Monday, June 25, 2012

پاند نه ڇڏيان پرينءَ جو - شگفته جبين


پاند نه ڇڏيان پرينءَ جو
شگفته جبين
خبر نه ٿي پوي ته تبديلي جي هن تسلسل ۾ نه ڄاڻ ڪيئن وقت جي بدلجندڙ ساعتن سان گڏوگڏ هر شيءِ ايتري جلدي بدلجي وڃي ٿي... پاڻيءَ جو آخري ڍڪ ڀري، وائين گلاس کي ميز تي رکندي، هن عجيب انداز ۾ چيو؛ “مون کي ريسٽورنٽ جي فينسي لائيٽن جي رنگين جرڪندڙ روشني ۾ هن کي غور سان ڏٺو ۽ مرڪ چپن تي آڻي ٿڪل لهجي ۾ چيم “علي! اسان جي وچ ۾ جيڪو بي نام رشتو بي معنيٰ تعلق جڙيل آهي، اهو ڪنهن تبديلي جي موسم جو محتاج ناهي. شايد اها اسان جي بخت جي خوشنصيبي آهي جو وقت جي تيز وهندڙ رواني ۾ ايترو وقت هڪ ٻئي کان بيخبر رهي به هن تپندڙ ڀونءِ تي هيڏو اجهاڳ پنڌ جهاڳي اڄ اسان هڪ ٻئي جي سامهون آهيون... اسان جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ اها ساڳي همدردي، اهو ساڳيو احساس آهي جيڪو 10 سال اڳ يونيورسٽي ۾ هو.”


تون صحيح ٿي چوين، پر سچ پڇين ته حياتي جي هام هڻڻ کان پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ سان منهن موڙڻ تي پنهنجي پاڻ سان منهن موڙڻ تي، پنهنجي پاڻ سان بغاوت ڪرڻ تي دل چوندي آهي” مان هڪ لمحي لاءِ ڇرڪي هن ڏانهن ڏٺو، شايد مون وٽ هن جي لفظن تي يقين ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه هئي.... “ڇا ڳالهه آهي علي... گهڻو لڪائڻ جي باوجود به لاحاصل خواهشن ۽ خوابن جو درد تنهنجي لهجي مان صاف ظاهر ٿئي پيو.... سڀ ٺيڪ آهي...”
هن هلڪو ٽهڪ ڏئي سگريٽ کي دکائي هڪ گهرو ساهه کنيو پل ۾ دونهين جي هلڪي ڌنڌ اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڦهلجي وئي ۽ هن ڪمال هوشياري سان پنهنجي اکين ۾ لهندڙ آلاڻ کي اُگهندي چيو “سڀ ٺيڪ آهي... پر جتي محبتون خود غرض ۽ مفاد پرستي جو لباس اوڍي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهن، جي ڪوبه ڪومل ڪامنائن جهڙا احساس اڪيلائي جي ڪاري ڪن ۾ هميشه لاءِ دفن ٿي وڃن ۽ جتي زندگي دولاب جو هڪ نئون روپ ڌاري بار بار ڊبل ڪراس ڪندي رهي، اتي ايتري منافقت ته جائز آهي، جو مان تنهنجي دوستي جي ڀرم رکي برقرار رکڻ لاءِ اهو راڳ آلاپيندو رهان ته سڀ ڪجهه سانتيڪو آهي... ٺيڪ آهي...” مان بس خاموشي سان هن ڏانهن نهاريندي رهيس....
ڪيترائي ڀل خاموشيءَ جي نظر ٿي ويا پر علي زندگي ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ هجڻ جي باوجود به گهڻو ڪجهه صحيح ناهي هوندو. جيون جي ڊگهي مسافتن ۾ سڀ ڪجهه، پرفيڪٽ هجي ۽ اسان جي مرضي ۽ منشا جي مطابق ٿئي اهو ضروري ته ناهي تون ڀلي منهنجي دوستي جي ڀرم کي برقرار رکڻ لاءِ منافقت سان ڪم وٺ، پر تون ڪڏهن تپندڙ نٽهڻ اس ۾ ڪنهن سنسان، ويران گهٽي کي گهري اداسي ۾ ورتل ڏٺو آهي. اڄ اهڙي ئي اڪيلائي ۽ اداسي تنهنجي اکين ۾ پناهه ڳولي لڌي آهي... سچ ٻڌاءِ علي... تو ڪڏهن به مون کان ڪجهه به ناهي لڪايو هر ڳالهه، هر خوشي، هر پنهنجي فيلنگس کي مون سان شيئر ڪيو آهي توکي ياد آهي علي فيئر ويل واري ڏينهن جيڪا تو شاعري ٻڌائي هئي مون کي ته اڃا تائين ان جو لفظ لفظ چٽي طرح ياد آهي:
Which turn we should take?
