Tuesday, July 31, 2012

ڪچي قبر - منور سراج


ڪچي قبر
منور سراج
آچر جي صبح آهي.
نه ٻارن کي اسڪول وڃڻو آهي نه کيس آفيس. پوءِ به صبح سوير اٿيو آهي. هونءَ موڪل واري ڏينهن هميشه دير سان اٿندو آهي.
زالهنس جو موڊ خراب ته ڪونهي پر خوشگوار به نه اٿس.
زالهنس کي خبر آهي ته اڄ هو ڪيڏانهن وڃڻو آهي.


”بابا جاني!“
”جي بابا.“
”واعدو ياد آهي؟“
”واعدو، ڪهڙو واعدو بابا!؟“ حيرت مان ڌيءَ ڏي ڏسندي چئي ٿو.
”ياد ڪر.“ معصوم اکين ۾ سوال، چپن تي مرڪ، ذهن تي زور ڏيڻ لاءِ چپ ٻيڻا ڪري، ڪمري جي ڇت ۾ نهاري ٿو. وري چپ سڌا ڪري ڇت تان نظرون هٽائي ڌيءَ ڏي ڏسي ٿو. ”اونهون ياد نٿو اچي.“
”نه ٿو اچي ياد!!“ سوال.
”نه بلڪل نه.“ هيٺ جهڪي هڪ پير ۾ پاتل بوٽ جون ڪهيون ٻڌندي چئي ٿو.
”مان ياد ڏياريانءِ بابا.“
”هون.“
”ڪمپيوٽر.“
”ڪمپيوٽر؟“ حيرت مان چئي ٿو.
”ها، ڪمپيوٽر، ياد ڪر.“
”اڙي ها، واقعي ياد آيو.“
گذريل سال ڌيءَ سان واعدو ڪيو هئائين، ”پنجين جي امتحان ۾ سٺين مارڪن سان پاس ٿيندينءَ ته ڪمپيوٽر وٺي ڏيندوسانءِ.“
”واعدو؟“
”ها واعدو.“
کانئس ته واعدو وسري ويو پر ٻارن کان ڪٿي ٿيون ڳالهيون وسرن!! ائين ئي ڪڏهن ماءُ کي چيو هئائين، ”امان مون کي پئنٽ وٺي ڏي، سڀئي ڇوڪرا پئنٽون پائي اسڪول ٿا اچن. مون کي شلوار قميص... صفا ڄٽ لڳندو آهيان.“ تڏهن ڳوٺان لاريءَ ۾ چڙهي شهر واري اسڪول ۾ پڙهڻ ايندو هو.
”پئنٽ وٺي ڏينديسانءِ پر هڪ شرط آهي.“
ڪهڙو شرط امان؟“
”نائين درجي جي امتحان ۾ پهريون نمبر کڻندين. قبول آهي؟“
”ها امان، قبول آهي.“
نائين جي امتحان ۾ اڃا مهينو پيو هو پر هر روز مٿو کائيندو هئس.
”امان.“
”جي ابا.“
”امان واعدو ياد اٿئي؟“
”ها ابا، ياد اٿم واعدو، تون ڪو واعدو وسارڻ ڇڏيندين ڇا؟“ ماڻس سندس هر انگل وس آهر ضرور پورو ڪندي هئي. بلڪه انگل کان سواءِ ئي کيس ضرورت جون شيون وٺي ڏيندي هئي. کڙهه تي ڪپڙي وارو پٺاڻ هوڪو ڏيندو هو ته پنهنجي لاءِ ڪجهه وٺي نه وٺي هن کي ڪپڙن جون نئون وڳو ضرور وٺي ڏيندي. گهڻو ڪري گهري رنگن وارو ڪپڙو وٺندي. ”امان نيرو رنگ ڇو؟ اڇو ڇو نه؟“، ”ابا ان ڪري جو تنهنجو رنگ ڀورو آهي، ڀوري رنگ تي گهري رنگ جو ڪپڙو سٺو لڳندو آهي.“
”پر... پر اهو پهريون موقعو هو جو هوءَ ساڻس ڪيل واعدو پورو ڪري نه سگهي. پٽ سان ڪيل واعدو سندس پنبڻين ۾ اٽڪي رهجي ويو. امتحان جو نتيجو آيو ته هو ”ڊي“ گريڊ ۾ به ڇڪي تاڻي پاس ٿيو. هڪ اڻپورو واعدو سندس اکين ۾ به لڙڪ بنجي رهجي ويو.
