Saturday, June 23, 2012

لطيف ثاني - رياضت ٻرڙو


لطيف ثاني
رياضت ٻرڙو
هن ڀيري ڪجهه سهنجائيءَ سان ريل ۾ ويهڻ جي جڳهه ملي وئي.
ٿوريءَ دير کان پوءِ ريل اسٽيشن ڇڏي، شهر کان نڪري، پنهنجي نئين منزل ڏانهن تيزيءَ سان وڌڻ لڳي ته مان به پنهنجي بدن کي ڍرو ڇڏي، پنهنجي اڪيلي سيٽ تي ٿانيڪو ٿي ويٺم. جيڪي ماڻهو ”برٿ“ تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، اهي آرام سان ليٽي پيا، جڏهن ته ٻيا هيٺ ويٺل پنهنجن سنگتين ساٿين سان ۽ جيڪي مِٽن سان هئا، سي ساڻن ڪچهري ڪرڻ ۾ لڳي ويا. مان نويڪلو هئم تنهنڪري سفر جي گهڙين کي سولو ڪرڻ لاءِ پنهنجي سامهون سيٽ تي نهار ڪيم ۽ اهو ڏسي ٿڌو ساهه نڪري ويم ته اهو ماڻهو پنهنجي عمر جي ان حصي ۾ هو جڏهن ماڻهو موٽڻ جون وايون ڪندا آهن. هن جي مُنهن جا گهنج ۽ ڪمزور بدن، هن جي ڄمار 60 سالن کان وڏي جا اندازا پيا هڻائن. هن جون اکيون بند هيون ۽ لڳي پيو ته هُو مٺي ننڊ جا مزا ماڻي رهيو آهي. مون کيس ڌيان سان ڏٺو: هن جي مُک تي گنڀيرتا ڇانيل هئي ۽ چپن تي هلڪي مرڪ. ڀانيم ته ان گنڀيرتا ۽ مرڪ ۾ ڪو ازلي رشتو آهي، پر باوجود سوچ کي ڊوڙائڻ جي، ان رشتي جي پاڙ تائين پهچي نه سگهيم. هن جا پير سيٽ تي رکيل هئا ۽ اٿيل گوڏن تي هن جي کاڏي ٽڪيل هئي. منهنجو خيال هڪدم شاهه لطيف جي تصوراتي تصوير ڏانهن ويو. ”هي هن دَور جو لطيف ته ناهي؟“ خيال اچي ويم. ڪجهه وقت انتظار ڪيم ته متان کيس جاڳ ٿئي، پر انتظار ساڀيا ماڻي نه سگهيو. مون هن جو آسرو پَلي، دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. ٻنيون ۽ ٻارا، ڍنڍون ۽ درياهه، وستيون ۽ واهڻ پٺتي پوندا ويا. ”ڇا رڳو اڳتي وڌندڙ ئي ساڻ رهندا آهن؟“ سوچيم، ”پر اڳتي وڌڻ لاءِ ڪهڙي راهه وٺجي؟“ خيالن پٺيان خيال ايندا ويا، ”ڇا مان پنهنجي راهه وڃائي چڪو آهيان؟ ڇا اڳتي وڃڻ بدران پٺتي وڃي رهيو آهيان؟ ڇا واقعي زندگيءَ جي آدرشن ڏانهن وڌي رهيو آهيان؟ يا پنهنجي منزل وڃائي چڪو آهيان ۽ هاڻي هوا ۾ هٿ پير هڻي رهيو آهيان؟“ وري خيال اچي ويم، ”جيڪڏهن اهي سڀ سوال سچ آهن ته پوءِ منهنجي اها سوچ ڪهڙي معنى ٿي رکي؟ جڏهن سوچ ۾ سوال اٿندا آهن ته ماڻهو انهن جا جواب هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هٿ ڪري وٺندو آهي ۽ مون کي به پنهنجي گذريل جيوَن جو احتساب ڪري اڳتي لاءِ سوچيل ۽ سمجهيل رٿا ڪرڻ گهرجي. شايد وقت اڃا منهنجن هٿن مان ناهي ويو. مون کي ڪوشش ضرور ڪرڻ گهرجي.“ منهنجو ڌيان پٺتي ويندڙ منظرن تان هٽي ويو ۽ اکيون ٻُوٽي تصور ۾ پنهنجو ماضي ڏسڻ لڳم.