and Begin A new life،
And be followers!
yes!،
let's take that turn،
in which everything was beautiful!،
we were strangers!
In that turn were followers
glimmer rays over there!
A cool Shadow، under that tree
we learnt، a love we were young
learner!
In that turn، align of plants،
And reflections of our affections،
perfumed that turn!
Let's take that turn for the life.
نيها.... سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو منهنجو جون هئي، خواهش هئي يا شايد ڪو خيال يا ڪا تلخ حقيقت جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون تن من، ڌن سڀ ڪجهه تياڳي ڇڏيو. ڄاڻين ٿي موٽ ۾ هن مون کي ڇا ڏنو. اندر جي آڳر ۾ لٿل شام غريبان جهڙي سوڳواري. هو ڏاڍي خود غرض مغرور ۽ خودپسند هئي، هر ڳالهه ۾ بيحد ضدي تڏهن ته هن بي حسي جي انتها ڪري ڇڏي هئي ان وقت مان اڃا فورٿ ايئر ۾ هيس ۽ هن جي گرين ڪارڊ رکندڙ ماروٽ جي دولت هن کي اونڌو ڪري ڇڏيو هو. تڏهن ته تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ هن شادي ڪري هميشه لاءِ هي ملڪ ئي ڇڏي ڏنو. مان اندر ئي اندر کامندو پڄرندو رهيس، نڄاڻ ڪهڙي طرح مون پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي.
زندگي ڪتاب جيان ورق ورائيندي رهي، مان حصي ۾ آيل زمين جي ٽڪر کي وڪڻي ڪاروبار شروع ڪري ڏنو ۽ ڪاروبار ۾ ايترو مصروف ٿي ويس جو ڪجهه به سوچڻ جو وقت ئي نه پي مليو. مصروفيت حد کان وڌي وئي هئي. ان دوران منهنجي اسسٽنٽ انيلا الاءِ جي ڪيئن منهنجي لاءِ اهم بڻجي وئي. اسان نه هڪٻئي سان محبت ڪئي، نه وري ڪي واعدا وچن ڪيا، بس هڪ سادي تقريب ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وياسين. هن جي اچڻ سان زندگي کي هڪ مقصد ملي ويو. منهنجي خوشي جي خاطر هو مڪمل طور هائوس وائيف بڻجي وئي، گهر کي ڊيڪوريٽ ڪرڻ ۽ گلن ٻوٽن سان سينگارڻ هن جو محبوب مشغلو هو. گهر جي هر ڪنڊ هر جاءِ هن جي سليقي جي شاهدي ڏيندي رهي هئي. زندگي ۾ ڪنهن به شيءِ جي ڪمي نه هئي ڇو ته سک ئي سک هو. بس ڪڏهن ڪڏهن نڄاڻ ڇو لاحاصل محبت جو زخم ٻيهر اٿلي پوندو هو ۽ مان پهرن جا پهر هڪ اڻڄاتل اداسي ۽ سوڳواري ۾ وڪوڙجي ويندو هئس. ان دوران توسان به ڪو رابطو نه هو تن ڏينهن ۾ تنهنجي پوسٽنگ ٻي شهر ۾ هئي، مان تنها روح جي بيقراري سان گڏ به پنهنجي مان مطمئن هيس.
