Friday, August 31, 2012

انـقــلاب - جارج اورويل - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


انـقــلاب
ليکڪ: جارج اورويل
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

شهر کان پري هڪ تمام وسيع فارم هو، جنهن جو مالڪ مسٽر جونز هو. ان فارم ۾ جونز بيشمار جانور رکيا هئا. انهن ۾ ڳئون ۽ مينهون به هيون، جن جو مڻين کير بازار ۾ وڪرو ٿيندو هو. ڪيترائي ڏاند  گھوڙا به هئا، جيڪي هَرن ۽ بگين ۾ جوٽيا ويندا هئا. رڍون ۽ ٻڪريون به هيون، جيڪي ڪاساين کي وِڪيون وينديون هيون. بدڪون ۽ ڪڪڙيون به هيون، جن جا آنا مانڊڻين تي وڪيا ويندا هئا، ۽ انهن جانورن ۾ سوئر به هئا.

Sunday, August 26, 2012

موڙ - طارق اشرف

موڙ
طارق اشرف
اڄ وري گهر جو هڪڙو ئي مَٽُ ڀڳو. اڄ وري گهر جي گُهٻَ پيل جست جي ٿانون کي، نون گهٻن لاءِ اڱڻ ۾ اڇلايو ويو. اڄ وري شور ٿيو، وري گوڙ متو، اڄ وري پاڙي واري ڀت سان لڳل کٽ تان بيهي جهاتي پاتي، پاڙي جي ٻارن در مان ليئو پاتو ۽ کي کي ڪري کليا. اڄ وري پوليس وارو پَٽ تي زور زور سان پير هڻندو گهر مان نڪتو، بيڏوهي ننڍڙي جي ڳل تي اڄ به ماڻس زور سان چماٽ هنئي ۽ هو زور زور سان روئڻ لڳو. اڄ به پوليس واري جي وڃڻ کانپوءِ جوڻس پار ڪڍي رُني ۽ سڄو ڏينهن ڪُني نه چڙهي.

Saturday, August 25, 2012

رب جا راز - الطاف شيخ


رب جا راز
آمريڪن ليکڪ: وارنر لا
سنڌيڪار: الطاف شيخ
سپر مارڪيٽ جي ٻاهران پٽ تي بي يارو مددگار هڪ ڪاري رنگ جي پرس کي ڏسي مون کي پڪ ٿي ويئي ته اڄوڪو ڏينهن منهنجي خوش نصيب ڏينهن مان هڪ آهي. مون ٻٽونءَ کي لاپرواهيءَ سان ٿڏو هڻي ڪنڊ ڏي سرڪايو. ان جي مٿان سگريٽن جو پاڪيٽ ڪيرائي ٻنهي کي سڪون سان کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌم.

Friday, August 24, 2012

کاهي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

کاهي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
اڃا مسجد جا ٽي منارا مس تيار ٿيا آهن. ڪاريگر هينئر چوٿين مناري جي اوساريءَ ۾ لڳو پيو آهي. هر مناري جي اوساريءَ تي ٻه ڏينھن وٺندو آهي. اڄ هڪ ڏينھن ۾ منارو تيار ڪرڻ جو دل ۾ وچن ڪيو اٿائين. سمورا مزدور، پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ لڳا پيا آهن. نٽھڻ اُس آهي. ڪانوَ جي اک به ڪائي وانگر ٿي بکي. ھر ڪو پگهر ۾ ڇَلِ لڳو پيو آهي.

مان انسان آهيان - ڊاڪٽر اياز قادري

مان انسان آهيان
اياز قادري
”ڪنهن کي خبر نه هئي ته هو ڪير هو؟ هن جو نالو ڇا هو؟ هن جي ذات ڪهڙي هئي؟ هن جو مذهب ڪهڙو هو؟ هو ڪٿان آيو هو؟ انهيءَ هوندي به شهر جو ننڍو وڏو کيس سڃاڻيندو هو. هن کي ڪافي ورهين کان وٺي ڏسندا پئي آيا ... سانت ئي سانت، پنهنجي خيالن ۾ گم. ڪڏهن هو مندرن مان نڪرندڙ ناقوس جي صدا: آسمانن تائين ڦهلجي ويندي هئي، ٻُڌي مندر جي دروازي وٽ وڃي ويهندو هو. مندرن ۾ وڄندڙ گهنٽين جو شور ۽ پوڄارين جا ڀڄن ٻڌي، هو انهيءَ ۾ مگن ٿي ويندو هو. هو پوڄارين کي ديوتائن اڳيان، وينتي ڪندو ڏسي، خاموش ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪنهن فيلسوف وانگر اهڙي ڳوڙهي مسئلي تي ويچار ڪري رهيو هجي، جنهن جو حل کيس نه ملندو هجي. مندر مان نڪرندڙ مرد ۽ عورتون هن کي ڏسي چوندا هئا: ڀڳوان جو سنت آهي ... سندس ڀڳوان سان لونءَ لڳل آهي!“

