Friday, August 24, 2012

کاهي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

کاهي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
اڃا مسجد جا ٽي منارا مس تيار ٿيا آهن. ڪاريگر هينئر چوٿين مناري جي اوساريءَ ۾ لڳو پيو آهي. هر مناري جي اوساريءَ تي ٻه ڏينھن وٺندو آهي. اڄ هڪ ڏينھن ۾ منارو تيار ڪرڻ جو دل ۾ وچن ڪيو اٿائين. سمورا مزدور، پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ لڳا پيا آهن. نٽھڻ اُس آهي. ڪانوَ جي اک به ڪائي وانگر ٿي بکي. ھر ڪو پگهر ۾ ڇَلِ لڳو پيو آهي.


استاد غفورو به پگهر ۾ ڇَلِ لڳو پيو آهي. ڪم جي جنون ۾، پگھر جي پرواھ ئي نه اٿس. هونئن ته کيس ڪم جو ايترو جنون نه ٿيندو آهي. پر جڏهن سندس زندگيءَ ۾ خوشي آڻيندڙ واقعو پيش ايندو آهي، تڏهن سندس دل ڪم ڪرڻ لاءِ ايترو ڊوڙندي آهي، جو جنون ۾ کانئس ماني به وسري ويندي آهي. اڄ به ڏاڍو خوش آهي، ڇو جو هن رات عمر ۽ رانول کان جوا ۾ پنج هزار روپيه کن کٽيا هئا. سندس اھي دوست، موالڙي آهن. ٿوري گهڻي جوا جي به پِٽَ پيل اٿن. رانول وارا ته آڙيڪاپ رانديڪر آهن پر رات الائي ڇو استاد غفوري جو ستارو چڙهي ويو هئن ۽ کانئن پنج هزار رپيا کٽيا هئائين. تنھنڪري زبردست خوش آهي.
دل ۾ اڄ وڏي کلبلي متل اٿس. دل ۾ تانگهه وڌي وئي اٿس. دل ۾ اٿس ته اڃا به ڏهاڪو هزار کن کانئن کٽي ۽ پنھنجي لاءِ عاليشان گهر ٺھرائي. پنھنجي لٽايل موڙي هٿ ڪري، جيڪا پنج سال اڳي جوا اندر وڃائي هئائين.
پنج سال اڳي قادو ۽ ميھر، سندس گهر آيا هئا. وزم پاڻيءَ ڪرڻ خاطر، وٽس ايندا هئا. چرس جي سلفي ٺاهي، دم به هڻندا هئا ۽ ٿورڙي گهڻي جوا به ڪندا هئا. ان ڏينھن قادوءَ وارا، غفوري کان سمورا پئسا کٽي ويا هئا. قادوءَ وارن کان دش خش به پڻ ورتي هئائين، سا به هارائي هئائين. واچ به ٻن سؤ روپين ۾ رکي هئائين. اھا به هارائي هئائين. آخر ۾پنھنجي سوني منڊي رکي هئائين، سا به هارائي هئائين.
جوءِ جا ڳھه ڳٺا به چئين هزارين ۾ رکي هارايا هئائين. ان ڏينھن شايد سندس قسمت جو ستارو گردش ۾ اچي ويو هئو. ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي پيو هئو. جڏهن جوءِ رحمت جا سونا زيور، جوا تي رکيائين پئي، تڏهن جوڻس پوتي لاهي پيرن تي رکندي، آزيون نيزاريون ڪيون هئس ته؛ ”ڳھه جوا ۾ نه رک!“ ان ڏينھن وزم ذرو شايد سوايو هنيو هئائين. نيم بيھوشيءَ ۾ اکيون ڳاڙهيون ڪري، ڀنگ وارو ڏنڊو کڻي زال تي اُلريو ھيو. هوءَ ويچاري خوف کان سُن ڦڪي ويھي رهي هئي.
