Tuesday, July 10, 2012

وکري و يل خوا ب جو الميو - عزيز ڪنگراڻي


وکري و يل خوا ب جو الميو
عزيز ڪنگراڻي
ڪار فيڪلٽيءَ جي مُک دروازي وٽ اچي سائيڊ تي بيهي ٿي. اڌڙوٽ وهيءَ جو سيبتو شخص ڪار تان لهي، ڪار جا دروازا لاڪ ڪري، پنهنجي خيالن ۾ اڳتي وڌي ٿو. درازي وٽ بيٺل سيڪيورٽي گارڊ سلام ڪريس ٿو ته خيالن منجھان نڪري سلام جي ورندي ڏيندي ماحول جو جائزو وٺي ٿو. فيڪلٽيءَ ۾ ڪا چهل پهل نه ڏسي سوچي ته شايد معمول کان اڳ فيڪلٽي پهتو آهي. ڀڻڪي ٿو: “ڪا پهر ئي ڪانهي؟ مون به چيو ته گھر واري ڇو پئي چيو ته اڄ سوير سنبريو آهين.” سوير اچڻ جو سبب ياد ايندي ئي ڊپارٽميٽ واري آفيس ڏانهن تڪڙي وک ڀري ٿو. خاموش ۽ خالي ڪاريڊور منجھان گذرندي قدمن جو آواز ايئن ٿو لڳيس ڄڻ ڊوڙندو هجي. آفيس پهچي، آفيس کولي هڪدم ٽيبل جا خانا تلاش ڪرڻ لڳي ٿو. ٽيبل جي خانن ۾ نه ٿو مليس ته الماڙيءَ کولي تلاشڻ لڳي ٿو. “ڪاڏي ويو خط؟ ٽيبل تي به ناهي، ٽيبل جي خانن ۾ ڪونهي، الماڙيءَ ۾ به ناهي ته ويو ڪاڏي؟ انهيءَ خوف کان سوير آيس ته متان ٽيبل تي وساريو هجيم ۽ پٽيوالو صفائِي ڪندي هيٺ مٿي نه ڪري ڇڏي يا لڳي نه وڃي ڪنهن ٻئي جي هٿ” پاڻ سان پاڻ ڳالهائيندي پگھرجي،پاڻ کي اچي ڪرسيءَ تي اُڇلي ٿو ته کيس سوچون گھيري وڃن ٿيون. ڄڻ سوچن جي ککرن ۾ کڙو هنيو هجيس ۽ سوچون ڀُون ڀُون ڪري ذهن کي چمبڙي ويون هجنس. سوچن کان آجائپ لاءِ وارن ۾ آڱريون ڦيري ٿڌو ساهه کڻي پڪ ڪرڻ لاءِ ٻيهر ٽيبل جا خانا کولي جاچڻ لڳي ٿو.


“ڪهڙي کوجنا ۾ آهيو سر؟” پٽيوالو آفيس ۾ داخل ٿيندي پڇيس ٿو.
“آفيس آ، آثار قديمه جي سائيٽ ناهي جو کوجنا پيو ڪريان!” ڇڙٻيندي چويس ٿو.
“معذرت.. سر!! پر وقت کان اڳ اچي ويا آهيو؟”
“منهنجي مرضي، تون ڪير ٿيندو آهين پڇڻ وارو؟
“معافي .. سر، صفائي ڪرڻي آ تڏهن پڇي ويٺس!” پٽيوالو هيسجي چويس ٿو.
“ناهي صفائي جي ضرورت، وڃ جان ڇڏ” لفظ نه پر ڄڻ ٽانڊا اوڳاڇي ٿو.
“جيءُ.. حاضر سر!” پٽيوالو چئي، کيس حيرانگيءَ منجھان ڏسندي واپس ٿئي ٿوته پڇيس ٿو.
“بند ٿيل لفافو ڪلهه شايد ٽيبل تي ئي رهجي ويو هو، تو ته نه کنيو؟”
“سر! مرينه جو نالو لکيل هوس؟”
“ها ها!! تو کنيو ڇا؟” اُتاولائِيءَ منجھان ڪرسيءَ تان اٿندي پڇي ٿو.
“نه سر”
“باقي؟؟”
“مرينه پاڻ کنيو هو”
“مرينا کنيو هو؟؟”
“جيءُ سر، توهان جيئن ئي آفيس منجھان نڪتا ته پٺيان مرينه آئي،پنهنجو نالو ڏسي لفافو کنيائين.