Thursday, August 23, 2012

محرم علي - امر جليل


محرم علي
امر جليل
مان ڪجهه دير سان گهر پهتس، ٿڪل هوس. منهنجي زال مون کي در مان داخل ٿيڻ شرط چيو؛ ”هو ٻُچيءَ ڏاڙهيءَ وارو پساري آهي نه- ڇا نالو اٿس؟“
” محرم علي.“ کيس پساريءَ جو نالو ياد ڏياريم.
”ها. مئو محرم علي.“ منهنجيءَ زال چيو؛ ”هن تو کي سڏايو آهي. چوايو اٿائين، جيئن ئي ماستر صاحب گهر پهچي، کيس هڪدم مون ڏانهن موڪلجو.“
”وري هوندس ڪا درخواست لکائڻي!“ بيزار ٿيندي چيم؛ ”مان ان پوڙهي سيهڙ مان اچي ڦاٿو آهيان.“

مُرڪ تي منع - سندري اتمچنداڻي

مُرڪ تي منع
سندري اتمچنداڻي
لنبي عرصي کان پوءِ ٿي ھئي پڪنڪ. چترڀڄ ڪيترو وقت ٻيڙيءَ کان پرتي ويندڙ پاڻيءَ کي تڪي رھيو ھو. اوچتو راڻيءَ طرف منھن ڪري چيائين؛ ”مون کي لڳي ٿو، تو کي منھنجي باري ۾ ڪا ئي غلط فھمي ٿي آھي...“

راڻيءَ جي پلڪن جا سورج مکي، اڌ گول ڪجھه دير، چترڀڄ کي تڪيندا رھيا. پڇيائين؛ ”ڇو ٿو لڳي تو کي ائين؟“
”ائين ئي.... لڳندو آھي تون مون کي Avoid (نظرانداز) ڪرڻ ٿي چاھين.“
”نه نه..“ فلڪ سان ڪنڌ ڌوڏيو، راڻيءَ ۽ سندس پيشانيءَ تان گهنج غائب ھو.

چنبو چنبو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


چنبو چنبو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
بيماريءَ جي بستري تي پئي آهي. هر پاڙيواري کانئس پڇڻ پئي اچي. جڏهن اھا واپس ٿي وڃي ته ٻيءَ آيل کي ڀڻڪي سان سس پس ڪري ڪجهه ٻڌائي ٿي.
“امڙ! ڪا زناني بيماري سنجري اٿس!” ڪا چوي ٿي.

Tuesday, August 21, 2012

الـهـو ٻـلـهـو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


الـهـو ٻـلـهـو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڏڪندي ڏڪندي، گوڏ جي پلوَ مان ڏوڪڙ ڇوڙيائين. ڏوڪڙ، ڇُڙندي ئي هٿ مان هليا ويس. نِوِڙي کنيائين ۽ ڏڪندڙ هٿن سان وٽيل ڪاغذ جي نوٽن کي سڌو ڪندي، ڊاڪٽر صاحب کان پڇيائين؛ “ڏاڪدار صاحب! اوهان جي ڦيھي گهڻي ٿيندي؟”

Monday, August 20, 2012

اديب، اڻ اديب - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اديب، اڻ اديب
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
“اڙي يار! اديب صاحب! اٿندين به يا سڄو ڏينھن ڪتابن جي مٿان ڏوڙو لڳو پيو هوندين”. شاهه بخش نيٺ بيزار ٿيندي رڙ ڪئي.
“ڇا هي؟” نجم عباسيءَ جو ترجمو ڪيل ڪھاڻين واري ڪتاب، اڪيلا نه آهيون مان منھن ڪڍي، اکيون ڇنڀيندي کانئس پڇيم.
عجيب نموني سان مون کي گهورڻ لڳو. ڄڻ چوندو هجي؛ “خبر نه اٿئي ته ڪاڏي هلڻو آهي”.
مان به سندس مطلب سمجهي ويس. پر هروڀرو اڻڄاڻ ٿي پڇيومانس؛ “هان، ڪاڏي هلڻو آهي؟ منھنجو مطلب آهي ته هي سرما، سينڌيون ۽ پائوڊر ڪاڏي هلڻ جي تياريءَ ۾ ٿيا آهن؟”