کيس ٻه ڌيئر هيون، جن کي پرڻائڻ لاءِ، سونا زيور ٺھرايا هئائين. زال جي زيورن هارائڻ کانپوءِ، انھن ڏانھن وڌيو هئو. ڌيئرن اچي پير پڪڙيا هئس؛ ”بابا، ڪيڏي نه محنت ڪري، اهي ڳھه ڳٺا اسان تيار ڪيا آهن. تون هڪ ئي گهڙيءَ ۾ اهي ڇڪي تي ٿو هڻين. بابا ائين نه ڪر. بابلا ڪجهه اسان نياڻن تي ڪھل ڪر! اسان جي ڪا پت ڪا  ساک، ڪو ڀرم رک! ائين نه ڪر! خدا جي واسطي ائين نه ڪر! پنھنجي پياري رب جو واسطو اٿئي! ائين نه ڪر! تون ائين ڪندين ته اسان بي موت مري وينديوسين.“
غصي مان پنھنجي وڏيءَ ڌيءُ نوران کي لت وھائيندي چيو هئائين؛ ”بس ڪر ڪميڻي! منھنجي هيتري دولت ڳري وئي آ، مان اها نه موٽايان! باقي توهان جي زيورن کي هٿ نه لايان. ڄڻ توهان جي ڪمائي مان ورتل آهن.“
نياڻيون ويچاريون ليلائينديون رهجي ويون هيون، پر هن ڪنھن جي به نه ٻڌي هئي. لوهي سيخ کڻي، پيتيءَ جو قلف ڀڳو هئائين. جيڪي به ڌيئن جا ڳھه ڳٺا هئس، سڀئي کڻي اچي ڇڪي تي رکيا هئائين. سندس قسمت اتي به پلٽو نه کاڌو ۽ هڙ خالي ڪري اٿيو هئو.
اِتي قادو ۽ ميھر اٿڻ لڳا هئا. هن ڊوڙي وڃي پيرن ۾ هٿ وڌا هئن؛ ”خدا جي نالي ائين نه ڪيو. ترسو.... ترسو. مان ائين نه وڃڻ ڏيندومانوَ. توهان منھنجي ڌيئن جا ڳھه ائين نه کڻي ويندؤ. مان گهر ۽ گهر جا ٽپڙ به قسمت آزمائڻ لاءِ داءَ تي هڻندس. يا اُدر يا پدر، پوءِ ديکا جائيگا.“
اهي اڃا به نه پئي ويٺس ته کين گاريون ڏئي زوريءَ ويھاريو هئائين.
هوڏانھن رحمت ۽ سندس ٻه ڌيئر، قادوءَ ۽ ميھر سميت کيس پٽون پاراتا به ڏئي رهيون هيون ته زاروزار ريھون ڪري رنيون به پئي. انھن ڪيھن تي اوڙو پاڙو اچي مڙيو هئو. پاڙي جو چڱو مڙس شعبان به نڪري آيو هئو. غفورو، ماڻھن کي ڏسي، ويتر ڇتو ٿي پيو هئو ۽ گوڙ ڏئي، گار سان چيو هئائين؛ ”آهي ڪھڙو ماءُ جو لال! جو مون کي اڄ روڪي. اچي منھنجي سامھون ته اڄ ٻچا ته روليانس“.
تنھن تي شعبان ليلائيندي منٿ ڪئي هئس؛ ”ادا، غفورا! ائين نه ڪر. اهو سٺو نه اٿئي. تون ٻچڙيوال آهين. تو کي هروڀرو ائين نه ڪرڻ گهرجي. هي نياڻيون به پٽيندءِ.“ ٻانھون ٻڌندي وري چيو ھئائينس؛ “بس هيڏي ڏس! چئين ته پٽڪو به لاهي پيرن تي رکانءِ!“
انھيءَ تي غفوري، ڳاڙهيون اکيون ڦوٽاريندي گوڙ کاڌي هئي؛ ”تون ڪير ٿيندو آهين، منھنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ وارو. هيءُ گهر تو ٺاهيو هئو ڇا؟ مون ٺاهيو هئو. هنن رنن کي زيور تو وٺي ڏنا هئا ڇا؟ مون وٺي ڏنا هئا. اهي زيور انھن جي ڪمائيءَ جا ورتل هن ڇا؟ جو انھن کي ائين ڏئي ڇڏيان. جي زيورن جو کپ اٿن ته وڃي ڪي مڙس تاڙين. پاڻھي اهي زيور وٺين ڏيندن“. قادوءَ وارن ڏي مھاڙ ڪري ۽ الرندي چوڻ لڳو؛ ”توهان ڪير ٿيندا آهيو جو منھنجا ٽپڙ، منھنجي گهر مان ائين کڻي ويندؤ. مان توهان کي ائين نه وڃڻ ڏيندم! يا هي به وڃائيندم يا اهي سڀ ورائيندم“.