“تو روڪيس ڇو نه؟”
“سر! توهانجي دادلي شاگردياڻي آ، ڊپ هو ته متان روڪڻ سبب توهان ئي دڙڪا ڏيو.
“دادليءَ جو اهو مطلب ناهي ته منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجيون شيون کڻي؟” ذري گھٽ رڙ جي انداز ۾ چوي ٿو ته پٽيوالو هٿ جوڙيندي چويس ٿو:
“سر معذرت سان چوندس ته اهو حق توهان ئي ڏنو اٿس، ڪافي ڀيرا کيس روڪڻ تي توهان ئي منهنجي بيستي ڪئي آ. پوءِ به مون روڪيومانس پر ڪانه مُڙي، کڻي هلي وئي.
“نا معقول ڪنهن جاءِ جا.” دئونس ۾ گھوماٽجي ڪرسيءَ تي ويهندي چويس ٿو ته پٽيوالو ڊپ ۾ ڪجھه ڪڇڻ بجاءِ بنان دير آفيس منجھان هليو وڃي ٿو ۽ هيءُ پريشانيءَ جي طوفان ۾ گھيرجي هٿن ۾ منهن لڪائي شوڪارو ڀري ٿو. چهري تان هٿ هٽائي جيئن ئي دروازي ڏانهن نهاري ٿو ته سندس نظر مرينه تي پوي ٿي جيڪا فاتحانه انداز ۾ مُرڪندي اچي سندس سامهون بيهندي چوي ٿي:
”هيلو سر!
“مرينه ؟”
“جيءُ سر!!” مرينه سندس سامهون ڪرسيءَ تي ويهندي وراڻي ٿي.
“تو هتان خط کنيو هو؟؟”
“ها سر! منهنجي نالي لکيل هوتڏهن کنيم. توهان جي خط مونکي هجڻ جو احساس ڏياريو آ ۽ اها به سُڌ پئي ته توهانجي دل ۾ مون لاءِ مُحبت جي وهندڙ سنڌوءَ وٽ سدائين ساوڻي آ.
“شڪ جي گنجائش نظر اچئي ٿي؟؟”
“نه سر! خط ۾ ڊپارٽمينٽ جي چيئر مين لاءِ لکيل هڪ جُملي تي ڏاڍو کلي هئس ته “ وي سيءَ جي نا اهليءَ آ جو گند تان مَک اُٿاري اچي گُلن تي ويهاري اٿس”. ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. هينئر به توهان ڏانهن ايندي ڏٺائين ته زوري آفيس ۾ ويهاري ڇڏيائين. جيڪو به لکيو اٿئو اصل منهنجي دل وٽان لکيو اٿئو.
“انڪري چاهيان ٿوته خط واپس ڪر” ٿڌو ساهه سندس اُماس روح جي گھراين منجھان نڪري ڪمري ۾ ڦهلجي وڃي ٿو.
“واپس ڪيان؟؟”
“ها
“ڇو سر؟؟
“اِهو پوءِ ٻُڌايانءِ ٿو.
“مون تي اعتماد نه رهيو آ؟”
“اعتماد آهي مرينه؟
“چيئرمين کان ڪو خوف خطرو آ؟؟
“ايئن ئي سمجهه”
“ٺيڪ آ سر” مرينه چوندي نوٽ بوڪ جاچي ٿي. “او ماءِ گاڊ سر!!” مرينه کان رڙ نڪري وڃي ٿي ۽ ٽپ ڏئي ڪرسيءَ تان اٿي ٿي ته ششدر ٿي پُڇيس ٿو.
“ڇا ٿيو؟؟
“خط نوٽ بوڪ ۾ هو ۽ نوٽ بوڪ شايد چيئرمين جي آفيس ۾ وسري ويو”
“نه نه!!
