Saturday, August 18, 2012

ھٿ جي وڍي - مقدمو - ڊاڪٽر انور ‘فگار’ هَڪڙو

ڪھاڻي ڪتاب ھٿ جي وڍي جو مقدمو


ادب انساني زندگيءَ ۽ سماج جي آرسي آهي، ته ‘ڪھاڻي’ ان آرسيءَ جي چمڪندڙ سطح آهي. سماج جي تبديليءَ ۾ شعر ۽ ڪھاڻي، نھايت اثرائتيون صنفون آهن، جن جو سماجي ڪارج به مثالي ٿئي ٿو. سنڌي سماج جي اخلاقي، علمي، روحاني، مذهبي ۽ اقتصادي قدرن کي، جنھن قوت سان سنڌي ڪھاڻيءَ مثبت رخ ڏنا آهن، تنھن جا گهڻا ئي مثال تاريخ ۾ موجود آهن. هتي ضرورت ان جي آهي ته مان ‘بلو دادا’ (اياز قادري)، ‘پشو پاشا’ (جمال ابڙو)، ‘چھڙي’ (بشير مورياڻي)، کان وٺي ‘ڪافر’ (نسيم کرل) ڪھاڻيءَ تائين هر هڪ جو سماجي ڪارج پيش ڪريان. منھنجي نظر ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾، حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻين جو جيترو به تعداد ٿيندو، اوترو ئي انھن جو مثبت سماجي ڪارج به نظر ايندو. حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ چوڏهن ڪھاڻين جو هڪ مجموعو “هٿ جي وڍي” جي نالي سان منھنجي اڀياس هيٺ آهي. جنھن جو ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سھتو آهي. ڪھاڻي ڪَلا جي اتھاس ۾ اهو اسم اڳ ۾ به موجود آهي. ڇاڪاڻ جو آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۾ سندس چوڏهن ڪھاڻين جو مجموعو ‘هراس’ جي نالي سان “مُرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو” پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ نومبر ۱۹۹۲ع ۾ سندس ڏهن ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو “جڏهن بت ئي چوي ڪافر” جي نالي سان “سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو” پاران ڇپايو ويو آهي. مٿين ٻنھي مجموعن جي اشاعت جي وچ ۾ ٽن سالن ۽ ٽن مھينن جي وڇوٽي رهي. مگر ڇھن سالن جي مدي کان بعد، هيءُ ٽيون مجموعو منظر عام تي اچڻ وارو آهي. ڏسجي ٿو ته ملڪي ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتن جي اثر ڪري، هونءَ به ڪھاڻيءَ جي اشاعت ايتري تيزيءَ سان ٿي نه سگهي آهي، جيتري رفتار سان ڪھاڻي اڳ ۾ اشاعت هيٺ آيل آهي. سھتي صاحب جي ڪھاڻين جي اشاعت تي به اهو اثر پيل ٿو ڏسجي.