انيلا سان مون کي ڪابه شڪايت نه هئي ۽ نه وري هن ڪڏهن شڪايت جو موقعو ڏنو ۽ نه وري اسان هڪٻئي جي مجبورين کان فائدو کڻي ان کي ڪڏهن ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
نيها اسان خود کي بهتر ثابت ڪرڻ پنهنجي ذات پنهنجي وجود سان هڪ ٻئي کي خوش ۽ مطمئن رکڻ جي ڪوشش ۾ اسان محبت کي ته تمام گهڻو پوئتي ڇڏي آيا هئاسين. بس هڪ سمجهوتو... هڪ ڪمٽمنٽ اسان سان گڏوگڏ هلندو ٿي رهيو. بس ڪڏهن ڪڏهن من اندر جي ويران رڻ پٽ ۾ لڪيل ڪو احساس، ڪا حسرت چڻنگ دکائي ڇڏيندي هئي. سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه هجڻ جو احساس ان لمحي سڄي وجود کي ورائي ويندو هو. سچ پڇين ته گهڻو چاهڻ جي باوجود به مان هن سان ڪڏهن محبت نه ڪري سگهيس. زندگي مختلف حيلن بهانن سان ڪڏهن نوازيندي رهي ته ڪڏهن ڪنهن رهجي ويل حسرت جيان گهائيندي رهيل پل پل آزمائيندي رهي.
ائين ٿو لڳي ڄڻ زندگي ضرورتن جي ڊگهي مسافت بڻجي وئي آهي ۽ مان ان ڊگهي سفر ۾ جيئن پوءِ تيئن ڪنهن پنڊ پهڻ جيان بي حس بڻجندو پيو وڃان.
محبت تان انڌو ايمان کڄندو پيو وڃي، تون ڀلي ان کي منهنجي من جي منافقت سمجهه پر نيها هرڪو ته من جي مبعد خاني ۾ جاءِ والاري نٿو سگهي شايد تڏهن ته اسان گڏ رهڻ جي باوجود به هڪٻئي کي ڪڏهن چاهي نه سگهياسين. هڪٻئي سان هر ڳالهه کي لڪائڻ لڳا هئاسين، جذبن ۽ احساسن کان وانجهيل ڄڻ ته ڪي پنڊ پهڻ هئاسين. اسان جي وچ ۾ گهري خاموشي جي خاڪ وابستگي جي هر احساس کي ڌنڌلو ڪري لاتعلقي ۽ بدلائيندي رهي ۽ اسان ڏينهون ڏينهن چپ چاپ ماٺ جي ڪوهيڙي ۾ پاڻ کي قيد ڪري هڪٻئي کان ڪوهين ڏور ٿيندا ٿي وياسين، تون ئي ٻڌاءِ نيها مان ڪيئن ان کي محبت جو نانوَ ڏيان، جنهن ۾ اندر جا سڀ رستا اداسي جي اڏامندڙ دز ۾ لٽجي بلڪل اوپرا لڳن، محبتن ۽ قربتن ۾ حائل فاصلا فريب ڏيڻ لڳن ۽ سڀ ساعتون سزا جو اهڃاڻ  بڻجي ڪنهن هڪ به عذاب جي تلافي نه ڪري سگهن ته پوءِ ڪيئن ان کي محبت جو نانوَ ڏيان. هن ٻرندڙ سگريٽ کي ٽيبل تي رکيل ايش ٽري ۾ رکيو ۽ بلڪل خاموشي سان مون ڏانهن نهارڻ لڳو...
هڪ عجيب ڪشمڪش هڪ عجيب ڪيفيت ۾ ورتل هن جي اکين ۾ اذيت، ڪرب، تڪليف، بيقراري ازل کان ابد تائين جو ٿڪ نمايان نظر اچي رهيو هو.
ڇا ٿي ڏسين ايڏي غور سان.
هن ٻيهر ٻرندڙ سگريٽ کي ايش ٽري مان کڻي هڪ ڊگهو ڪش هنيو.
نيها پن ڇڻ جي اُن زرد پيلي ساعتن ۾ جڏهن تيز نٽهڻ اس ديوارن تان سرڪندي سڄي آڳر ۾ لهي رهي هئي تڏهن مون هن کي هميشه لاءِ آزاد ڪري ڇڏيو. خطا اسان ٻنهي مان ڪنهن جي به نه هئي جو معافي تلافي يا ملال جو ڪو هڪ لمحو به اسان جي وچ ۾ حائل ٿي اسان کي هن فيصلي تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ها. بس آخري ڀيرو هڪٻئي کي حيران نظرن سان ڏٺوسين ۽ پوءِ هو وئي هلي هميشه لاءِ منهنجي زندگي مان...