“جيءَ سر، مان چيئرمين جي آفيس ۾ ڏسي اڇان ٿي.” مرينه چوندي بنان دير آفيس منجھان نڪري وڃي ٿي. مرينه جي وڃڻ کان پوءِ هن جي ذهن ۾ زلزلو برپا ٿي وڃي ٿو. پاڻ تي جڪ کائندي سوچي ٿو.“ چيئرمين جو ته خير آ، چيئرمين جي حوالي سان وي سيءَ لاءِ ڇو لکيم؟ ڀلا مرينه کي لکيل خط ۾ چيئرمين جو ذڪر به ڇو ڪيم؟ ٿي ويو لاشعوري. مرينه جيئن ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پهچندي آ ته کڳو چيئرمين چمبڙي ويندو اٿس. دل نه سهندي آ. پر مرينه روز ملي ٿي، پوءِ خط ڇو لکيومانس؟؟ زباني به کيس چئي سگھيس ٿي؟ نه لکانس ها خط. کيس شادي جي ڳالهه سامهون نه چئي سگھڻ سبب الائي ڇو خط لکي ويٺس؟ شاديءَ جي ڳالهه مرينه سان روبرُوءِ ڪنهن بهاني ڪري وٺان ها. ڪيڏو ڪمزور آهيان؟ ڪير چوندو ته مان پروفيسر آهيان؟ عشق ۽ پروفيسري؟؟ عشق آڏو پروفيسريءَ نه هلندي آ! عشق جو جهانُ پنهنجو، حُڪومت نرالي!! عشق دماغ نه دل تي راڄ ڪندو آ ۽ دل تي ڪنهن جو وس هليو آ؟؟ مان به وس هوندي پروس بڻجي ويو آهيان مرينه جي پيار ۾!! سوچيندي ڊگھو ساهه کڻي ٿو. سندس ذهن اذيتناڪ سوچن جو کُورو بڻجي وڃي ٿو. سوال نه ڄڻ سندس ذهن تي هٿوڙن جا وسڪارا هُئا. انهيءَ مونجھاري جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦٿڪندي منهن مٿي ڪري ٿو ته مرينه واپس آفيس ۾ داخل ٿيندي چويس ٿي:
سر بچاءُ ٿي ويو... خط نوٽ بوڪ ۾ محفوظ آ”
واقعي؟؟” هن جي ٻرندڙ ذهن تي ڇنڊو لڳي وڃي ٿو.
جيءُ سر واقعي!
خط ڪٿي آ
نوٽ بوڪ ۾ آ
مونکي ڏي
يادگار آ .. مون وٽ رهي ... سر!! “
مان جو آهيان، مونکي يادگار بڻائي رک پاڻ وٽ!!”
هفتي لاءِ نواب شاهه ٿي وڃان، واپسيءَ ۾ اچي توهان کي ڏينديس” نٽائيندي وراڻي ٿي.
نواب شاهه ڇو؟؟
سر منهنجو گھر آ اُتي”
سا خبر آ، مون چوڻ پئي چاهيو ته وڃي ڇا ڪندينءَ؟”
والدين گھُرايو آ”
ڇو؟
سا وڃڻ کان پوءِ خبر پوندي. هفتي جي ته ڳالهه آهي.
ڪيڏو آسانيءَ سان چئي وئينءُ! مون لاءِ هفتو به، نه کُٽندڙ عرصو هُوندو.
منهنجو لمحو لمحو، پل پل عذاب ۾ گُذرندو سر!” چوندي مايوسيءَ ۾ گھيرجي ڏانهس خط وڌائي ٿي.
مونکي سر نه چئو مرينه” کانئس خط وٺندي چوي ٿو.
ڇو؟؟”
اوپرائپ آ لفظ سر ۾! توکان اوپرائپ مونکي وڍ ٿي وجھي.
مونکي سُٺو ٿو لڳي سر چوڻ”
مطلب مان ڀلي وڍجان پيو؟؟”
ته ڇا چوان؟ پروفيسر تنوير؟”
صرف تنوير.
مونکي آڪ ورڊ ٿو لڳي.
۽ مونکي وري لفظ سر ڌاريائپ جي ڌُٻڻ ۾ اُڇلي ٿو ڇڏي. مان سڀ حجاب ۽ سَنڌا ميسارڻ ٿو چاهيان، هڪ وجُود ٿي وڃون پاڻ ٻئِي.
سو ته آهيون.
اڃان ناهيون.
مون سمجھيو ڪونه.
شادي ڪندينءَ مونسان؟” هڪدم سوال ڪري ٿو.
اِهو سوال خط ۾ به پُڇيو اٿئو” مرينه چوندي سندس چهري جي بي چينيءَ ۽ بيوسيءَ کي پڙهي وٺي ٿي. سندس بي چينيءَ ۽ بيوسيءَ ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ مرڪي ڏانهس نهاري ڪنڌ جھُڪائي ڇڏي ٿي ته هن جي اُڻ تُڻ ۾ اِضافو اچي وڃي ٿو. اُتاولو ٿيندي چويس ٿو:
مون ڪُجھه چيو آ مرينه ؟؟”
ڪجهه؟؟ هيڏي وڏي ڳالهه کي ڪجهه ٿا چئو؟؟” سندس بيتابيءَ وڌائڻ لاءِ هاسيڪار ڪنڌ ڦيري ڇڏي ٿي ته هيءُ پريشان ٿي وڃي ٿو. مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي پُڇيس ٿو:
منهنجو مقصد هو ته .....