هن مجموعي جي اڀياس کان پوءِ، جيڪي نتيجا آڏو اچن ٿا، تن مان چند نتيجن ڏانھن آءٌ اشارا ڪريان ٿو. باقي هر هڪ اڀياسي پنھنجي پھچ موجب پرک ڪري سگهي ٿو. مون کي اميد آهي ته پڙهندڙ مون کان وڌيڪ هنن ڪھاڻين جي خوبين ۽ خامين تائين پھچي سگهندو.
سڀ کان پھرين جيڪا ڳالهه اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿي، سا اِها آهي ته ڪھاڻيڪار روايتي طور تي پنھنجي ڪھاڻي، سماج مان ئي کڻي ٿو. ان چونڊ ۾، هو مواد کان موضوع تائين، چوڪس نظر اچي ٿو. لڳي ٿو ته ڪي ڪھاڻيون ساڻس ٿيل ڪن وارڌاتن/ وارتائن جون روءِ داد آهن. ان سان گڏ ڏسجي ٿو ته ليکڪ واقعي هڪ سماجي نقاد وانگر سماج تي نظر رکي ٿو. جا ڳالهه هڪ سٺي ڪھاڻيڪار ۽ افسانا نگار جي لاءِ اهميت جوڳي آهي. ڪھاڻيڪار، سماج تي برجستي تنقيد ڪندڙ فنڪار آهي. جيڪو سماج ۾ هر پـُرگهٽ ٿيندڙ بـُرائي ۽ سماجي ناسور جو درد محسوس ڪري، ان جي خاتمي ۽ سرجريءَ لاءِ ساهه پَساهه سان جَتن ۽ جدوجھد ڪري ٿو.
هن مجموعي ۾ آيل ڪھاڻيون به سنڌي سماج ۾ پيدا ٿيل مجموعي سماجي ناسورن جي نشاندهي ڪندڙ آهن. اسان جي سماج ۾ تعليمي ۽ مذهبي، خانداني ۽ قبائلي، سياسي ۽ ادبي غلط رويا موجود آھن. جن کي هر ڪو شدت سان محسوس ڪري ٿو ۽ انھن جي غلط هجڻ جي فتوى به صادر ڪري ٿو، مگر انھن سان ڪنھن حد تائين سھمت به رهي ٿو. ان منافقانه رويي، سماج ۾ جيڪا بدي ۽ بدعت پيدا ڪئي آهي، سا آخر ان کي نھوڙي نيندي. سھتي صاحب، پنھنجي هنن ڪھاڻين ۾ اهڙن روين جي خلاف، دل سان دانھيو آهي. “ڪتو به اُن کي کائي”، “مستقبل جو ابو”، “چونڊيندي چور”، ۽ “ڀاڙِ” ڪھاڻيون، اهڙن مثالن لاءِ مثال آهن.
هن مجموعي جو ڪھاڻيڪار، سماج جي هر رخ کي گھري نظر سان ڏسي ٿو. هو سماج جي وچئين طبقي جي مسئلن کان چڱيءَ طرح آگاهي رکندڙ آهي ۽ هو خاص طور تي ان ئي طبقي جو گھرو مشاهدو رکي ٿو. ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ليکڪ پاڻ وچئين طبقي سان واسطو رکندڙ آهي. پنھنجيون ڪھاڻيون به گهڻو تڻو ان ئي طبقي مان کڻي ٿو. هو معاشري جو نفسياتي جائزو وٺڻ ۾ به مھارت رکي ٿو. جنھن جو هڪ واضح ثبوت سندس ڪھاڻي “مُکتي” آهي. جنھن ۾ هو هڪ سطحي مذهبي پيشوا کي، احساس برتريءَ جو شڪار ڏيکاري ٿو. اهو مذهبي پيشوا، ڏاهپ ۾ محدود، مگر شوخي/ خودپرستيءَ ۾ لامحدود نظر اچي ٿو. ليکڪ ان ڪھاڻيءَ جو اختتام هنن لفظن سان ڪيو آهي:
“مسجد رحمت جي جاءِ آهي. شيطان به اندر نه ايندو آهي. پوءِ مفتيءَ جي پيرن کي ڇو باهه لڳل آهي.” دل مان آواز آيو؛ “شيطان اندر نه ايندو آهي. ميربحر وانگر سندس ڄار اندر وڌل هوندو آهي. جنھن ڪري ڪچيءَ روحانيءَ وارا مسجد اندر ائين ڦٿڪندا آهن، جيئن پڃري ۾ پکي.”