”بابا جاني.“
”جي بابا.“
”بابا ڪمپيوٽر“
”وٺنداسين پٽ“
”ڪڏهن بابا، ڪڏهن وٺنداسين؟“
”ايندڙ پگهار تي، في الحال پئسا نه آهن.“
بابا؟“ هڪ ننڍوڙو سڏ.
”جي بابا“ مٿي نهارڻ بنان جواب.
”بابا، هيڏي مون ڏانهن ڏس.“ ڌيءُ ڏي ڏسي ٿو ته مرڪي ٿو پئي.
”هلا ٿئي، ڏس اکين ۾ ڪوڙ پيو جرڪئي!!“
”نه، سچي پئسا نه آهن.“
”بابا مون کي سڀ خبر آهي.“
”ڪهڙي خبر آهي توکي؟“ اکين ۾ ڏسندي پڇيس ٿو.
”اها ته؛ پئسا آهن.“ پيءُ تان نظرون هٽائي ماءُ ڏي نهاري ٿي.هو زال ڏي نهاري ٿو. نظر ۾ ڪجهه ڪاوڙ، ڪجهه ڏک، شايد شڪايت ۽ زالهنس چپ جهڙي ڀت.
”هائو پٽ، پئسا آهن ته سهي پر....“ ڌيرج سان چئي ٿو.
”پر ڇا بابا؟“
”پر ڪنهن ضروري ڪم ۾ آهن، تنهنجو ڪمپيوٽر پوءِ وٺنداسين.“
”بابا، اهي ضروري ڪم ته کٽندا ئي ڪونه، منهنجي سڀني سهيلين وٽ ڪمپيوٽر آهن، رڳو مان بس... ضروري ڪم...“
اکين ۾ ڏک، رسامو، ڪاوڙ. زالهنس چانهه جو ڪوپ ڀرسان رکيس ٿي، نهاريس نه ٿو، ڪوپ کڻي ٿو.
”ها، ڪم ته کٽڻ جا آهن ئي ڪونه!!“ چانهه جي پهرين سُرڪ ڀري سوچي ٿو.
”زندگيءَ جي انهن ضروري ڪمن پٺيان زندگي ئي گذريو وڃي.“
زندگيءَ جا اهي ڪم ئي ته آهن جن گذريل ذري گهٽ پنجن سالن ۾ رڳو ڳوٺ ماءُ جي قبر تي وڃڻ به نه ڏنو اٿس. ڳوٺ ۾ هو ته هر اٺين ڏينهن ماءُ جي بٺيءَ تي ضرور ويندو هو. ڳوٺ ڇڏي شهر آيو ته به شروع ۾ هر مهيني ڳوٺ جو ڀيرو ڀڄندو هو. ماءُ جي قبر تي وڃي چار قل پڙهندو هو. ساڻس اورڻ اوريندو هو. پوءِ... پوءِ شهر جي ڄار ۾ ڦاسي ويو ۽ ڦاسندو ئي ويو. وقت سان گڏ ڳوٺ ڏي سندس ڀيرا ويا ڇٽا پوندا. وڃڻ جو ارادو ڪري سمهندو ۽ صبح جو ارادو بدلجي ويندس ۽ وقت جي لٽ ۾ هڪ ٻيو واعدو به ته لٽجي ويو!! واعدو جيڪو پنهنجي پاڻ سان ڪيو هئائين. ان ڏينهن ڪيڏو ڪاوڙيو هو پنهنجي پيءُ تي.
ڳالهه ڇا هئي؟ ڳالهه ڪا ايڏي وڏي ته نه هئي. رڳو پڻس کي چيو هئائين، ”بابا! امان جي قبر تي ڊڀ ڦٽي ويا آهن، رڍون ٻڪريون سڄو ڏينهن ٿيون قبرن جي مٿان ڊوڙن.“
”پوءِ مان ڇا ڪيان؟“
”بابا، امان جي قبر پڪي ڪراءِ.“ هڪ خواهش... هڪ التجا.