توهان جو مقصد سمجھيم، وضاحت نه ڪريو.” مرينه ڄاڻي واڻي سنجيده ٿي وڃي ٿي ته ويتر پريشان ٿي ٻُڏتر ۾ پئجي وڃي ٿو. ٻنهيءَ تي خاموشيءَ طاري ٿي وڃي ٿي. پاڻ سنڀاليندي چويس ٿو:
ناراض ٿي وئينءَ؟؟”
ناراض ڇو ٿينديس؟؟”
باقي؟؟”
زندگيءَ بابت سنجيده مسئلي تي سنجيده ٿيڻو پوندو آ”
عشق ۽ سنجيدگي؟”
شادي زندگيءَ جو سفر آ، اُن لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ ضروري آ”
بلاشڪ پر گذري ويندو اِهو سفر به انڊلٺي محبتن جي رنگينين ۾!!
توهين شادي شُده آهيو نه؟”
”ها... آهيان. پر ڪو ٻار ڪونهي اڪيلي آ.” جواب ڏيندي خبر ناهي ڪهڙي اَڄاتي خوف ۾ سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي. ڀانئي ٿو ته بلڊپريشر وڌڻ شروع ٿي ويو آهي. خود تي ضابطي جي ڪوشش ڪري ٿو پر مرينه سندس ڪيفيت پرکي وڃي ٿي. گنڀِير ٿيندي چويس ٿي:
ڀلي اڪيلي هجي پر توهان جي پهرين شاديءَ واري ديوار انڊلٺي محبتن جي رنگن کي اسانجي زندگيءَ جي آڳُر تي اچڻ ئي نه ڏيندي”
مان ايئن ٿيڻ ئي نه ڏيندس، ضرورت پئي ته اُها ديوار هڪ سَٽ سان پٽ ڪري ڇڏيندس”
هينئر ڇو نه ؟؟”
هينئر؟؟”
“ها..!! مان پنهنجي نالي ٿي ويل ڪنهن به شئي ۾ ڪنهن جي به شراڪت جي قائل ناهيان”
“جذباتي نه ٿي مرينه.. پليز مرينه !! توکي ڪنهن به شئي جي ڪمي محسوس نه ٿيندي”
“مان سيڪنڊ وائيف ٿيڻ هرگز پسند نه ڪنديس ۽ نڪي شراڪت منظور آ. مون سان شاديءَ لاءِ توهان کي پهرينءَ گھرواريءَ کي طلاق ڏيڻي پوندي. هفتي ۾ موٽنديس، طئي ڪري وٺجو.” مرينه چوندي آفيس منجھان نڪري وڃي ٿي. لفظ طلاق گوليءَ وانگيان ذهن منجهان پار ٿي وڃيس ٿو. اکين اڳيان اونده اچي وڃيس ٿي. وايون بتال ٿي وڃنس ٿيون. سمجھه ۾ نه ٿو اچيس ته ڇا ڪري؟ جيئن آيو هو تيئن آفيس ۾ ئي ويهي ويو هو. وائڙپ ۾ سوچيندي ۽ هيڏي هوڏي نهاريندي گھڙيال تي نظر پويس ٿي ته ڌيان مٽجي وڃيس ٿو. “ساڍا يارهن؟؟” خود ڪلاميءَ ۾ بي ساخته ڀڻڪي ٿو۽ سوچي ٿو: “ڪلاس وٺڻ ئي وسري ويو؟ ڪو شاگرد به ياد ڏيارڻ نه آيو؟؟ يا ڪو آيو به هُجي ۽ مرينه سان ويٺل ڏسي واپس هليو ويو هجي! سڄي فيڪلٽي ته ڄاڻي ٿي اسان ٻنهيءَ جي باري ۾. ها سچي ، اڄ منهنجو ڪو به ڪلاس ناهي.” اوچتو ياد اچي وڃيس ٿو. آفيس ۾ دم گھُٽنجندي ڀانئي ٿو. تڪڙو آفيس منجھان نڪري وڃي ٿو.
