Monday, July 9, 2012

پٽ ڏاھو ٿي - بلوچ صحبت علي


پٽ ڏاھو ٿي
بلوچ صحبت علي
اڄ خبر نه آهي ته هن جي اهڙي ڪيفيت ڇو ٿي وئي هئي. هو ڏاڍو بيچين هو. هو اڄ ڪم تي به نه وڃي سگهيو هو، صبح کان ئي هن جي اندر ۾ ولولن ۽ عجيب ڪيفيتن ڪڙا چاڙهي ڇڏيا هئا، هو مختلف ڪيفيتن جي گهيري ۾ اچي ويو هو. اڄ هن کي ائين محسوس ٿيو هو ته هو پنهنجي اندر جي وشال ڪائنات ۾ اڪيلو رهجي ويو آهي، هن جي اردگرد جيتوڻيڪ ڏاڍو شور هو، گوڙ هو. دنيا پنهنجي اصل رفتار کان وڌيڪ تيز هلي رهي هئي، پر هن جي ڪيفيت پل پل مٽجي رهي هئي، هن کي احساس نه ٿيو ته لائيٽ هلي وئي هئي ۽ هو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، اڄ هن کي نيرن جي ضرورت نه پئي لڳي، اڄ هن ۾ اٿڻ جي سگهه ختم ٿي وئي هئي. هن جي شيو ڪرڻ تي دل نه ٿي چاهيو، اڄ هو برش ڪرڻ کان بيزار هو، هن جي پاسي ۾ ايشٽري سگريٽن جي ٽوٽن ۽ خاڪ سان ٽٻ ٿيل هئي، جيتوڻيڪ هو چين سموڪر هو، صبح جو ننڊ مان اک کلندي ئي ويندي رات جو سمهڻ تائين هو سگريٽن جا چار پاڪيٽ پي ويندو هو، يعني 80 سگريٽ هن جو کاڄ بڻجي ويندا هئا، پر اڄ هن کي سگريٽ جي ٻاڙ نه لڳي هئي، اڄ هن کي نه اڦراٽي ۽ نه ئي وري چانهه جي ٻاڙ لڳي هئي.


