي ته لھندو مشڪل آ.

“چڱو ڀلا يار ٿورو ساهه ته پٽڻ ڏي! ماني به کائڻي آھي”. لاچار ھا ڪرڻي پئجي وئي.

گھر ۾ ويم. ماني کاڌم. ڪپڙا بدلائي، پاڻ واريءَ پوڙهيءَ کان ڏوڪڙ ورتم. چانھنڙي تيار ڪرائي پيتم پئي ته ولڻ اچي در تي رڙيون ڪيون.

ڪھاڙي ڪلھي تي رکي، ڪانچ جا ڦِريل ور ٺاھيندو ٻاهر نڪتم.

ولڻ سان گڏ ٻيا به ٻه چار همراھ سنبريل هئا. هر ڪنھن کي هلڪو ڦلڪو هٿيار ساڻُ هئو. لٺ ڌڪو، جھنگ وارن پنڌن تي، نانگ بلا ۽ چور چڪار کان ضروري ھوندو آھي. ان کان علاوھ ڄِمُر جي به مند ھئي، تنھڪري جان جي حفاظت لا لٺ ڌڪو ضروري ھيو.

ٿيو به ائين جو رستي هلندي گلڻ جي نظر، ھڪڙيءَ لنڊيءَ تي پئجي وئي، جيڪا رستي تي ويڙهي سيڙهي پئي ھئي.

بس وارو وارو ٿي وئي. هڻي همراھن سٽي وڌس.

“رستي تان هٽائي ڪنھن لوڙهي يا ڪنڊن واري وڻ تي اڇلائي ڇڏيوس!” ولڻ نصيحت ڪئي.

گلڻ لڪڻ تي کڻي، رستي جي پاسي ۾ بيٺل ڪرڙ تي اڇلايس. ٽارچ جي روشنيءَ ۾، اڇلايل بلا جڏھن ڪرڙ جي وڻ تي ڪري ته منھنجو ذھن يڪدم ٻارنھن سال پوئتي هليو ويو.

اڄ کان ٻارنھن سال اڳ، مان ۽ ادو پاڻيءَ جي واري تي، بنا بتيءَ جي ويا هئاسين. جڏھن هَئُه مَئُه ٽريو، تڏھن اسان جي سامھون ڪچيءَ سڻڪ جي اڳيان واري پاسي کان، ھڪ دُڦُ نظر آيو ھيو. وائڙا ٿي ويا ھياسين. ڇو جو اھو اسان جي نڪ سامھون، ڪچيءَ سڻڪ ڏي پئي آيو.

اسان جي من ۾ آيو ته؛ چور آھي. وري دل ۾ آيو؛ چور اڪيلو ڪيئن ٿو چوري ڪري سگھي؟ چور کي هٿيار پنھوار ھوندا آھن. ھن کي رڳو ھڪ ڀڏڪ هٿ ۾ آھي. ٿي سگھي ٿو، چوريءَ جي سامان جي ڳنڍ کيس ھجي ۽ هٿيارن وارا ساٿي پوئتي هجنس.

جڏھن اھو هيولا، سڻڪ تي پھتو ته بجاءِ سڻڪ جي ڪنھن پاسي وڃڻ جي، اڃا سڌو پئي آيو. سڻڪ جي اورئين پاسي کان انھيءَ ساڳئي ڪرڙ جي پاڙ ۾ اھا ڀڏڪ رکي، هيڏي ھوڏي لوڻا هڻڻ لڳو. اسان اھو لقاءُ اَڏَ مان، ٻوڙن جي اوٽ ۾ ڏسي رهيا هئاسون. سندس لوڻن هڻڻ تي، مون ٻيڙيءَ جو اڌڙ کڻي ڌڌڙ ۾ ھنيو.

“شايد اسان تي نظر پئي اٿس ۽ مقابلي ڪرڻ لاءِ اھا ڳنڍ اتي ٿانيڪي ڪري رکي اٿائين”. اھو خيال ايندي ئي، ڪوڏر ۾ هٿ وجهي ادي کي خبردارُ ڪيم؛ “پاڻ سنڀالجانءِ متان هيڏي اُلر ڪري، شايد ڏٺو اٿائين”.