منهنجو ڄم وچولي گهراڻي ۾ ٿيو. اسين ۽ چاچا هڪ ئي گهر ۾ رهندا آهيون. جيڪا ڪمائي بابي ۽ چاچي جي ٿيندي آهي، اها کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي ۾ پُوري ٿي ويندي آهي. اسين چار ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهيون. جڏهن ته چاچي کي پڻ ٽي ڌيئر ۽ ٻه پُٽ آهن. جيئن، منهنجو بابو ۽ چاچو سڳا ڀائر آهن تيئن امان ۽ چاچي به پاڻ ۾ ڀينرون آهن. بابو چاچا کان ٻه سال وڏو آهي. بابي کي خواهش ٿي ته اسين سڀ پڙهي لکي پنهنجو نالو ڪڍون، تنهنڪري اسان کي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين. مان جيئن ته مڙني ڀائرن ۽ سَوٽن ۾ وڏو هئم، تنهنڪري سڀني کان پهرين پنجين درجي جو امتحان مون ئي ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو. پڙهڻ ۾ پڻ ڪلاس جي هوشيار شاگردن جي سٿ ۾ ليکيو ويندو هئم. تيستائين مون پنهنجي زندگيءَ جو مقصد چونڊي ورتو هو. منهنجي خواهش هئي ته پائليٽ ٿيان تنهنڪري ڏينهن رات انهن ئي قسمن جي خيالن ۾ رهندو هئم. جڏهن به ڪو جھاز اسان جي شهر مٿان ٽپندو هو ته ڀائيندو هئم اهو جھاز مان پيو اڏايان. ستين جماعت جي امتحانن دوران مون کي پهريون ڀيرو ڪاپيءَ جي خبر پئي. مون کي ”زراعت“ جي پيپر جو هڪ سوال نه پئي آيو، جيڪو مون کي هڪ ”سنگتيءَ“ ڏنو. پر جيئن ته مون کي اها خبر ئي نه هئي ته ڪاپي ڪيئن ڪبي آهي، تنهنڪري پڪڙجي پيم ۽ نتيجي ۾ زراعت جي پيپر ۾ استاد ناپاس ڪري ڇڏيو. اهو ڌڪ مون کي ڪنهن بم وانگر لڳو ۽ ٻيهر مون اهڙو ڪم نه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. ڏينهن گذرندا ويا ۽ نائين درجي ۾ پهچي ويم. پر تيستائين پنهنجي ماحول کان سٺو اثر وٺي چڪو هيم ۽ نتيجي طور وچٿري پڙهائي ڪري سگهيم. جنهنڪري مون کي نائين ۽ ڏهين جي امتحانن ۾ ڪاپيءَ جو سهارو وٺڻو پيو. جڏهن چَوڦير سڀئي شاگرد ايئن ئي ڪندا هجن ته انهن حالتن ۾ منهنجي ذهن تي اثر ٿيڻ لازمي ڳالهه هئي، پوءِ ته ڪاپيءَ جي ڪُنَ ۾ ۽ اڙدو ڊائجسٽن جي چڪر ۾ ايڏو ته اڙجي ويم جو اها ٿوري گهڻي پڙهائي به ڇڏائجي وئي، ۽ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي امتحان ۾ مڪمل طور ڪاپيءَ تي ڀاڙي ڏنم، پر هڪ ٻي شَي جو پڻ بلو ڪري نه سگهيم ۽ اها هئي