سنڌي ڪھاڻي - ممتاز مھر

سنڌي ڪھاڻي
پس منظر پيش منظر
ممتاز مھر
سنڌي ڪھاڻيءَ جي عمر ڪا وڏي ڪانھي، وڌ ۾ وڌ پنجاھه سال. هميشھ پڙهي ويندڙ سنڌيءَ جي پھرين ڪھاڻي ’ادو عبد الرحمان‘ (امرلعل هڱوراڻي جي لکيل) آهي، جيڪا ورھاڱي کان گھڻا ئي سال اڳ لکي ويئي هئي. هيءَ سنڌيءَ جي پھرين ڪھاڻيءَ آهي جنھن ۾ مونولاگ به استعمال ڪيو ويو. سنڌ جي ترقي پسند تحريڪ جي زور وٺڻ کان اڳ ٻه ٻيا ڪھاڻيڪار به قابلِ ذڪر آهن جن سنڌيءَ ڪھاڻيءَ پيڙهه پختي ڪئي؛ مرزا نادر بيگ ۽ آسانند مامتورا. خبر ناهي ته ڇو سنڌي نقادن انھن ٻنھي ڪھاڻيڪارن جي لکڻين جو ڪو مفصل جائزو نه ورتو. يا ائين کڻي چئجي ته انھن ٻنھي انفراديت پسند ليکڪن کي ترقي پسند تحريڪ جي وھڪري تي ڌڪي، کين بي ستَو ڪري، هڪ پاسي اڇلي ڇڏيو. ٻين لفظن ۾ اهي ٻئي ليکڪ نظر اندازيءَ جو شڪار ٿيا.

Sunday, August 19, 2012

نــاچــو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

نــاچــو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سج لٿو ته ڍڳا ڇوڙي، هَرُ ڪلھي تي رکي، ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيم. سڄو ڏينھن ڪَڙهڻ جي ڪري، ڏاڍو ٿڪجي پيو هئم. هَرُ، دَرَ جي ٻاهران رکي، ڍڳن مان پاڃاري ڪڍي وڃي کين واڙي ۾ آهُرن تي ٻڌم. پاڃاري گهر ۾ ڇڏي، هَرُ کڻڻ لاءِ ٻاهر نڪتم ته ولڻ جي منھن پئجي ويم. ٻڌايائين؛ “اڄ ڦرڙن جي ڳوٺ راڳ آهي، سو ٻڌڻ هلبو.”

گهات - شوڪت لوهار


گهات
شوڪت لوهار
ڪيمپس کان واپسي جو وقت هو، سڀني شاگردن سان گڏ اسان به واپس ٿي رهيا هئاسين. واپسي ۾ ايڪسيوب وٽ ڪجهه ضروري فوٽو ڪاپيون ڪرائڻيون هيون سو ڪرايوسين، جتي ڪافي سارا شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هيون. ايڪسيوب جي ڀر ۾ ئي ڪمند جو جوس هو، گرمي گهڻي هئي جوس پيتوسين. منهنجي ڪلاس فيلوز طاهر، ظفر ۽ زاهد سان گڏ هڪ ٻيو دوست به موجود هو. ڪڻڪ رنگو سنهڙو سيپڪڙو جيڪو زاهد سان گڏ هو، زاهد سندس تعارف ڪرايو.

