Tuesday, June 19, 2012

ڀؤنرن جي انتظار۾ - منظور ڪوھيار


سدا بهار

صبوح صبوح سان ماکيءَ جي مک، سدا بهار جي گُلن کي چوُسڻ لڳي. سدا بهار جي ٻُوٽي احتجاج ڪندي چيو:
” تون هر موسم ۾ پهريان پهريان منهنجي گلن جو رَسُ چُوسي هلي وڃين ٿي،  اِها زيادتي آهي!“
ماکيءَ جي مک کلندي وراڻيو:
” جي سدا بهار سڏائيندين،   ته ائين ئي ٿيندءُ.“

*


ٻلي جو خواب

هڪ ٻلي خواب ۾ ڏٺو، ته شهر جا دادگير ڪتا سندس اتحادي ٿي ويا آهن. هو کيس ڇڇڙا کائيندي ڏسي،  نه مٿائنس ڀؤنڪن ٿا ۽ نه وري ڪڍ پون ٿا.
هُن ٻي ڏينهن تي پنهنجي برادريءَ وارن کي اِهو خواب ٻڌايو ۽ دعوى سان چيو ته سندس خواب سچو آهي.  جنهن تي سڀني حيرت جو اظهار ڪيو.
پوءِ هڪ ڏينهن ٻلو، جڏهن آرام سان سياسي گند جي ڍير تان ڇڇڙا کائي رهيو هيو، ته شهر جي هڪ داداگير ڪتي جي مٿائنس نظر پئجي وئي. هُن ڀؤنڪي پهريان پنهنجي برادري وارن کي سڏيو ۽ پوءِ رُومڙ ڪندي ٻلي جي ڪڍ پئجي ويا. ٻين ٻلن اتفاق سان گهرن جي ڀتين تي هلندي اِهو نظارو پئي ڏٺو ۽ جڏهن ڀڄندڙ ٻلي ڀت تي چڙهي جان بچائي ته ٻين ٻلن پڇيس:
” ڀائو جي تنهنجي خواب مطابق، اِهي تنهنجا اتحادي آهن،  ته تون ڀڄين ڇو پيو؟“
” ادا، اڄ خبر پئي،  ته ٻلي جي خواب جو ڪتن وٽ ڪو قدر ڪونهي!“

*


صوفي گڏهه ۽ گڏهه صوفي

هڪ صوفي گڏهه تي چڙهي، هڪ خانقاهه کان ٻي طرف پئي ويو. گڏهه نحيف ۽ هلڻ ۾ هلاڪ هيو. تنهن شڪايت ڪندي چيس:
” جڏهن تون چوين ٿو ته هر شيءَ ۾ خدا رسي وسي ٿو،  ته پوءِ مون کي تون ايڏي تڪليف ڇو ٿو ڏين؟“
صوفي وراڻيو، ”تنهنجي تڪليف، منهنجي تڪليف آهي. تون ائين سمجهه ڄڻ مان پاڻ تي ويٺو آهيان ۽ پاڻ کي هڪلي رهيو آهيان“
اِهو ٻڌي،  گڏهه چيو:
”اِن جو مطلب ته تون صوفي گڏهه ۽ مان گڏهه صوفي آهيان؟“
صوفي وراڻيو،  ”بيشڪ،  تو ۾ ۽ مون ۾ صرف ايترو ئي فرق آهي.“

*


سياسي مفاهمت

اٻوجهه، سٻوجهه کان پڇيو:
”سياسي مفاهمت ڇاکي چئجي ٿو؟“
سٻوجهه وراڻيو:
” ٿڪُ اڇلي،   پوءِ چٽڻ کي،  اڄڪلهه سياسي مفاهمت چيو ويندو آهي!“

*


آب حيات ۽ اديب

”ساڃاهوند ۽ سپورنج اديب هڪ ٻئي پٺيان مرندا ٿا وڃن،  آخرڪار سنڌي ادب جو ڇا ٿيندو؟“هڪ اديب،   ڳڻتيءَ وچان،  ٻي اديب کان پڇيو.
” واقعي سنڌي ادب خطري ۾ آهي. جيڪڏهن پاڻ ويهي اِهو ليکو ڪنداسين ته هاڻي وڌ ۾ وڌ ٻه وڏا اديب بچيا آهن.“ ٻي اديب ليکو چوکو ڪندي وراڻيو.
” تنهنجي نظر ۾ اُهي ٻه وڏا اديب ڪهڙا آهن؟“
پهرين اديب ڳڻتي وچان پڇيو.
” جواب صاف ظاهر آهي ... هڪ تون ۽ ٻيو آءٌ .“ ٻي اديب کلي وراڻيو.
پهرين اديب غمگين ٿيندي چيو،  ”جيڪڏهن اسان به خدانخواسته مري وياسين، ته پوءِ سنڌي ادب جو ڇا ٿيندو؟“
ٻي اديب جواب ڏنو، ’’ادبي تاريخ جو اِهو هڪ وڏو الميه ٿيندو.  اِن ڪري پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪونه ڪو اُپاءُ وٺڻ گهرجي“
” ڪهڙو اُپاءُ؟“پهرين اديب پڇيو.
” سڄاڻ ڌرين کان اِهو مطالبو ڪرايو وڃي، ته ثقافت کاتو مهان اديبن کي بچائڻ لاءِ آب حيات جو انتظام ڪري“
” زبردست آئيڊيا آهي.“
 ٻي اديب،   پهرين جي تائيد ڪندي چيو.

*


محنت جي عظمت

دلدل گهوڙو جيڪو ڪجهه نه ڪندو هيو، ته به سندس عزت وتڪريم ٿيندي هئي، سندس آڏو هاڏر ۾ سدائين ڪُتر، ڪڙٻ يا ڪٽي پئي هوندي هئي. خدمتگار هر وقت سندس مهٽ سهٽ ۾ لڳا پيا هوندا هيا.جڏهن ته عام گهوڙو بگي ڇڪيندي به هر وقت چهبڪن جي ضد ۾ هوندو هيو.
هڪ ڏينهن امام بارگاهه جي ڀر ۾ بيٺل دلدل گهوڙي کان، عام گهوڙي هڻڪندي پڇيو:
” تو ۾ آخر ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو محنت نه ڪرڻ جي باوجود  به ايترن مزن ۾ آهين؟“
دلدل گهوڙي وراڻيو:
”آءٌ هڪ عظيم هستيءَجي نالي سان منسوب آهيان، اِن ڪري مزن ۾ آهيان.“
عام گهوڙي ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو:
”آهيون ته ٻئي گهوڙا،  پر لڳي ٿو ته دنيا اڃا محنت جي عظمت ۾ ايمان نٿي رکي.“

*

ڀؤنرن جي انتظار۾


چمن ۾ گل ٽڙيا.  ڪجهه عرصي کان پوءِ مرجھائجي ڇڻڻ لڳا،
تڏهن هڪ گل ٻئي کان پڇيو:
’’ڀنؤرڪٿي آهن؟“
”لڳي ٿو مري ويا آهن.“ ٻئي گل ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو.

*


جهانديده مستري

نوجوان مستري، پنهنجي اُستاد کي دل جو احوال ٻڌائيندي صلاح ورتي:
” اُستاد منهنجي گهر واري مون سان ٺهي ئي نه ٿي. سال ٿي ويو آ شاديءَ کي،  پئي ٿي چڀُ چڀُ هلي!“
”ٻچا،  جي مڙس ڪوڪي جيان ۽ زال جُتيءَ جيان هوندي،  ته پئي چُڀ چُڀ هلندي.“
”پوءِ ڇا ڪجي؟“
”ٻچا جي مڙس بولٽ جيان ۽ زال نٽ جيان ٿي رهندي ته مسئلو حل ٿي ويندو.“

*


اڳٺ نڪتـل سٿڻيون ۽ عوام

هڪ وزير،  پنهنجي داناءَ مشير کان پڇيو:
”اڄڪلهه عوام ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. جتان لنگهئون ٿا. اسان کي ڏسي،  ٻئي هٿ مٿي ڪري اسان جي خلاف نعرا ٿو هڻي. اِن جو ڪو حل ٻڌاءِ؟“
مشير وراڻيو،  ”سائين،  عوام جي سٿـڻين ۾ اڳٺ وجهڻ تي پابندي هڻائي ڇڏيو.“
وزير کي اِها ڳالهه ڏاڍي وڻي. هن اهڙي قسم جو بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي ڇڏيو. اُن ڏينهن کان وٺي عوام جا ٻئي هٿ سٿـڻن ۾ آهن.

*


اعتراف

خدا پنهنجي بندي کان پڇيو:
” تون ڇا ٿو  ڪرڻ چاهين؟“
بندي وراڻيو:
”ڪجهه به نه!“
خدا چيو:
”اِن جو مطلب ته مون توکي اجايو تخليق ڪيو؟“
بندي وراڻيو:
”تو مون جهڙا کوڙ اجايا تخليق ڪيا آهن،  آءٌ  ڪو هڪڙو ته نه آهيان.“
”واقعي مون مقدار تي وڌيڪ ۽ معيار تي گهٽ توجهه ڏنو. “
خدا اعتراف ڪندي وراڻيو.

*


نئين گدڙ سنگهي

هڪ سرڪاري ماتحت،  ٻي کان پڇيو:
” تون باس کان نه ٿيندڙڪم به ڪرائي وڃين ٿو. آخر تو وٽ اُها ڪهڙي گدڙ سنگهي آهي...؟!
ٻي کلندي وراڻيو:
”مان باس کي پيسا سنگهائيندو آهيان!“

*


پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿا هڻن


ننڍڙو شيام ڪمار اغوا ٿي ويو.
مائٽن ڀنگ ڀري کيس آزاد ڪرايو.
ته هن پهريون سوال پنهنجي پيءُ جيئند راءِ کان اِهو ڪيو:
”بابا، مسلمان اسان کي اغوا ڇو ٿا ڪن؟“
جيئندراءِ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو:
”پٽ، اسان کي اغوا نه ٿا ڪن، پر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿا هڻن!“
اِها ڳالهه ننڍڙي شيام ڪمار کي سمجهه ۾ نه آئي.

*


ويچارو پاڪستاني

هڪ پاڪستاني صحافي کان،  ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي صحافي پڇيو:
’’پاڪستاني ما ڻهو جو روز مرهه جو ڪم ڪيئن ٿو هلي؟“
پاڪستاني صحافيءَ وراڻيو:
”زال چويس ٿي،   ڊو مور!
باس چويس ٿو،  ڊو مور!
آمريڪا،  چويس ٿو،  ڊو مور!
هاڻي ٻڌاءِ،  ته ويچارو پاڪستاني ڪيڏانهن وڃي؟“

*


ڪانءُ ٿو ڏونگهي کائي

”سائين ٻڌو آهي ته ستر سالن جي عمر رسيده سياستدان،  جيڪو ڏوهٽن ۽ پوٽن وارو آهي. تنهن مڇن ۽ وارن کي رنگ هڻي، ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي. ڇا اِهو ظلم ناهي؟“ اٻوجهه،  سٻوجهه کان سوال ڪيو.
سٻوجهه کيس پيار سان سمجهائيندي چيو.
” چريا ائين ناهي چئبو؟“
ته پوءِ تون ئي کڻي ٻڌاءِ، ته ڇا چئبو آهي؟“
اٻوجهه ترش لهجي مان پڇيس.
سٻوجهه سنجيدگيءَ سان وراڻيو:
 ”چئبو آهي،  ڪانءُ ٿو ڏونگهي کائي. “