سفارش. سفارش لاءِ ڏوڪڙ هجڻ ضروري هئا ۽ اهي پاڻ وٽ ڪو نه هئا. نيٺ انهن ٻنهي جماعتن جو نتيجو نڪتو ته سيڪنڊ (بِي) گريڊ ۾ پاس ٿيڻ ۾ سوڀارو ٿي سگهيم. پر ان گريڊ تي منهنجي انجنيئرنگ ۾ داخلا ٿيڻ، اهو به بنا سفارش جي، ناممڪن هو، تنهنڪري پهرين پائليٽ جي ۽ پوءِ انجنيئرنگ جي آدرشن تان هٿ کڻڻو پيم. هاڻي مون بِي.ايس سِي. فزڪس ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر جيئن ته مختلف جهيڙن جهڳڙن ۽ سياسي سببن ڪري يونيورسٽي ٻه سال پٺتي پئجي وئي آهي، تنهنڪري اهي ٻه سال به وڃائڻا پئجي ويم. مس مس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ فارم ڀرجڻ شروع ٿيا ۽ هاڻي داخلا وٺڻ لاءِ يونيورسٽي وڃي رهيو هيم. انهن سمورين حالتن مون کي ڪنهن حد تائين مايوس به ڪري ڇڏيو. خاص ڪري ان وقت جنهن مهل پنهنجي ذهن کان سوال پيو پڇان ته مون کي فزڪس ۽ مئٿميٽڪس ڪيتري ٿي اچي؟ ته ان جي وراڻي ۾ جواب پيو ملي: ڪجهه به نه، ڪجهه به نه. مون يارهين ۽ ٻارهين ۾ سواءِ اڙدو ڊائجسٽن ۽ ”علي عمران“ جي ناولن جي، ڪجهه نه پڙهيو ۽ ان دوران نائين ۽ ڏهين جو ٿورو گهڻو پڙهيل به ذهن تان مٽجي ويو، ۽ پوءِ هاڻ، جڏهن مون کي اهو احساس ٿيو آهي ته ڪاپيءَ مون تي ڪهڙا ڪلور ڪيا آهن ته مون کي پاڻ تي روئڻ ايندو آهي، ۽ پنهنجي مستقبل کان مايوس ٿي ويندو آهيان ۽ پوءِ سوچ ۾ اڻ ڳڻيا مايوس خيال سرجڻ لڳندا آهن ۽ چَوڏس اونداهي ٿيندي لڳندي اٿم.
اونداهيءَ جو احساس زور وٺڻ لڳو ته مون پريشان ٿي اکيون کولي ڇڏيون، پر وري هڪدم مون کي اکيون ٻُوٽڻيون پئجي ويون جو منهنجون اکيون ٻاهرين روشني کي هڪدم پنهنجو ڪري نه سگهيون هيون.
ابا، ٽيمُ ڇا ٿيو آ؟
مون هوري هوري اکيون کوليون. منهنجي سامهون ويٺل جهونو مون ڏانهن تڪي رهيو هو. مون واچ ۾ وقت ڏسي، کيس ٻڌايو، ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳم. ساڳيا لاٽون ساڳين چُگهن وانگر، مختلف منظر اچي ۽ وڃي رهيا هئا. وري هڪ خيال سوچ ۾ ليئو پاتو: ”ڇا سدائين منظر بدلبا رهندا؟“ سوچ کي جهلي نه سگهيم، ”نيٺ ايترو ڇو ٿو سوچيان؟ اڳ ته ايئن نه هو. ڇا مون کي سوچڻ جو مرض لڳي ويو آهي؟“ مون کي ڪٿي پڙهيل اهو ٻول ياد اچي ويو ته جيڪو ماڻهو گهڻو سوچيندو آهي، اهو نيٺ سوچ وڃائي ويهندو آهي!
