Saturday, August 18, 2012

رني ڪوٽ جو خزانو - امر جليل


رني ڪوٽ جو خزانو
امر جليل
ميهڙ کان سڏ پنڌ تي، جڏهن گولي هلي هئي، تڏهن سوين ماڻهن منهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ميدان ۾ بيٺل ڏٺو هو. پر پوءِ، اهو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو هو. ڪجهه ماڻهن کيس گولي کائيندي ڏٺو هو.


هڪ پوڙهيءَ چيو؛ ”مون تنهنجي پٽ کي گولي کائي، آسمان ڏانهن اُڏامي ويندي ڏٺو آهي.“
مونکي پوڙهيءَ جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو.
پوڙهيءَ، پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو؛ ”پنهنجين اکين سان مون کيس اُڏامندي ڏٺو هو. گولي کائڻ کان پوءِ، تنهنجي پتڪڙي پٽ، پنهنجيون ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪيون هيون ۽ ان کانپوءِ هو رت وهائيندو، آسمان ڏانهن اُڏامي ويو هو.“
پوڙهيءَ جي منهن تي، گُهنجن جو ڄار وڇايل هو. پٺيءَ جو ڪنڊو، ڪمان ٿي ويو هوس. ڪنڌ، لاڳيتو هاڪار ۾ لڏي رهيو هوس. هوءَ الاءِ ڇو مونکي ڏاڍي پُراسرار محسوس ٿي. مون کي کانئس ڪجهه ڪجهه وحشت ٿيڻ لڳي.
پوڙهيءَ چيو؛ ”منهنجيءَ ڳالهه تي يقين نه اچيئي ته ميدان ۾ وڃي ڏس. اڃا تائين مٽي، تنهنجي پٽ جي رت سان آلي هئي.“
مونکي افسوس ٿيڻ لڳو ته مون پنهنجي ٽن سالن جي پٽ کي ميهڙ ڇو آندو هو. مان پنهنجي مامي علڻ سان ملڻ ۽ کانئس رني ڪوٽ جي خزاني جو راز پڇڻ آيو هوس. علڻ منهنجو مامو هو. منهنجي پٽ عاقل جو مامو نه هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجو پٽ عاقل، اڃا مس ٽن سالن جو هو. رني ڪوٽ جو گم ٿيل خزانو، هن لاءِ اهم نه هو. رني ڪوٽ جو خزانو، منهنجي لاءِ اهم هو. امان مونکي يقين سان ٻڌايو ته رني ڪوٽ ۾ املهه خزانو دفن آهي، جنهن تي اٺئي پهر ڪاريهرَ پهرو ڏيندا آهن. چاليهه ميلن جي پکيڙ  ۾، خزانو ڪنهن مخفي هنڌ تي دفن ٿيل آهي. انيڪ انسان، خزاني جي تلاش ۾، موت جو بَکُ ٿي ويا آهن. پر خزاني جو اَنت ۽ پتو، لهي نه سگهيا آهن. امان چيو هو ته؛ سندس ڀاءُ علڻ، يعني منهنجو مامو، خزاني جي راز کان واقف  آهي. کيس خبر آهي ته رني ڪوٽ جو خزانو ڪهڙي هنڌ پوريل آهي.
مون پڪو فيصلو ڪيو ته؛ مان پنهنجي مامي علڻ سان، ضرور ملندس. هو ميهڙ ۾ ٽيلر ماسٽر آهي. پر ڪوشش جي باوجود اڄ تائين شيرواڻي سبي نه سگهيو آهي. تنهنڪري هو علاقائي يا صوبائي ٽيلر ماسٽر آهي. منهنجو مامو، قومي ٽيلر ماسٽر ٿي نه سگهيو آهي. هو پهراڻ ۽ وڏي گهير واريون شلوارون سبندو آهي ۽ ڪنهن کي به رني ڪوٽ جي خزاني  جو راز نه ڏيندو آهي.
