Sunday, July 15, 2012

قصو ھڪ ڪتي جو - ڊاڪٽر عزيز ٽالپر


قصو ھڪ ڪتي جو
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر


اسان جي سنڌ جا گهڻا ڀوتار خفتي آهن. ڪي ڪوڪڙي ته ڪي ڪُتائي. اسان جي ڳوٺ جو وڏيرو ولڻ به هڪ ڀيري رڇ ڪتي جي ويڙهه ڏسي آيو ۽ پاڙي جي هڪ وڏيري وٽ ڪُتا ڏسي آيو، جنهن سان هو مرونءَ جو شڪار ڪندو هو. وڏيري ولڻ کانئس هڪ ڪُتو گهريو پر هن ٺپ جواب ڏئي ڇڏيس. چيائين؛ ”جي پٽ گهرين ته ڏئي ڇڏيائين پر ڪتو هرگز ڪو نه ڏيندس“. وڏيري جي انڪار تي کيس ڏاڍو ڏک پهتو.


نيٺ ڪنهن خفتيءَ ٻڌايس ته بديڻن ۾ ڪتو آهي، صفا ڀلو تازي ڪتو. همراهه ڀلي سُئا مينهن وڪڻي، ڪجهه پئسا سيٺ کان وياج تي کڻي ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ۾ نوڪر چاڪر ساڻ ڪري، ٺٺ ڪري وڃي بديڻن نڪتو ۽ ڪتو ورتائين. ڪتو اندر ڊبل ڪيبن اي سي جي پوئين سيٽ تي ۽ نوڪر پويان ڊالي ۾ کڻي پهتو ڳوٺ. ڪتي تان ”قربان“ پيو وڃي. ان کي ناشتي ۾ کنڊ، مصري اڦراٺا، منجهند جو ٻاڪرو گوشت، رات جو چِڪن ۽ ماهو کير ..... پاڻ ڪنجوس، آچار سان ماني کائي ٽائيم پاس ڪرڻ لڳو. ڪتو کائي پي وڏيري ولڻ کان به قدبت ۾ وڌيڪ وزن ڪري ويو.
نيٺ ميلو لڳو، ڪهيري فقير هڪ مست رڇ آڻي ڪڍيو. ٻه ڪتا هڪ ڍنگ وڏيري جا هجن، ۽ ولڻ به پنهنجو ڪتو رڇ تي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. هو ٻئي ڪتا رڇ کي لڳي ويا پر هي ڪتو ٿورڙو اڳتي وڃي وري ڪئون ڪئون ڪري اچيو وڏيري ولڻ جي جهوليءَ ۾ لڪي. ميلي ۾ کل جا هوڪريا هجن. وڏيري ولڻ جا پگهر ئي نه بيهن. ڪري ته ڇا ڪري! هيڏو خرچ! هيڏيون ٻٽاڪون! سڀ ڳچي ۾. دونالي بندوق ڀري چيائين؛ ”حرام خور کي ٺپ ماريندس“. تيسين هڪ ٻئي خفتيءَ اچي چيس؛ ”وڏيرا، ڀلو ڪتو حرام نه ڪر، هن تي ڪنهن ڪارو علم ڪيو آهي ۽ مٿس پڙهائي ٿيل آهي!“ وڏيرو وسهي ويو ۽ بندوق مان ڪارتوس ڪڍڻ لڳو. تيسين هو ٻه ڪُتا جيڪي رڇ سان وڙهيا پيا هئا، تن کي رڇ چٻ ڏني هئي، سو اهي به ڪاوڙ ۾ رڇ کي ڇڏي اچي ٿا وڏيري ولڻ واري ڪتي کي لڳن. اهڙي حالت ڪيائونس جو وڃي ٿيا خير. نيٺ راڄ خفتين جا لهي پيا، جن ٻنهي ڌرين کي ڇڏائي اهو تڪرار ختم ڪرايو.
