Sunday, July 15, 2012

اسپتال کان گهر تائين - امر جليل


اسپتال کان گهر تائين
امر جليل
اسپتال کان واپس موٽڻ کانپوءِ مون کي منهنجي پاڙيسرين ٻڌايو ته منهنجو دماغ هليو ويو هو. منهنجي دماغ ۾ ڪنهن قسم جي گڙٻڙ ٿي وئي هئي. پنهنجي سڃاڻپ سان گڏ مان ٻين شين جي سڃاڻپ به وساري ويٺو هئس. سمجهندو هئس هڪ ئي شخص جو نالو آهي رياض ملڪ ۽ رياض بسرا، جڏهن مون ماڻهن کان ٻڌو ته رياض بسرا پاڪستان اچي رهيو آهي ته مون انهن کان پڇيو؛ ”ڀائو، رياض بسرا پاڪستان ڇا لاءِ اچي رهيو آهي؟“


تڏهن انهن جو مٿو گهمي ويو ۽ چيائون؛ ”بالم ڀائي رياض بسرا نه، رياض ملڪ پاڪستان اچي رهيو آهي“
مون چيو؛ ”ها! مان به اِهو ئي پڇان ٿو ته رياض بسرا پاڪستان ڇو اچي رهيو آهي؟“
”رياض بسرا نه، رياض ملڪ پاڪستان اچي رهيو آهي. ٻڌو تو ڀولي بالم، رياض ملڪ اچي رهيو آهي،” هڪ پاڙيسري نوجوان تنگ ٿي چيو؛ ”رياض ملڪ پاڪستان اچي رهيو آهي، جنهن حڪمرانن، سول ۽ غير سول بيورو ڪريسي جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي ڇڏي آهي.“
تڏهن مون پڇيو ”پاڻ وٽ ته رياض ڊڪيت به آهي؟“
”تون وئين ڪم کان بالم“ پاڙيسري چيو ”اهو رياض ڊڪيت نه، رحمان ڊڪيت هو اُهو مري چڪو آهي.“
”مون کي چڪر نه ڏي گنجا جادوگر“ مون ڪاوڙ مان چيو ”مون پاڻ ٽي وي تي رحمان ڊڪيت کي ڏٺو آهي.“
سڀني چيو؛ ”اهو رحمان ملڪ آهي، رحمان ڊڪيت ناهي، رحمان ڊڪيت ڪڏهوڪو مري چڪو آهي ۽ پنهنجي دل ۾ حڪمرانن جا راز پاڻ سان گڏ کڻي هي دنيا ڇڏي ويو آهي.“
تڏهن مون کي ٿوري دير جي لاءِ ٿيو ته مون کي ڇا ٿيو آهي. مان گجر کي موري ۽ موري کي گجر ڇو سمجهي رهيو هئس. مان محسوس ڪرڻ لڳس پير و مرشد سائين يوسف رضا گيلاني سياست کان ڪنارا ڪشي ڪري ڇڏي آهي. هن پنهنجي اربن ڊالرن جي آمدني مان اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ٺهرايون آهن. اسان ڪنگالن لاءِ اسپتال ٺهرائي آهي. غريبن کي ڪاروبار کولي ڏنو آهي ۽ پاڻ وڃي ملتان ۾ موروثي درگاهه تي ويٺو آهي ۽ مجاورن ۽ مريدن کي روحانيت جي تربيت ڏئي رهيو آهي.
تمام وڏي گڙٻڙ ٿي وئي منهنجي دماغ ۾، مون کي لڳندو هو بينظير زنده آهي. هوءَ وزيراعظم آهي، آصف زرداري ڪڏهن دبئي ته ڪڏهن نيويارڪ ۾ پنهنجي دوستن جي سامهون ڪڏهن پنهنجي قسمت کي ساراهي رهيو آهي ته ڪڏهن روئي رهيو آهي. موجوده دور جا وزير گلو ٺاهي سحرائن ۾ ڀٽڪي رهيا آهن، ڇو ته بينظير ڀٽو جي ڪيبينيٽ ۾ انهن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، پر ڳالهين جو بنگڙ تڏهن بڻيو جڏهن مون مندر ۾ وڃي نعت پڙهي.
بگڙي بناني والي بگڙي بنادي يا هماري نيا پار لگادي
پنڊتن ۽ پوجارين مون کي ڏسي مندر مان ڪڍي ڇڏيو، اهڙيءَ طرح هڪ ڏينهن مون مسجد ۾ وڃي ڀڄن ڳايو.
اي مالڪ تيري بندي هم / ايسي هين هماري ڪرم
مولوين مون کي مڪون، لتون ۽ ڌڪا ڏئي مسجد مان ڪڍي ڇڏيو.
هڪ ڏينهن گرجا گهر ۾ وڃي مون چيو هو
He is here he is there / He is every where
پادرين مون کي گرجا گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. مان سڀني کان پڇندو هئس ته خالق ۽ مالڪ هڪ ناهي. ڇا هو هر جاءِ تي موجود ناهي. منهنجي اهڙن سوالن تي پاڙيسرين جواب ڏيڻ بدران چندو ڪري مون کي دماغي مريضن جي سرجن وٽ وٺي ويا. شروع ۾ ڊاڪٽر طبعي معائنو ڪرڻ کانپوءِ چيو؛ ”هن جو ايم آر آءِ ٿيندو.“
”منهنجو اين آر او سان ڪهڙو واسطو“ مون سرجن کي چيو، ”مان قلندر قسم جو ماڻهو آهيان، مري ويس ته منهنجي ڪفن دفن جو بندوبست به چندو ڪري ڪيو ويندو.“
”اين آر او نه“ ڊاڪٽر مسڪرائيندي چيو؛ ”ايم آر آءِ يعني تنهنجي مٿي جو تفصيلي ايڪسري ڪيو ويندو ته جيئن خبر پوي تنهنجي کوپڙي ۾ ڇا آهي.“
ڊاڪٽر مون کي ايم آر آءِ روم ۾ وٺي ويو. منهنجو مٿو ٻڌي مون کي هڪ ٿڌي قبر ۾ وڌو. مان قبر ۾ ٿڌ سبب سردي ۾ ڪنبندو رهيس، ڪافي دير کانپوءِ ڊاڪٽرن مون کي قبر مان ٻاهر ڪڍيو. ان کانپوءِ ڇا ٿيو، مون کي ڪجهه ياد ناهي.
هوش ۾ اچڻ بعد مون ڊاڪٽر کان پڇيو؛ ”منهنجي کوپڙي ۾ ڇا نظر آيو؟“
سرجن چيو؛ ”تنهنجي مٿي ۾ ٽٽل خوابن جا ٽڪرا هئا، اميدن جي رک هئي، اڌورن خوابن جون تمنائون هيون، سمورو ڪچرو تنهنجي مٿي مان ڪڍي صاف ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ تون وڃي سگهين ٿو.“
هاڻ جڏهن مان گهر اچي ويو آهيان ته رياض ملڪ يا ملڪ رياض پاڪستان اچي چڪو آهي. هاڻ نه رهندي غربت نه بيروزگاري. اسان جا ساڍا ۶ ڪروڙ ڪنگلن جا ٻار اسڪول ويندا، سٺي غذا کائيندا، ملڪ ڏينهن رات ترقي ڪندو، اچو دعا ڪريون ته رياض ملڪ يا ملڪ رياض، ملڪ جو صدر بڻجي وڃي.

No comments:

Post a Comment