گھر ڪيئن پهتو؟ کيس ڪا سُڌ ئي نه پئي. اُن ڏينهن کان پوءِ يڪو ذهني ولوڙ ۾ رهڻ لڳي ٿو. مرينه سان سيل نمبر تي رابطي جي ڪوشش به ڪري ٿو پر سيل مسلسل بند مليس ٿو ته ويتر ذهني آنڌمانڌ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. فيڪلٽيءَ وڃڻ به جهڙوڪر وسري وڃيس ٿو. پُور پوڻ تي فيڪلٽيءَ جو رخ رکيائين ٿي ته به فيڪلٽيءَ بجاءِ آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار کان ٿي موٽيو ٿي. گھر واريءَ کي طلاق ڏيڻ يا نه ڏيڻ واري جيڪا سندس اندر ۾ جنگ ڇڙي ٿي سا کيس جھوري ڇڏي ٿي. گھر ۽ گھر واريءَ کان بيزاري ته سندس مزاج ۾ شامل ٿي وئي پر پاڻ کان به بيزار رهڻ لڳي ٿو. مسلسل ذهني انتشار هڻي وڃي هنڌ ڪري ٿو. چِڙ، ڪاوڙ ۽ اشتعال سندس ذهن تي حاوي ٿيڻ لڳن ٿا. مرينه جي انتظار ۾ هفتي جا ڏينهن ڳڻيندي ڪافي ڀيرا خودڪشيءَ لاءِ به سوچيائين. سندس حالت تي سندس گھرواريءَ گھٻرائجي وڃي ٿي. کيس هيڪلاين منجهان ڪڍڻ لاءِ سندس گھرواري جاکوڙ ڪري ٿي ته ساڻس ٻِلهه ٿي وڃي ٿو. جيئن جيئن ڏينهن قريب اچن ٿا تيئن تيئن هن جي ذهن تي اشتعال ۽ انتشار جو غلبو وڌڻ لڳي ٿو.
ستين ڏينهن مرينه سان رابطي ڪرڻ کانسواءِ هڪدم فيصلي تي پهچي وڃي ٿو. پاڻ کي ڏاڍو پُرسُڪون محسوس ڪري ٿو. ڄڻ ڪنهن وڏي مصيبت منجهان نجات ملي وئي هُجيس.هو تاڙ ۾ رهي ٿو ته بهانو ملي وڃي ته گھرواريءَ آڏو فيصلي جو اعلان ڪري ڇڏي. شام جا پنج ٿي وڃن ٿا پر کيس ڪو به بهانو نه ٿو ملي ته ڪاغذ کڻي طلاق نامو لکي لفافي ۾ بند ڪري ٿو. لفافو گھر واريءَ کي ڏئي گھران نڪري ڪار تي سوار ٿئي ٿو ۽ ڏاڍي هشاش بشاش ۽ پر جوش انداز ۾ مرينه جي هاسٽل جو رُخ ڪري ٿو. ڪائنات رنگين ڀاسيس ٿي. هر نظارو جھُومندي نظر اچيس ٿو. پاڻ کي هوائن ۾ اُڏامندي ڀانئي ٿو. باءِ پاس روڊ سان ڄامشوري ويندي، درياهه واري پُل جي وچ تي پهچي ٿو ته موبائيل سيٽ جي رنگ تي سندس ڌيانُ ڇڪجي وڃي ٿو ته هڪدم رسيوَ ڪندي مُخاطب ٿئي ٿو:
“هيلو مرينه! ڪٿي آهين؟؟ مون تنهنجو شرط پورو ڪري ڇڏيو ۽ تون اڃان گھر آهين!! ڀلا ڪڏهن ٿي اچين؟؟ ڪانه ايندينءَ؟؟ تنهنجي مائٽن کي ڪنهن ٻڌايو پنهنجي پيارجو؟؟ زبردستي نڪاح ٿي ويو تنهنجو؟؟؟” آخري ڳالهه ٻڌڻ سان سندس سمورا خواب وکري وڃن ٿا. وکري ويل خوابن جي الميي تي کانئس موبائيل سيٽ هٿن منجھان ڇڏائجي وڃي ٿو. ڪار جي اسٽيئرنگ منجھان سندس هٿن جي گرفت ڍري ٿي وڃي ٿي ۽ ڪار غيرمُتوازن نموني سامهون ايندڙ قريب تر ٽريلر ڏانهن وڌي ٿي.

رضوان گُل جي ٿورن سان

No comments:

Post a Comment