*


رني ڪوٽ جا مورک

رني ڪوٽ تي ڀانت ڀانت جامؤرخ ۽ آثار قديمه جا ماهر، هڪ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيا.
هڪ دعوى ڪئي : ”هي قلعو ميرن جي دؤر جو ٺهيل آهي.“
هن پنهنجي دعوى کي درست ڪرڻ لاءِ ويهن صفحن تي مشتمل مضمون پڙهيو.
ٻي دعوى ڪئي، ” هي راءِ گهراڻي جي دؤر جو قلعو آهي. “
هن تاريخي دليلن سان ٽيهن صفحن تي مشتمل مقالو پڙهيو.
 ٽئين دعوى ڪئي، ”هي قلعو ساساني دؤر جي نشاني آهي، جڏهن سنڌ فارس جي شهنشاهن جي هٿ هيٺ هئي.“
هن چاليهن صفحن کي تاريخي حوالن سان سينگاري پيش ڪيو.
چوٿين چيو، ”هي ڪوٽ سنڌ جي مهان حڪمران ۽ مهاڀارت جي جوڌي راجا جئدرٿ جي زال راڻي دوشالا ٺهرايو هيو.“
هن پنهنجي دعوى کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخي ۽ ڏند ڪٿائي حوالا ڏيندي، پنجاهه صفحن تي مشتمل آرٽيڪل پڙهيو.
ڪانفرنس ۾ ويٺل هڪ عام ماڻهو، جيڪو مختلف دعوائون ٻڌي تنگ ٿي پيو هيو، تنهن اُٿي بيهي، وڏي واڪي چيو:
”حقيقت اِها آهي ته هن عظيم الشان ڪوٽ کي هڪ وڏي مورک ٺاهيو هيو، ته جيئن ايندڙ وقت جا مؤرخ ۽ ماهر پنهنجي مورکائپ جو اظهار ڪندا رهن!“
اِهو ٻُڌي محققن کيس ڪانفرنس مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

*


ديوارن ۾ ساهه کڻندڙ

هڪ اٻوجهه،   پنهنجي سٻوجهه دوست کان پڇيو:
”ديوارن تي سياسي پارٽين جا نالا ڇو لکيل هوندا آهن؟“
سٻوجهه دوست وراڻيو:
”اِن ڪري جو اسان وٽ سياسي پارٽيون هاڻ ديوارن ۾ ساهه کڻنديون آهن!“

*


زردار ۽ نادار

هڪ نادار جڏهن زردار سان مليو ته مٿائنس هزارين لعنتون وجهندي چيائين:
”او زردار! تون مونکي ايترو ته نادار ڪري ڇڏيو آهي. جو هاڻي منهنجي مٿان غربت جو ڪيئي لڪيرون گذري ويون آهن. ڪجهه مون تي رحم ڪر ۽ پنهنجي هوس کي گهٽاءِ!“
زردار وراڻيو،  ”اي بيوقوف نادار،  ناداري ته تنهنجي خوشقسمتي آهي ۽ زردار ٿيڻ منهنجي بدقسمتي آهي.“
نادار وراڻيو، ”مون نه سمجهيو ... وضاحت ڪر!“ 
زردار چيو،  ”تون سنئون سڌو جنت جو حقدار آهين. جتي توکي ٻاهتر حورون ۽ ڪيئي غلمان ملندا. رهڻ لاءِ عاليشان سونا محل۽ کائڻ لاءِ هزارين قسمن جا ميوا ۽ پيئڻ لاءِ کير ۽ ماکي جون نهرون ۽ وڏي ڳالهه ته شرابن طهورا به توکي ئي ملندو. جڏهن ته مان دوزخ جي باهه ۾ سڙندس، ٽهڪايل ٿوهر جو پاڻي پيئندس ۽ بدترين شيون کائيندس.“
نادار وراڻيو،  ”اِهو آسرو ته ضرور آهي. پر هن دنيا ۾ جيڪا هڪ هڪ گهڙي هزارن ۽ لکن سالن جي عذاب مثل گذري ٿي ... اُن جو ڇا ڪجي؟“
زردار وراڻيو،  ”صبر ۽ مفاهمت سان سهندو رهه،  جيستائين قيامت نه اچي.“                                                      

*

ڪرسي مٿان رکيل ڍونڍ

هڪ وڏي اداري جا ٻه ننڍا ملازم يعني نائب قاصد، باس جي ڪمري ٻاهران پاڻ ۾ گفتگو ڪري رهيا هيا:
”تون جڏهن صاحب جي ڪمري ۾ وڃي ٿو،  ته ڪجهه محسوس ڪرين ٿو؟“
”مان گهڻو ڪجهه محسوس ڪندو آهيان... نئون نئون هتي آيو آهين،  تون ٻڌاءِ؟“پراڻي نائب قاصد،  نئين کي چيو.
”صاحب،  زبردست ڪپڙا پائي ٿو!“
”اِها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي،  سڀ صاحب سٺا ڪپڙا پائيندا آهن... “
”صاحب،  تمام سٺي پرفيوم هڻندو آهي.“
”سڀ صاحب هڻندا آهن،  پوءِ؟“
”پر پوءِ به خبر ناهي ڇو،  صاحب مان هلڪي هلڪي ڌپ ايندي آهي...‘‘
پراڻي نائب قاصد ٽهڪ ڏيندي وراڻيو:
”جڏهن به ڪو رٽائرڊ صاحب ٻيهر ملازمت ڪندو آهي،  ته هو ڪرسيءَ مٿان رکيل ڍونڍ جي مثل هوندو آهي. پوءِ هو کڻي ڪيڏا به عطر عنبير هڻي ڌپ نه ويندي اٿس.“

*


ڪراچي ۾ گذرندڙ زندگي

انساني دل مان گولي آرپار ٿيڻ کانپوءِ روح پرواز ڪندو آسمان تي پهتو،  ته ٻين روحن سندن آجيان ڪئي.
نئين آيل روح کان هڪ پراڻي روح پڇيو:
”اِها حقيقت آهي،  ته انساني سماج ۾ ڪنهن جي ڏاڍي خراب گذري ۽ ڪنهنجي سٺي. اي دوست!تون ٻڌاءِ،  تنهنجي زندگي ڪيئن گذري؟“
نئين آيل روح مختصر جواب ڏيندي چيو:
”منهنجي زندگي ڪراچي ۾ گذري!“
”بس ته پوءِ تنهنجو پڇاڻو معاف آهي.“
پراڻن روحن کيس آٿت ڏيندي چيو.

*

اجازت نامو

خودڪش حملي ڪرڻ واري ٽريننگ ورتل شخص جڏهن اخبار ۾ وزير داخلا جو اِهو بيان پڙهيو، ته هاڻي دهشتگردي ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، ته ويچارو پريشان ٿي ويو.
هن پين ۽ پنو ڪڍيو ۽ مؤدبانه انداز ۾ وزير کي ويهي درخواست لکي:

جناب وزير داخلا صاحب

گذارش ته جيئن اوهان قومي مفادن کي سامهون رکي وزير داخلا ٿيا آهيو.تيئن مان به مذهبي مفادن کي سامهون رکي ڪري دهشتگرديءَ جي ٽريننگ ورتي آهي،  ته جيئن اسان جو مذهبي فرض به پورو ٿيندو رهي ۽ اوهان کي به امداد ملندي رهي.
اِن ڪري اميد آهي ته گڏيل مفادن کي سامهون رکندي،  مون کي دهشتگردي ڪرڻ جي اجازت ڏيندا،  ته اوهان جي آل و اولاد جو شهادت کانپوءِ به شڪرگذار رهندس.

اوهان جو فرمانبردار

هڪ معصوم

دهشتگرد

هن اُها درخواست لفافي ۾ وجهي، لفافي تي ائڊريس لکي،  پوسٽ آفيس جي دٻي ۾ اڇلي ڇڏي.
۽ پوءِ ٻي ڏينهن تي هُن هڪ چيڪ پوسٽ تي پاڻ کي اُڏائي ڇڏيو.
ٽين ڏينهن تي وزير داخلا جو بيان سرخي بڻيل هيو:
”گهڻو ٿيو ... اسان ڪنهن  به صورت ۾ دهشت گردي جي،  هاڻي ڪنهن کي به هرگز هرگز اجازت نه ڏينداسين!“
اِها خبر پڙهي، معصوم دهشتگرد جو روح مطمئن ٿي ويو،  ته گهٽ ۾ گهٽ کيس اجازت ته ملي وئي. باقي ٻيا ڄاڻين ۽ وزير داخلا ڄاڻي.

*


تبديليءَ جو انتظار

”خبر ناهي، ته هيءَ انڌيري رات ڪڏهن ختم ٿيندي...؟  ڪڏهن هن ظلمتن جي سفر جي پڄاڻي ٿيندي...؟. ڪڏهن هيءَ دنيا نور سان لبريز ٿيندي...؟ ائين ٿو لڳي ڄڻ پنهنجي قسمت ڪنهن سياهي سان لکي ڇڏي آهي...! آءٌ  هن اونداهيءَ جي سلسلي کان تنگ اچي چڪو آهيان ... ڪا اُميد ڪو آسرو ڪونهي ... بس رڳو موت جو انتظار آهي.“ هڪ شخص نهايت بيوسيءَ وچان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو.
ٻي همراهه وراڻيو: ”تنهنجي مايوسي ڪنهن حد تائين بجا آهي. ڇو ته هر طرف مايوسيءَ جو راڄ آهي. ڪا واهه نظر نه ٿي اچي. اقتصادي ۽ سياسي حالتون ابتر آهن، بدامني عروج تي آهي ۽ سماجي صورتحال ڊيڄاريندڙآهي. پر هڪ نه هڪ ڏينهن اُميدن جو سج ضرور اُڀرندو، ظلمات جي پڄاڻي ٿيندي .... تون يقين ڪر!“
”پر اهڙي تبديلي ايندي ڪڏهن...؟ڪڏهن تبديل ٿيندو، هي گهُٽ ۽ ٻوسُٽ وارو ماحول...؟ “
پهرين شخص، اشتياق ۽ تجسس وچان پڇيو.
”اِها تبديلي تنهنجي منهنجي جدوجهد سان ئي ايندي ۽ يقين ڪر ته گڏيل جدوجهد ضرور رنگ لائيندي.“ ٻي شخص کيس سمجهائيندي ۽ آٿت ڏيندي وراڻيو.
”مان جدوجهد جي تڪليف ۽ عذاب کان بچڻ چاهيان ٿو. مان چاهيان ٿو ته ڪو اهڙو معجزو ٿئي، جو اِها تبديلي خودبخود اچي وڃي.“
”ته پوءِ انتظار ڪر.‘‘
”ڪيستائين؟“
”هزارن سالن تائين، جيستائين ڪو معجزو رونما ٿئي يا وري نه ٿئي ...!!“
ٻي همراهه انتهائي سنجيدگيءَ سان وراڻيو.       

*


اناڙي

هڪ سٺو تعليم يافته شخص هڪ وزير سان مليو ۽ پنهنجي اهليت جتائڻ لڳو:
”سر! مان تمام گهڻو تعليم يافته آهيان.“
وزير وراڻيو،  ”مان ڇا ڪيانءِ؟“
”سر! مون کي جنرل ناليج به گهڻي آهي.“
”پوءِ مان ڇا ڪيانءِ!“وزير بيزار ٿي وراڻيو.
”سر! مان ايماندار به آهيان.“
”مان تنهنجي تعليم، ذهانت ۽ ايمانداريءَ کي پيئندس، کائيندس،  گهوٽيندس،  ڇا ڪندس؟“وزير ڪاوڙجي چيو.
”سر!  توهان کي ڪهڙي اهليت کپي؟“
”صرف اِهو ٻڌاءِ،  ته تون اسان جي ڪهڙي ڪم جو آهين؟“
”سر! مون نه سمجهيو!“
” جنهن نه سمجهيو،  اُن جي اسان کي ڪا ضرورت ڪونهي!“

*


ڇا ته ڪارنامو آهي!

هڪ صحافي، هڪ وزير کان سوال ڪيو:
’’وزير صاحب! اسان ٻڌو آهي، ته اوهان نااهلن کي نوڪريون ڏيو ٿا؟‘‘
وزير وراڻيو، ’’اهلن کي ته ڪير به نوڪري ڏئي سگھي ٿو، پر نااهلن کي نوڪري ڏيڻ ئي ته اسان جو ڪارنامو آهي!‘‘
صحافي حيرت زده ٿي وراڻيو:
’ڇا ته ڪارنامو آهي!‘‘
*


پنجاهه ڪروڙ نوڪريون

هڪ سرڪاري ڌر جي جاگيردار وزير دعويٰ ڪندي چيو،
’’مان پنجاهه ڪروڙ سنڌين کي نوڪريون ڏنيون آهن.‘‘
’پنجاهه ڪروڙ سنڌي ....!؟ پنجاهه ڪروڙ سنڌي ته آهن ئي ڪونه ...!؟‘‘ هڪ صحافي حيرت وچان وات پٽيندي سوال ڪيو.
’مان هڪ خاص سنڌيءَ کي هڪ ڪروڙ عام ماڻهن جي برابر سمجھندو آهيان، هاڻي تون حساب ڪر.‘‘
صحافي ليکو ڪندي لاجواب ٿي ويو.