سندس انھيءَ ارهه زورائيءَ ۽ ڇت-ڪتائيءَ تي شعبان ويچاري عزت بچائڻ خاطر، ٻين ماڻھن کي واپس موٽڻ لاءِ چيو هئو؛ ”ادا! جنھن کي پنھنجي نياڻين جو به خيال ناهي، ان سان ڪھڙو مٿو هڻجي. ڪميڻي ماڻھوءَ سان ڪير ڪميڻو ٿئي. گونھه سان گونھه ڌوپندو آهي ڇا؟“
شعبان جي انھن لفظن تي هر ڪو ڪک پن ٿي ويو هئو.
قادو ۽ ميھر ويچارا، سندس گير تي بيھي رهيا هئا.
اندر ويو. جيڪو به سامان، کٽن ۽ هنڌن سميت گهر ۾ هئس، سو کڻي اچي جوا ۾ رکيو هئائين. ڏڪيو به پئي ته سامان به ڪڍيائين پئي. قسمت ۾ سندس لاءِ ڪو ٻيو لکيل هئو. اها بازي به هارائي هئائين.
خار مان جاءِ جو اڌ گيدو ملھه ڪٿي، اها به داءَ تي رکي هئائين. بدقسمتيءَ سان اها به هارائي هئائين. ان کانپوءِ ته صفا ڇتو ٿي پيو هئو، رڦندي پادر کڻي اچي ڌيئن تي وسڪارو ڪيو هئائين.
”توهان مون کي پٽيو ٿيون. هي نڀاڳ تنھنڪري آهي. اڄ مان توهان کي نه ڇڏيندم!“
پادر هڻندي، ڇڏائجي ويس ته ننڍي ڌيءُ خيروءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻئي هٿ مضبوط وجهي، گهوگهو ڏنائين پئي ته وڏي ڌيءُ نوران اچي وچ ۾ پئي هئس. ان جي ڇڏائڻ تي ٿيڙ کائي وڃي ڍير لڳل سامان تي ٿاٻڙجي ڪريو هئو. ڀڳل کٽ جو سيرون هٿ اچي ويو هئس. سٽ ڏئي سيرون ڇڪي ورتو هئائين ۽ نوران تي الر ڪئي هئائين؛ ”هيڏي ويھه ڪميڻي، ڪتي! مان تو کي ڏسڻ نٿو گهران“. قادوءَ ڏي اکيون ڦوٽاريندي چيو هئائين؛ “اڙي ٻڌاءِ، هن رنڊيءَ جا گهڻا ڏيندين؟“
غصي مان ڏڪيو به پئي ته رڦيو به پئي. نيٺ نوران ۽ خيروءَ کي به ڇڪي ۾ هڻي ڇڏيو هئائين. ميھر ۽ قادوءَ جي قسمت اهڙي هئي جو اهي ٻئي ڌيئر به کانئس کٽي ويا هئا.
انھيءَ کانپوءِ غفوري وٽ ڪجهه به نه رهيو هئو. ڇڙو سر ۽ زال. قادوءَ وارن به گهر مان لوڌي ڪڍيس. ھاڻي اھي سندس ڌيئن سميت، گهر جا مالڪ هئا. پاڙيوارن کي گاريون ڏنيون هئائين، تن کي به سندس حالت تي رحم نه آيو هئو. الٽو انھن به ٻنھي زال مڙس کي ڳوٺ مان لوڌي ڪڍيو هئو.
گهر نه گهاٽ، پن تي گذر ڪري وڃي ڀٽين جي مقام ۾ڪکائون گهر اڏيو هئائين. جتي زال سوڌو اڃا تائين رهي پيو ٿو.
رازڪو ڌنڌو کيس ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل هئو، تنھن ڪري ڀٽين جي ڳوٺ وارن ڪڏهن ڪڏهن رحم کائي کيس اڌ ملھو ڪم پئي ڏنو. نه ته پن سن جا ٽڪر وٺي، پيٽ جي بک ماريندا هئا. گذريل ٻن سالن کان سندس حالت ڪجهه ڏسڻ جھڙي ٿي آهي. پر رهي اڃا تائين مقام واري جهوپڙيءَ ۾ ٿو.