مون ڪراچيءَ کان ميهڙ وڃڻ جو جڏهن پڪو پهه ڪيو، تڏهن منهنجي زال سُکان چيو؛ ”عاقل کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃجانءِ.“
کانئس سبب پڇيم ته چيائين؛ ”رني ڪوٽ جو خزانو کوٽيندي، تون پڪ پوڙهو ٿي ويندين. تو کانپوءِ، تنهنجو پٽ رني ڪوٽ جو خزانو، ڌرتيءَ جي تهن مان کوٽي ڪڍندو.“
مون سُکان کي چيو؛ ”تون آهين ته منهنجي چاچي ميرل جي ڌيءَ، پر ڳالهيون افلاطون جي ڌيءَ جهڙيون ڪندي آهين. مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ميهڙ وٺي ويندس. مان ناڪام ٿيس ته مون کانپوءِ، منهنجو پٽ رني ڪوٽ جي خزاني جو وراث ٿيندو.“
بنا اطلاع ڏيڻ جي، مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ساڻ ڪري، سڌو وڃي ميهڙ کان نڪتس. گهر وڃڻ بدران، ماما جي دڪان تي وڃي ٺڪاءُ ڪيم. ان وقت، ماما شيرواڻي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي ڪوشش ۾ ناڪام ٿي رهيو هو. هن، اول مون کي نه سڃاتو. هن آخري دفعي مون کي تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هو ڪَنَ جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ آيو هو ۽ اسان جي گهر اچي ٽِڪيو هو. تڏهن مان اين- جي- وي هائي اسڪول ۾، پڙهندو هوس ۽ ٽڪليون گڏ ڪندو هوس. ميهڙ مان آيل مامي جا ڪن، مونکي سيهڙ جي ڪنن جهڙا محسوس ٿيا هئا. ميهڙ ۾ مونکي ڏسي هن نه سڃاتو. هڪ نگاهه مون تي ۽ ٻي عاقل تي وجهي، هو شيرواڻي ٺاهڻ جي جدوجهد ۾ جُنبي ويو. مون کيس سڏ ڪيو؛ ”ماما علڻ.“
ماما کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. هو قينچي رکي، اٿي بيٺو. ڪافي ٿلهو ۽ بيحد ڪونئرو هو. کيس ڀاڪر پائي مِليم ته ڪتڪائيءَ سبب، کلي پيم. ماما، هڪدم مونکي سڃاتو. پوءِ عاقل کي پيار ڪندي عاقل جي باري ۾ پڇيائين. چيم؛ ”منهنجو پٽ آهي. آهي ته ٽن سالن جو، پر الاءِ ڇو ڏاڍو پتڪڙو آهي.“
”تون ڇا ٿو سمجهين!“ ماما چيو؛ ”ٽن سالن جو ٻار تو يا مون جيڏا ٿيندا آهن!“
عليڪ سليڪ ڪرڻ کانپوءِ، ماما مون کان، ميهڙ اچڻ جو سبب پڇيو. سبب ٻڌائڻ کان اڳ، کيس ڳُڙَ جا ڀوڙينڊا ڏيندي چيم؛ ”هي ڀوڙينڊا اوهان جي ڀيڻ الله وسائي، يعني منهنجي ماءُ اوهان لاءِ موڪليا آهن.“
ماما ڏاڍو خوش ٿيو. اٿنديئي اڌ ڊزن ڀوڙينڊا بيٺي پير کائي ويو. مون دل ۾ سندس ڏندن ۽ صحت جي تعريف ڪئي. ماما چيو؛ ”شام ڌاري دڪان بند ڪري گهر هلنداسين. تنهنجي مامي تو کي ۽ تنهنجي پٽ کي ڏسي، ڏاڍي خوش ٿيندي.“
مان ۽ عاقل، نويڪلا ٿي، ماما جي دڪان ۾ ويهي رهياسين. ڪپڙن سبڻ جي مشين هلائيندي، ماما پڇيو؛ ”ماڻهين ته خوش هئي نه؟“
”ها، ماما.“ کيس ٻڌايم؛ ”جڏهن کان عاقل ڄائو آهي، تڏهن کان امان ڏاڍي خوش آهي.“
ماما چيو؛ ”مان به تنهنجي پتڪڙي پٽ کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. هن جي مٿي ۾، مونکي مڻيان ٿي نظر اچي.“
مونکي تعجب ٿيو. مون چيو؛ ”امان به هوبهو ساڳيا لفظ اُچاريا هئا. عاقل ڏانهن غور سان ڏسندي چيو هئائين؛ ”هن جي مٿي ۾ مڻيا آهي.“
ماما ڪجهه ڪجهه فخر سان چيو؛ ”ڇا ٿو سمجهين! هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي.“
