Sunday, June 24, 2012

چنڊ ۽ ماني - علي بابا


چنڊ ۽ ماني
علي بابا
تڏھن مان تمام ننڍڙو ھوس. مون کي اڄ به چٽيءَ طرح ياد آھي، ھڪ ڏينهن منهنجي ماءُ ڏاڍي پريشان ھئي. مان صبح کان بکايل ھئس. اسان جي گھر جو سمورو راشن کٽي ويو ھو. صبح جو امان مون کي ھڪ پاروٿو مانيءَ جو ٽڪر ٻڪريءَ جي ٻاڙي کير سان ڏنو ھو ۽ مٿان اچي شام پئي ھئي. منهنجي پيٽ ۾ بک کان وڍ پئجي رھيا ھئا. امان مون کي پاڙي واريءَ ڏانهن اڌاري اٽي لاءِ موڪليو ھو، پر اتان به جواب مليو ھو. امان سڄو ڏينهن پنهنجين مٺڙين ۽ لطيف ڳالھين سان منهنجي دل وندرائيندي رھي، جن سان ٿوريءَ دير لاءِ منهنجي بک جو احساس ڪجھ گھٽجي ويو. پر ڪڏھن ڳالھين سان به پيٽ ڀرجي سگھيو آھي؟ چاھي انهن ۾ ماکيءَ جي ميٺ ھجي يا ڪيتريون ئي لطيف ھجن، انهن سان پيٽ نٿو ڀري سگھجي. پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ ته صرف ماني درڪار آھي، صرف ماني. جا منهنجي ماءُ وٽ نه ھئي. منهنجي بک رکي رکي اوچتو شدت اختيار ڪري ٿي وئي. ڄڻ اوچتو ڪنهن دھل تي ڏونڪو ھڻي ٿي ڇڏيو. منهنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ٿي ويو.