Saturday, August 18, 2012

ھٿ جي وڍي - مقدمو - ڊاڪٽر انور ‘فگار’ هَڪڙو


ڪھاڻي ڪتاب ھٿ جي وڍي جو مقدمو

ادب انساني زندگيءَ ۽ سماج جي آرسي آهي، ته ‘ڪھاڻي’ ان آرسيءَ جي چمڪندڙ سطح آهي. سماج جي تبديليءَ ۾ شعر ۽ ڪھاڻي، نھايت اثرائتيون صنفون آهن، جن جو سماجي ڪارج به مثالي ٿئي ٿو. سنڌي سماج جي اخلاقي، علمي، روحاني، مذهبي ۽ اقتصادي قدرن کي، جنھن قوت سان سنڌي ڪھاڻيءَ مثبت رخ ڏنا آهن، تنھن جا گهڻا ئي مثال تاريخ ۾ موجود آهن. هتي ضرورت ان جي آهي ته مان ‘بلو دادا’ (اياز قادري)، ‘پشو پاشا’ (جمال ابڙو)، ‘چھڙي’ (بشير مورياڻي)، کان وٺي ‘ڪافر’ (نسيم کرل) ڪھاڻيءَ تائين هر هڪ جو سماجي ڪارج پيش ڪريان. منھنجي نظر ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾، حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻين جو جيترو به تعداد ٿيندو، اوترو ئي انھن جو مثبت سماجي ڪارج به نظر ايندو. حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ چوڏهن ڪھاڻين جو هڪ مجموعو “هٿ جي وڍي” جي نالي سان منھنجي اڀياس هيٺ آهي. جنھن جو ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سھتو آهي. ڪھاڻي ڪَلا جي اتھاس ۾ اهو اسم اڳ ۾ به موجود آهي. ڇاڪاڻ جو آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۾ سندس چوڏهن ڪھاڻين جو مجموعو ‘هراس’ جي نالي سان “مُرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو” پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ نومبر ۱۹۹۲ع ۾ سندس ڏهن ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو “جڏهن بت ئي چوي ڪافر” جي نالي سان “سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو” پاران ڇپايو ويو آهي. مٿين ٻنھي مجموعن جي اشاعت جي وچ ۾ ٽن سالن ۽ ٽن مھينن جي وڇوٽي رهي. مگر ڇھن سالن جي مدي کان بعد، هيءُ ٽيون مجموعو منظر عام تي اچڻ وارو آهي. ڏسجي ٿو ته ملڪي ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتن جي اثر ڪري، هونءَ به ڪھاڻيءَ جي اشاعت ايتري تيزيءَ سان ٿي نه سگهي آهي، جيتري رفتار سان ڪھاڻي اڳ ۾ اشاعت هيٺ آيل آهي. سھتي صاحب جي ڪھاڻين جي اشاعت تي به اهو اثر پيل ٿو ڏسجي.

رني ڪوٽ جو خزانو - امر جليل


رني ڪوٽ جو خزانو
امر جليل
ميهڙ کان سڏ پنڌ تي، جڏهن گولي هلي هئي، تڏهن سوين ماڻهن منهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ميدان ۾ بيٺل ڏٺو هو. پر پوءِ، اهو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو هو. ڪجهه ماڻهن کيس گولي کائيندي ڏٺو هو.

Thursday, August 16, 2012

سنڌي گدڙ اِن اسلام آباد - امر جليل


سنڌي گدڙ اِن اسلام آباد
امر جليل
مان دامن ڪوهه جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺو هوس ۽ ڪڏهن ڪامورڪي شهر اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن اڻ-کوٽيل قديم آثارن ڏانهن ڏسي رهيو هوس. دامن ڪوهه، مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ ٺاهيل، تفريح گاهه آهي. گهاٽن وڻن ۽ ٻوٽن جي اوٽ ۾، اک-ٻوٽ لاءِ، نهايت مناسب مقام آهي ۽ ان مقصد لاءِ نهايت پابنديءَ سان استعمال ٿي رهيو آهي. بس، ڪڏهن ڪڏهن ڪو تقدير جو ماريل جوڙو، پوليس وارن جي ور چڙهي ويندو آهي ۽ رنگ ۾ ڀنگ ڪرائي موٽندو آهي.