هن جي وڃڻ سان زندگي ۾ ڪو خاص فرق نه آيو، بس دل جي دالان کان ويندي منهنجي گهر جي اُجڙيل آڳر ۾ اڪيلائپ ويتر وڌي وئي هئي ۽ هاڻي ته سچ پڇين نيها، اڪيلائي جي عادت پئجي وئي آهي.
آواز ڳرو ٿي ويس ڳالهه کي نٽائڻ لاءِ يا شايد پنهنجي اندروني ڪيفيت کي ظاهر نه ڪرڻ لاءِ هن ٽي پاٽ کي سرڪائيندي ويٽر کي ٻيهر ڪافي آڻڻ لاءِ چيو.
زندگي کان ايترو بدگمان ڇو آهين، ڇو ٿو ايتري تنگ نظري سان سوچين خود تي اڪيلاين جو خودساخته خول چاڙهي ان جي احساس کي ان جي شڪرگذاري کي مڃڻ بدران ان کي ميارون ڏين.... علي... ضروري ناهي ته اسان زندگي کي پنهنجن خوابن، پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي مرضي جي مطابق گذاريون. حياتي جو هر پل اسان کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي بيخود بڻائيندو رهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پل پل وڌندڙ ۽ مختلف روپ بدلائيندڙ بيقراري ۾ به اسان جي من جي سرزمين هميشه گل گلزار هجي علي... ڏک سک جي ميلاپ سان ئي زندگي پنهنجي توازن کي ترقي رکي ٿي.
هن ڪافي جي مگ کي چپن تائين آڻي واپس ٽيبل تي رکي ڇڏيو ۽ ٿورو مرڪي مون ڏانهن نهاريندي چيو چوين ته سچ ٿي پر الائجي ڇو من کي آٿت نه ٿي ملي. ازل کان اشانت روح جي بيچيني تنهنجي اهڙن دليلن سان هڪدم ته دور نه ٿيندي.
مون اينٽڪس جي ڪينڊل اسٽينڊ تي رکيل رنگين ميڻ بتين جي ٻرندڙ شعلي کي غور سان نهاريندي چيو.
ڄاڻين ٿو علي مون کي به اڪيلاين جو عذاب ورثي ۾ مليل آهي.
ننڍپڻ کان ئي اڪيلائي جو آسيب ڪنهن پاڇي جيان منهنجو پيڇو ڪندو رهيو. منهنجي خيالن احساسن خوابن کان منهنجي شعور جي آخري حد تائين به مان ان مان جند آجي نه ڪرائي سگهيس.
هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس جي بي حس پٿريلي رستن تي هلڻ واري مسافر کي ڪهڙي خبر ته گهر جو سک ڇا ٿيندو آهي... روح جي وياڪلتا ۾ آتما جو سک ڇا هوندو آهي. محرومين جي نامهربان موسمن ۾ رشتن رفاقتن جون قربتون ڇا هونديون آهن.
زندگي ڏاڍي عجيب آهي....
حيرتن جي هام هڻندي هي اسان کي هر وقت، هر لمحي بس حيران ڪندي رهندي آهي. هر پل هڪ نئون روپ ڌاري اسان جي حوصلي کي بار بار آزمائيندي رهندي آهي ۽ اسان هن اڳيان بلڪل بيوس ٿي پوندا آهيون.
کن پل جي خاموشي کان پوءِ ڪافي سان ڀريل مگ جي گرمائش کي مون پنهنجي آڱرين ۾ محسوس ڪندي هڪ ڍڪ ڀري هن ڏانهن نهاريو... هو مسلسل مون ڏانهن ئي نهاري رهيو هو....
ڇا ٿو ٻڌڻ چاهين علي...
اهوئي نه ته منهنجي ماءُ تي شهرت ۽ ڪاميابي جا در ان وقت کليا جڏهن مان صرف پنجن سالن جي هيس... هو هڪ مصروف آرٽسٽ بڻجي وئي هئي. هو ان ڳالهه کان چڱي طرح واقف هئي ته هن جو نالو هن وقت شوبز جي دنيا ۾ ڪنهن روشن ستاري جيان جرڪي رهيو آهي.