اڄ هو حيران هو ته هن کي هي اوچتو اوچتو ڇا ٿي ويو آهي، اڄ هن تي ڪنهن منڊ ڪيو آهي، اڄ هن تي ڪنهن جادو ڪيو آهي، اڄ هن جي رت جو دورو ڇو رڪجي ويو آهي، اڄ هن کان ڇو ساهه کڻڻ وسري ويو آهي. اڄ هن تي هي ڪهڙي قسم جي ڪيفيت طاري ٿي آهي، اڄ هن جي دل ۾ سڀ رواجي ۽ روٽين واريون خواهشون ڄڻ مري ويون هجن، پر ان گهڙي هن محسوس ڪيو هو ته هن جي دل ۾ آيو ته اڄ شين جي ٽوڙ ڦوڙ ڪجي، اڄ روايت کان بغاوت ڪجي، زندگي جي احساسن کي نئون رخ ڏجي.
هن پاسي ۾ رکيل شيشي جو گلاس کڻي سامهون واري ڊريسنگ ٽيبل واري شيشي تي وهائي ڪڍيو، ٻئي شيشا پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا، هن کان پوءِ هن جي نظر ڪتابن جي شو ڪيس تي پئجي وئي، هن تاريخ جي ڪٻاڙخاني وارا فرسودا ڪتاب جيڪي اڄ جي دور جي ترجماني نه پيا ڪن، اهي به ڪڍي ڦاڙن شروع ڪيا، سڄي ڪمري ۾ پنن جا ٽڪر وڇائجي ويا ها، هن کي دل ۾ اڃا به خيال آيو ته اهي شيون ٽوڙڻ لاءِ ڪافي نه آهن، ٺيڪ ان وقت هن جي گهر جي بيل وڳي، هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽو، هن دروازو کوليو، سامهون هن جو دوست وشال بيٺو هو، هن وشال سان هٿ نه ملايو هو، نه مرڪيو هو ۽ نه ئي وري اندر اچڻ لاءِ چيو هو وشال چيو، “اڄ ڀلا گهر جا دروازا اسان لاءِ بند ڪري ڇڏيا اٿئي ڇا؟، نظر ته ڪمزور نه ٿي وئي اٿئي، مون کي سڃاڻين ته ٿو نه؟!” هي بلڪل سنجيده هو، هن بغير ڪنهن تاثر ڏيڻ جي وشال کي چيو، “ها اڄ منهنجي نظر ڪمزور ٿي وئي آهي، اڄ مان تو کي نه ٿو سڃاڻان، ان ڪري اڄ کان تو لاءِ دل جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا اٿم.
“پر ان جو سبب” وشال حيرت مان پڇيو.
 “ڪڏهن ڪڏهن شين کي بغير سببن ۽ ڪارڻن جي به ٽوڙڻ گهرجي.” هن نه چاهيندي به وشال کي پوئتي دروازي کان ٻاهر ڌڪو ڏيندي ۽ دروازو اندران بند ڪندي چيو. “اڙي تون چريو ته نه ٿي ويو آهين”، وشال رڙ ڪندي چيو، وشال بيل وڄائيندو رهيو، پر هن وري دروازو نه کوليو ۽ ائين ئي دروازو کڙڪندي کڙڪندي بس ٿي ويو...
هي ليٽي پيو هو، اوچتو هن کي پنجواڻي ياد اچي ويو هو، جيڪو هن جو پاڙيسري ته هو پر ڇتو مخالف ۽ جاني دشمن هو، هن کي ان ويل خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه ياد اچي وئي هئي، هو هڪدم ٽپ ڏئي اٿيو هو ۽ گهر جو دروازو ٻاهران لاڪ ڪري نڪري ويو هو.
هو هينئر پنجواڻي جي در تي بيٺو هو ۽ هن جو هٿ گهر جي بيل ڏانهن کڄي ويو هو، ٿوري دير ۾ پنجواڻي پاڻ هن جي سامهون بيٺو هو، پنجواڻي جي جيئن ئي هن تي نظر پئي ته پنجواڻي هيسجي ويو هو، هن ڇرڪ ڀريو هو، پنجواڻي ڪاوڙ ۾ رڙ ڪندي چيو “تون مون تي ڪيڏا حملا ڪرايا، پر اڄ وري مون سان منهنجي گهر ۾ وڙهڻ آيو آهين.
“نه پنجواڻي نه!، اڄ مان تو سان وڙهڻ نه آيو آهيان، پر مان اڄ سالن جي دشمني کي ٽوڙڻ آيو آهيان، مون هار مڃي”، هن نماڻي لهجي ۾ پنجواڻي کي چيو.
پنجواڻي حيرت ۾ ڏڪي رهيو هو. پنجواڻي! اڄ مان دشمني ختم ڪري، تو سان دوستي ڪرڻ آيو آهيان، اڄ کان پوءِ پاڻ دوست آهيون، اڄ مون دشمني جي لاش کي هميشه لاءِ قبر کوٽي ان ۾ پوري ڇڏيو آهي، مون کي معاف ڪري ڇڏ پنجواڻي”
۽ هو پنجواڻي جي پيرن تي ڪري پيو.
پنجواڻي ٿورو پوئتي هٽيو، هن کي ٻانهن کان وٺي مٿي ڪيائين. هو وڌيڪ اتي نه بيهي سگهيو، ان ڪري هو پنهنجي گهر طرف وڌڻ لڳو هو، پنجواڻي هن جي اهڙي عمل تي حيران ۽ پريشان هو، پنجواڻي جي واتان هڪڙو لفظ نه نڪتو، ڄڻ هن کي ڪو نانگ سراپي ويو هجي.
هو اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت.
آخر همت ڪري، پنجواڻي پويان هن کي سڏ ڪندي چيو، ڀائو! ڳالهه ته ٻڌ، هار ته منهنجي ٿي آهي، تون ته کٽي ويو آهين يار، پنجواڻي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
هن پنجواڻي جو سڏ نه ورنايو، هو جذبن جي درياءَ ۾ وهي ويو هو، هن کي ڊپ هو، جيڪڏهن هو اتي گهڻو بيهندو ته شايد هن جا ڳوڙها پنجواڻي به روڪي نه سگهي.
هو جيئن ئي گهر پهتو ته هن ٽي وي جو رموٽ کنيو ۽ ٽي وي آن ڪري ڇڏي، سامهون اسڪرين تي هڪڙي ليڊي پروگرام ڪري رهي هئي، جيڪا چئي رهي هئي ته “هيپي مڌر ڊي ٽو آل” ۽ هن جي چهري تي مرڪ تري آئي، هن جي اکين اڳيان هن جي ماءُ جي مرڪندڙ تصوير هئي، جيڪا هن کي چئي رهي هئي ته پٽ! اڄ دنيا جي مائرن جو ڏينهن آهي تو مون کي وش نه ڪندين” ان وير هن کي جهٽڪو لڳو ۽ هن محسوس ڪيو ته اڄوڪي ڪيفيت جو ڇا ڪارڻ هو، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا، هينئر هن کي محسوس ٿيو هو ته اڄ مڌر ڊي آهي، ان ڪري اڄ هن کي ماءُ جي مامتا جي ٻاڙ لڳي هئي، هن جي ماءُ جو تصور هن جي اکين جي اڳيان هو، جيڪا هن کي چئي رهي هئي “پٽ! ڏاهو ٿي........ ان کان پوءِ هن ڳوڙها اگهندي چيو هو، “هيپي مڌر ڊي ٽو يو ماءِ سويٽ مڌر....

No comments:

Post a Comment