*


نقارخاني ۾ طوطي جو آواز

سڀني سياسي، مذهبي، سماجي  ۽ رٽائرڊ فوجي اڳواڻن واري واري سان وڏي دعويٰ ڪندي چيو:
’’هن ملڪ جو پوري جو پورو عوام اسان سان گڏ آهي....!!‘‘
ملڪ جي هڪ شخص رڙيون ڪندي چيو، ’’مان ڪنهن سان به گڏ نه آهيان، مان ڪنهن سان به گڏ ناهيان ....‘‘
پر هن کي ڪنهن  ٻُڌو ئي ڪو نه.

*


چرٻٽ عظيم هيو

هڪ ماڻهو نجي محفل ۾ موجودهه دؤر جي حڪومت تي تبصرو ڪندي نتيجو ڪڍيو، ’بس! انڌير نگري، چرٻٽ راجا وارو دؤر لڳو پيو آهي!‘‘
ٻئي شخص احتجاج ڪندي چيو، ’’تون راجا چرٻٽ جي توهين ڪري رهيو آهين، راجا چرٻٽ عظيم هيو ...‘‘
پهرين چيو، ’’دليل ڏي ته ڪئين!؟‘‘
ٻي وراڻيو، ’چوڻي آهي
انڌير نگري چرٻٽ راجا،
ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
آهي يا نه؟‘‘
’بالڪل، اِها عام چوڻي آهي‘‘ پهرئين اعتراف ڪندي وراڻيو.
ٻي پنهنجي دليل کي وڌائيندي چيو.
’’جيتوڻيڪ ان جو دؤر به ناانصافي جو هيو پر ان دؤر ۾ انتهائي سستائي هئي جو هڪ غريب ماڻهو به کاڄا وٺي کائي سگھندو هيو. پر هاڻي انڌير نگري سان گڏ، مهانگائي به چوٽ چڙهيل آهي!‘‘
پهرين شخص اِهو دليل ٻڌي، اعتراف ڪندي وراڻيو، ”واقعي چرٻٽ عظيم هيو، هن دؤر جا حڪمران، سندس پيرن مٽ به ناهن!“

*


چريو چئي، سياڻو سمجھي

هڪ چرئي پئي چيو،
’’جڏهن به ڪو سياسي اڳواڻ، مذهبي عالم، سرڪاري آفيسر، دانشور ۽ اديب، پنهنجي تعريف پاڻ ڪري ۽ بس نه ڪري، ته سمجھي ڇڏيو ته هو اُن وهڪيل مينهن جيان آهي، جيڪا کير ڏيڻ بجاءِ رڳو رنڀندي آهي!‘‘
’’ان جو مطلب ته هاڻي اسان وٽ رڳو وهڪيل مينهون بچيون آهن.‘‘ هڪ عام شّخص وراڻيو.

*


ٺيڪو

اخبار جي هڪ رپورٽ پڙهڻ کانپوءِ اٻوجهه،  سٻوجهه کي ٻڌايو:
”اخبار جي رپورٽ مطابق ته ملڪي سياستدانن پرڏيهي بئنڪن ۾ بي حساب پئسو رکيو آهي“
”ائين ناهي چئبو.“ سٻوجهه وراڻيو
”ته ڇا چئبو آهي؟“
”چئبو آهي ته الله کين بي حساب ڏنو آهي. اِن ڪري ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ پئسا رکڻ تي مجبور آهن“
”پر ان ڏوهه ۾ خوامخواهه الله کي ڇو ٿو ملوث ڪيو وڃي؟“
اٻوجهه ڪاوڙجي پڇيو.
”اِن ڪري جو دولت مند سياستدانن،  پنهنجي هر ڏوهه جو ٺيڪو الله کي ڏئي ڇڏيو آهي!“
سٻوجهه سمجهايس.

*


ڪٻري ٿي توت ڳهي

”سائين ٻڌو آهي ته هوءَ جيڪا حد کان وڌيڪ مشهور سياسي سماجي اڳواڻ عورت آهي، سا ٽٻرٽٻر ڇورا ڇورا رکيون ويٺي آهي ...  ان جو سبب؟“ اٻوجهه،  سٻوجهه کان پڇيو.
سٻوجهه وراڻيو،  ”ائين ناهي چئبو چريا!“
” باقي ڪيئن چئبو آهي؟“
”چئبو آهي،  ته ڪٻري ٿي توت ڳهي. “

*


خراب قسمت

اٻوجهه اخبار ۾ ٽرئفڪ حادثن بابت پڙهندي راءِ ڏني:
”ڊرائيور ڏاڍ ا ظالم ٿين ٿا. انڌن وانگر گاڏيون هلائي حادثا ڪن ٿا!“
” ائين نه چئجي،‘‘   سٻوجهه کيس سمجهايو 
” باقي ڇا چئجي؟“
’’ائين چئجي ته  مسافرن جي  قسمت خراب آهي!“
سٻوجهه سمجهايس.
*


ڪڙهڻ ۽ پڙهڻ

   تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي ڪلاسن کان بائيڪاٽ ڪرڻ واري خبر تي،  اٻوجهه تبصرو ڪندي چيو:
” اڄڪلهه جا شاگرد پڙهن گهٽ،  بائيڪاٽ گهڻا ڪن ٿا. “
”ائين ناهي چئبو!“ سٻوجهه کيس منع ڪندي چيو.
” ته ڇا چئبو آهي؟“
” چئبو آهي،  ته شاگرد ڪڙهن گهڻو ٿا،  پر پڙهن گهٽ ٿا!“

*


سچا ماڻهو

سياستدانن هڪ نجي ٽي وي چينل تي واري واري سان پئي چيو:
”اسان هن ملڪ مان بي روزگاري کي هميشه هميشه لاءِ تڙي ڇڏينداسي!“
”اسان هن ملڪ کي امن ۽ شانتيءَجو مرڪز بڻائي ڇڏينداسي. “
اسان هن ملڪ کي اجهو،  لٽو۽اٽو ڏئي پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين. “
”اسان هن ملڪ کي فلاحي رياست جو درجو ڏئي ڇڏينداسي.“
اٻوجهه اهي سڀ دعوائون ٻڌڻ کانپوءِ،  سٻوجهه کان پڇيو:
”اهي ڪيڏا نه ڪوڙا ۽ ڊاڙيل آهن، جو ڪوڙ ڳالهائيندي کين شرم ئي نه ٿو اچي.
”ائين ناهي چئبو!“ سٻوجهه منع ڪيس
”باقي ڇا چئبو آهي؟“ اٻوجهه پڇيس
”چئبو آهي ته ڪيڏا نه سچا آهن. جو سچ ڳالهائيندي کين خوف ئي نٿو ٿئي.“

*


مڙئي  وقت گُذري پيو

هڪ سياستدان کان ڪنهن پڇيو:
” جناب وقت ڪيئن پيو گُذري؟“
سياستدان وراڻيو:
” ٻار ٻاهر پڙهن ٿا. . . . واپار دبئي ۾ هلي پيو. . . . سياست پاڪستان ۾ ٿئي ٿي . . . . مڙئي وقت گذري پيو“

*


بي شرم، بي حيا

هڪ پراڻو سياستدان،  اميدوار جي حيثيت سان  هڪ ووٽر جي در تي آيو ۽ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ کيس گذارش ڪئي. ووٽر وراڻيو:
”سائين، نه اوهانکي ووٽ گهرندي شرم ٿو اچي، ۽ نه اسان کي ووٽ ڏيندي حياءُ ٿو ٿيئي.“
سياستدان کلندي چيو:
”اِها اسان جي روايت آهي، ته بي شرم ٿي ووٽ وٺون ۽ اها توهان جي روايت آهي ته بي حيا ٿي ووٽ ڏيو.‘‘

*


شريف النفس

”هي قومي اسيمبليءَ جو شريف النفس ميمبر آهي.“
هڪ ماڻهو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي سامهون تعريف ڪندي ٻئي کي ٻڌايو.
”ته پوءِ سائين جن جو اُهو ڪهڙو ڪارنامو آهي،  جنهن جي بنياد تي،  تون هن کي شريف النفس شخص سڏين ٿو؟“  ٻي شخص پڇيس.
”هن اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪڏهن هڪ اکر به ناهي ڳالهايو.“
 تعريف ڪندڙ شخص وراڻيو.

*


ٽي سونهري دؤرَ

هڪ سياسي مذاڪري ۾،  هڪ پراڻي پارٽيءَ جي سچي ڪارڪن دعويٰ ڪندي چيو:
”اسان جو دؤرسونهري دؤر هيو!“
”ڪيئن؟“  ٻين پڇيس
هن وراڻيو، ”اسان جي دؤر جو نعرو هيو،  مرو ۽ مرڻ ڏيو ... پوءِ دنيا ڏٺو،  ته ان نعري جي تحت اسان کي آزادي ملي.“
” بيشڪ توهان جي دؤر ۾ وڏا فساد ٿيا ۽ لکين ماڻهو مئا.“ ٻين سياسي پارٽي جي ڪارڪنن، سندن سونهري دؤر کي سلام ڪيو.
 ٻئي سياسي پارٽيءَ جي ڪارڪن به دعويٰ ڪئي،  ته ”اسان جو دؤر به سونهري دؤر هيو!“
”ڪيئن؟“ٻين پڇيس.
هن چيو، ”اسان جي دؤر جو نعرو هيو، وڙهو ۽ وڙهڻ ڏيو. پوءِ دنيا ڏٺو،  ته اسان خوامخواهه جنگيون ڪرائي،  قوم کي متحد رکيو سي!“
”بيشڪ، اوهان جي دؤر۾ به ماڻهن خوف ۾ زندگي گذاري.“  ٻين پارٽين جي ڪارڪنن، ان صداقت کي تسليم ڪيو.
ٽئين پارٽي جي جوشيلي ڪارڪن به دعويِٰ ڪئي:
”اسان جو دؤر به سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو!“
ٻين پڇيس، ”ڪيئن؟“
هن وراڻيو، ”اسان جو نعرو آهي، کائو ۽ کائڻ ڏيو“
”بيشڪ، اوهان جو دؤر به ڪرپشن جو سونهري دؤر آهي.“ سڀني سياسي ڪارڪنن اعتراف ڪندي چيو.
*


سياسي پناهه وٺندڙ

ڪنهن آزاد ملڪ ۾ سياسي پناهه وٺندڙن جا انٽرويو ٿي رهيا هيا. هڪ متعلق آفيسر،  هڪ عورت کان پڇيو:
”تون ڇو هتي سياسي پناهه وٺڻ چاهين ٿي؟“
عورت جواب ڏنو، ”منهنجو ملڪ اهڙي چڪلي جي مثال آهي،  جتي رنڊيون گهٽ ڪڃر وڌيڪ آهن. ڪڃرن جي گهڻائي ڪري عورتون عذاب ۾ آهن. اِن عذاب کان بچڻ لاءِ سياسي پناهه وٺڻ چاهيان ٿي.“
اُن کانپوءِ متعلق آفيسر هڪ مرد کان پڇيو:
”تون ڇو هتي سياسي پناهه وٺڻ چاهين ٿو؟“
 مرد وراڻيو، ”منهنجو ملڪ هڪ اهڙي پاڳل خاني جي مثال آهي. جنهن جا ڊاڪٽر ۽ طبيب به چريا آهن. هو هر مريض کي ساڳي سئي هڻندا يا دوا ڏيندا آهن. جنهن کانپوءِ مريض اڃا وڌيڪ پاڳل بڻجي، خودڪش حملا ڪندوآهي.“
اِهو ٻڌي متعلق آفيسر ٻنهي جي حق ۾ سفارش ڪري ڇڏي.