ڪمرشل سروس جي هن تيز ڊوڙ ۾ اخبارن، رسالن ۽ نشرياتي ادارن هن تي ڪاميابي جي مهر هڻي هن کي ڏسندي ئي ڏسندي سيليبرٽي بڻائي ڇڏيو هو. تڏهن ته شهرت ۽ دولت جي نشي ۾ پنهنجي اجري من کي پنهنجي سوچ کي پنهنجي ذهن کي فنا ڪري ڇڏيو هو. وقت جي گذرندڙ هر پل سان گڏ هن جي ذات جي هر حصي مان خود غرضي صاف ظاهر ٿيڻ لڳي هئي.
سمجهوتو ڇا ٿيندو آهي؟ برداشت جي آخري حد ڇا ٿيندي آهي؟ سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ چپ رهڻ جو عذاب ڇا ٿيندو آهي؟ اهو منهنجي بابا کان وڌيڪ ڪير ٿي سمجهي سگهيو. وقت جي گذرندڙ هر پل سان گڏ ٻنهي ۾ اختلاف جي هڪ خاموش ديوار جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وئي ۽ مان ان معصوم وهي ۾ پنهنجي چوڏس خوف ۽ خاموشي جي اُن وڌندڙ ديوار کي ڏسي پنهنجي ڊنل، هيسيل ۽ ورهايل وجود ۾ لڪيل اڪيلائي ۾ پناهه ڳوليندي هيس. ان وقت نه سمجهه ۾ ايندڙ سمورا سمجهوتا سمورا اختلاف سڀ ملال.... آزار سڀ رنج ۽ الم، روح جي بيقراري کي بيچين ڪري ڇڏيندا هئا. ذهن ۾ اڀرندڙ انيڪ سوالن مان ڪنهن به هڪ سوال جو جواب مون وٽ نه هو بس سوال ئي سوال هئا بيشمار، بي حساب... سوال... منهنجي ماءُ جي مصروف زندگي ۾ نه منهنجي لاءِ ايترو وقت هو نه وري منهنجي ڪنهن هڪ سوال جو جواب هو.
ڄاڻين ٿو علي... بابا... منهنجي ماءُ کان الڳ ٿي هڪ نئين زندگي جي شروعات ان وقت ڪئي جڏهن مان چوٿين ڪلاس ۾ هيس. زندگي جي ڊگهي نه کٽندڙ طويل رستي ۾ مان اهو سمجهڻ کان قاصر هيس ته ايتري ننڍي عمر ۾ هي ڪهڙي وحشت، ڪهڙو جنون ۽ ڪهڙو درد آهي، جنهن منهنجي اندر ۾ هڪ اڻڄاتل محرومي جو گهاٽو جهنگ پوکي ڇڏيو هو ۽ پوءِ زندگي موسمن جا فريب پسائيندي گذرندي رهي....
هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي ماءُ به دٻيل لفظن ۾ بابا جيان هڪ الڳ نئين زندگي جي شروعات جو اظهار ڪري ڇڏيو. شايد مان ذهني طور تي ان ڳالهه جي منتظر هيس تڏهن ته صدمي ۽ ڏک جي ڪيفيت کي ڪمال هوشياري سان لڪائي ڪوبه ردعمل ظاهر نه ڪيو هيم. شايد ٻنهي جي ڪامياب ۽ خوشحال زندگي ۾ منهنجي ڪابه جڳهه نه رهي هئي تڏهن ته ٻنهي جي گڏيل فيصلي سان مان هاسٽل جي اوچين ڊگهين ديوارن پويان حيرت ۽ حسرت سان رشتن رفاقتن جون وڃايل قربتون ڳوليندي رهيس... سچ پڇين ته اڄ ڏينهن تائين روح ۾ لٿل اڪيلائي جي زهر محبتن جي صداقتن تان ايمان کڻائي ڇڏيو آهي...