اڄ به هن جي دل ۾ اها آنڌ مانڌ آهي ته؛ ’جيڪر هنن پنجن هزارن کان علاوه ٻيا به پئسا هجن ته مان وري جڳھه ٺھرايان ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينھن سک سان مانائتا گذاريان. جتان هارايو اٿم، چڙهندم به اتان‘.
منجهند ٽاڪ جو وقت آهي ۽ سڀ مزدور ڪم تان لھي، تغاريون رکي، اچي وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لڳا آهن. ڪي ته نلڪي تان هٿ منھن ڌوئي، ماني کائڻ لاءِ هڙون کولي رهيا آهن. ڪي وڻ هيٺان آساس ڪرڻ لڳا آهن. ڪي پنھنجي گاري-هڻي جسم جي صفائي ڪري رهيا آهن ته جيئن نماز پڙهن.
غفوري کي ونڌ ڪنڌ آهي. ڪيڏيءَ مھل هيڏي اچي ته ڪيڏيءَ مھل هوڏي هليو ٿو وڃي. هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪونھيس. جڏهن اڱڻ کي ستون ڦيرو ڏئي پوئتي مڙيو ته سندس نظر سامھون رانول ۽ سانول تي وڃي پئي آهي، جيڪي پڻ هيڏانھن اچي رهيا آهن. سندس دل، کين ڏسندي ئي باغ باغ ٿي وئي آهي. دل اڇلون ڏئي رهي اٿس. جنھن شڪار کي آسمان ۾ پئي ڳوليائين سو پاڻ کيس زمين تي ڳوليندو آيو آهي. کانئن ڪم از ڪم ڏهه هزار ٻيا به کٽڻ جي لالچ ۾ آهي. ڇو جو کيس عاليشان جڳھه ٺھرائڻي آهي. هندورا ۽ کٽون، هنڌن ۽ پيتين سميت، هر شيءِ نئين وٺڻي اٿس. ان ڪري خوشيءَ ۾ اڳتي وڌي، ساڻن وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملي ٿو.
رانول ڀاڪر ڇڏائيندي، ڏوڪڙن جي هڙ، دل هرکائڻ لاءِ، ڏيکاريندي چويس ٿو: ”واه! يار واه! شابس هجي تو کي، مُزرا هجن تو کي! هُتي اسان صبح کان ويٺا سڪون!“
“۽ تون اڃا هِتي پيو ٽيٽمائين. اسان سمجهو ته تون اڄ ڪم تي نه ويندين. جيڪڏھن وئين ته به سويل ايندين. نيٺ ويھي ويھي بيزار ٿياسين. چيوسين ته؛ هلي هٿ ڪيونس. باقي، مڙس اڄ کٽ ۾ آهي، سو پاڻ ڪاٿي ٿو اچي“. سانول، رانول جي ڳالهه کي پورو ڪندي چيو.