*


سياڻو ڪانو وِٺ تي ويهي

هڪ سياسي ٽاپرو، هڪ سياسي جاگيردار کي ويٺي ٽاپان پئي ڏنيون. سياسي جاگيردار، سياسي ٽاپروءَ کان پڇيو:
” شهر جي سياسي صورت حال ڪيئن آهي؟“
”مؤجن ۾ آهي، “سياسي ٽاپرو وراڻيو.
”سچي سچي ٻڌاءِ، ٽاپان نه ڏجانءِ... ته منهجي لاءِ عام ماڻهو ڇا ٿا چون؟“
”چون ٿا، ته صفا سياڻو ڪانءِ آهي. “ سياسي ٽاپرو وراڻيو.
”ڪيئن ڀلا؟“سياسي جاگيردار زيرلب مشڪندي پڇيس.
”ماڻهو چون ٿا، اوهان اُڏي اُڏي اُتي ويهو ٿا، جتي سياڻو ڪانوءَ وڃي ويهندو آهي.“

*


هيروئني جي دعا

هڪ هيروئني صدا هڻندي چيو:
”مولا وزير ڪندئي. . . . صرف پنجاهه روپئي جو سوال آ.“
مون وراڻيو، ”مان ۽ وزير!؟. . . ڇو ٿو چرچا ڪرين؟. . . “
هيروئني وراڻيو، ’’مون کان به ردي ردي وزير ٿي ويا آهن. تون ڳالهه ڪهڙي ٿو ڪرين ...!‘‘
اِن جملي ٻڌڻ کانپوءِ، مون هيروئني کي هڪدم سؤ روپيه ڏئي ڇڏيا، ته من هيروئني جي دعا لڳي پوي ۽ مان صدر ٿي وڃان.

*


منسٽر جو خواب

منسٽر رات جو خواب ڏٺو ۽ ڏينهن جو هڪ خوابن جي تشريح ڪندڙ شخص کي ٻڌائڻ لڳو:
”مون رات خواب ۾ ڏٺو،  ته هن ملڪ جا هڙئي ماڻهو انڌا، منڊا، گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن ۽ مان آرام سان سڄي ملڪ ۾ گهمي رهيو آهيان. “
خوابن جي تشريح ڪندڙ شخص وراڻيو:
”سر، اُهي ته اڳي ئي آهن، جي نه هجن ها، ته اوهان هرگز منسٽر نه ٿيو ها!“

*


انقلابي تبديلي

هڪ سياسي اڳواڻ تقرير ڪندي چيو:
”جيڪڏهن اسان اليڪشن کٽي ۽ اقتدار مليو ته مان يقين ٿو ڏياريان،  ته اهڙي انقلابي تبديلي آڻيندس،  جو ڪُتا به ماڻهو ٿي ويندا.“
اُن سياسي اڳواڻ جي پارٽي اليڪشن کٽي ۽ جڏهن کيس اقتدار مليو،  ته دنيا ڏٺو ته سندس دؤر حڪومت ۾ ڪُتا ماڻهو ۽ ماڻهو ڪُتا ٿي ويا.

*


عظيم ۽ گهٽيا

ٻه ڄڻا پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا هيا ۽ ٻه ڄڻا ٻڌي رهيا هيا.
هڪڙي چيو:
’’عظيم اڳواڻ اُهو آهي، جيڪو ملڪ جي اندر رهي سياست ڪري ٿو“
ٻي چيو:
’’عظيم اڳواڻ اھو آهي، جيڪو ملڪ کان ٻاهر رهي به سياست ڪري ٿو.“
ٻڌندڙن مان هڪ پڇيو:
”باقي گهٽيا ڪير آهي؟“
ٻي ٻڌندڙ وراڻيو:
”اسان جيڪي اِنهن تي بحث ڪري رهيا آهيون!“

*


سياسي ٻار

هڪ سياسي رن کي يار به گهڻا هيا،  ته ٻار به.
 جڏهن کيس گهڻن ٻارن تنگ ڪرڻ شروع ڪيو،  ته ڪنهن کي چنبو،  ڪنهن کي بجو ۽ ڪنهن کي دڙڪو ڏيندي چيائين:
”خبر نه ٿي پئي ته ڪهڙا سياسي ڪارڪنن مان ۽ ڪهڙا ليڊرن منجھان آهيو! “

*


سرموڙ اديب

اٻوجهه،  جڏهن هڪ ادبي پروگرام ۾ ڪنهن مرد اديب کي عورتاڻي انداز ۾ هلندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو،  ته هڪدم تبصرو ڪندي چيائين:
”هي ته اڳيان مور۽ پٺيان ڊيل ٿو لڳي، ڪير آهي؟“
”ائين ناهي چئبو“،  سٻوجهه،  اٻوجهه کي سمجهائيندي چيو.
”ته ڇا چئبو آهي؟“،  اٻوجهه کائنس پڇيو.
”جيڪو اڳيان مور وانگر ۽ پٺيان ڊيل وانگر ٽلي،  اُن کي سنڌ جو سرموڙ اديب سڏبو آهي.“

*


اديب ۽ ليکڪ

هڪ شخص ڪنهن ليکڪ کان پڇيو:
”اوهان لکندا آهيو؟“
هن وراڻيو،  ”ها!“
”اِن جو مطلب ته اوهان اديب آهيو؟“
هن وراڻيو،  ’’نه. . . ليکڪ!“
”ته پوءِ اديب ڪير هوندا آهن؟“
”اسان وٽ اديب ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙا اُهي جيڪي ادبي ادارن کي ڳجهن جيان پٽيندارهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي ثقافت کاتي کان خيرات وٺن!“
اُن شخص وراڻيو،  ”هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو،  ته اديب  ۽ ليکڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي!“
*


بي وقتو دانشور

هڪ دانشور جي تعزيتي ريفرنس تي،  ٻي دانشور ڳالهائيندي چيو:
”مرحوم وقت کان اڳ جو دانشور هيو. جنهن کي ٽيهن چاليهن سالن تائين،  هيءَ جاهل قوم سمجهي نٿي سگهي!“
”اُن جو مطلب ته مرحوم بي وقتو دانشور هيو!“
حاضرين مان ڪنهن عام شخص دٻيل لفظن ۾ وراڻيو.

*


قبرن جا ڪتبا

”تون اِهي ڪتاب ڇو ٿو لکين؟‘‘  هڪ ملان عام ليکڪ کان پڇيو.
” بس لکڻ جي عادت آهي.“  عام ليکڪ جواب ڏنو.
” ڇا اِهي اجايا ڪتاب لکڻ،  توکي قبر ۾ ڪم ايندا؟“ملان سوال ڪيس.
” قبر ۾ ڪم ته نه ايندا،  پر اِهي ڪتاب منهنجي قبر جا ڪتبا ضرور بڻبا“ ليکڪ خاموشي سان جواب ڏنو.
ملان اِهو ٻڌي ليکڪ کي حيرت وچان ڏسندي هليو ويو 

*


مشاهدو

هڪ فنڪار کان سندس دوست پڇيو:
”تون ايڏو نشو ڇو ٿو ڪرين، جو بار بار بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ٿئين ٿو؟“
فنڪار وراڻيو:
”اِن ڪري جو آءٌ  موت جو مشاهدو ماڻڻ چاهيان ٿو.“
”پوءِ تون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچي، علاج لاءِ اپيل ڇو ٿو ڪرين؟“
”اِن ڪري جو آءٌ  زندگيءَ جو مشاهدو ڪرڻ چاهيان ٿو.“
 فنڪار سادگيءَ سان جواب ڏنو.

*


دانشور کي ٽائيم ڪونهي

لاڙڪاڻي جي مهراڻ هوٽل ۾ هڪ دانشور، چانهه جي چسڪي هڻندي، پنهنجي يارن دوستن کي زور ڀريندي چيو:
”يار، ڪجهه ڪيو، ائين هٿ تي هٿ رکي نه ويهو.“
”ڇا ڪيون؟“سامهون ويٺل دوستن مان هڪ ڄڻي کائنس پڇيو.
”سنڌي ادب جي لاءِ ڪيو، تعليم جي لاءِ ڪيو، ثقافت لاءِ ڪيو، معاشيات لاءِ ڪيو، سياست لاءِ ڪيو.“ دانشور جذباتي انداز ۾ ٽيبل تي مُڪ هڻندي چيو.
”اوهان ڇو نه ٿا ڪيو؟“سامهون ويٺل دوستن مان هڪ دوست کائنس پڇيو.
”مان ڪرڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهان ٿو، پر دراصل ڳالهه اِها آهي، ته مون کي ٽائيم ڪونهي!“
*


ٽين اک

هڪ شخص اکين واري ڊاڪٽر ڏانهن ويو. ڊاڪٽر اکين جي تپاس ڪندي کائنس پڇيو:
” تنهنجي ٻنهي اکين جي نظر نهايت ڪمزور ٿي وئي آهي. تون ڇا ڪندو آهين؟“
”سائين مان ادب دوست آهيان. اِن ڪري ڪتاب پڙهندو آهيان.“
”تون خوامخواهه ايترا ڪتاب ڇو پڙهيا؟‘‘
ڊاڪٽر سوال ڪيس.
”پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ_چوندا آهن،  ته علم انسان جي ٽين اک آهي.“
”پوءِ تنهنجي ٽين اک کلي؟“
”ها ڊاڪٽر صاحب،  ٿوري ٿوري!“
”پوءِ اُن ٽين اک سان تو ڇا ڏٺو؟“
” هر طرف اوندهه انڌڪار ڏٺو.“
ڊاڪٽر صاحب سمجهائيندي چيس، ”آءٌ  توکي ٻنهي اکين جي نظر جو نمبر  لکي ٿو ڏيان،  اُهو چشمو وڃي وٺ ۽ ساڳي وقت توکي اِها به تاڪيد ٿو ڪيان،  ته هن معاشري ۾ ٽين اک کولڻ جي چڪر ۾ پنهنجيون ٻئي اکيون نه وڃانءِ!“

*


دانشوراڻي ٻولي

چانهه جي هوٽل تي هڪ دانشور ۽ ٻه ٻيا عام ماڻهو ويٺا هيا. اُنهن منجهان هڪ پراڻو ايندڙ ۽ ٻيو نئون ايندڙ هيو. پراڻي ايندڙ ٽن چانهين جو آرڊر ڏنو. دانشور سياسي سماجي صورت حال تي تبصرو ڪرڻ شروع ڪيو:
”سڄو سماج نه سمجهڻ واري صورتحال جو شڪار آهي. جيستائين معروضي حالات، رجحانات ۽ ميلانات وارن معاملن کي نه سمجهبو. تيستائين معاشرتي ۽ سياسي معاملات کي نٿو سمجهي سگهجي، دانشور ڪلاڪ کن ڳالهائيندو رهيو. نئون آيل همراهه اَل ڪانوَ وانگر وات پٽي کيس ڏسندو رهيو. پراڻو ايندڙ همراهه اتفاق ڪندي ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو.
چانهه پيئڻ کانپوءِ، دانشور اُن ٽيبل تان اُٿي، ٻي ٽيبل تي وڃي ويٺو. جتي اڳ ئي ٻه ڄڻا سندس انتظار ۾ ويٺا هيا.
نئين آيل همراهه، پراڻي ايندڙ همراهه کان پڇيو:
”هُن ڇا پئي چيو، مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو“
”هُن دانشوراڻي ٻولي پئي ڳالهائي. جيڪا عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان چڙهيل آهي.“
”پوءِ هو عام ٻولي ڇو نه ٿو ڳالهائي، جو مان به کيس سمجهي سگهان؟“ نئين آيل همراهه سوال ڪندي پڇيو.
”تون هن کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندين؟“
”پر ڇو!؟؟“
”ڇو جو دانشورن جا لفظ وڏا ۽ جملا بي مقصد هوندا آهن. “
هوٽل تي پراڻي ايندڙ وراڻيو.