Wednesday, August 15, 2012

حيدرآباد ۴۷ ڪلوميٽر - گل محمد عمراڻي


حيدرآباد ۴۷ ڪلوميٽر

زيب سنڌي جو هڪ ڪتاب

گل محمد عمراڻي
گهڻو وقت اڳ شروع شروع ۾ مان زيب سنڌي کي ريڊيو پاڪستان تان ٻڌي هن جي شخصيت جي باري ۾ هڪ مخصوص تاثر قائم ڪيو، جنهن ۾ هن جي اڻ ڏٺل شخصيت تي سندس متاثر ڪندڙ آواز جو پڙلاءُ ڀاري هو، بعد ۾ جڏهن مون هن کي ميرپورخاص ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ پهريون دفعو ڏٺو ته محسوس ڪيو ته زيب هڪ مرنجا مرنج ۽ خوشگوار شخصيت جو مالڪ پڻ آهي، سندس نالو ادب ۾ ۷۰ واري ڏهاڪي کان روشن ۽ عيان آهي، خاص طور جڏهن هن شوبز جي اردو ۽ سنڌي رسالن ۾ لکڻ سان پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا ڪئي ته اياز گل چواڻي اهو اسان جي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ واري جنون جو زمانو هو ۽ اهڙي ئي جنون زيب سنڌي کي نوجواني جي ٻين سڀني ڌٻڻن Quqmire کان بچائي ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏيو. مان اياز گل جي هن بيان سان سهمت ناهيان، ڇاڪاڻ ته زيب سنڌي اڃا تائين انسان دوستي جي اونهي کوهه ۾ غرق ٿيل اهڙو نماڻو ۽ نهٺو شخص آهي جنهن وٽ عام رواجي اديبن، شاعرن، محققن ۽ معاملن واري انا پرستي جي بوياس نه آهي ۽ نه ئي هو ڪو سنياس ورتل آدم بيزار مجنون آهي، جو پنهنجي غم جانان ۾ مگن ٿي ڪنهن صحرا جو رخ ڪري، ڪنهن ٿوهر جي اوٽ ۾ ويهي ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو، نه ائين بلڪل ناهي هو زمين سان واڳيل ذي هوش ليکڪ آهي.

Tuesday, August 14, 2012

هر جاءِ ويٺو آ اُلو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


هر جاءِ ويٺو آ اُلو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
“شاگرد ۽ باٺو! کوڙو ته ڪو نه ٿو لڳي!” تنھن ھوندي به، اکين ڏٺي لقاءَ تي ته اعتبار ڪرڻو پوندو. اصل افراتفري ته تڏهن ٿي، جڏهن اسان جي بس، ڪنڊيارو اسٽينڊ تي لڳي. اسڪول سان گڏ، ڪاليج کي به موڪل ٿي وئي هئي. پري ويندڙ ڪاليجي شاگرد به سکر جي بسن معرفت، شھر اندر موجود، اڏي تي پھچي چڪا هئا.

چونڊيندي چور - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


چونڊيندي چور
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
(۱)
جڳ ۾ جيڪا به تباهي ۽ ترقي ٿئي پئي، سا ماڻھن جي پرڪارن جي ڪري ٿئي پئي. ڪن جي تباهي، پنھنجي پرڪارن ۽ ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري آهي ته ڪي وري ڪن جو ڪيتو پيا لوڙين. مان يارهن سالن جو آهيان جو اچي هارپ سان لڳو آهيان. ان ۾ منھنجو گهٽ پر منھنجي استادن جي بداعماليءَ جو عمل دخل وڌيڪ آهي.
جڏهن پنجون درجو پڙهندو هئس ته ڪلاس جو ننڍو مانيٽر هئس. هڪ ڏينھن اسان جي ڪلاس ۾ چرٻروٽ لڳو پيو هئو. شاگردن کي موٽئي ڪافي وقت ٿي چڪو هئو. اسان جو استاد ٻئي ڪلاس ۾، ٻئي استاد سان ڪچھريءَ ۾ کُپيو پيو هو. سڄي اسڪول ۾ هئا ئي ٻه ڪمرا. ان گوڙ سبب، نه رڳو اسان جو ڪلاس پر سڄو اسڪول، مڇي مارڪيٽ لڳو پيو هو. انھيءَ ڌماچوڪڙيءَ جو به خاص سبب هو. وڏيرو الھداد، ڊگهيءَ بيماريءَ مان اٿيو هو. مري ٻيھر جيئڻ ۽ نؤبنو ٿيڻ جي خوشيءَ ۾، خدا واسطي پئسا ورهايا هئائين. نوٽ ڀڃائي، ريزو ڪرائي، اٺ اٺ آنا معصوم ٻارن ۾ ورهايا هئائين.