”توهان جو پيٽ ڀريان، گهر جو خرچ هلايان، اوکي سوکيءَ کي منهن ڏيان يا ماڻهين جي قبر پڪي ڪرايان. پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪرائجانءِ قبر پڪي. مڙس هليو آهي انگل ڪرڻ.“ پڻس ڇنڊ پٽي هئس، ماٺ ٿي ويو هو. اهو سڄو ڏينهن ماءُ جي قبر تي گذاري ڇڏيو هئائين.
شام جو جنهن مهل قبرستان جي وڻن جا پاڇولا طويل ٿيڻ لڳا هئا ۽ قبرون بندريون ٿيڻ لڳيون هيون ته دل ۾ واعدو ڪيو هئائين، ”مون کي نوڪري ملندي ته پهرين پگهار مان امان جي قبر ٺهرائيندس. هيءَ منور علي جي ماءُ جي قبر آهي... وفات جي تاريخ... وفات جو ڏينهن ۽ وقت...“
کيس نه ماءُ جي مرڻ جي تاريخ ياد هئي نه ڏينهن ياد هئس. ها البت کيس وقت چڱي طرح ياد هو. شام جو وقت هو. سج لهه پهه ۾ هو. پکي واهيرن ڏي ۽ ٻار گهرن ڏي پئي موٽيا. هو به ٻارن سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏي گهر موٽيو هو ۽ اچي ماءُ جي لاش مٿان بيٺو هو. (الائي ڇو مائرون اڪثر سج لٿي مهل مري وينديون آهن!!) واعدو سندس اکين ۾ لڙڪ بڻجي اٽڪي پيو. اڃا تائين اٽڪيل اٿس. ماءُ جي قبر پڪي ڪرائڻ جو واعدو.
نوڪري مليس، پهرين پگهار به مليس، ٻي ۽ ٽين پگهارو، کوڙ مهينا... ڪئين پگهارون، پر ڪابه پگهار اڌورو واعدو پورو نه ڪري سگهي.
”هاڻي بونس ملندو ته قبر پڪي ڪرائيندس، پگهار مان ته گهر جي پورت به نه ٿي ٿئي!“ سوچيائين.
پر جڏهن به بونس ملندو ته گهر ۾ ڪئين ڪم نڪري پوندا. ڪيتريون ئي ضرورتن جون بلائون ڪَر کڻي بيهي رهنديون ۽ انيڪ خواهشن جون کنڀيون ڦٽي پونديون. زال، ٻارن ۽ خود سندس دل ۾.
پئسا نه هوندا ته ماءُ جي قبر پڪي ڪرائڻ جي خواهش دل تي چڙهيو بيٺي هوندس.
”ڪائنات جي ماءُ، توکي خبر آهي منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خواهش ڪهڙي آهي؟“ ڪڏهن ڪڏهن ڀريل دل سان زال کي چوندو.
”ڪهڙي؟“
”منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خواهش امان جي قبر پڪي ڪرائڻ آهي.“ زالهنس بنا تاثر جي سندس منهن ۾ ڏسندي رهندي. پر جڏهن پئسا هوندا ته قبر واري ڳالهه ياد ئي نه هوندس. ماءُ جي قبر تي بيهي ڪيل واعدي کي ويهه سال گذري ويا، نوڪريءَ ملئي به تيرهن سال ٿي چڪا. انهن تيرهن سالن ۾ ڪئين پگهارون مليون ۽ کپي ويون، ڪيترائي بونس مليا ۽ هوا ٿي ويا پر واعدو وفا ٿي نه سگهيو. هاڻي کيس پڻس جي ڳالهه تي ڪاوڙ نه ايندي آهي.
”پنهنجي ڪمائيءَ مان ماڻهين جي قبر پڪي ڪرائجانءِ.“
بس رڳو چپن تي ڦڪي مرڪ ڦهلجي ويندي اٿس. رات زال کي ٻڌايو هئائين، ”صبح ڳوٺ ويندس.“
”ڇو؟“ سيني جي مٿان ٻانهن، ڳل ڳل سان.
”ڪم آهي.“
”ڪهڙو؟“ هٿ جي آڱرين جي ويجهڙائپ جو احساس.