*


انسانيت ۽ رواداريءَ خاطر

هڪ قاتل جي دوست،   قاتل کان پڇيو:
” تون عجيب قسم جو قاتل آهين. تو جنهن کي قتل ڪيو،  اُن لاءِ رڙيون ڪندي مطالبو ڪيو،  ته اُن جي قتل جي جاچ ڪرائي وڃي؟“
” مون اِهو سڀ ڪجهه انسانيت جي ناتي سان ڪيو.“ 
قاتل جواب ڏنو
’’۽ پوءِ وري مقتول جي تڏي تي ويهي، سندس عزيزن سان تعزيت به ڪئي!؟‘‘ دوست پڇيس.
” مون اِهو سڀ ڪجهه رواداريءَ جي تحت ڪيو. “  قاتل وراڻيو.

*

تعريف جا بکيا

هڪ نئين دوست،   ٻي کي چيو:
”آءٌ توسان مستقل بنيادن تي دوستي رکڻ چاهيان ٿو. مون کي اِهو ٻڌاءِ ته مان اُها ڪهڙي ڳالهه ڪيان،  جنهن سان تون سدائين خوش رهين؟“
ٻي وراڻيو:
”چاهيان ٿو ته جڏهن مان پنهنجي تعريف ڪيان،  ته تون خاموشيءَ سان ٻڌندو رهه  ۽ جڏهن وري مان پنهنجي تعريف ڪري بس ڪيان، ته تون منهنجي تعريف ۾ شروع ٿي وڃ.“
پهرين چيو،  ”پنهنجي دوستي هلي نه سگهندي“
ٻي پڇيو،  ”ڇو؟“
پهرين وراڻيو،  ”مسئلو اِهو آهي،  ته مان به اِهو ئي چاهيان ٿو،  جيڪو تون چاهين ٿو!“

*


ايڪتا، ٻيڪتا، ٽيڪتا

هڪ پراڻي دوست (غير سنڌي) ٻي صوبي مان ٽيليفون ڪري سنڌي سٻاجهڙي کان پڇيو:
”اوهان سنڌين ايڪتا جو ڏينهن ڪيئن ملهايو؟“
سنڌي سٻاجهڙي وراڻيو،  ”اسان ٻيڪتا ملهائي سي!“
”ٻيڪتا!؟‘‘ هُن حيرانگيءَ وچان پڇيو.
سنڌي سٻاجهڙي وراڻيو،  ”هڪ ڏينهن اسان پنهنجي ثقافتي اتحاد جي نالي سان ملهايو ۽ ٻيو ڏينهن سماجي اتحاد جي نالي سان.“
”حيرانگي آهي!“
”حيرانگي ته توکي اڳلي سال ٿيندي.“
”اِهو وري ڪيئن؟“
” جڏهن اسان ٽيڪتا ملهائينداسي.“
”ٽيڪتا!؟ “ هن پهريائين پريشان ٿيندي پڇيو ۽ پوءِ هڪ زوردار ٽهڪ ڏئي ”خداحافظ!“ چئي ٽيليفون بند ڪري ڇڏي.

*


پوءِ ڍايا

ٻه پراڻا دوست ڪافي عرصي کانپوءِ زندگيءَ جي شاهراهه تي مليا. هڪڙي ٻي جي سادن سودن ڪپڙن کي ڏسي چيو:
”لڳي ٿو، ته تون اڃا سماجي آدرشن ۽ اصولن تحت پاڻ کي تنگدست رکيون ٿو اچين؟“
ٻي پهرين جي زرق برق ڪپڙن کي گهوريندي وراڻيو:
”لڳي ٿو ته تون بي اصولي ۽ منافقي جي تحت پاڻ کي خوشحال رکيون ٿو اچين.“
پهرين چيس، ”ڪجهه به سهي، پر تون اِهو ته مڃيندين،  ته مان غربت جي لعنت کي پاڻ تان لاٿو آهي.“
ٻي مڃيندي چيو، ”بيشڪ“
پهرين پڇيس، ”ته پوءِ تون پاڻ تان اِن لعنت کي لاهڻ جي جدوجهد ڇو نه ٿو ڪرين؟“
ٻي وراڻيس، ”تو جهڙا پوءِ ڍايا لاهڻ ڏين ته لاهيان نه!؟“

*


جدت پسند

هڪ همراهه چيو، ”مان جدت پسند آهيان ان ڪري منهنجي زال مون سان انتها درجي جو پيار ڪندي آهي.“
ٻئي پڇيو، ”ڪيترو؟“
”جيترو ماءُ پنهنجي ٻار سان ڪندي آهي.“ پهرين شخص جواب ڏنو.
”تنهنجي ماءُ جيئري آهي؟“
”بالڪل!“
”تون واقعي جدت پسند آهين!“ ٻئي مشڪندي وراڻيو.

*


رحم دل

هڪ همراهه چيو:
” منهنجي زال دنيا جي رحم دل عورت آهي.“
ٻئي پڇيس.  
”اُن جو ثبوت؟“
پهرين همراهه وراڻيو:
”اُن جو ثبوت اِهو آهي،  ته آءٌ  اڃا زنده آهيان.“

*


حجت

سائين ارباب شاهه اُها هستي هيو، جڏهن به درياهه شاه بادشاهه،  سائينءَ جي درگاهه کي پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائين اهڙي لت ٺوڪيندو هيس،  جو درياه شاهه بادشاهه ڪيئي ڪوهه پٺتي هٽي ويندو هو.
وقت وقت جي ڳالهه آهي. پر هن ڀيري واري ٻوڏ ۾ درياهه شاهه بادشاهه درگاهه کي ورائي ويو،  ته اٻوجهه،  وڏي دڙي تي چڙهي، اِهو منظر آبديده نظرن سان ڏسندي چوڻ لڳو:
”درياه شاهه بادشاهه اسان کي ته ٻوڙيو،  پر سائين جي درگاهه کي به ٻوڙي ٿو.“
” ائين نه چئه ته درياهه شاهه بادشاهه سائين جي درگاهه کي ٻوڙي ٿو“ سٻوجهه کيس سمجهايو.
”باقي،  ڇا چوان؟“
” اِهو چئه ته،   سائين جي قدمبوسيءَ لاءِ درگاهه ۾ گهريو آهي“
ٿوري دير کانپوءِ،  ڏسندي ڏسندي درگاهه ڪري پئي،  ته اٻوجهه کان رڙ نڪري وئي:
”يا حسين!... سائين ارباب شاهه کي درياهه شاهه بادشاهه درگاهه سميت لوڙهي ويو“
” ائين نه چئه !“ سٻوجهه،  اٻوجهه کي سمجهائيندي چيو:
” باقي ڇا چوان؟“
”ائين چئه، ته درياهه شاهه بادشاهه،  سائين سان حجت ڪري کيس دعوت ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي.“
*


وقت وقت کي سلام آ

ڪنهن موٽيل وهي واري عورت،  ٻي پاڻ جهڙي هرڻ جهاٽيءَ کان پڇيو:
”ڇا حال آهي؟“
ته اُن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:
”جڏهن جواني هئي ۽ ڪو اک اٽڪائيندو هيو ته پاڻ منهن ڦيري ڇڏينديو هيون سي ۽ هاڻي اسان ڪنهن سان اک اٽڪايون ٿيون،  ته اڳلو منهن ڦيري ڇڏي ٿو!“
پهرين گهرو ساهه کڻندي وراڻيو:
”بس وقت وقت کي سلام آ!“
*


منافق

” منهنجو دوست گلاب جي گل جيان خوبصورت ۽ خوشبودار آهي.“
 هڪ ماڻهو هڪ محفل ۾ پنهنجي دوست جي تعريف ڪندي چيو.
”بالڪل گلاب جي گل جيان!؟“
محفل ۾ ويٺل هڪ شخص رشڪ کائيندي پڇيو.
”ها،  بالڪل گلاب جي گل جيان منافق،  جيڪو خوشيءَ جي موقعي تي ڳچيءَ جو هار ۽ مرڻ کان پوءِ قبر جو سينگار بڻبو آهي. “

*


ڪارگر ٻيڙي

” تون ٻڌو هوندو،  ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي،  ٻڏندي ڪونهي؟“
”جي گُرو !“چيلي وراڻيو
”۽ تون ٻڌو هوندو ته ڪوڙجي ٻيڙي لڏندي ناهي، پر اوچتو ٻڏي ويندي آهي.“
”جي گرو!“
” پر جيڪا ٻيڙي درياهه يا سمنڊ وچ ۾ رڳو لڏندي رهي ۽ ساحل تي نه پهچي. ڇا تون ان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندي؟“
”هرگز نه!“
”ڇا تون اُن ٻيڙي ۾ نه چڙهندين، جنهن ۾ توکي ڌن دولت جي لائف سيونگ جيڪٽ پاتل هجي ۽ اُها ٻيڙي تيزيءَ سان ساحل جي ڀرسان اچي ٻڏي ۽ پوءِ اُن لائف سيونگ جيڪٽ جي سهاري تون ترندو اچي ساحل تي پهچين ...؟ “
”بالڪل چڙهندس، گُرو!“
”ته پوءِ ٻڌاءِ چيلا،  اِن سڄي بحث مان ڇا ثابت ٿيو؟“
”گُرو،  اِن مان ثابت ٿيو،  ته ڪوڙ جي ٻيڙي وڌيڪ ڪارگر آهي!“

*


شڪايت ۽ انصاف

هڪ شخص ڪورٽ  سڳوري جي احاطي ۾ بيٺي شڪايت ڪئي :
” هتي انصاف مفت ۾ نٿو ملي سگهي،  ڇا ڪجي؟“
اُتي بيٺل هڪ همراهه صلاح ڏيندي چيس،  ”مفت ۾ نه ٿو ملي،  ته پئسن سان خريد ڪر!“
”انصاف خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪونهن.“  اُن شخص پنهنجي تنگدست هجڻ جي شڪايت ڪئي.
”اِنهن پئسن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، هر ڏوهه ڪر!“
اُن همراهه صلاح ڏيندي چيس.
هُن سندس صلاح تي عمل ڪيو ۽ پوءِ کيس ڪورٽ مان انصاف نه ملڻ جي ڪڏهن به شڪايت نه رهي.
*


انسان ۽ حيوان

گُرو چئي رهيو هيو:
”حيوان اُتي رهندو،  جتي ٽي شيون هونديون.“
”ڪهڙيون؟“چيلي پڇيو.
”جتي کاڌ خوراڪ، صاف پاڻي۽ امن هوندو.“  گرو وراڻيو.
”۽ انسان؟“  چيلي سوال ڪيو.
”انسان به اُتي رهندو،  جتي ٽي شيون هونديون.“
”ڪهڙيون؟“چيلي پڇيو
”جتي حوس،  اَنا ۽ لالچ هوندي.“

*


ڀلو پار

”آءٌ ڀلي پار ٿو وڃان، سوچيم، توکان موڪلائي پوءِ وڃان.“
 هڪ شخص پنهنجي پراڻي دوست کان موڪلائيندي چيو.
”مڪي مديني تياري آهي؟“ پراڻي دوست پڇيس
”نه ...!“
”ڪربلا معلى!؟“
”بالڪل نه!“
”بيت المقدس؟“
”اصلي نه !“
”ته پوءِ ڪهڙي ڀلي پار ٿو وڃين؟“
”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا!“ ان شخص خوش ٿيندي ٻڌايس.
ٻئي دوست ڀاڪر پائيندي چيس :
”مبارڪ ٿي ...“ 

*


فرمانبردار شخصيت

هڪ مجلس ۾، ڪنهن سياڻي سيبتي ماڻهو، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي تحت نصيحت وارا نقطا پئي ٻڌايا:
”اوهان فرمانبرداري جي مٿانهين منزل تي رسي سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان ٽن ڳالهين تي عمل ڪيو  !ٰ“
”ڪهڙيون؟“حاضرين مجلس مان ڪنهن سوال ڪيس.
هُن ٻڌايو، ”هن دنيا کي پيءُ جي ذهن سان سوچيو، ماءُ جي ڪنن سان ٻڌو ۽ زال جي اک سان ڏسو. “
”۽ پنهنجي شخصيت؟“حاضرين مجلس مان ڪنهن سوال ڪيو.
فرمانبردار ماڻهوءَ جي ڪابه شخصيت ناهي ٿيندي.“سيبتي ماڻهو وراڻيو.