هڪ دور جو ماتم - امر جليل


هڪ دور جو ماتم
امر جليل
هڪ نوجوان عورت، ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ دريءَ وٽ اچي بيٺي ۽ هڪ مروڙيل پرس مان پئسا ڪڍڻ لڳي. سندس اڻڀا وار، چڳون ٿي اجرڪ کان ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. اکيون اُداس ۽ اُجهاميل هئس. ڀانءِ ته، دل جو ڪنول ڪومائجي ويو هوس. منهن مان بي انتها مايوسي بکي رهي هئس. کيس ٻانهن ۾ پنجن ڇهن مهينن جو ٻار هو. ڏهين ڏهين رپئي جا ٻه نوٽ، ڪائونٽر تي رکندي چيائين؛ ”روهڙي.“

Monday, August 13, 2012

ڪھاڻي ڪتاب هراس- تبصرو - شبنم گل


وھاب سھتو جي ڪھاڻي ڪتاب هراس تي تبصرو

ادب هر دؤر ۽ هر عهد جو ترجمان هوندو آهي، جنهن ۾ اسان ڪنهن به قوم جو مزاج ۽ معاشرتي تبديلين جو عڪس صاف ڏسي سگهون ٿا. هر دؤر جون پنهنجون الڳ گهرجون ۽ مختلف تقاضائون ٿينديون آهن ۽ باشعور ليکڪ اهو آهي، جنهن جون تحريرون وقت جي تقاضائن سان مطابقت رکن ٿيون ۽ ائين ادب ان دؤر جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۽ ترجيحات جي بنياد تي ڪو واضح روپ وٺي سامهون ايندو آهي. هڪ دؤر اهو هو جنهن ۾ روحانيت پسنديءَ جو رجحان وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو ٿي، پر وقت گذرڻ سان گڏ اسان جا ليکڪ روحانيت جي طلسم خاني مان نڪري زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. خاص ڪري اسان جي موجوده دور جو سجاڳ ۽ باصلاحيت نوجوان ليکڪ اڄ جي دور جي پيچيده سماجي صورتحال جي ترجماني پنهنجي تحريرن وسيلي موثر انداز ۾ ڪري رهيو آهي.

Sunday, August 12, 2012

انصاف ڪٿي؟ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


انصاف ڪٿي؟
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سڄو ڏينھن ٽوٽي. ڪم ٽڪي جو نه ڪري. باقي رلڻ جو شوقين. مُني ڄمار ته رلڻ ۾ وڃائي ڇڏيائين. جنھن تنھن سان هٿَ-کس ۽ ڏاڙهيءَ-پٽ. شڪل به خاص نه. منھن تي ماتا جا چڍا. ڄڻ ڊاٻ تي مينھن. وهنجدي زندگيءَ ۾ ڪو صابڻ هنيو هجئين! جڏهن ضرورت ڀانيائين، لٽا لاهي گهڙي پوندو پاڻيءَ ۾.

Saturday, August 11, 2012

وڏيرو نسيم کرل - عبدالقادر جوڻيجو


وڏيرو نسيم کرل
عبدالقادر جوڻيجو
ھيءَ انهيءَ وقت جي ڳالھ آھي، جڏھن اسان جا ڪٽَ، ڦريل پيا ھئا. جاڳ ۾ گھٽ، ننڊ ۾ گھڻو ھلندا ھئاسين. ڪچڙي گؤنچ جھڙي، ڪچڙي ڪچڙي عمر ھئي. خوابن ۾ سائو ڪچ ڀريل ھو. ڇپرن جي ھيٺان اکين جي ديوارن تي جواڻ جماڻ سھڻن مھانڊن جون تصويرون ٽنگيل ھونديون ھيون ۽ دل جي ديوارن تي پورن جو دونهون Abstract art وانگر ڇانيل ھوندو ھو. اھا خبر ڪا نه پوندي ھئي ته ٻي وک ڪٿي ٿي پوي ۽ پھرين وک ڪٿي ھئي؟ انڌا ٿي ھلندا ھئاسون.

Wednesday, August 8, 2012

گهاءُ - امر جليل


گهاءُ
امر جليل
اسلام آباد ۾ ڌڻي بخش سان ڏاڍي عجيب ۽ حيران ڪندڙ واردات ٿي آهي. ڄڻ ڏند ڪٿا آهي. مشين گن جي هڪ گولي، سندس دل مان آرپار ٿي ويئي آهي. گهائل دل مان رت جو هڪ ڦڙو نه نڪتو اٿس. سندس رت هڪ گمنام پريس جي مشين ۾ مسُ وانگر استعمال ٿي رهيو آهي، جتي هڪ گمنام مورخ جي گمنام تاريخ جو سنڌ بابت گمنام باب ڇپجي رهيو آهي. واردات کي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. پر، ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. ڄڻ اڄوڪي ڳالهه آهي. ڪي پل صديون ٿي پوندا آهن ۽ ڪي صديون پل ۾ گذري وينديون آهن.