اسان ڪن اُپڙا ڪيا ته هيولا پنھنجو جسم پوريءَ طرح سڌو ڪيو. هلڪيءَ ھوا تي سندس چادر ڦڙڪي پئي. ٻيھر چؤ-طرف نھاريائين. مون سمجهيو؛ شايد اسان واري سس پس ڪن تي پئي اٿس ۽ اسان جي طرف جو صحيح تعين ڪرڻ لاءِ ڪنائي ٿو.

اسان بلڪل خبردار هئاسين. بجاءِ اسان ڏي اچڻ جي، هيولا ساڳين پيرن تي موٽڻ شروع ڪيو. اسان گمان ڪيو؛ شايد شڪار اڌورو هٿ آيو اٿس ۽ ھاڻي وري بقايا مال کي ھٿ ڪرڻ لاءِ، في الحال ھيءُ ھتي ٿمايو اٿائين.

سڻڪ ٽپي وٺي لوهه پاتائين ۽ ھيولا اکين کان غائب ٿي ويو. زور سان ڀڄڻ ڪري، سندس مٿي تان پوتي لھي وئي ۽ ھوا جي زور تي سندس وار ھوا ۾ اڏاميا پئي. انومان ڪيوسين؛ شايد ڪا غيبات ھئي. اسان کي دل ۾ اھو شڪ ويھجي ويو.

“هل ته ڏسون ڇا رکيائين؟” مون ادي کي چيو.

“ڇا ھوندو؟ الائي ڪير هئو؟ متان غيبات ھجي”. ادي دل ھاريندي چيو.

“اڙي يار ڇا هي پوءِ؟ غيبات ھوندي ڇا ڪندي؟ متان ڪو چور ھجي ۽ چوري اڌ گيدي ڪري هت رکي هجائين ۽ اڌ کي وري مٿو ڏيڻ ويو ھجي”.

“اڙي چور کي اڏامندڙ وار ٿيندا آھن؟” ادي نٽائڻ وارو سوال ڪيو.

“نه ته ڀلا سڱ ٿيندا اٿس؟” ضد ٻڌندي چيومانس؛ “اٿي هل! جي غيبات ھئي، ته به حال في الحال ته هلي وئي آھي. جيستائين موٽي، تيستائين چورن تي مور وانگر، ٻرو ٿا ٻڌونس”.

دل ٻڌي اچي ڀڏڪ جي مٿان پھتاسين. ڪرڙ جي ٿڙ ۽ پنھنجي پاڻ جي ھوا کي اوٽ ڏئي، ماچيس جي تيلي هڻي ڏٺوسين. ڏِلھر ۾ ويڙهيل، تازي ڄاول ٻار، اوئان اوئان ڪرڻ شروع ڪيو. اسان جا حوصلا ئي جواب ڏئي ويا.

‘متان اھا گلا اسان جي ڳچيءَ ۾ پئي’. اھو گمان دل ۾ ويھاري، ٿڏي تي ئي کسڪ سور پڙهيسين. پاڻي به پورو نه ورايوسين. آھندا کليا پيا هئا جو اسان اچي گھر ٺڪاءُ ڪيو.

اڇو صبح ٿيو. ادي مون کي چيو؛ “هل ته آھندا به ورائي اچون ۽ اصل ماجرا جي به خبر لھي اچون”.

ڪرڙ وٽ پھتاسين ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا. اڄ تائين ان ڳالهه جي خبر نه پئجي سگھي. نه وري اسان ئي ان کي وڌيڪ کوٽيو به آھي ته؛ اھو ٻار ڪنھن کنيو؟ ڪنھن اڇلايو هئو؟ ڪنھن جو گناهه هئو؟ ڪا خبر ناھي.

اڄ به اهڙي قسم جي رات ھئي. ٻاٽ اوندهه ۾ رستو لتاڙيندا، لٻاڙون هڻندا ۽ چرچا ڀوڳ ڪندا وڃي راڳ واري ڳوٺ پھتاسين.

نچڻ ڳائڻ ته سج لٿي سان ئي شروع ٿي ويو هئو. ٽي ڇوڪرا نچي رهيا هئا. ولڻ جي ڳالهه صحيح ھئي. واهه جا معشوق هئا.

