Monday, July 9, 2012

دٻيل سوال - سندر اگناڻي

دٻيل سوال
سندر اگناڻي
ٻارن کي اسڪول مان وڪيشن ملي. ڏاڍا خوش ٿيا. ننڍا ٻه ٻار ماءُ کي نانيءَ ڏانهن وٺي هلڻ لاءِ چئي رهيا هئا، پر وڏو ڪڪو ڪمار جيڪو هن کان اڳ ماءُ کي ئي ٻاهر گهمڻ وٺي هلڻ لاءِ چوندو هو، اڄ منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. مان ڪتاب پڙهڻ ۾ محو هئس. سندس نگاهون مون ڏانهن مٿي کڄي وري هيٺ جهڪي ٿي ويون. سندس اکين ۾ ڪي سوال هئا، جيڪي هن پڇڻ ٿي چاهيا، پر پڇي نٿي سگهيو، صرف منهنجي چهري ۾ نهاري شانت ٿي ويو.


مون کي هن جي چهري تي بدلجندڙ لڪيرن ۽ ان اندر لڪل ٻارن جو ڪو به احساس نه ٿيو، سوچيم ٻار آهي، ائين ئي ڪجهه پنهنجي ڌن ۾ ويٺو هوندو، چند منٽن بعد هن ڊڄندي، ڊڄندي ڳالهائڻ شروع ڪيو، چيائين “ڊيڊي اسان کي ڏيڍ مهينو وڪيشن ملي آهي.
“تمام سٺي ڳالهه آهي” مون ڪتاب سان نظرون هٽائيندي کيس جواب ڏنو. “ڊيڊي موڪلن ۾ اسان کي ڪٿي وٺي هلندا؟” هن پڇيو
“ته پوءِ موهن انڪل وٽ دهليءَ هلنداسين.” مون کيس جواب ڏنو، “نه ڊيڊي، دلي گندي آهي، ڪمار چيو. دهلي گندي آهي! بيوقوف، دهلي ته هندستان جي دل آهي، ڀارت جي راڄڌاني آهي، اتي لعل قلعو آهي، پارليامينٽ آهي، قطب مينار آهي، مهاتما گانڌي، نهرو ۽ شاستريءَ وغيره جون سماڌيون آهن، ٻارن لاءِ ڊال هائوس آهي، سٺا سٺا باغ آهن، ڦوهارا آهن، خوب مزو آهي دهليءَ ۾
“نه ڊيڊي دهلي گندي آهي، اسان کي ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي هلو.” ڪمار چيو، “چڱو، هن دفعي پرشوتم ماما وٽ ڪلڪتي هلنداسين، خبر اٿئي ڪلڪتو ڀارت جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي.
نه ڊيڊي اسين ڪلڪتي نه هلنداسين، ڪمار وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو “ته پوءِ تون ڪٿي هلندين؟” مون خوش ٿيندي کانئس پڇيو.
”مان ٻڌايانو، پوءِ وٺي هلندا؟“ ڪمار پڇيو.
”ها پڪ وٺي هلندس.“ مون چيو.
”پرامز ڊيڊي.“ ڪمار پڇيو.
”ها...ها... پرامز! پڪو پرامز.“ مون پختائيءَ سان چيو.
”ڊيڊي ته پوءِ اسان کي پنهنجي گانءُ وٺي هلو“.
ڪمار اٻوجهائيءَ ۽ خوشيءَ وچان چيو.
“گانءُ ڇا؟” مون اڻڄاڻائيءَ وچان کانئس پڇيو، “گانءُ معنيٰ ڳوٺ، جتي توهان ڄاوا هئا، توهان جو ڊيڊي ڄائو هو، توهان جي ڊيڊيءَ جو ڊيڊي ڄائو هو، جتي اسان جي حويلي آهي، ٻني آهي، مينهون آهن، کوهه آهي.
ڪمار چوندو رهيو، منهنجين اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو. چند منٽن لاءِ منهنجا هوش حواس گم ٿي ويا ۽ سنڌ ۾ پنهنجي ڀرين جي ڳوٺ ۾ پهچي ويس. خبر نه آهي کوههَ بعد ڪمار ٻيو ڇا ڇا چيو، جڏهن هوش ۾ آيس ته ڏٺم ڪمار جون اکيون ڦاٽل هيون ۽ منجھانئس انيڪ سوال ٽپڪي رهيا هئا. مون کيس آٿت ڏيڻ لاءِ جواب ڏنو؛ ”پٽ هيءُ شهر ئي اسان جو ڳوٺ آهي، هتان ٻيو ڪٿي هلنداسين؟“
”نه ڊيڊي! توهان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيو. هتي اسان جي پنهنجي حويلي ڪٿي آهي؟ ٻني ڪٿي آهي؟ مينهون ڪٿي آهن؟ هيءُ ته شهر آهي، هتي ته اسين مسواڙي جاءِ ۾ رهيا پيا آهيون.“ ڪمار اهو سڀ اٻوجهائيءَ وچان چئي ويو. سندس هڪ هڪ اکر منهنجي سيني ۾ تير جيان چڀي رهيو هو ۽ منهنجي وات مان اف به نه نڪتي.
“پر تو کي هيءُ سڀ ڪنهن ٻڌايو؟” ٿوري دير جي خاموشيءَ بعد مون کانئس پڇيو.
“گپتا انڪل جي پٽ انوپ. ڊيڊي، انوپ چيو ته هو موڪلن ۾ پنهنجي ڳوٺ ويندا. اتي سندن حويلي آهي، ٻني آهي، مينهون آهن. تنهن تي ڊيڊي مون به چيومانس ته اسان کي به پنهنجو ڳوٺ آهي، اسين به پنهنجي ڳوٺ وينداسين، ڊيڊي ڀلا اسان جو ڳوٺ ڪيڏانهن ويو؟ “ ڪمار اٻوجهائي ۽ انتظاريءَ وچان پڇيو.
پٽ ان وقت مان تو وانگر بي سمجهه ٻار هئس. اسان جي ڳوٺ کي اسان جا وحشي اڳواڻ وڪڻي آيا. هنن جنم ڀوميءَ جي سودي بازي ڪئي. هنن پنهنجيءَ ماءُ جي قيمت خون ڏئي چڪائڻ بدران ڪرسي وٺي سندس سودو ڪيو. مون جيڪي ڪجهه به چيو کيس سمجهه ۾ نه آيو ۽ ائين ئي سوالي نگاهون بند ڪري هليو ويو. سندس بند اکين اندر انيڪ سوال دٻجي ويا آهن. جڏهن هو وڏو ٿيندو، هن جون اکيون کلنديون ته اهي دٻيل سوال وري اڀري اٿندا ۽ جواب جي طلب ڪندا، جن جو جواب اڄ مون وٽ به نه آهي.

No comments:

Post a Comment