Sunday, August 5, 2012

بغاوت - حسن علي هڪڙو


بغاوت
حسن علي هڪڙو
خيران ڀڄي وئي. خيران ڀڄي وئي، ظلم ٿي ويو، بغداد ٿي ويو، خيران ڀڄي وئي، پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڏاڙهي ڪوڙي وئي! هو ويچارا ڪهڙو منهن کڻي شهر ۾ گھمندا! ڪهڙو پٽڪو ٻڌي هلندا! پيءُ جي پڳ لاهي ڇڏيائين، سندس عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين. شل مار پوي خيران کي. هن هيءُ ڪهڙو ڪم ڪيو! ٻڏي نه مرِي، ڦاهي نه کاڌائين.

تحفو - حسن علي هڪڙو


تحفو
حسن علي هڪڙو
”منهنجا شهزادا! هيءُ تحفو تمام قيمتي آهي، پر مان ان تحفي کي پسند ڪندَس، جيڪو تنهنجي هٿن جي ڪمائيءَ مان ورتل هجي. هيءُ ته ٻين جي ڪمائيءَ يعني تنهنجي پيءُ جي ڪمائيءَ مان ورتل آهي، جيڪو اسان جي پيار جي وچ ۾ چانديءَ جي ديوار بڻيل آهي، جنهن کي ڊاهڻ لاءِ توکي لوهي هٿ ڌارڻا پوندا. ڪو به سرمائيدار، ڪو به وڏو ماڻهو ايئن ڪو نه چاهيندو ته هڪ غريب گھراڻي جي ڇوڪري هن جي محلن جي راڻي بڻجي، ڪو به ايئن نه چاهيندو ته هن جي مخمل کي ٽاٽ جو پيوند لڳايو وڃي.

حُوران - حسن علي هڪڙو



حُوران
حسن علي هڪڙو
جيئن مان گھران نڪتس، ته گھٽيءَ ۾ مامِي ساران ملي وئي.
”مامي، ڇا حال آهي؟ خوش باش آهيو؟“
”ها، ابا! دعائون آهن. ابا، اللھ سائين توهان جوانن ۽ مردن کي حياتي ڏيندو. اسان پوڙهيون توهان تان گھور وڃون.“ مامِي ساران دعائون ڏيڻ لڳي.

رسمن مارِي مارئي - حسن علي هڪڙو


رسمن مارِي مارئي
حسن علي هڪڙو
ڊسمبر جي هڪ سرد شام هئي. پوڙهو سج سڄي ڏينهن جو پنڌ ڪري، ٿڪجي ڪنهن جبل جي پاسي ۾ رات گذارڻ لاءِ ديرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ڳوٺ علي آباد جي رڌڻي مان دونهون نڪري رهيو هو. چُلهين تي ڪُنيون چڙهيون پيون هيون. ڪنهن ۾ ساڳ پلِي هئي، ته ڪنهن ۾ دال. هوڏانهن واڙي ۾ مامي قلندر جي رڍن جو ڌڻ به پهچي ويو هو. گھٽڙا پنهنجن مائرن کي ڳولي رهيا هئا.

کنوڻ ڪِرِي هڪ گھر مٿان - حسن علي هڪڙو


کنوڻ ڪِرِي هڪ گھر مٿان
حسن علي هڪڙو
راحب، جندو ۽ شاني، ڪل ٽن گھر ڀاتين تي ٻڌل هيءُ ڪٽنب ڳوٺ گھنور آباد ۾ رهندو هو. راحب وڏيري خير محمد جي زمين تي ڪڙمت ڪندو هو. انهيءَ سان گڏ لنب جي سنهين ڪاٺين مان کارا به ٺاهيندو هو. کارا ٺاهڻ ۾ سندس زال جندو ۽ ڌيءَ شاني به هن جي مدد ڪنديون هيون. ڳچ کارا ٺاهي، بيل گاڏيءَ ۾ وجھي، شهر ۾ وڪرو ڪري ايندو هو، جنهن مان کيس ڪافي آمدني پڻ ٿيندي هئي. هن جي گھر جو چرخو انهيءَ آمدني مان پورو ٿي ويندو هو، باقي فصل مان جيڪا اُپت ٿيندي هئي، اها بچائي رکندو هو. نِيت پَتِ وارو هو، اجايو سجايو خرچ ڪو نه ڪندو هو. هن کي صرف هڪ ڌيءَ شاني هئي، جنهن کي هن وڏي لاڏ ۽ پيار سان پاليو هو.