*


ڏوهاري پيءُ جي پٽ کي نصيحت

هڪ خانداني ڏوهاري مرڻ کان اڳ پنهنجي نوجوان پٽ کي نصيحت ڪندي چيو:
”پٽ، جيڪڏهن تون چوري ڪرين، ته ڌاڙو نه هڻجانءِ، پر جي دل جي چوڻ تي ڌاڙو هڻين ٿو، ته اغوا نه ڪجانءِ، پر جي اغوا ڪرين ٿو ته قتل نه ڪجانءِ، پر جي مجبوري ۾ قتل ڪرين ته ٻيو نه ڪجانءِ،  جي ٻيو ڪرين ٿو ته ٽيون نه ڪجانءِ، پر جي ٽيون ڪرين ته پوءِ ڪنهن طاقت ور سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪجانءِ.... انشاالله اُتي توکي عزت، نيڪ نامي ۽ تحفظ ملندو. “
”ها بابا، مان اوهان جي نصيحت تي پورو پورو عمل ڪندس.“
پٽ، ڏوهاريءَ پيءُ جي نصيحت دل سان هنڊائيندي واعدو ڪيو.

*


الفائده

هڪ ڊگهي ڏاڙهي واري همراهه کان، انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي،  ڪنهن انٽيليجنس ايجنسي جي آفيسر پڇيو:
”تنهنجو تعلق القائده تنظيم سان ته ناهي؟“
ڊگهي ڏاڙهي واري همراه وراڻيو، ”بالڪل نه!“
”ٻي ڪنهن تنظيم سان؟“
”ها، هڪ سان ضرور آهي“
”ڪهڙي؟“
الفائده سان!“
”الفائده وري ڇاآهي؟“  انٽيليجنس آفيسر حيرانگيءَ وچان پڇيس.
”الفائده جو مطلب آهي،  جتي فائدو ڏسو اُتي فٽ ٿي وڃو!“
اِهو جواب ٻڌي،  انٽيليجنس آفيسر ٽهڪ ڏيندي کيس هڪدم ڪليئرنس ڏئي ڇڏي.

*


زال جو ستايل خودڪش بمبار

پاڙي جي مسجد جي ملان نظير احمد،  هڪ ڏينهن مسجد ۾ اعلان ڪري، سڄي جماعت کي حيران ڪري ڇڏيو،  ته هو خودڪش بمبار ٿيڻ ٿو چاهي.
”سبب !؟“ هڪ جماعتي کائنس با ادب ٿي پڇيو.
وراڻيائين، ”جنت ۾ وڃڻ چاهيان ٿو.“
    ” ايڏي تڪڙ!؟“ڪنهن جماعتي سوال ڪيس.
”پنهنجي بدصورت ۽ بد بخت زال جو منهن ڏسي ڏسي بيزار ٿي پيو آهيان!“  ملان جذباتي انداز ۾ جواب ڏنو.

*


قراقلي ٽوپي

هڪ بگهڙ قراقلي ٽوپي مٿي تي رکي اعلان ڪيو:
”صدين کان وٺي اسان ويچارين غريب رڍن کي کاڌو آهي ۽ سندن استحصال ڪيو آهي. پر جڏهن کان وٺي پاڻ هيءَ شرافت جي ٽوپي مٿي تي رکي آهي، اُن ڏينهن کان وٺي اِهو واعدو ڪيو آهي،  ته هاڻي رڍن کي نه کائبو،  پر انهن جي رکوالي ڪبي.“
سڀني رڍن ۽ گهٽن خوشيءَ ۾ ٻيڪاٽ ڪيا، سواءِ هڪ ڍڪي رڍ جي،  جنهن جي نظر بگهڙ جي پهريل قراقلي ٽوپي تي هئي،  سا خوف وچان ڪنبڻ لڳي.

*


انساني جنوني روبوٽ

پئرس جي ”لُور“ ميوزيم اندر گهمندي گهمندي ٻه سياح ساهي پٽڻ لاءِ رکيل صوفي تي ويٺا. ٻئي اجنبي هيا. ٻنهي هڪ ٻئي کي مشڪي”هاءِ!“چيو. ان کانپوءِ مرد سياح،  عورت سياح کان پڇيو:
”اوهان جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي؟“
عورت وراڻيو، “جتي دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻا ڪمپيوٽرائزڊ مشيني روبوٽ ٺهنداآهن.“
مرد وراڻيو، ”مان سمجهي ويس، ته اوهان جو تعلق جاپان سان آهي.“
عورت چيو، ”صحيح سڃاتو ... اوهان ٻڌايو ته اوهان جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي؟“
مرد وراڻيو، ”جتي وڌ ۾ وڌ انساني جنوني روبوٽ ٺهندا آهن ۽ خودڪش حملا ڪندا آهن.“
عورت وراڻيو، ”مان سمجهي ويس، ته توهانجو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي!‘‘

*


مارئي ملير جي

ڀالوا ۾ مارئي جو ميلو لڳل هيو. کوهه تي سڄي سنڌ جا ماڻهو بيٺا تبصرو ڪري رهيا هيا.
اتراڌي چيو، ”جي اسان جي پاسي عمر ماروي وارو واقعو ٿئي ها، ته ٻنهي ڄڻن کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي قتل ڪيو وڃي ها.“
لاڙي چيو، ”اسان وٽ عمر تي وڏو ڏنڊ لڳي ها.  ڏنڊ ۾ بادشاهي هلي وڃيس ها ۽ مارئي به وڏي اگهه وڪامجي ها.‘‘
وچولي واري چيو، ”جي اسان وٽ اِهو واقعو ٿئي ها، ته عمر کي سنڌ مان لڏائي ڇڏجي ها ۽ مارئي ڪنهن پير جي ڪوٽ ۾ قابو ٿئي ها ۽ ڪڏهن به نه نڪري سگھي ها.‘‘
ڪوهستاني چيو، ”اسان وٽ جي اِهو قصو ٿئي ها، ته عمر تي سؤ سڱ چٽي رکجي ها ۽ مارئي کي ابتو ڪهي، پهاڙن تان اڇلائجي ها.“
ٿري وراڻيو، ”ڀائي، تڏهن ته مارئي توهان وٽ نه ڄائي، جو توهان جي افعالن جي ازل کان خبر هيس. “

*


خوني انقلاب کانسواءِ چارو ڪونهي

هڪ ظالم، مظلوم کي ماري رهيو هيو، ته مظلوم سندس کاڏيءَ تي هٿ رکي سمجهائيندي چيس:
”ڏاهو ٿيئه!. . . بنيادي حقن جي لتاڙ نه ڪر ... زنده رهه ۽ ٻين کي به زنده رهڻ ڏي!“ ظالم کاڏي تان مظلوم جو هٿ پرتي ڪندي چيو:
”مان پنهنجو فطرتي حق استعمال ڪيان ٿو“
مظلوم حيرانگيءَ وچان پڇيس، ”اِهو ڪيئن؟“
ظالم وراڻيو، ”گاهه کي رڍ کائي ٿي... رڍ کي بگهڙ... بگهڙ کي شينهن ماري ٿو... شينهن کي ماڻهو... ۽ ماڻهوءَ کي عزرائيل...هر طاقتور ڪمزور کي مارڻ جو فطري حق رکي ٿو. ان فطري حق جي تحت آءٌ  توکي ماريان ٿو، جو تون ڪمزور ۽ مان طاقتور آهيان. “
اِهو چئي ظالم مظلوم کي مارڻ لڳو. ان وقت مظلوم سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو، ته ظلم ۽ زيادتي کي ختم ڪرڻ لاءِ خوني انقلاب کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي.

*


سنڌي سٻاجهڙو

سنڌي سٻاجهڙو، جيڪو زندگيءَ جي چؤواٽي تي پريشان حال ويٺو هيو. تنهن سوچيو، ڪانه ڪا راهه وٺڻ گهرجي، ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي. اِهو سوچي هو ڏکڻ طرف هلڻ لڳو، ته واٽ تي هڪ سياڻو سيبتو همراهه مليس . تنهن حال احوال وٺڻ کان پوءِ کيس سختي سان منع ڪئي ته ڏکڻ پاسي اجهل سمونڊ آهي. جيڪو نهايت پر خطر آهي. جنهن ڪيترائي غوراب ماڻهن سوڌا غرق ڪري ڇڏيا آهن.
سنڌي سٻاجهڙي ڏکڻ وارو رستو ڇڏي اتر طرف هلڻ لڳوته واٽ تي کيس هڪ جهانديده  راهبر ملي ويو. تنهن سندس ارادا معلوم ڪري کيس سمجهايو ته اتر طرف هرگز هرگز نه وڃي، جو اتر طرف وڃڻ، موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. ڇو ته اتان جو ماحول ظالم ۽ هوائون بي رحم آهي.سنڌي سٻاجهڙي اتر جي واٽ ڇڏي، پورب جو گس ورتو، ته کيس ساڃاهوند سونهون ملي ويو. تنهن ٻڌايس، ته هو جنهن راهه جو راهي آهي، اُهو رڃ ۽ ريگستان جو سفر آهي. هو هلندي مرگهه ترشنا جو شڪار ٿي ويندو. سنڌي سٻاجهڙو پورب جو پنڌ ڇڏي، اولهه طرف رخ رکيو. اڃا هو پهاڙن جي دامن ۾ پهتو، ته سندس ملاقات هڪ مهان ڏاهي سان ٿي. جڏهن هن پنهنجي دل کولي اُن جي سامهون رکي ته هن ٻڌايس ته اڳتي آڏ تراڇا آهڙا ڏونگر کي ڏاڪا ٿي جيڪڏهن سندس پير ٿڙڪيو ته ڳاٽي ڀر لڳندو ۽ سندس مڻڪو ڀڃي پوندو.
سنڌي سٻاجهڙي اِهو ٻڌي، پنهنجي دل دٻلي ۾ رکي ٿڙڪندو واپس موٽيو ۽ زندگيءَ جي چؤواٽي تي لت ڏئي سمهي پيو.

*


مان سمهيو ڪٿي آهيان

هڪڙي انقلابي سنڌي سٻاجھڙي کي ستل ڏسي زور زو سان نعرا هنيا،
’جاڳ سنڌي جاڳ ...!‘‘
سنڌي سٻاجهڙي اُٿي وراڻيو،
’’ادا! مان ته  ائين ئي آهليو پيو هيس، سمهيو ڪٿي آهيان !‘‘
’’پوءِ پورن پنج هزار سالن کان وٺي ڇا پئي ڪيئي؟‘‘ انقلابي ، تاريخي سوال ڪندي ڇڙٻ ڏنس.
سنڌي سٻاجهڙي وراڻيو، ’رات جو مڇرن سمهڻ نه ڏنو، ڏينهن مکين هڪلڻ ۾ پورو ٿي ويو. باقي رهي سهي ڪسر اوهان جي نعرن ڪڍي ڇڏي ...!‘‘

*


ڪير پنهنجو، ڪير پرايو

هڪ حسين بيوهه کي، ڪنهن محفل ۾ هڪ بزرگ شخص سمجھائيندي چيو،
’’ٻڌو آهي،ته اڄ ڪلهه تون پراون ماڻهن سان راتيون گذارين ٿي. توکي پنهنجي مرحوم مڙس جي عزت جو خيال ڪرڻ کپي.‘‘
حسين بيوهه سرد آهه ڀريندي وراڻيو، ’’محبوب مڙس جي مرڻ کان پوءِ هوش ئي ناهي رهيو،ته ڪير پنهنجو آ، ڪير پرايو آ ...!‘‘
   
*


سبحان الله!

خليفي چيو:
پير سائين، جي ڪوڙ ڳالهائي ته به سچ هوندو آهي ۽ جي سچ ڳالهائي ته پوءِ مَچُ هوندو آهي.‘‘
سڀني ويٺل مريدين زور سان چيو،
’’سبحان الله!‘‘
*


اڄوڪي اخبارن جي هڪ حيرتناڪ خبر

ٻه قرب جا بکيا، قرب ونڊيندي گرفتار ٿي ويا.