”امان جي قبر ٺهرائڻي اٿم، سنگ مرمر جي سرن سان.“
سيني تي رکيل هٿ ۽ هٿ  جون آڱريون ويجهڙائپ جي احساس کي دوريءَ جي احساس ۾ بدلائي ٿيون ڇڏين.
”توکي وري ڇا ٿيو؟“ ڪاوڙيل آواز.
”ڪجهه به نه.“ لهجي جي بيزاري، بدن بدن کان وٿيرڪو.
”وري به، ڪجهه ته ٿيو؟“ بدستور ڪاوڙيل لهجو.
”......“ چپ.
”ڪڇ به کڻي ڪهڙو نانگ سنگهي ويو اٿئي.“
”جيئرا ڀلي پيا ذليل ٿين، مئن تي محل ٿا جڙن!!“ روئڻهارڪو آواز.
”ڇو، ڇو ٿا ذليل ٿين جيئرا؟“ حيرت گاڏڙ سوال.
”هن شهر جي جون جولاءِ سڀنيءَ کان به زور ٿي وئي. رات ڏينهن ڄڻ دوزخ ۾ آهيون.“
”پوءِ، پوءِ مان ڇا ڪيان گرميءَ کي، اي سيءَ ۾ به تولاءِ دوزخ آهي ته پوءِ جنت ڪٿان آڻيان.“
”هن اي سيءَ ۾ هاڻي ڌوڙ آهي ڪولنگ، ڏاڏي آدم جي دؤر جي ته آهي.“
”ڇا ٿي چوڻ چاهين؟“
”مون کي نئون ايئرڪنڊيشنر گهرجي.“
”في الحال نه، پوءِ.“
”ڇو في الحال نه.“
”بس چيم نه، نه.“
”...“ چپ... طويل چپ....
”گذريل جنوريءَ ۾ بونس مليو ته ان مان به امان جي قبر ٺهرائڻ نه ڏنئي، چيئي مون کي سون جو سيٽ وٺي ڏي، پاڙي واريون مون تي ٽوڪون ڪن ٿيون، ۽ هينئر وري نئين اي سي. هون!!“ چپ، طويل چپ. چپ کان پوءِ اڀريل هڪ سڏڪو. سڏڪي مان ڦٽل لفظ.
”۽ ان کان اڳين جنوريءَ ۾ سڀ پئسا ٻهاري دوستن سان ڪوهه مري هليو وئين. برفباري ٿو ڏسڻ وڃان، تڏهن ماڻهين جي قبر ياد نه آيئي ۽ هاڻي؟“
وڌيڪ ڳالهائڻ بدران منهن پوئتي ورائي ڇڏيائين. هو مسلسل جاڳندو ٿو رهي. هوءَ به سجاڳ آهي.
”بابا جاني.“
جي پٽ.“
”بابا ڪمپيوٽر.“
”امان!“
”جي پٽ.“
”واعدو ياد اٿئي، پئنٽ شرٽ وارو.“
ابا! تون ڪو واعدو وسارڻ ڇڏيندين.“ الائي ڪيڏي مهل اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچنس. ڪسارا لڙڪ..... وفا کان رهجي ويل هڪ واعدي جا لڙڪ، انهي لڙڪن ۾ قبرستان آهي. وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ ويڙهيل قبرستان. قبرستان ۾ آهن سوين قبرون، ڪي ننڍيون ڪي وڏيون، ڪي نيون ڪي پراڻيون، ڪي ڪچيون ڪي پڪيون قبرون. سڀ قبرون چپ جي چادر ۾ ڍڪيل، قبرن جي وچان اوڀر کان اولهه ويندڙ سنهڙو پيچرو، پيچري تي پير رکندو اوڀر طرف هلڻ ٿو لڳي. ڪجهه قبرن تي پٿريون ۽ ڪجهه تي مسور جي دال ڇٽيل... ڪن قبرن جي پاسي ۾ پکين لاءِ رکيل پاڻيءَ جون وٽيون، مانيءَ جا پاروٿا ڀور، ڪجهه قبرن تي گلاب جا سڪل گل... سڪل گلن جي پاروٿي خوشبوءِ ۾ ساهه کڻندو ٿو هلي. چؤطرف ڊوڙندڙ ٻڪريون،هڪ قبر کان ٻي قبر تي ٽپ ڏيندڙ ڇيلڙا ۽ ڇيلڙيون. ٻٻرن جي وڻن هيٺان بلورن راند کيڏندڙ ڌنار. اولهه کان اوڀر طرف وارو رستو گهڻو ڊگهو نه آهي. قبرستان جي آخري ڇيڙي تي پهچي بيهي ٿو رهي.