امدادَ - حسن علي هڪڙو


امدادَ
حسن علي هڪڙو
”لکيئي؟“
”ڇا؟“
”ڪا ڪهاڻي.“
”نه.“
”ڇو؟“
”ذهن ۾ ڪو موضوع ئي ڪونهي.“
”ڪوشش ڪر.“

چنڊ گرهڻ - حسن علي هڪڙو


چنڊ گرهڻ
حسن علي هڪڙو
اوڻويهن تاريخ جو چنڊ اڀري چڪو هو. آسمان تي آواره بادل ساڻس ڇيڙڇاڙ ڪري رهيا هئا، پر چنڊ ڪنواري ڪنيا وانگر شرمائي هنن جي پويان لڪي پئي ويو. ڪمري جي ديوار تي لڳل وال ڪلاڪ هڪ جو الارم وڄايو. پري کان شهر جي رولو ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز اچي رهيا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن بازار جي چوڪيدار جون هڪلون ٻڌڻ ۾ پئي آيون.

’ڪارِي‘ - حسن علي هڪڙو


’ڪارِي‘
حسن علي هڪڙو
شوڪت منهنجو ننڍپڻ کان وٺي دوست آهي. اسان پرائمري تعليم کان مئٽرڪ تائين هڪ ڪلاس ۽ هڪ بينچ تي گڏ ويهي پڙهيا آهيون. اسان جي پاڻ ۾ تمام گھڻي گَهِرائپ آهي. اڄ ڪلهه هُو اسپتال ۾ ڪمپائونڊر جي حيثيت سان ڪم ڪري پيو. تمام قابل ۽ هوشيار هئڻ ڪري ڊاڪٽر صاحبَ سندس گھڻو خيال رکندا آهن. شوڪت به پنهنجن بالا آفيسرن جي عزت ڪندو آهي، انهيءَ ڪري هن کي اسپتال ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي.

غلط فهمي - حسن علي هڪڙو


غلط فهمي
حسن علي هڪڙو
”باجي! او باجي!“
”هُون، ڇاهي؟“
”تنهنجو عاشق.“
”منهنجو عاشق! ڏِس روشي! مان توکي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجو ڪو به عاشق واشق ڪو نه آهي.“

خاموش جوڙو - مبارڪ علي لاشاري


خاموش جوڙو
ترجمو: مبارڪ علي لاشاري
هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪڙو نئون شادي شده جوڙو هو جيڪو اڃا لانئن واري وڳي ۾ هو، اهي لانئن کانپوءِ پنهنجي نئين گهر ۾ پهچي چڪا هئا ۽ دم پٽي رهيا هئا ايستائين جو شادي جي شادمانن تي آيل آخري مهمان وٽان نه هليو ويو.
”پيارا، گهوٽ سائين“ نئين نويلي ڪنوار چوڻ لڳي، ”مهرباني ڪري وڃي گهٽي وارو دروازو ته بند ڪري اچ، جيڪو بند ڪرڻ کان رهجي ويو آهي.“

Wednesday, August 1, 2012

هڪ آسمان جا ٻه ستارا - عزيز گوپانگ


هڪ آسمان جا ٻه ستارا
عزيز گوپانگ
هو ٻه ڀائر ئي نه، پنهنجي اڪيلي آسمان جا ٻه ستارا پڻ هئا. اهڙا ستارا جن کي پنهنجي روشنيءَ ۾ پنهنجون پاليل ٻڪريون ۽ انهن کي تڙڻ وارو لڪڻ ئي نظر ايندو هو. هڪ کان وٺي سؤ تائين کوڙا نه اچڻ جو فائدو کين اهو ٿيو جي هو نه ڪنهن جي هڪ ۾ هئا ۽ نه ٻن ۾. پنهنجي ڇيڙي نبيري پاڻ ئي سرانجام ڏنائون. ٻڪريون ڇوڙڻ کان وٺي چارڻ ۽ وري شام جو ڪاهي واڙيءَ ۾ واڙڻ جو ڪم کانئن وڌيڪ ٻيو ڪير نه ڪري سگهيو. هو ڄاوا ئي انهيءَ ڪري هئا ته مال، خاص ڪري ٻڪريون پالڻ ۽ چارڻ جا نوان قدر جوڙين ۽ انهن ٻنهي ڀائرن اهو ڪري ڏيکاريو!