*


ٻه وڏا ڪوڙا

هڪڙي ڪوڙي دعويٰ ڪئي:
مان هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هڻان، ته پکي ٿي وڃي.‘‘
ٻئي چيو، ’’مان هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هڻان، ته بندوق ٿي وڃي.‘‘
پهرين ڪوڙي هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هنيو ته پکي ٿي ويو، پر بنا پرن جي.
  ٻئي ڪوڙي هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هنيو ته بندوق ٿي وئي، پر بنا ڪارتوسن جي ..!

*


صفا صحافي

هڪڙا صحافي هوٽل تي ڪچهري ڪندي بدشد  ڳالهائي رهيا هيا. ڀرسان واري ٽيبل تي ويٺل همراهن کين گذارش ڪندي چيو، ’’سائين، ڪجهه ماڻهو ٿيو! فضيلت سان ڳالهايو.‘‘
بد شد ڳالهائڻ وارن وراڻيو:
’’اسان صحافي آهيون، جئين وڻندو، تئين ڳالهائينداسي.‘‘
*

بزدل سواري

ڪراچي کان حيدرآباد ڏانهن ويندڙ بس، جيئن ئي ڪاٺوڙ واري سنگل روڊ تي چڙهي ته بس کي ڄڻ پر لڳي ويا. وڏن ٽرالن ۽ ٽرڪن جر وچ مان بس ائين گهتون هڻي هلڻ لڳي،  جيئن چمڙا رات جي اونداهي ۾ اُڏامندا آهن. ڪڏهن اوچتو بريڪ، جو ماڻهن جا مٿا وڃي اڳين سيٽن تي لڳن،  ته ڪڏهن اهڙو ڪٽ جو ماڻهو هڪ ٻئي جي مٿان سٿجي وڃن. هڪ ٻه دفعو ته ماڻهو اهڙن جهٽڪن کي برداشت ڪري ويا. پر جڏهن ٽيون دفعو هڪ زوردار بريڪ سان گڏ ڪٽ لڳو ته ٽائرن مان چيڪٽ ۽ دونهان نڪري ويا. ماڻهو ڪاوڙ ۾اُٿي بيٺا ۽ ڊرائيور کي چوڻ لڳا:
”انڌن وانگر گاڏي ٿو هلائين ... سڀني کي ماريندين ڇا ...؟شرافت سان گاڏي هلاءِ ...!‘‘
ڊرائيور هڪ نهايت خطرناڪ بريڪ هڻي گاڏي بيهاري،  جو ماڻهو لڙهڪندي لڙهڪندي بچيا. پوءِ خونخوار نظرن سان پٺتي نهاريندي چيائين:
”زندگي ۽ موت خدا جي هٿ آهي. ڪو ڊرائيور جي هٿ ۾ ناهي. سڀ جو سڀ لهي وڃو،  مان بزدل سواريءَ کي ناهيان ويهاريندو!“
اِهو ٻڌي سڀ ماڻهو دلير ٿي ويهي رهيا.

*


اڳ ڳڻتي

ڪراچي  شهر جي هڪ شهري،  ٻي شهريءَ کي چيو:
”ٽي وي تي ڏيکارن ٿا،  ته سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ آئي آهي. ٻهراڙي جي ماڻهن شهر جو رخ رکيو آهي.“
ٻي شهري وراڻيو، ”مسئلو ٻوڏ جو ناهي،  پر مسئلو اِهو آهي،  ته جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو شهر ۾ ڪاهي پيا، ته اسان جو ڇا ٿيندو؟“

*


شهري ۽ ڳوٺاڻا

ٻه ڳوٺاڻا، ڳوٺ جي گهاٽي نم جي ڇانوَ هيٺان ڪچهري ڪري رهيا هيا.
هڪ ڳوٺاڻي چيو: ”پاڪستان ۽ هندوستان جي ڇڪتاڻ وڌندي وڃي ٿي، لڳي ٿو جنگ لڳندي.“
ٻي ڳوٺاڻي وراڻيو، ”هن ڀيري واري جنگ، عام جنگ نه هوندي، ٻئي ملڪ ايٽم بمن جو استعمال ڪندا.“
پهريائن ڳوٺاڻي تشويش وچان سوال ڪيو، ”اِهي بم اسان جي ڳوٺن تي، ته نه ڪرندا نه؟“
”تون ڳڻتي نه ڪر، اِهي بم ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي وڏن شهرن تي هڻندا.“ ٻي ڳوٺاڻي کيس اطمينان ڏياريو.
پهرين ڳوٺاڻي وراڻيو، ’’ڀلي شهرن تي  بم لڳن ، اسان جو ڇا!“

*

                
سڀئي اڻ سڌريل

هڪ ڏينهن ڪراما ڪاتبين (ملائڪ سڳورا) حضرت انسان جي ڪلهن تان لهي سندس سامهون ٿي بيٺا ۽ کيس سمجهائڻ لڳا:
” اي حضرت انسان، تون اڃا تائين ناهين سڌريو. گناهن مٿان گناهه ڪندو ٿو رهين،  پر پوءِ به تنهنجي گناهن ڪرڻ واري خواهش اڃا ختم ناهي ٿي.“
حضرت انسان جواب ڏنو:
” جي مان نه سڌريو آهيان،  ته اوهان وري ڪهڙا سڌريا آهيو. توهان به ته چغل خوري وارو ڌنڌو اڃا تائين ناهي ڇڏيو!“

*


’مان مان‘، ’تون تون‘!

خدا بندي کان پڇيو:
” مان ڇا آهيان،   تون ڇا آهين؟“
بندي وراڻيو:
”مان مان آهيان،  تون تون آهين“

*


مشرڪ

ڪنهن مردِ مومن ڪنهن صوفيءَکي چيو:
”اوهان صوفي شرڪ ڦهلايو ٿا،  اوهان بدعتي  آهيو.“
صوفي وراڻيو،  ”،  اسان ان کان به وڌ،  يعني بذات خود بدعت آهيو.“
”پوءِ ضروري آهي،  ته اوهان جهڙن مشرڪن خلاف جهاد ڪري،  اوهان کي صفحه هستيءَ تان مٽائي ڇڏجي.“ مردِ مومن جوش ۾ ايندي وراڻيو.
”اوهان جي مهرباني ٿيندي،  ڇو ته اسان جي به اِها ڪوشش آهي،  ته پنهنجي هستيءَ کي مٽائي،  اُن کي ظاهر ڪيون،  جنهن وٽ ڪا ٻيائي ڪونهي.“

*


وڏائي

هڪ غريب شخص،  هڪ صوفيءَ وٽ آيو ۽ کائنس پڇيائين:
”صوفي صاحب،  خدا کي اسان ٻاڏايون به گهڻو ٿا،  پر خدا اسان کي ٻڌي ئي نٿو. جڏهن ته وڏا ماڻهو کيس ياد به گهٽ ڪن ٿا. پر ٻڌي اُنهن جي گهڻي ٿو،  سو ڇو؟“
صوفي جواب ڏنو،  ”خدا وڏو آهي. اِن ڪري وڏو وڏن جي ٻڌندو.... ننڍن جي ڇو ٻڌندو!!؟‘‘ 
*


ملان اڃا فائدي ۾ آهي

هڪ ملان موجوده دؤر تي تبصرو ڪندي چيو:
”مذهب جي دُوري انسان کي تباهه طرف وٺي وڃي رهي آهي. تڏهن ته قرآن ۾ لکيل آهي،  ’بيشڪ انسان خساري ۾ آهي.‘
صوفي وراڻيو،  ’’بيشڪ انسان خساري ۾ آهي،  پر ملان نه!“

*

زنده هستي

”هي دنيا ڪنهن جي محابي ته هلي ٿي. نه ته هيءَ دنيا ڪڏهن جو تباهه ٿي وڃي ها.“
پير صاحب،  محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي رازداريءَ سان ٻڌائيندي چيو:
”اُها ڪهڙي زنده هستي آ، جنهن جي ڪري، هيءَ دنيا هلي رهي آهي؟“ 
 محفل ۾ ويٺل هڪ ماڻهو  زور ڀريندي پير صاحب کان پڇيو.
’’اوهان سڀيئي واعدو ڪيو، ته ڪنهن کي نه ٻڌائيندا!؟‘‘
محفل ۾ ويٺل سڀني ماڻهن واعدو ڪيو،  ته اُهي ڪنهن کي نه ٻڌائيندا.
پير صاحب واعدي وٺڻ کانپوءِ،  کين انتهائي رازداريءَ سان ٻڌايو:
”اُها عظيم هستي آءٌ  پاڻ آهيان ... هاڻي آ اوهان جي مرضي يقين ڪيو يا نه!‘‘

*


سوچيندين ته سمجهه ۾ اچي ويندءُ

صوفي فولاد فقير وٽ هرسوال جو جواب موجود آهي. اِهو ٻڌي هڪ شخص،  فولاد فقير وٽ آيو ۽ کائنس سوال ڪيائين:
”فولاد فقير،  سڄي دنيا جا ماڻهو الله کي هر روز ٻاڏائن ٿا،  ته سندن حالتِ زار تي رحم فرمائي. کيس پستين مان ڪڍي،  بلنديءَ تي پهچائي، کين ڪافرن جي مٿان غالب ڪري. پر پوءِ به الله تعالي ڪنهن هڪ مومن مسلمان جي نٿو ٻڌي ...؟ سو ڇو ...؟پر جواب ڏيڻ کان اڳ هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ فولاد فقير! ته مان ملن وارو اهو رٽيل پٽيل جواب هرگز ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان،  ته اِهو سڀ ڪجهه الله جي طرف کان امتحان يا آزمائش آهي.“
فولاد فقير اِهو سوال ٻڌي مشڪيو ۽ پوءِ کيس رازداريءَ واري انداز ۾ ٻڌايو:
”دراصل خدا ٻڌي ٿو ۽ ملائڪ سڳورن کي باقائده حڪم ٿو ڪري،  ته وڃي مومن مسلمانن جي مدد ڪريو. پر ملائڪ سڳورا ڪافرن کي مسلمان ۽ مسلمانن کي ڪافر سمجهن ٿا.‘‘
ان شخص وراڻيو، ”اِها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.“
فولاد فقير وراڻيو، ”پنهنجن افعالن تي سوچيندين ته سمجهه اچي ويندءُ.“

*


خدا جي ڳولا ۾

هڪ بندي خدا جي ڳولا ۾ ايڏا ڪشالا ڪڍيا ۽ ڪشٽ ڪڍيا جو ملائڪن خدا کي عرض ڪيو، ته ’’سائين! هن تي ڪهل ڪيو.‘‘
خدا وراڻيو، ’اِن ڪري ڳولهي ٿو، جو لالچ اٿس، اِن ڪري ڪشٽ ۽ ڪشالن واري ئي سزا ان لاءِ ڪافي آهي!‘‘
*


مالڪن جا قرب

هڪ صوفي چوراهي ته اونڌي منجي ڪيون ويٺو هيو. ڪنهن پڇيس:
’’ائين اونڌي منجي ڪيون، چوراهي تي ڇو ويٺو آهين!؟‘‘
هڪدم وراڻيائين، ’’مالڪن جي مرضي آهي، اونڌي منجي تي ويهارين يا سنئين منجي تي ...‘‘
پڇندڙ همراهه چيس:
’’جي مالڪن جا اهڙا قرب ٿي، ته تو به ڪلياڻ نه ڪيو ...!!‘‘

*


عاشق ۽ معشوقن جا ڪهڙا ليکا

هڪ صوفي ۽ محقق گڏجي ڀنڀور گهمڻ ويا.
 ڀنڀور جا آثار گهمندي صوفي چيو:
’’نه سسئي عاشق ٿئي ها، ۽نه وري ڪشالا ڪٽي ها.“
محقق سندس بيان کي درست ڪندي چيو:
”قصو ته اِهو ٻڌائي ٿو، ته پنهون عاشق هيو ۽ سسئي معشوقه. “
صوفي وراڻيو، ”ڪشٽ ۽ ڪشالا عاشق ڪٽيندو آهي، معشوق ته جورو جفا ڪندو آهي. هونئن به مزاجي عشق عورت ڪري ڄاڻي، مرد کي ڪهڙي خبر. “
محقق جواب ڏنو، ”انساني عشق جي تاريخ ٻڌائي ٿي، ته مزاجي عشق جي شروعات مرد کان ٿي. اِن ڪري تاريخي طور تي مرد وڏو عاشق آهي. “
هڪ سائيٽ اٽينڊنٽ، جيڪو ڀرسان بيٺو هيو، سو پاڻ جهلي نه سگهيو، تنهن وراڻيو:
”ٻئي عاشق معشوق هيا. هڪ ابتدا ڪئي، ٻئي انتها. سو سائين! عاشقن ۽ معشوقن جا ڪهڙا ليکا، جو توهان ليکا ٿا ڪيو!؟“
اِهو ٻڌي صوفي ۽ محقق ڏاڍا شڪي ٿيا.