غفوري به انڌي وانگر خدا کان هڪ اک پئي گهري پر کيس ٻئي ملي ويون. تڪڙو ساڻن هلڻ لڳو؛ ”ڇا ڪيان يار! ڪم تان ئي هينئر لٿو آهيان. مان پاڻ اهو سوچي رهيو هئس ته؛ ايڏانھن اچان! ته توهان اچي ويئو. بس هلو! اچو!“
دل ۾ سوچيندو پيو هلي؛ ’منھنجو انھيءَ مقام جي ڪري ئي، انھيءَ جهوپڙيءَ ۾ ڀاڳ ٿو وري. اها ٽڪري ماڻھن جي گوڙ کان به ڪنڊائتي آهي. اتي هلي ٿو کين ٻُڙي ڏيان‘. ان سان گڏ خيالي محلات اڏائيندو، خوش خوش، وڏيون وڏيون ٻرانگهون هڻندو ٿو هلي. کانئس خوشيءَ ۽ تڪڙ ۾، اهو به وسري ويو آهي ته؛ ’اڌ ڏهاڙي ڪم ڪيو اٿم ۽ باقي اڌ ڏهاڙي اڃا ڪرڻي آھي.‘
ٽئي ڄڻا، اها ئي گهڙي اچي غفوري جي جهوپڙيءَ وٽ پھتا. غفوري اندر گهڙندي ئي، زال کان پئسا گهريا. جوءِ نابري واري بيٺس؛ ”مئا تو کي ته ڪم تي موڪليو هئم نه، وري اهي ڳِجهون گھلي آيئي ڇا؟ انھن مئن کي اجهو هينئر گاريون ڏئي ڊوڙائي ڪڍيو اٿم. اڃا هيئن نه ٿي آهيان ته تو کي به گھلي وري ٻوٿ ڪڍيو اٿن. ڇڏ ته مان هينئر ٿي چڱيءَ طرح ڏسانِ. هنيئر چار ڏوڪڙ ڏٺا اٿن ته چور ٻلي وانگر اکيون وجهي ويٺا آهن. پئسا ڇا جا؟ کين باٺا کپن باٺا!“
سندس ايڏي بانڀولجڻ تي، غفوري کي اچي غصي ورتو. کڻندي تسري ٺڪاءُ ڪرايائينس نرڙ ۾؛ ”باٺا کپن تو کي! ڪميڻي وات سنڀالي ڳالھاءِ! اها نصيحت وڃي ڪر بابھن کي. مون کي پنھنجا پئسا هلاءِ! مون کٽيا آهن، ڪو تنھنجي ڪمائيءَ جا ته ڪونھن جو هينئر دٻي ويٺي آهين.“
جوڻھس ڪڇي، جھڙو ڀت.
”ٻڌين ڪو نه ٿي؟ پئسا ڏي جلدي ڪر! پئسا ڏي نه ته ناسون ڦيھي وجهندوسانءِ. تو ڪميڻي رن کي انھيءَ لاءِ گهر ۾ ويھاريو اٿم ته جيئن ناڻي تي نانگ ٿي ويھين؟“
رحمت، نرڙ تي پوتيءَ سميت هٿ رکي، پئسن واري ڳنڍ کڻي آئي؛ ”اچي وٺي ظولمي. ڇو تائي تپائي کنيو اٿئي، چئن ڏوڪڙن ڪاڻ؟ الله ڪندو ته لھندءِ لاڏ. جيڪو نه تون مون سان ظلم ڪيو آ، اهو به باري بيپرواه ٿو ڄاڻي“. اوڇنگار ڏئي روئي ويٺي.
غفوري، رانول ۽ سانول کي اندر اچڻ لاءِ چيو. هو نابري واري ويھي رهيا ۽ عذر ڏنائونس ته؛ ”تنھنجي زال اسان سان وڙهندي، ٻيو ته اندر گرمي آهي. هتي کبڙ جي ڇانو به آهي، اتي ٿا روزگار ڪيون.“
دل ۾ چيائين؛ ”اها به مقام جي حد آهي، ۽ مقام جي حد ئي ته منھنجي فائدي ۾ آهي“.
ساڻن کبڙ جي ڇانو ۾ کيڏڻ لڳو. پھريان ٻه ٽي داءَ کٽيائين. ٻه ٽي سو روپيا هڻي وين. واڌو کٽيل پئسا ڏسي کڳيون هڻڻ لڳو. جڏهن ڇڪو رانول جي هٿ ۾ ويو ته وري سندس هٿ ۾ نه آيو. رانول رڳو ڇڪا ئي ڇڪا هنيا. اکٻوٽ ۾ هارايل ٽي سؤ ته موٽايائين پر راتوڪا پنج هزار به موٽايائين.