اکين ۾ ڳولا اٿس قبر جي، قبرون سڀ هڪ جهڙيون. ٽٽل، خسته حال، ڊڀ ڦٽل... سڃاڻپ وڃائي ويٺل...!! ڪيئن سڃاڻي ته ڪهڙي قبر ڪنهنجي؟ ڪنهنجي ڪهڙي قبر؟؟ ڪنهن کان پڇي ماءُ جي قبر بابت؟پريان ڪنڊيءَ جو ڪراڙو وڻ... وڻ جي ڇڊڙي ڇانوَ هيٺان ويٺل چاچو دُشنبو. قبرستان جو متولي... ٻه جهور پوڙهيون اکيون. جهڙيون ٻه جاڙيون قبرون، ٿلهو ۽ بينو نڪ، نڪ هيٺان ٻه ٿلها ڪارا چپ، کيس جنهن به ۽ جڏهن به ڏٺو، قبرستان ۾ ڏٺو... ڪنهن مهل ٻهارو پيو ڏيندو ته ڪنهن مهل گوڏن تي کاڏي رکيو ويٺو قبرن ڏي ڏسندو. ورلي ڪڏهن ڳوٺ ۾ نظر ايندو، ڪڏهن نظر ايندو ته ڳوٺ جا ٻار گڏجي ڳائيندا ’شيدي باشا... هم باشا... شيدي جا چپ ڊولب ڊولا‘ پر هو چڙندو ڪونه. بس ٻارن تي هڪ خاموش نگاهه اڇلائي، لٺ جي ٽيڪ تي پٻن ڀر هلندو قبرستان جي گهاٽن وڻن ۾ گم ٿي ويندو.
او ڪاڪا دُشنبا... او ڪاڪا دُشنبا... توکي خبر آهي امان جي قبر ڪهڙي آهي؛ توکي ته ضرور خبر هوندي... تون ته اٺئي پهر قبرستان ۾ ٿو رهين.... امان توکي رمضان جي هر عيد تي فطري جا ڏوڪڙ ڏيندي هئي... هِرک جو اڇو وڳو سبرائي ڏيندي هئي... ’امان! ڪاڪي دُشنبي کي اڇو وڳو ڇو ٿي وٺي ڏين... ڪنهن ٻئي رنگ جو ڇو نه؟“
”ان ڪري جو سندس رنگ سانورو آهي... سانوري رنگ تي اڇو لٽو ٺهندو آهي...“
او ڪاڪا دشنبا... توکي خبر آهي، امان جي قبر ڪٿي آهي، او ڪاڪا دشنبا... توکي پتو آهي... امان جي قبر ڪهڙي آهي؟؟
ڪاڪو دشنبو چپ جهڙي ڀت... اکيون جهڙيون بنا ڪتبي ٻه جاڙيون قبرون... ڪجهه پل سندس منهن ۾ نهاريندو ٿو رهي... هن جو چهرو قبرستان جي زمين جهڙو سخت...  سانت... ۽ هر احساس کان عاري... اکين مان ٻه ڪوسا لڙڪ ڳلن تي لڙي ٿا پونس... لڙڪ جنهن ۾ دفن آهي، هڪ واعدي جو لاش.
ساڳيو پيچرو ڏئي واپس ٿو موٽي. پيچرو طويل آهي... کٽي ئي نٿو.
”بابا جاني!“
”جي بابا.“
”بابا ڪمپيوٽر.“
”ها، بابا کوڙ ڪمپيوٽر.“
چانهه جي آخري سُرڪ ڀري ٻئي بوٽ جي ڪَهي ٻڌي گهر کان ٻاهر نڪري ٿو اچي.
رستي تي هلندي محسوس ٿو ڪري سندس وجود قبر بڻجي ويو آهي، بنا ڪتبي واري ڪچي قبر!


(بشڪريہ روزاني عبرت، آچر ايڊيشن، ۲۹ جولاءِ ۲۰۱۲ع)


No comments:

Post a Comment