هڪ ڀيرو ٻيهر، پريشان ٿي ويم. نيٺ پنهنجيءَ سوچ کان بچڻ لاءِ، مون جُهوني ڏانهن ڏٺو. هُو ساڳي نموني ويٺل هو. شايد هن پنهنجي ويهڪي حالت نه بدلائي هئي. هن به مون ڏانهن ڏٺو ته مون موقعي جو فائدو وٺندي کيس چيو، ”ڪيستائين ساٿ ڏيڻ جو ارادو آهي، چاچا؟
هُو مرڪيو. ٻه چار پل مون ڏانهن غور سان ڏسندو رهيو. مون سمجهيو ته شايد ڪجهه ٻوڙو آهي، پر ان کان اڳ جو پنهنجو سوال ورجايا، هُو چوڻ لڳو، ”جُڳن کان تو ساڻ هلندو آيو آهيان، پوءِ به اڃا پڇين پيو، نوجوان!“
حيران ٿي ويم. هن جي جواب جي ڪَل ئي نه پئي. سمجهيم ته شايد منهنجو سوال سمجهه ۾ نه آيو اٿس، پوڙهو ماڻهو آهي، متان دماغ کي ڌڪ لڳل هجيس. مون پنهنجو سوال وري سولو ڪري پڇيو، ”منهنجو مطلب آهي چاچا، ته اوهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟
هن جي چپن تي اڻ لَکي مرڪ ايندي ڀانيم. چوڻ لڳو، ”منهنجو سفر ڪلهه به هو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندو. نه رڳو توکي پنهنجي ماڳ تائين رسائڻو آهي، پر اڃا اڻ ڪٿيا همراهه سُواٽ لائڻا اٿم.“
هاڻي ته هن جي جوابن تي باقاعدي حيرت ٿيڻ لڳم. هن جي انهن جوابن ۾ مون کي هن بابت ڪجهه دير اڳ وارو پنهنجو خيال ياد اچي ويو. مون کيس چيو، ”ٿوري دير اڳ جڏهن اوهين ستل هئا ته مون اوهان جي مُک تي گنڀيرتا ۽ مرڪ جو انوکو ميلاپ ڏٺو هو، پر ان ميلاپ جي حقيقت تائين رسِي نه سگهيو هيم.“
هن جي چپن تي آيل اڻ لکي مرڪ وڌيڪ گھري ٿيندي لڳم. هن وراڻيو، ”ايندڙ راهه جا روڙا، گل ڦل ٿيندي ڏسي رهيو هيم، نوجوان!“ هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن گوڏن تي کاڏِي رکندي چيو، ”تنهنجي مُنهن مان حيرانيءَ جو تاثر پيو ڏسان. حيرانيءَ کي هڪدم ٻاهر ڦِٽي ڪر ۽ سچائيءَ کي ساڻ ڪر!“
مون کي بابا سائينءَ جي چيل ڳالهه ياد اچي وئي. هن هڪ ڀيري مون کي چيو هو: ”پُٽ، زندگيءَ جا ٻه رُخ اٿئي. ڪنهن به رخ تي هلڻ تنهنجي هٿ ۾ آهي، پر پنهنجي ان سفر دوران اهو ضرور سوچجانءِ ته زندگي هڪ ڀيرو هر ڪنهن کي ملي آهي، پر امرتا ڪنهن ڪنهن ماڻي آهي. تون به جي امر ٿيڻ چاهين ٿو ته سچ جو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏجانءِ!“ بابا وڌيڪ چيو هو: ”ممڪن آهي ته تون منهنجي ڳالهه، هڪ ڪَن کان ٻڌي ٻي کان ڪڍي ڇڏين، پر اهو ياد رکجانءِ ته سچار پنهنجن نوَن روپن سان سرت جا گس ڏسيندو رهندو آهي.“
”توهان جو نانءُ ڄاڻي سگهان ٿو؟“ مون گفتگوءَ کي اڳتي وڌائيندي چيو.
هو گنڀير ٿي ويو. ڪي پل پولار ۾ گهوريندو رهيو. مون کي هن جي روپ تي سوچڻ جو وجهه ملي ويو. ڇا هن کان پنهنجي ان تصور بابت پڇان، جيڪو کيس ڏسندي، لطيف سائينءَ جي خاڪي جي صورت ۾ آڏو اچي ويو هو؟
پر ان کان اڳ جو هُو ڪجهه ڪُڇي، چوڏهنِ پندرهنِ سالن جو هڪ ڇوڪرو اخبار جا هوڪا ڏيندي اچِي پهتو. هن وٽ آخري اخبار بچي هئي. مون کيس سڏيو ۽ هن کان اخبار وٺي پڙهڻ لڳم.
”نوجوان.“ مون جُهوني جو آواز ٻڌو. هُو مون کي چئي رهيو هو، ”هن ڇوڪرَ سان ڳالهيون ڪر. مون کي هاڻ ڪجهه اڳتي وڃڻو آهي.“
ان کان اڳ جو ڪجهه چوان، هُو ڇوڪر کي پنهنجيءَ سيٽ تي ويهاري اڳتي وڌي ويو.
مون ڇوڪر کي ڌيان سان ڏٺو. هن جي مُنهن تي ماتا جا نشان هئا، ۽ اکين ۾ ڏاڍي چمڪ هيس. هُو سانوري رنگ جو هو ۽ کيس اُٺ-رنگا ڪپڙا پاتل هيا.