هن مجموعي جي مصنف، جھڙيءَ طرح سماج جي حساس مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آهي. تھڙيءَ طرح هن سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي به پنھنجو انفرادي رنگ بخشيو آهي. هو ان وچئين طبقي جي ٻولي استعمال ڪري ٿو. جنھن کي ڳالھايل ٻولي Spoken Language چئي سگهجي ٿي. ان ٻوليءَ جي استعمال ۾ هن خير ڪو ادبي رنگ ڀريو آهي. مصنف ذاتي زندگيءَ ۾ به اها ئي ٻولي ڳالھائي ٿو، جا لکي ٿو. سندس ڪھاڻي “مستقبل جو ابو” مان سندس استعمال ٿيل ٻولي جو مثال ڏيان ٿو:
“ڇورو ته ڀيڻسان لوسي آهي. اسان سڄي عمر ان ڪم جي خلاف رهياسين. ٻين کي ڪاپي ڪرڻ ئي نه ڏنيسين. هاڻي مجبوري ته آهي، پر ان جو مطلب اهو ته ناهي جو رڳو ڀڄ ڀڄان، ڀڄ ڀڄان هجي. هجي ها اسڪول جو امتحان ته ايڏو خفو ئي نه ٿئي ها. ڪنھن استاد کان منٿون ڪري مارڪون وٺون ها. هي ته آهي بورڊ جو امتحان. اتي ته اسان جي ڪا نه ٿي هلي.”
انھيءَ ٻولي ۽ محاوري ۾، هن جي بيباڪي، جنھن کي منٽو جي بيباڪي سان ڀيٽي سگهجي ٿو، سا موجود آهي. ساڳي ڪھاڻيءَ مان مثال ڏجن ٿا:
“بابا! پوءِ ڀلا سڄو سال پڙهڻ کان ڪنھن جهليو هئس. هونءَ به امتحان جو مطلب ڇا هي؟ جيڪو اچي سو پاڻ لکجي يا ڀاڙي تي لکرائجي؟ مائٽ ڏسي وائسي شادي ڪرائيندا آهن. ايتري مدد ڪندا آهن. اندر ته پنھنجي مڙسي کپي نه. بس اولاد کي ڇا ڪجي؟ وڻيس ته عزت ڪرائي، وڻيس ته عزت لھرائي.”
اڳتي لکي ٿو ته:
“چڱن ڀلن خاندانن جا ماڻھو، ڳاڙهي بازار ۾ وڃن ته پوءِ ان کي گناهه نه چئبو ڇا؟!! گناهه ته آخر گناهه آهي. ڪرڻ وارو ڪير به هجي.”
عام طور تي چيو ويندو آهي ته ڪھاڻي سماج جي تاريخ به هوندي آهي. انھيءَ لحاظ کان ڏٺو ويندو ته ڪيتريون ئي ڪھاڻيون سماج ۾ ايندڙ سياسي، سماجي ۽ مذهبي اٿل پٿل جي واقعن جي پس منظر ۾ لکيون ويون آهن. ڪن ڪھاڻين ۾ تاريخ ڏانھن اشارا به موجود هوندا آهن. جن کي پڙهندڙ بخوبي پروڙي وٺندو آهي. هنن ڪھاڻين مان به ڪن ڪھاڻين ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا. جيئن هڪ هنڌ آهي ته: “ڪنڊياري ۾ چمن واڻيو هوندو هو. وڏو سيٺ هو. ڪنڊياري جي بازار سندس نالي تي آهي. پاڪستان کان اڳ جي ڳالهه آهي. کيس ٿاڻي تي صوبيدار گھرائي ڪو گٿو لفظ چيو. هيءُ بيٺو رهيو. نيٺ صوبيدار کي احساس ٿيو. ويھڻ لاءِ چيائينس. پر ديوان ويھي ئي نه. صوبيدار جي پيرن تي نظر پيس. ديوان کان ڪاڪوس وهي اچي پيرن وٽ پھتو هو. پڇيائينس؛ “ديوان هي ڇاهي؟” چمن چيس؛ “شائين! اِجت ڊڄي!”
انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي ڪھاڻين جي اڀياس مان، مجموعي تاثر اهو ملي ٿو ته هو موضوع جي چونڊ، مواد ۽ ڪھاڻيءَ جي فني لوازمات کان واقف ضرور آهي، پر جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ڪھاڻي لکڻ ويھي ٿو، تڏهن هو پنھنجو اصلي رنگ انھن سڀني لوازمات تي حاوي ڪري ڇڏي ٿو. هونئن به ڏات جڏهن ڇٽ جهُلائي ٿي، تڏهن ڪائنات اکين کان اوجهل ٿي وڃي ٿي ۽ فن جي، فڪر اڳيان ثانوي حيثيت وڃي رهي ٿي.

ڊاڪٽر انور ‘فگار’ هَڪڙو
شڪارپور
۲۴-جولاءِ ۱۹۹۸ع.

No comments:

Post a Comment