مون مٿو کنهندي ماما کان پڇيو؛ ”منهنجي مٿي ۾ مڻيان نه آهي ڇا؟“
ماما غور سان مون ڏانهن ڏٺو. ٿڌو ساهه کڻندي چيائين؛ ”جن کي مٿي ۾ مڻيان هوندي آھي، سي مٿي ۾ مڻيان وارا ٻار پيدا نه ڪندا آهن ۽ جن کي مٿي ۾ مڻيان نه هوندي آهي، سي مٿي ۾ مڻيان وارا ٻار پيدا ڪندا آهن. تنهنجي مٿي ۾ مڻيان نه آهي.“
مونکي ماما ڪجهه ڪجهه توائي محسوس ٿيو. هڪ عدد شيرواڻي سبي، پاڻ کي قومي درزين جي قطار ۾ بيهارڻ جي آرزوءَ ۾ هو، پنهنجي مَتِ وڃائي ويٺو هو. ماما کي شايد خبر نه هئي ته مڻيان، منهنجي مٿي ۾ نه، پر منهنجي کيسي ۾ هئي. مان ٺيڪ ٺاڪ قسم جو ڪامورو آهيان. چڱن چوکن کي اک ڇنڀ ۾ ڪاٺ ۾ هڻائي سگهندو آهيان. جهنگل ۾ منگل ڪري سگهندو آهيان. آمدني ايتري اٿم جو سٿڻ جي اُبداڻن ۾ کيسا هڻائي ڇڏيا اٿم. ماتحت خوش، ته اعليٰ آفيسر به خوش! لهر نه ڪو لوڏو. دل ۾ آيو ته ماما کي چوان ته؛ مڻيان منهنجي کيسي ۾ آهي. اگر مڻيان منهنجي مٿي ۾ نه آهي ته ڇا ٿيو! پر مون ماما کي ناراض يا خفي ڪرڻ، مناسب نه پئي سمجهيم. مون کي، کانئس رني ڪوٽ جي خزاني جو ڏس پڇڻو هو. ڪن محققن جو خيال آهي ته رني ڪوٽ ۾ سڪندر اعظم جي دور جو خزانو دفن آهي! پر، چاليهه ميلن جي پکيڙ ۾ خزانو ڪهڙي هنڌ دفن آهي، ان راز جي خبر منهنجي مامي کانسواءِ ڪنهن کي به نه آهي.
مان اڪثر سوچيندو آهيان ته؛ ايڏي وڏي راز کي سيني ۾ سانڍي، ماما اڃا تائين جيئرو ڪئين آهي! هن کي ته گهڻو اڳ مري وڃڻ گهربو هو! مونکي رکي رکي اهو خيال به ايندو رهيو آهي ته؛ ماما پاڻ رني ڪوٽ جي خزاني کي کوٽي هٿ ڇو نه ڪيو آهي! هو ڇا جي انتظار ۾ آهي! هو ڪنهن جي انتظار ۾ آهي! هو ڪهڙي معرڪي جي انتظار ۾ آهي!
خزاني جي باري ۾ ڳالهه چوريندي چيم؛ ”ماما، مون ٻڌو آهي ته رني ڪوٽ ۾ هڪ خزانو دفن آهي!“
ماما، ذري گهٽ ڇرڪي، مون ڏانهن ڏٺو. ڪپڙن سبڻ واري مشين هلائڻ بند ڪري ڇڏيائين. چيائين؛ ”ماڻهن هينئر ان افواهه تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
”اهو فقط افواهه آهي!“
”ماڻهن ائين ئي هُلايو آهي.“
”اِن  ۾ هونءَ ڪا به صداقت نه آهي.“
”ڪافي لوڀين ۽ ٺوڳين خزاني جي تلاش ۾ جان جوکن ۾ وڌي آهي، پر کين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو آهي.“
”اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“
”منهنجو؟“
”ها، اوهان جو.“
ماما غور سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. هو سوچيندو رهيو. مان سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيس. ڪجهه دير کانپوءِ ماما چيو؛ ”رني ڪوٽ ۾ اَمُلهه خزانو دفن آهي. اِن جي مون کي پڪ آهي.“
منهنجيون واڇون ٽڙي ويون. ڪجهه ڪجهه هٻڪندي چيم؛ ”مان خزاني جي تلاش ۾ آيو آهيان.“
ماما چيو؛ ”توکي ڏسڻ شرط مان سمجهي ويو هوس ته تون خزاني جي تلاش ۾ آيو آهين.“
اميد ڀرين اکين سان ماما ڏانهن ڏسندي پڇيم، ”پوءِ ماما!“
ماما انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو؛ ”تون خزانو هٿ ڪري نه سگهندين.“
”ڇو ماما؟“ تعجب وچان پڇيم.