وڏيري ولڻ کان جهڙي ڀولڙي ڇڏائي وئي هجي! ڀلڪڙو منهن کڻي ڪتو کڻائي ڳوٺ آيو. گاڏي وئي، حيدرآباد مان جانورن جو ڊاڪٽر وٺي آئي. پنج هزار ان ورتا، ڏهه هزارن جون دوائون ٿيون. ملم، پٽيون، سُيون، اسپيشل پرهيزي پيڪيٽن وارا کاڌا. انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۾ ولڻ جو والد، جيڪو فالج جو مريض هو، سو بنا علاج جي تڙپي تڙپي مري پيو پر وڏيري جو ڪُتو بچي ويو.
ٻيو مرحلو شروع ٿيو ڪارو علم ۽ پڙهيا ڪڍڻ جو. ڪئين عامل ۽ ڪامل لهي پيا، چِلا نڪتا، بوتا نڪتا، عمل ۽ رمل ٿيا، ڇيلا ڪٺا. وڏيري لک ڏيڍ خرچ ڪيو، تڏهن وڃي ڪاري علم ۽ پڙهائي جو زور ٽُٽو ۽ عملي رملي کيسا ڀري روانا ٿيا. ٻئي ڏينهن کيس هڪ هاري اچي دانهن ڏني ته سندس ڪمند ۾ ڪي مرون هريا آهن ۽ کائي ڀڃي ڪمند چٽ ڪري ڇڏيو اٿن. وڏيري ولڻ هارين سان پروگرام ٺاهي، مروئن جي اچڻ جي ٽائيم تي ڪتي سميت ٻنيءَ تي پهتو. مرون آيا، ڪتو ڇڏيائين، ڪتو مروئن پٺيان ڀڳو ۽ وريو ڪو نه. وڏيرو پريشان ٿي ويو. ٿيو ائين جو مرون لهي ويا ڍنڍ جي پن ۾ ۽ هي اشراف اڇا اڇا پير ڏيئي وڃي وڏيري جي اوطاق کان نڪتو. وڏيرو کيس ڳولي ڳولي ناڪام ٿي اچي اوطاق تي ته هي بالم ٿيو وڏيري واري صوفي تي ويٺو هجي. وڏيرو ولڻ تپي باهه ٿي ويو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري تلاءُ جي رکوالي اچي دانهن ڏني ته سج لٿي کانپوءِ گدڙ اچي مڇي ٿا مارين. وڏيرو ولڻ ڪتي سميت اتي پهتو. گدڙ آيا، ڪتو ڇڏيائين ته ڪتو جهڙو گدڙن جو ڪو پراڻو يار هجي. سو ڏاڍا حال احوال ڪري ڀاڪرين پئي، خوش خرامت ڪري، گدڙن سان گڏ پاڻ به مڇي کائڻ لڳو. ڪتي جا اهي لڇڻ ڏسي وڏيرو ولڻ ڏاڍو مايوس ٿيو. ٻئي ڏينهن شڪاري اچي لنگهيا. تن کي چيائين ته هي بلا مون کان ٽاريو. شڪارين به جواب ڏيندي چيو: ”هن کي اسين ڇا ڪريون؟ هي نسل ته مادين هٿان موچڙا کائڻ وارو آهي!“ وڏيرو ولڻ ڏاڍو ڏکارو ٿي پيو ۽ ٻئي ڏينهن کانئس موڪلائي ان کي بديڻن واري ريل ۾ روانو ڪري آيو.
ان کانپوءِ وڏيري ولڻ فيصلو ڪيو ته آئنده ڪو به ڪتو ڪو نه ڌاريندو. ان ڪري جيڪو ڀونڪڻ جو ڀلو هوندو آهي، اهو آزمائش جي وقت پُڇ ٽنگن ۾ لڪائي ڇڏيندو آهي. پاڻ سنگت ساٿ سان گڏجي بندوق سان سهي، تتر ۽ مورن جو شڪار ڪرڻ لڳو.

No comments:

Post a Comment