*


ڇُري ۽ گدرو

سرڪاري باس پنهنجي ماتحت کي سمجهائيندي چيو:
”ماتحت گدري جي مثال آهي ۽ باس ڇُري جيان آهي. جي گدرو ڪري ڇُري تي،  ته به گدري کي نقصان.جي ڇُري ڪري گدري تي،   ته به گدري کي نقصان“
ماتحت وراڻيو:
”سر،   جي گدري مٿان سياسي اسٽيل جو تهه چڙهيل هجي ته پوءِ؟“
باس هڪدم وراڻيو :
”ڇُري به گدري جي اڳ پٺ ڏسي،  پوءِ ڪرندي آهي“

*


ديسي گڏهه

مان جيئن ئي آفيس پهتس، ڏٺم ته منهنجي آفيس جو نائب قاصد رمضان ڪنهن ڳوڙهي سوچ وچان مٿي کي هٿ ڏئي ويٺو هيو. مون سوچيو،  ’اڄ وري موڪل وٺڻ لاءِ ڪو نه ڪو بهانو ڪندو.‘
پڇيومانس،  ”رمضان خير ته آهي،   ائين گمُ سمُ لڳو ويٺو آهين؟“
”اي سائين،  ڳالهه نه پڇ ... !  اڄ ويو هيس اُن باغ ۾ جتي جانور ۽ پکي هوندا آهن“
”چڙيا گهر۾ ... پوءِ؟“ مون سمجھندي وراڻيو.
”اُتي بي انصافي ڏسي،  ڏاڍو ارمان ٿيو“
”ڪهڙي بي انصافي!؟“
” اي سائين،  هڪ پڃري ۾ ڏٺم ته آفريڪي پٽاپٽي گڏهه پيا ڊوڙين. ڇا چئبو آهي نڀاڳن کي؟“
”زيبرا“
”ها،  اِهي ... جيبرا“
”پوءِ؟“
”غور سان ڏٺم،  ته ٻئي ماديون!“
”پر اِن ۾ ناانصافي ڇاجي، نر زيبرا نه مليا هوندن!‘‘ مون کيس سمجهائيندي چيو
”اي سائين،  نر زيبرا نه هيا،  ته پنهنجا ديسي گڏهه ته موجود هيا. اُنهن کي ئي پڃري ۾ وجهن ها،  ته جوڙ ٺهي وڃن ها.“رمضان وراڻيو.
” پوءِ تون اِها تجويز چڙيا گهر وارن کي ڇو نه ڏني؟“مون کائنس سوال ڪيو
”اي سائين،  اِها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ آئي ته سهي، پر پوءِ سوچيم،  پنهنجا ديسي گڏهه ڪير ڏسڻ ايندو؟“ رمضان وراڻيو.

*

محمود و اياز

سرڪاري باس ۽ ماتحت، جڏهن مسجد مان نماز پڙهي نڪتا، ته ماتحت چيو،
”سر، گڏجي نماز پڙهڻ ۾ ڪيڏو نه سڪون آهي.“
باس وراڻيو، ”بيشڪ،  محمود ۽اياز ۾ فرق ئي نٿو رهي.“
ماتحت چيو، ”جيڪڏهن اِهو فرق رشوت وٺڻ ۾ به نه هجي ته ڪيڏو نه وڌيڪ سڪون ملي.“
باس وراڻيو، ”جي سڀ فرق ختم ٿي وڃن ته پوءِ محمود محمود نه رهندو، اياز اياز نه رهندو!“
*


پراڻو شهري ۽ شهري رٿابندي جو ماهر

”مون کي هاڻ هت ڪير به نٿو سڃاڻي ... مان پنهنجي ئي شهر ۾ اجنبي ٿي ويو آهيان. مون کي ويڳاڻپ ۽ وائڙائپ ذهني مريض ڪري ڇڏيو آهي. مهرباني ڪري ڪا اهڙي رٿابندي ڪيو،  جو مون کي منهنجي شناخت ملي.“ هڪ پراڻي شهري، رٿابندي جي ماهر کي ليلائيندي چيو.
رٿابندي جي ماهر وراڻيو، ”جڏهن تون ننڍو هئين،  ته تنهنجي شهر جي آبادي لک کن مس هئي. اِها منهنجي ئي رٿابندي آهي،  جو تنهنجو شهر ڪيترن ئي لکن تي مشتمل آهي. جڏهن تون اڃا ٻار هئين،  ته تنهنجي شهر جي پکيڙ چند چورس ڪلوميٽر مس هئي،  اڄ تنهنجي شهر جي پکيڙ  چاليهه چورس ڪلوميٽرن کان به مٿي آهي. اڳي تنهنجي شهر جي ٻاهران جهنگ ئي جهنگ هيو. هاڻي تنهنجي شهر ٻاهران ڪيئي رهائشي ڪالونيون کنڀين وانگر نڪري آيون آهن. اِن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي رٿابندي ڪيان؟“
پراڻي شهري تنقيد ڪندي چيو:
”تنهنجي اِن رٿابندي جي ڪري،  منهنجي شهر جي آبادي سهڪڻ لڳي آهي. شهر جي ڦهلاءُ ماڻهن کي منجهائي ماريو آهي. رڪشائن ۽ گاڏين جي شور ڪري ماڻهن هڪ ٻئي کي ٻڌڻ ڇڏي ڏنو آهي. مٽيءَ ۽ دونهين جي غبار ڪري ڏسڻ کان معذور آهن. نين رهائشي ڪالونين،  فطرتي سونهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ ڪهڙي رٿابندي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کان ماڻهپو ۽ خوبصورتي کسي رهي آهي؟“
”توهان پراڻا شهري کوهه جا ڏيڏر آهيو. توهان جديد تقاضائن کي هرگز نه سمجهي سگهندءُ. تنهن ڪري توهان سان مٿو هڻڻ اجايو آهي.“
اِهو چئي شهري رٿابندي جي ماهر خفا ٿيندي منهن ڦيري ڇڏيو.
اِهو ٻڌي پراڻي شهري سوچيو،  ته هاڻي شهر ۾ رهڻ بجاءِ جهنگ منهن ڪجي ته بهتر آهي.
*


ميگا ڪميشن

هڪ ترقياتي ميگا پراجيڪٽ جي رٿا تي لاڳاپيل وڏي آفيسر، وزيرِ موصوف ۽ صلاحڪارکي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو :
”سر، هي ميگا پراجيڪٽ ملڪي معيشيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ توهان يقين ڪيو ته هي ملڪ جي قسمت بدلائي ڇڏيندو.“
وزير موصوف صلاحڪار کان رازداري واري انداز۾ آهستگيءَ سان پڇيو:
”ڇا توکي يقين آهي،  ته هي ميگا پراجيڪٽ ڪامياب ويندو؟“
صلاحڪار به اوتري ئي رازداري سان جواب ڏنس، ”سر، ميگا پراجيڪٽ ڪامياب وڃي يا نه،  پر ملندي سڀني کي ميگا ڪميشن .... وڌيڪ اوهان جي مرضي .... “
”جي اِها ڳالهه آهي، ته پوءِ اِها پراجيڪٽ ضرور هلڻ گهرجي.“
وزير پراجيڪٽ جي منظوري ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.

*


ڪهاڻيءَ جو هڪ ستايل ڪردار

گلشن حديد جي پهاڙيءَ تي هڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي خيالن ۾ گم سُم لڳو ويٺو هيو،  ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ستايل ڪردار کيس ڳولهيندو اچي پهتو. اچڻ سان چيائين:
”ڇا پيا سوچيو؟“
”ڪنهن ڪهاڻي جي ڪردار تي پيو سوچيان!“
”آءٌ  به ته ڪنهن ڪهاڻي جو ڪردارآهيان،  مون تي ڇو نه ٿا لکو؟“
’’تون اڳ ۾ ئي لکيل آهين. ان ڪري لکيل ڪردارن جي قسمت تبديل نه ٿي ڪري سگھجي.‘‘ ڪهاڻيڪار سمجهايس.
”اوهان صحيح آهيو،  پر جنهن مون تي لکيو آهي. اُن مون سان وڏي زيادتي ڪئي آهي.“ ڪردار وراڻيو.
”ڪهڙي زيادتي؟“ڪهاڻيڪار ستايل ڪردارکان پڇيو.
”تخليقار مون سان ايڏا مسئلا ڳنڍيا آهن، جو اڄ تائين انهن مسئلن ۾ اُلجهيل آهيان.“
”اِها هر تخليقار جي مرضي آهي،  ته هو پنهنجن ڪردارن سان ڪهڙي به جٺ ڪري!“ ڪهاڻيڪار ٻڌايس.
”ڪو مثال ٻڌايو؟“ ڪردار پڇيس.
”آءٌ  پاڻ مثال آهيان! جنهن مون کي تخليق ڪيو آهي، ان به مون سان ائين ئي ڪيو آهي!‘ ڪهاڻيڪار وراڻيس.
ستايل ڪردار اِهو ٻڌي خاموشيءَ سان پنهنجي ڪهاڻي ۾ گم ٿي ويو.

*


حيثيت

هڪ خود پسند شخص جبل سان دوستي رکي، پاڻ کي ڪوهيار‘ سڏائڻ لڳو. جڏهن به جبل جي چوٽيءَ تي چڙهندو هو، ته جبل سان پنهنجي دوستيءَ جو دم ڀريندي مٿائنس احسان جتائيندو هو:
”جبل، مون کي شابس ڏي، جو مان تنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي، توسان دوستيءَ جو دم ڀريان ٿو.“
جبل ٻڌي ٻُڌي نيٺ تنگ ٿي پيو ته هڪ ڏينهن چيائينس :
”ڪوهيار جي تون چاهين ته مان تنهنجي ان احسان جو بدلو چڪائي ڇڏيان.“
”ڪيئن احسان چڪائيندين؟“ڪوهيار تجسس وچان پڇيس.
جبل وراڻيو، ”جيئن تون منهنجي چوٽي تي چڙهي احسان ڪرين ٿو، تيئن آءٌ  تنهنجي مٿان چڙهي احسان چڪائي سگهان ٿو.“
اِهو ٻڌي ڪوهيار وراڻيو،
”جبل، تون پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهه، مون کي منهنجي حيثيت جي خبر پئجي وئي.“

*


هڪ عام ليکڪ جي جمالياتي حس

نئين سال جي شروعات وارن ڏينهن ۾،  هڪ نيم پاڳل ليکڪ اسٽيشنري جي دوڪان تي چڙهيو ۽ دوڪاندار کي چيائين:
”نئين سال جي ڊائري ڏيکار.“ دوڪاندار سندس آڏو ڪيترين ننڍين وڏين ۽ رنگبرنگي ڊائرين جو ڍير لڳائي ڇڏيو.
”اڃا ڪي سٺيون هجن ته ڏيکار.“ ليکڪ اڳيان رکيل ڊائرين کي ڏسندي،  ناپسند ڪندي چيو.
”آءٌ  توکي سڃاڻان،  تون هڪ غريب ليکڪ آهين،  مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تون مهانگي ڊائري وٺي ڇا ڪندين؟“دوڪاندار مٿائنس طنز ڪندي چيو:
ليکڪ وراڻيو: 
”انساني سماج جي بد ذوقيءَ کي خوبصورت پنن تي لکڻ چاهيان ٿو.“

*

No comments:

Post a Comment