نيٺ مان رھي نه سگھيس ۽ ماءُ جي چولي سان چنبڙي پنهنجي دل جو حال اوريم. “امان مون کي بک لڳي آھي.
امان منهنجي وارن تي ھٿ ڦيريو ۽ چيائين: “مران شال، ھاڻ ڇا ڪيان؟ دڪان واري به اڌار ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آھي.
امان پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائيندي مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. اوچتو ھن ڪجھ سوچيندي چيو: “ھلي آ پٽ ته پنهنجو گھر ڳوليون، شايد ڪٿي پئسا رکي ڀلجي وئي ھجان.
پوءِ ته بس مون ۽ امان سڄو گھر ڦٿوڙي ڇڏيو. ڪٻٽ، جارا، پيتيون، ھڪ ھڪ ڪري اٿلائي ڏٺاسين، پر ڪٿان ھڪ پائي به نه ملي. امان ٿڪجي اچي موڙي تي ويٺي ۽ مان به سندس سامھون اچي کٽ تي ليٽي پيس. اوچتو امان کي ڪا ڳالهه ياد آئي ۽ چوڻ لڳي: “اڙي! ھڪڙي جڳهه ته پاڻ ڀلجي وياسين! وھنجڻ جي ڪمري جو جارو ته پاڻ ڏٺو ئي ڪونه!” پوءِ ته مون وٺي امان جي پٺيان ڊوڙ پاتي، ڄڻ اتي روپين جو مينهن وسي رھيو ھجي. امان جلديءَ سان جاري ڏانهن ھٿ ڊگھيريو. خوشيءَ کان ھن جي وات مان رڙ نڪري وئي. ڄڻ ھن کي قارون جو خزانو ملي ويو ھجي. “ملي ويا.
مون تيزيءَ سان امان کان پئسا ڦرڻ لاءِ ھٿ وڌايا، پر امان مون کي روڪي ڇڏيو ۽ چيائين: “نه ڀائي، ائين نه، پھرين ٻڌاءِ گھڻا پئسا آھن منهنجي مٺ ۾؟” اھي پئسا امان اڃا پاڻ به نه ڏٺا ھئا.
“روپيو.” مون خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
“غلط”
“اٺ آنه.
“نه”
“ڀلا ٻه آنه.
“نه” ۽ جيئن جيئن انهن پئسن کي ڏسڻ لاءِ منهنجي بيچيني وڌندي ٿي وئي، تيئن تيئن منهنجو واڪ گھٽبو ٿي ويو.
“آنو.” مون آخري واڪ ڏنو. امان ھڪدم پنهنجي مٺ کولي ڇڏي. اسان ٻنهي ماءُ پٽن جي واتان رڙ نڪري وئي، “چار آنه.
پر ٻئي لمحي اسان جو آواز ڪمري ۾ ھڪ اداس پڙاڏو ڇڏي ٻڏي ويو. اسان ٻنهي ماءُ پٽن جون اکيون ڦاٽل رھجي ويون. اھا پائلي ڪوڙي ھئي. ڪٽيل زنگ آلود، پر منهنجي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.
چيم، “امان! ھلي ويندي، آچر جي ماءُ انڌي آھي. شام جو دڪان تي اھا ئي وھندي آھي. انهيءَ کي ڏيندس.
“ھشت ڪنا ڇوڪرا.” امان ڪاوڙ مان چيو: “اسڪولي ٻار ٿي اھو نيچ خيال تنهنجي دل ۾ ڪيئن آيو؟ ڇا توکي خبر نه آھي ته ڪنهن کي دوکو ڏيڻ گناھ آھي؟”
مان ڦڪو ٿي ويس. امان ٻانهن جي پوري طاقت سان اھا پائلي ٻاھر اڇلائي ڇڏي.
مان وري اچي کٽ تي ليٽيس. امان ڪنهن گھري سوچ ۾ ٻڏل ھئي. ھوءَ ڪمري ۾ ھڪ ڀت کان ٻي ڀت تائين اچ وڃ ڪري رھي ھئي. جيئن اسان جو ماستر حساب ڏيڻ مھل ڪلاس ۾ اچ وڃ ڪندو ھو. امان جي چھري تي ھڪ عجيب تاثر ھو. ڄڻ ھوءَ ڪو وڏو مسئلو حل ڪري رھي ھجي. ھن جا قدم ڪڏھن تيز ٿي ٿي ويا ته ڪڏھن آھستي. اوچتو امان ڪنهن جو آواز ڪنائيندي بيھي رھي ۽ چيائين: “وڃ پٽ! انهيءَ گھورڙئي کي وٺي آ.” مون ڪنايو ـــــــــــــ اھو آواز پراڻا ٽامي ۽ پتل جا ٿانو وٺڻ واري گھورڙئي جو ھو. مون کيس وٺي آڻي گھر جي دروازي تي بيھاريو.
“ڀائي! ھن وٽي جا گھڻا پئسا ڏيندين؟” امان در جي اوٽ مان وٽي وارو ھٿ ٻاھر ڪڍي چيو.