ايتري ۾ رحمت به اچي مٿان بيٺن؛ ”کٽيئي کيج، جيئن جهليو مانءِ تيئن نه مڙئين. لٿئي ٿوٿر، هاڻي ڳاءِ ليگا. اهو به سور هجئي ها جي اهي پئسا گهر ۾ هجن ها! چڱو ٿيو جو هارايئي! نه ته پيٽ مان سور نه لھئي ها. هاڻي بس ڪري اٿ ۽ اٿي هلي ماني کاءُ. ماني ٺري وئي آهي!“
ان مھل مسي اچي سندس اکيون کليون هيون ته؛ ’هٿ ته خالي آهن.‘
غصي مان اکيون ڳاڙهيون ڪري زال کي چيائين؛ ”چپ ٿي ڪرين يا کڻان پادر، ڪروڌڻ! تنھنجي انھيءَ ڪروڌ ۽ ٽيڪي جي ڪري مان هارايان ٿو. اھو ڪروڌ بند ڪرين ته ڀاڳ نه وري“. ڳالھائيندي جوجڪي اچي ويس؛ ”خوشيءَ سان تو مون کي ڏوڪڙ ڇو نه ڏنا؟“ انھن لفظن چوندي رحمت کي ٻه ٽي ٿـڦون وهائي ڪڍيائين.
رحمت جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا. ڏک ۾ اکين مان پاڻي وهي ويس. روئيندي چيائينس؛ ”مئا مون تنھنجو ڪھڙو ڏوهه ڪيو آ. کيڏي، هارائين پاڻ. نڀاڳ پنھنجو اٿئي! ڏوڪڙن جي باه اچي مون مان ٿو ڪڍين.” پويان لفظ چوندي طيش ۾ اچي وئي ۽ مٿي جي وارن مان وٺندي چيائينس؛ ”مئا نالو لھئي، مون تنھنجو ڪھڙو ڏوهه ڪيو آهي. ڳنڍير! مرين به نٿو. ڪو کٽولو کڄئي. ماڻھو تو کي پورن به نه ٿا. ٻيا مرن ٿا، تو تي موت به نٿو اچي. منھنجو رت ئي سڪائي ڇڏيو اٿئي. اڳ ۾ ڌيئر به جوا تي هلائي ڇڏيئي. ڳھه ڳٺا به ڳاريئي، گهر به لٽايئي. اڃا به جوا مان ڍؤ نٿو ٿيئي؟“
غفوري پنھنجا وار ڇڏائيندي، رحمت کي لوندڙيءَ واري چپاٽ وهائي ڪڍي. رحمت بيھوش ٿي ڪري پئي. پوءِ اچي لتن سان ڪٽيائينس. جڏهن کيس مقام جي مٽيءَ سان ڀڀوت ڪري ساڻو ٿيو، تڏهن جهوپڙيءَ ڏانھن وڌيو. جيڪي به اندر ٽپڙ هئس سي ٻاهر ڪڍڻ لڳو.
رحمت وڦلڻ لڳي. ناسن ۽ واڇن مان رت پئي وهيس؛ ”مان مران ٿي. اوئي ... الا، اوه، الا.... الا! مران ٿي. پ.. پ.. پاڻي اه .... پاڻي“.
رحمت جي اها حالت ڏسي رانول کي جهٻو اچي ويو. ڊوڙي وڃي مٽ مان پاڻيءَ جو ڪُپو ڀري اچي وات ۾ وڌائينس ۽ ڇنڊا به هنيائينس. جنھن تي ويچاري سامت ۾ ته آئي پر اتي ئي پئي رهي.
غفوري سڄي گهر جو سامان به اچي داءَ ۾ رکيو. رانول وارا جيڪي راتوڪي باهه ڪڍڻ آيا هئا، سي انھيءَ داءَ کي به نه ڇڏڻ وارا هئا. سانول ڇڪو ڦيرايو ۽ غفور کان داءُ کٽي ويو. اها حالت ڏسي، رحمت اندر ۾ پڄرندي وئي ۽ غفوري کي چيائين؛ ”مئا تون نڀاڳو آهين، قدرت تو کي اهي به نصيب ۾ تڏهن نٿي ڏئي. ظولمي!“.
غفوري گوڙ ڏني؛ ”بس ڪر ڪڃري، سڄو نڀاڳ تو ۾ آ. جڏهن کان تون مون وٽ آئي آن، تڏهن کان منھنجي ڦٽي آ. مون سدائين تو نڀاڳڻ جي ڪري هارايو آهي“.