مون جهوني جي ان ڳالهه کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو، ۽ هن جي چيَل ٻولَ موجب حيرانيءَ بدران سچائيءَ کي ساڻ ڪري ورتو. مون ڏسڻ پئي چاهيو ته جهوني جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن آهي. مون هن کان پڇيو، ”پڙهندو آهين؟
ها.“ هن مختصر وراڻي ڏني.
ڇو؟“ مون کيس منجهائڻ لاءِ چيو، ”ڇو ٿو پڙهين؟
هُون!“ هن جي چپن تي به جهوني جي چپن تي آيل مرڪ جھڙي مرڪ اچي وئي، ”پڙهائي شعور ڏيندي آهي، دوست!“
شعور!“ مون پنهنجي لهجي ۾ حيراني پيدا ڪندي کيس چيو، ”ڪهڙي شعور جي ڳالهه پيو ڪرين، من؟
ان شعور جي، جيڪو جھالت خلاف ويڙهه ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪندو آهي، جيڪو سچائيءَ کي ڳولي لهندو آهي، جيڪو...“
لڳي ٿو ته رٽيل جملا پيو مون کي ٻڌائين؟“ مون کيس اڌ ۾ ڪَٽيندي چيو، ”ساٿي، اهي جملا پڙهڻ جي حد تائين ته صحيح آهن، پر عملي زندگيءَ ۾ انهن جي حيثيت رڳو لفظن سان سينگاريل سهڻن ٻولن جي آهي.“
مون کي پڪ هئي ته تون به ايئن ئي چوندين.“ ڇوڪر ڳنڀير ٿيندي چوڻ لڳو، ”مون سان، توهان کان اڳ جيڪي به ماڻهو ڪچهري ڪري چڪا آهن، اهي آخر ۾ ايئن ئي چوندا آهن، پر فرق رڳو اهو آهي ته توهان ان نتيجي تائين ڪجهه سوير پهچي ويا آهيو.“ هُو ساهي کڻڻ لاءِ جهٽ ترسيو ۽ وڌيڪ چوڻ لڳو، ”لڳي ٿو ته توهين پنهنجي ماحول جو اثر ڪجهه سبيل ئي وٺي چڪا آهيو.“
مون کي هن جي وراڻيءَ تي چِڙ اچي وئي ۽ مون کيس ڪجهه ڏاڍيان چيو، ”تو اڃا تائين ڏٺو ئي ڇاهي، هن زماني ۾! جڏهن مان به تنهنجيءَ عمر جو هيم ته ڏاڍيون ڳالهيون ڪندو هيم ته هيئن ڪندم، هونئن ڪندم، پر پوءِ مون کي ڪاپيءَ جي ڪات ڪُهي ڇڏيو ۽ سفارش مون کي پٺتي ڌِڪي ڇڏيو. منهنجا دوست، تو کي اڃا اها خبر ناهي ته آدرشن جي قَتل کان پوءِ ڪهڙي پيڙا سَهڻي پوندي آهي.“
تنهنجُون ڳالهيون سونُ“ ڇوڪرُ صبر سان چوڻ لڳو، ”پر توهان ننڍڙن مسئلن کي اهميت ڏئي رهيا آهيو. اها ڪاپي ۽ سفارش، جنهن جا توهان روئڻَ روئي رهيا آهيو، انهن ڏکن آڏو ڪا حيثيت نه ٿيون رکن جيڪي ڪنهن پياري ماڻهوءَ جي وڇڙجڻ تي ملندا آهن. منهنجو بابو گذاري ويو آهي. هُو اسان جي ڪُٽنب جو اڪيلو ڪمائيندڙُ هو، ۽ کيس گذاري پنج سال ٿيڻ وارا آهن. مون کان ننڍا منهنجا ٻه ڀائر پڻ آهن. منهنجي ماءُ کي اهڙين حالتن م پاڙيسرين جي گهر ڪم ڪرڻو پيو ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهاءَ پڻ سَهڻا پيا..“ هُو روئڻهارڪو ٿي ويو، ”پر منهنجا دوست، منهنجيءَ ماءُ همت نه هاري. هن منهنجي تعليم ۾ رنڊڪ پوڻ نه ڏني ۽ منهنجي ٻي ڀاءُ کي پڻ اسڪول ۾ داخل ڪرايو.“