ماما چيو؛ ”رني ڪوٽ جو خزانو مون اکين سان ڏٺو آهي. پر، مان خزانو هٿ ڪري نه سگهيس.“
اکر نه اُڪليو. مون ماما ڏانهن ڏٺو. ماما چيو؛ ”منهنجي مٿي ۾ مڻيان نه هئي. تنهنجي مٿي ۾ به مڻيان نه آهي. رني ڪوٽ جو خزانو اسان جهڙن جي نصيب ۾ نه آهي.“
کن پل لاءِ دل ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيو.
آخري ڪوشش ڪندي چيم؛ ”پر، اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ اِها خبر ته آهي نه، ته خزانو ڪٿي پوريل آهي!“
ماما هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
چيم؛ ”مان ڪوشش ڪري ڏسندس.“
ماما چيو؛ ”بيسود آهي.“
ماما جي ڀرسان وڃي ويٺس. چيم؛ ”توهان مونکي ڏس ته ڏيو!“
ماما انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو؛ ”تنهنجي مٿي ۾ مڻيان ڪونهي.“
”منهنجي مٿي ۾ مڻيان ڪونهي ته ڇا ٿيو!“ چيم؛ ”مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ساڻ ڪري، خزاني جي تلاش ۾ نڪرندس. هن جي مٿي ۾ ته مڻيان آهي نه!“
ماما غور سان عاقل ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”ها. هن جي مٿي ۾ مڻيان آهي. دڪان ۾ داخل ٿيڻ شرط، مون سندس مٿي ۾ مڻيان ڏسي ورتي هئي.“
”ته پوءِ الله جو نالو کڻي، رني ڪوٽ جي خزاني جو ڏس ڏيو.“ چيم؛ ”مان ۽ عاقل رني ڪوٽ جو خزانو هٿ ڪنداسين.“
ماما اک ڇنڀڻ بنا، عاقل ڏانهن ڏسندو رهيو. سوچيندو رهيو. پوءِ هو ڪاغذ ۽ پينسل کڻي، ويهي رهيو. ڏسندي ئي ڏسندي، رني ڪوٽ جي قلعي جو نقشو ٺاهي ورتائين. پوءِ، نقشي تي منڌيئڙي جا نشان ٺاهيندي ماما چيو؛ ”قلعي جي ٻاهران، اولهه طرف جبل جي ترائين ۾، هڪ تلاءُ آهي. لهندڙ سج جا ترورا، اهڙي نموني تلاءَ تي پوندا آهن جو سمورو تلاءُ، سون وانگر جرڪڻ لڳندو آهي. اصل رجيل سون جهڙو لڳندو آهي. اهڙيءَ مهل جڏهن به ڪو مڻيادار ماڻهو، تلاءَ مان پاڻي ڀريندو، سو پاڻي اصل ۾ رجيل سون هوندو.“
مان وائڙو ٿي ويس. جهٽ ڏيئي عاقل کي ڪڇ ۾ کڻي ورتم. ان وقت اوچتو ٻاهران گولين هلڻ جو آواز آيو. آواز وڌندو ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ گولين جو مينهن پئي وٺو. عاقل هڪدم ٽِپُ ڏيئي منهنجي ڪڇ مان لهي ويو. مون ٻانهن ڊگهيڙي، عاقل کي ٻيهر هنج ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽن سالن جي عاقل، هڪدم سٽ ڏيئي، پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي، تمام چٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو؛ ”رني ڪوٽ جي خزاني تي حملو ٿيو آهي، بابا.“
مان وائڙو ٿي ويس. ٽن سالن جي ٻار کي، اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي ڏسي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
عاقل، ڊوڙ پائي، دڪان مان نڪري ويو. مان ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي، دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. ٻيءَ ڪنڊ ۾، ماما ويهي رهيو. گولين جو مينهن، وسندو رهيو. ٺڪائن جو آواز، ماحول ۾ ڏار وجهندو رهيو. شام تائين، گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهاءُ لڳندو رهيو ۽ پوءِ، وقت عارضي طرح مري ويو. گولين جو آواز گم ٿي ويو. سڀڪجهه ماٺ ۾ غرق ٿي ويو.
مون ماما ڏانهن ڏٺو ۽ ڏک وچان فقط هڪ لفظ چيو؛ ”عاقل.“
ماما چيو؛ ”هو رني ڪوٽ جي خزاني جو محافظ هو. هليو ويو.“
دڪان مان ٻاهر نڪري، مون ميدان ڏانهن رخ رکيو، جتي گولي هلي هئي.
هڪ کان وڌيڪ ماڻهن، منهنجي پٽ کي گولي کائي، آسمان ڏانهن اُڏامي ويندي ڏٺو هو.
چاهڻ جي باوجود، مون ماڻهن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. سندن ڳالهه ۽ مشاهدو، امڪان جي حدن کان ٻاهر هو. ٻڍن، جوانن، ڳڀرن ۽ ٻارن جي لاشن ۾، مون پنهنجي عاقل کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عاقل مون کي نظر نه آيو. مائرون ۽ پيئر، پنهنجن پٽن جا، ڀينرون پنهنجي ڀائرن جا ۽ سهاڳڻيون پنهنجي وَرَن جا لاش کڻي موٽنديون رهيون. پر، مان عاقل کي ڳولي نه سگهيس.
هڪ پوڙهيءَ، منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو؛ ”مون تنهنجي پٽ کي نه فقط اُڏامندي ڏٺو آهي، پر مون تنهنجي پٽ کي سج ۾ به داخل ٿيندي ڏٺو آهي. ڏس!“ پوڙهيءَ سج ڏانهن آڱر اڀي ڪندي چيو؛ ”ڏس! سمورو سج، رت-هاڻو ٿي ويو آهي.“
سانجهيءَ ويلي، سمورو آسمان، رت لڳل ڪينواس جهڙو ٿي ويو. ازغيبي آرٽسٽ مون کي نظر نه آيو.
اُها سموري رات، مون عاقل لاءِ روئيندي ۽ پاسا ورائيندي گذاري ڇڏي.
ٻئي ڏينهن صبح جو، بنا موڪلائڻ جي، مان ميهڙ مان رني ڪوٽ ڏانهن روانو ٿي ويس. سوچيم؛ پُٽ وڃايو اٿم، خزانو ضرور هٿ ڪندس.
ماما جي نقشي مطابق، رني ڪوٽ جي قلعي ۾ ڀٽڪندي، ٿاٻا کائيندي، ڪِرندي، ٿيڙ کائيندي شام ڌاري، مان قلعي جي ٻاهران، اولهه طرف ٽڪر جي ترائين ۾ پهتس. نقشي ۾ ڏنل ڏس مطابق ترائين وٽ، پريان کان پاڻيءَ جو تلاءُ نظر آيو. ڏاڍو ٿڪل ۽ ٽٽل هوس. اُڃ سبب، نڙي ۽ چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا. مون تلاءَ طرف، وڌڻ شروع ڪيو.
ان مهل، سج اولهه طرف لهڻ لڳو. مون، سج ڏانهن ڏٺو. سج، مون کي رت-هاڻو نظر آيو. ان وقت مون کي عاقل ڏاڍو ياد آيو.
عين اُن مهل، جڏهن سج اولهه ۾ غرق ٿي رهيو هو ۽ سندس آخري تِروِرا تلاءَ تي پئجي رهيا هئا، مان تلاءَ جي ڀِڪ تي پهتس. عجب وچان، پنڊ پهڻ ٿي ويس. تلاءَ جو پاڻي، رجيل سونَ وانگر نظر نه پئي آيو. سمورو تلاءُ، رَتُ جو تلاءُ هو.

No comments:

Post a Comment