گھورڙئي جواب ڏنو: “اٺ آنه.” امان ھڪدم چيو: “ڀائي! ڪجهه خيال ته ڪر ـــــــــ نئون ڪورو وٽو آھي.” گھورڙئي وٽو موٽائي، پنهنجو گاڏو وڌائيندي چيو: “مائي، اڄڪلهه مھانگائيءَ جو زمانو آھي. ٽامي، پتل کي ڪير ٿو پڇي؟”
امان ڪجهه دير ته منجھي بيھي رھي. پوءِ مون ڏانهن غور سان نهاري پيار سان مٿي تان ھٿ گھمائي چيائين: “ڊوڙ پٽ، انهيءَ گھورڙئي کي وٽو ڏئي اٺ آنه وٺي دڪان تان اٽو وٺي اچ ته توکي ماني پچائي ڏيان.
ٻئي لمحي منهنجي ھٿ جي تري تي ھڪ آڌي ستاري وانگر چمڪي رھي ھئي. مان پوريءَ طاقت سان مٺ ڀيڙي دڪان ڏانهن ڊوڙيس. اڃان مان دڪان پھتو ئي مس ھئس ته آچر دڪان بند ڪري رھيو ھو.
“سير اٽو ڏي.” مون ھٿ واري آڌي وڌائي کيس چيو.
“پڻھين پئسا موڪليا آھن ڇا؟”
“ھا.” منهنجي وات مان نڪري ويو.
آچر يڪدم منهنجي ھٿ مان آڌي وٺي چيو: “وڃ! پھرين گھران منهنجا پئسا وٺي اچ، پوءِ اچي اٽو وٺ.
مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. مون ڪجهه چوڻ چاھيو ٿي، پر منهنجي چپن تي ڄڻ مھر لڳي وئي ھئي. مان لاچار خالي ھٿين موٽي آيس.
امان منهنجو لٿل منهن ۽ خالي ھٿ ڏسي گھٻرائجي پڇيو: “ڇو پٽ! اٽو ڪٿي آھي؟ پئسا ڪري پيا ڇا؟”
“نه، آچر ڦري ورتا.” مون روئڻھارڪو ٿي چيو.
“اڙي انهيءَ ۾ روئڻ جي ڪھڙي ڳالهه آھي. ھن جا ته اڃان پاڻ ڏانهن پئسا آھن.
“امان مون کي بک لڳي آھي.” مون ڳوڙھا روڪڻ جي ڪوشس ڪندي چيو.
“بس ڳالهه به ايتري. ھلي آ ته پنهنجي پٽ کي بوندي ڏيان.
“بوندي ڪٿان آئي؟”
امان چيو: “پٽ! سليم کي ڀاءُ ڄائو آھي، انهن ورھائي آھي.
پوءِ امان ھڪ ساسر ۾ بوندي رکي ۽ گلاس ۾ ٻڪريءَ جو کير وجھي منهنجي اڳيان آڻي رکيو، پر اھا ٿورڙي بوندي ۽ کير منهنجي سڄي ڏينهن جي بک اجھائڻ لاءِ ڪافي نه ھئا.
شام جا دونهاٽيل ڌنڌلڪا پاڇا گھرا ٿيندا رات جو روپ ڌاريندا ويا. ڪٿان ڪٿان ڪڪرن جي ڪارن تهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ تارو ٽمڪي پنهنجو نور نچوئي رھيو ھو. امان چيو: “پٽ! رات پئجي وئي آھي. ھاڻ اچ ته توکي ننڊ ولايت جي ڪھاڻي ٻڌايان.” پوءِ مان ۽ امان پنهنجي کٽ تي اچي ليٽياسين. امان پنهنجي ٻانهن منهنجي سيرانديءَ ڏيئي مون کي ننڊ ولايت جي ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳي، جتي ماڻھو ڇهه مھينا سمھندا ۽ ڇهه مھينا جاڳندا ھئا. مون امان جي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي چيو:
“امان! اھي ماڻھو ڇهه مھينا ڪيئن سمھي سگھندا ھئا؟ ڇا کين بک ڪانه لڳندي ھئي؟”
امان مون ڏانهن غور سان نهاريو ۽ مرڪي چيائين: “ھا! انهن کي بک ڪانه ھئي. تون ماٺ ڪري ڳالهه ٻڌ.
“مون کي بک لڳي آھي.” مون ضد ڪيو.
امان جون اکيون اونداھي آسمان ڏانهن کڄي ويون، ڄڻ ھن جون نظرون ڪجهه تلاش ڪري رھيون ھجن ۽ ھن انتهائي ڀريل آواز سان چيو: “ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آھي؟ پاڻ غريب آھيون. پنهنجي مانيءَ جو حساب چنڊ وانگي آھي. ڪڏھن چوٿو، ڪڏھن اڌ، ڪڏھن سڄي ته ڪڏھن آھي ئي ڪونه.” مون اونداھي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ ماءُ جي ڪڇ ۾ اگھور ننڊ ۾ پئجي ويس.


No comments:

Post a Comment