هُو چپ ٿي ويو. منهنجي اندر ۾ اڻتڻ وڌڻ لڳي ۽ خواهش ٿيڻ لڳم ته هُو ڳالهائيندو رهي، پنهنجا ڏک سور سليندو رهي، ته جيئن منهنجا ڏک بي معنى ٿي وڃن. مون کيس چيو، ”چُپ ڇو ٿي وئين، ساٿي. ڳالهاءِ. مون کي تنهنجين ڳالهين مان اتساهه ٿو ملي. تون ڪاپيءَ ۽ سفارش کي ڏاڍو ڪِنو چئه! ان ڪاپيءَ مون کان منهنجا آدرش کسي ڇڏيا ۽ هاڻ مون کي تون ئي ٻڌاءِ اي دوست، ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مان پڙهيل هوندي به اڻ پڙهيو رهجي ويو آهيان ۽ جهالت جي ڪُن ۾ ڦيرا کائي رهيو آهيان.“
هن جي مُک تي ڏکارا تاثر وڌيڪ چِٽا ٿي ويا ۽ هن جون اکيون ڀرجي آيون. ”ٻيو ڪجهه به نه منهنجا ڀاءُ، تون رڳو سچائي اختيار ڪري حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. مون کي پڪ آهي ته تنهنجون واٽُون سوليون ٿي پونديون.“ هن ڪجهه سوچيندي وڌيڪ چوڻ شروع ڪيو، ”توهان کي اڃا وڌيڪ گهڻا سال پڙهڻو پوندو؟
بِي.ايس سِي. جا ٽي سال ۽ سالُ ايم.ايس سِي. جو.“
هن جي مُنهن تي ساڳي مرڪ اچي وئي. هُو چوڻ لڳو، معنى ته اڃا توهان کي چار سال پڙهڻو پوندو. هاڻي توهان رڳو ايترو ڪيو جو اهي چار سال ڀرپور نموني سان پڙهو. اميد ته ڪاميابي اوهان جي جيوَن کي نوان موڙ ڏئي ڇڏيندي.“
مون کي پنهنجو ماحول روشن ٿيندي لڳو. کيس چيم، ”ڪاش! تون مون سان اڄ کان پنج سال اڳ ملين ها. پر خير، وري به چڱو ٿيو جو مون کي ملي وئين. ڇا تنهنجو نالو پڇي سگهان ٿو، مهربان؟
مان لطيف ثاني آهيان.“ ڇوڪر وراڻيو، ”۽ منهنجو لطيفُ منهنجي ماءُ آهي. شاهه لطيف کي به پڙهه منهنجا ڀاءُ، ته زندگيءَ جي پروڙ پوَئي.“ هُو اٿيو. ”هاڻي منهنجي اسٽيشن اچڻي آهي، تنهنڪري هلان ٿو.“
هُو اڳتي وڌي ويو ته مون کيس سڏيو، ”لطيف، اخبار جا پئسا ته وٺيون وڃ.“
هُو مرڪيو ۽ ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين، ”اڄ اها منهنجي امڙ پاران پاڻ وٽ رکو. باقي ٻي ڀيري توهان سان حساب ڪتاب ڪبو.“
ريل بيٺي ته هُو لهي ويو ۽ اسٽيشن جي وڏي در وٽ بيهي مون کي ڏسڻ لڳو. جهٽَ رکي ريل اڳتي هلي ته مون کي ڪو خيال اچي ويو. مون کيس سڏيو. هُو ويجهو آيو ته کيس چيم، ”ساٿي لطيف، پنهنجي امڙ جي پيرن تي مون پاران هٿ رکجانءِ ۽ کيس چئجانءِ ته جيستائين اوهان جھڙيون امڙون هن قوم وٽ آهن، هيءَ قوم دنيا ۾ قائم ۽ دائم رهندي...“
ريل اسان کي هڪ ٻي کان پري ڪندي وئي، پر مون محسوس ڪيو ته؛ ”منهنجي دل ۾ امڙ ۽ سوچ ۾ لطيف سمائجي چڪو آهي.“

No comments:

Post a Comment