هر طرف بي يقيني، بي اعتباري... پوءِ به ڏس پوري سچائي سان، پوري يقين سان اڄ تنهنجي سامهون آهيان. اکين ۾ لهي آيل آلاڻ جي ڪي اکيون پوسرڻ لڳيون... پوءِ به پنهنجي چپن تي هلڪي مرڪ سجائي، ٿڌي ۽ بدمزه ٿي ويل ڪافي جي آخري ڍڪ کي ڳيت ڏئي نـڙي کان هيٺ لاٿو. ٻاهر شام جا پڇاڙڪا پاڇا هلڪي اونداهه پکيڙي رهيا هئا.
ڪافي دير ٿي وئي آهي. هن والٽ مان پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکندي چيو ۽ مان بنا ڪجهه چوڻ جي هن جي پويان ٻاهر نڪري آيس... ريسٽورنٽ کان ٻاهر رستي جي ٻنهي پاسن کان سرينهن ۽ سفيدي جي وڻن جي ڇانوَ ۾ خاموش هلندي... هن کن پل لاءِ مون ڏانهن نهاريو ۽ ٻي پل ساڳي خاموشي اسان جي وچ ۾ حائل ٿي وئي...
“ پوءِ خاموشي جو وقفو اسان جي درميان ڊگهو ٿي ويو... شايد اسان ٻنهي کي اهو خوف هو ته ڪٿي چپن ۾ رهجي ويل اڻپورا لفظ پنهنجي معنيٰ وڃائي نه ويهن.
نيها... هن جو آواز ڪنهن پاتال مان اُڀريو... تو ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته هر احساس کان عاري هنن ماڻهن جي هشامن ۾ ڪوبه اسان جو پنهنجو ناهي... جتي قدم قدم تي اذيتن، سازشن، رنجشن ۽ نفرتن جا آسيب رقص ڪندا هجن اتي زندگي کي ڪٿي پناهه ملي سگهي ٿي.
وري ساڳي ڳالهه... مان هن کي گهوريندي چيو.
نيها... حقيقت کان ايترو ڇو ٿي لنوائين اهو چوڻ کان ڇو ٿي ڪيٻائين ته اڳين پل اداسين ۽ اڪيلائي جا ڀوائتا منظر اسان ٻنهي جا شدت سان منتظر آهن.
مان هن کي ڪوبه جواب نه ڏنو... بس خاموشي سان گڏ گڏ هلندي رهيس.
نيها... مان اعتراف ڪريان ٿو ته حياتي ۾ تو حالتن کان هارائڻ جو هنر ڪڏهن سکيو ئي ناهي، پر شايد لفظ کٽي ويا هيس. پر... ڇا؟ مان هن جي جهڪيل نظرن ڏانهن نهاريندي اڻڄاڻ بنجڻ جي اداڪاري ڪئي... نيها.. منهنجو مطلب آهي ته ڌرتي جي گردش ۾ زندگي جي پيرن جا پنڌ ته ڪڏهن کٽڻ جا ناهن. وقت جي هن ڊگهي نه کٽندڙ سفر ۾ جيڪي چند ساعتون اسان جي اختيار ۾ آهن، جيڪر انهن ساعتن ۾ من اندر جي ڪثافتن کي ڪڍي هڪ ٻي جي ظاهر ۽ باطن کي ڳولي لهون... شايد ڪنهن دلاسي ڪنهن آٿت جا چند ٻول اسان جي اندر ۾ لٿل ازل کان ابد تائين جي ٿڪ کي لاهي وجهن... ۽ پنهنجي بي نام بي معنيٰ زندگي کي ڪو نانوَ ملي وڃي... نيها... اُن کان اڳ جو وقت جون وحشتون اسان جي وجود ۾ زرد موسمن جا عذاب پوکي هميشه لاءِ خاموشي جي علامت بڻائي ڇڏين...
اڄ نڄاڻ ڇو هن جي لفظن، هن جي لهجي جي سچائي سان پهريون ڀيرو ايامن کان روح جي رڻ پٽ ۾ لٿل اويساهي جو ڪوهيڙو هوريان هوريان ڇٽڻ لڳو هو....
ائين ٿي لڳو ڄڻ ته چوڏس سونهن، سچ، سڳنڌ ۽ اعتبار جا سڀ رنگ منهنجي وجود کي وڪوڙي رهيا هجن...

No comments:

Post a Comment