ڇوڪرا ڳائن ۽ نچن به پيا، کٽن تي ويٺلن ۽ اسان بيٺلن کان گھور گھاٻور به وٺن پيا. ان سان گڏ اھو سڀ سھن به پيا، جيڪو لوڦر ۽ ڇورن جا پياسي، ڇوڪرن سان ڪندا آھن. خوشيءَ ۾ يا خوف کان، پاڻ وڻائڻ خاطر يا لالچ جي ڪري يا اڃا ڪنھن ٻي ڳالهه جي ڪري. بھرحال صبر سان سٺائون پئي.

ٽيئي ڇوڪرا ھڪ ٻئي کان اور هئا. ھڪڙي تي ولڻ پنھنجي پر ۾ هٿ کڻي رکيو. هر هر گھرائي ڏوڪڙ پئي ڏنائينس.

“يار! ڇورو ته ڪھي ٿو ڪھي، ڪو خانداني ناچو آھي”. ولڻ مون کي اک ڀڃندي ڇوري ڏانھن اشارو ڪيو.

“ھا يار! بس هٿ رکي وئينس! باقي مون کي به وڻيو پئي”. مون ٽيڪ ڏنس.

“ڇورو سائين لاجباب آھي. اڄ انھيءَ سان ڪچھري ضرور ڪبي.” وري چوڻ لڳو؛ “استاد آچر ڇورو آندو ڪٿان آھي؟ پنھنجو اٿس، الائي ڪنھن کان اڌارو وٺي آيو آھي”. ھڪڙو هٿ ڪلھي تي رکيل ڪھاڙيءَ ۾ مضبوط وجهي ۽ ٻئي هٿ سان مڇ وٽيندي، مون واري پاسي واري اک چنجهي ڪندي، ولڻ ڪرخت آوزا ۾ ڇوري جي تعريف ڪئي.

ولڻ کي مڙيئي ٿاٻي جي ٽونڪر سجيھه آ. شل نه ڪاٿي ڪو ٺاھوڪو ڇورو ڏسي، بس اصل جهُڳي تي ٽانڊو.

ڇوڪرن محفل کي، هر وقت ماڻھن جون دليون رکي تازه دم پئي رکيو. اهڙو سرور اچي ويو جو ٿڪ ئي وسري ويا. ڇڏي وڃڻ لاءِ دل ئي نه پئي ڪڍيو.

ولڻ خان، ڇوري تي مست لڳو پيو هئو. اوھاريو اوھاريو پيو وڃي. گگ پئي ڳڙيَس. هر هر ڇوري کي گھرائي گھور ڏئيس ۽ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪريس.

“نالو ڇا اٿئي”. ڇوري کان پڇيائين.

“بشير!” ڇوڪري مختصر جواب ڏنس.

“يار نالو ته لاجواب اٿس!” پڇڻ کانپوءِ اسان کي ٻڌايائين.

“استاد آچر ڇا ٿيئي؟” وري گھرائي پڇيائينس.

“ڪجهه به نه.” ڇوري جو ساڳيو مختصر جواب.

“ڪڏھن کان وٺي نچندو آھين؟” ٻيھر گھرائي، رپيو گھور ڏيندي پڇيائينس.

“گھڻي وقت کان”. ھٿ ھٿ سان ملائيندي ۽ رپيو وٺندي، ڇوري ٺينگ ڏئي ڏئي ٻڌايس.

“ايڊريس ته ڏي!” واڌارُو رپيو ڏيندي پڇڻ لڳس.

“اسان ھڪ ھنڌ ھوندا ئي ناھيون” ناز نخري سان ٻيو رپيو پڪڙيندي، ٺينگڙي سان ٻڌايائينس.

“ذات جو ڪير آھين؟” اڃا گھور وڌائيندي پڇيائينس.

“خبر ناھي!” ساڳئي ناٽ نخري سان نوٽ وٽيندي، جواب ڏنائينس.

“ڇو؟” وائڙن وانگي بي خيالي مان پڇيائينس.

“بس الائي!” ساڳي ادا سان آخري نوٽ وٽيندي ٻڌايائينس.

“ڀلا اصل ڳوٺ ڪھڙو اٿئي؟” آخري ۽ رکو سوال، سو به رکت تي پڇيائينس.

“مونکي خبر ناھي!” کيس پالھو ڏسي، اِنڊن تي گھوم ڏئي، تَرنَاون سان ٻين شائقين جا کيسا خالي ڪرڻ لا اڳتي وڌي ويندي چيائينس.

ڇوري، نالي کانسواءِ ڪجهه به نه ٻڌايس. هيءُ يار به آسري ۾ هڙئي ڏوڪڙ لٽائي ويٺو هيو.

تو مان کان پٽ سٽ ڪري، وري ڇوري تي پئسا ھارڻ شروع ڪيائين.

ساڳيا سوال، ساڳيا جواب. اسان بيزار ٿي وياسين، ھن جي گگ بيھي ئي نه.

راڳ ختم ٿيو، پر ڇوري سُرُ نه ملايس.

ماڻھو وڃڻ لڳا، ولڻ خان هلڻ جي واري ئي نه واري. چي؛ “جيڪي ڏوڪڙ آندا هئم، سي ڇوري کي ڏنا اٿم. اوڌر تنھن کان علاوھ پٽي اٿم. هيءُ اُٺ جو پٽ منھنجا پئسا ائين ڦٻائي ٿو وڃي. ائڊريس ئي نه ٿو ٻڌائي. پھرين ائڊريس معلوم ڪبي، پوءِ ڳوٺ هلبو. هيءُ اهڙو مڙس ماڻھو آھي ڇا؟ جي نه ٻڌائيندو”.

اسان کي به ڌڪي هلي استاد آچر جي سامھون ڪيائين. آچر به ساڳيا ئي جواب ڏنا؛ “ادا، ذات ۽ ڳوٺ ته رهيو پري، پر سندس پيءُ ماءُ جي به مونکي خبر ناھي.”

زور ڀرڻ تي حقيقت کان آگاھ ڪندي ٻڌايائين؛ “انھيءَ کي ٻارنھن سال کن ٿيندا جو ھڪڙي ڳوٺ ۾ رات جو اسان راڳ جي محفل پئي ڪئي. تنھن وقت ۾ مون وٽ تمام سريلا ڇوڪرا هئا. انھن مان ھڪڙي تي ٻه ڌريون پئسن ڏيندي اٽڪي پيون. تون ڇا، تون ڇا ۾ جهيڙو وڌي ويو. وڌيڪ خون خرابو ٿئي، اسان بنڀرڪي جو ئي نڪري پياسين. انھيءَ رات، رستي ويندي ھڪڙي ڪرڙ جي پاڙ مان اوئان اوئان جا آواز ٻڌاسين. ٽارچ هڻي ڏٺوسين ته ھائو ٻيلي ڦاٽل رلھيءَ جي ٽڪري ۾ ڪا شيءِ ويڙهيل آھي، جنھن ۾ ڪا چرپر به آھي. ويجھو اچي ڏٺوسين ته تازو ڄاول ٻار. بس ان وقت الائي ڪھڙو روح ۾ رحم اچي ويو، جو اتان انھيءَ ٻار کي کنيم. ڪنھن کان پڇڻ به بيڪار سمجهيم. ڪير ان کي پنھنجو ڪندو؟”

ڇوڪري جي ماضي بابت ٻڌائڻ کانپو ھاڻوڪي حال تي آيو؛ “ھاڻي وڏو ٿيو آھي! ٿوري محنت مڙي ڪري، انھيءَ لائقيءَ ڪيو اٿمانس. ھن وقت تر جو سٺو ۽ مڃيل ناچو آھي. پنھنجو پيٽ به پيو پالي ۽ اسان جي جياپي جو به سھارو ٿي پيو آھي.”

ڳالهه ٻڌي منھنجا ٺَپَ ئي ٺري ويا. اکين اڳيان اوجهراڻيون اچي ويون. الائي ڪيئن ڳوٺ پھتاسين. اچڻ سان ئي کٽ تي ڊهي پيم، پر ننڊ نه آئي سو نه آئي.

No comments:

Post a Comment