رانول دل ۾ چيو؛ ”نڀاڳي اها وري ڪٿي آهي. اهي سڀ ڪرتب ته منھنجي ساڄي پاسي کان پوريل چقمق جا آهن، جيڪو هر داءَ ۾ ڇڪو ڪيو بيٺو آهي.“
پويان لفظ چوندي، غفوري جو پارو چڙهي ويو ۽ رحمت کي ٻانھن کان جهليندي گھلي اچي ميدان ۾ ڪيائين؛ ”هل نڀاڳي! تو به منھنجي لاءِ گهڻو تاراج ڪيو آهي. نه هوندينءَ نه ئي نڀاڳ ٿيندو.“
رانول ڏڪي ويو. وري کيس رحمت جي حالت تي رحم اچي ويو ۽ ڇڪو چقمق واري پاسي اڇلايائين. اهو داءُ به هنيائين.
سانول دل ۾ چيو؛ ”اسان ته هن کان کوٽ ڪري، سندس زال تڳائي آ. پر اسان کي ائين نه ڪرڻ کپي ها“. وري ذهن پلٽو کاڌس؛ ”جي رحمت جي ٻانھن، غفور کي موٽائي ڏنيسين ته کيس اجايو پيو ماريندو يا ٻئي ھنڌ وڃي ھارائيندو ۽ ويچاري ساڳيو سورن ۾ ھوندي. اسان وٽ هوندي ته ڌيئن سان گڏ رھندي ۽ ماني ٽڪي به پئي ڪندي. ٻيو نه ته ڪم ازم ڪم ههڙي آزار کان جند آجي ھوندس“.
”وٺي وڃوس نڀاڳيءَ کي! نه کپي مون کي اها ھاڻ. مون کي انھيءَ جو پاڇو به نٿو وڻي!“ غفوري غرائيندي چيو ۽ جهوپڙيءَ کان ٻاھر هليو ويو. هيڏانھن رحمت ويچاري، ٻڏتر ۾ اچي وئي.
غفورو جهوپڙي ڇڏي، ٻاهر نڪتو ۽ جهنگ منھن ڪيائين. حواس باخته، ڪا به خبر نه پئي پيس ته ڪيڏانھن ٿو وڃان. جان مان به بيزار. اها به داءَ تي لڳائي پر لڳي نه ٿي سگهيس. ڳورن قدمن سان اڳتي وڌندو پئي رهيو.
ڪا شيءِ کيس نٿي وڻي. هينئر بک به لڳي ھئس. وزم جي ٻاڙ به لڳي ھئس. هيڏي هاڃي کان پوءِ به اھي وسريون نه اٿس. مناري جي اوساريءَ جو ته خيال ئي الائي ڪاڏي هليو ويس. ٻڏتر ۾ لڙهندو ٿو اچي.
زندگيءَ مان بيزار آهي. جان مان بيزار آهي. پنھنجي منھن ڀڻڪي ٿو؛ ”منھنجي قسمت اهڙي آ. مون قسمت جو ڇا بگاڙيو آهي. مون قسمت ٺاھيندڙ جو ڪھڙو گهر ڊاٺو آهي. مون ڇا ڪيو آهي، جو مون کي ايتري سزا ٿي ملي. مون کي نه کپي هيءَ زندگي! نه کپي هيءَ جان. منھنجي لاءِ موت ڀلو آ. قسمت مون کي زندگي ڏئي، احسان ڪيو آ پر بيعزتي ۽ مفلسي ڏئي مون کي ڪيڏو نه تڪليف ۾ به وڌو اٿائين“.
اهڙن موقعن تي انسان، پنھنجي ڪرتوتن کي گهڙيءَ سوا لاءِ وساري، سڄو مامرو ٻئي ڪنھن جي ڳچيءَ ۾ مڙهيندو آهي. هڪ ته گهر، ھٿان وڃڻ جي دئونس. ٻيو زال جو وڃڻ. ٽيون ڌيئرن جو بي ملھه وڪامڻ. نه وزم نه کاڌو، سوچن ۾ غلطان ۽ ٻڏل. سج لھڻ وارو آهي. آسمان تي ڳاڙهاڻ آهي. اڳتي وڌي ٿو، ڪجهه سوچي، جهنگ ۾ ڦٽل کوه ۾ ٽپو ڏئي ٿو. گهڙي ساعت گهرڙاٽن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ان کانپوءِ گھري سانت ٿي وڃي ٿي ۽ دنيا جو سج پوريءَ طرح غروب ٿي وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment