Sunday, May 6, 2012

ڪڏهين بهار ايندو- سوڀو گيانچنداڻي


ڪڏهين بهار ايندو
سوڀو گيانچنداڻي

“ٻڌ ته......
“چئه ....
“مان ٿي چوان...... چوان؟”
“چئه نه!..... ڪير ٿو جهليئي؟”
“اڄ مون کي سئنيما تي وٺي هلو.
“ڳالهه به ايتري! چڱو هلنداسون، مان ڪلاڪ کن لاءِ هڪ ميڙ ۾ ٿو وڃان، تون تيار ٿي ويهجانءِ، جيئن پهرئين کيل تي پهچي سگهون.
“ته چئو ڇو نٿا، ته نه هلندئو. مون کي اهي چالاڪيون سجهن ٿيون. اڌ رات جو موٽي ايندوئو. چوندئو ته “ڳالهه ئي وسري ويئي” – اهي سنگتي توهان کي ڇڏين ڇو ٿا؟”
۽ رسي، منهن ڦيري، رڌڻي ڏي هلي ويئي. ايتري ۾ ڪِڪو ٻاهران ڊوڙندو آيو مون کي ڪپڙا پائيندو ڏسي، چيائين: “مان به هلندس! امان مون کي لٽا پاراءِ، مان “ڀائوءَ” سان گهمڻ ويندس!
“پٽ! تون لٽا پاءِ، ته کيل تي هلنداسين. هو ڏٺو هوءِ نه؟ ڇوڪريون اچن پيون، ڇوڪريون وڃن پيون، ڇوڪريون نچن پيون...... هاڻي ڀلو پٽ آهين نه! وڃ ماءُ کان لٽا وٺي پاءِ، ته مان بگي وٺي اچان. بگيءَ تي هلندين نه؟” هن ماءُ ڏي مهڙ ڪئي، ته مان گُهت ڏيئي ٻاهر نڪري ويس.


عباس جي جاءِ تي ادبي محفل ٿي. ان ۾ وڃڻ به ضروري هو. خبر هيم ته ڪلاڪ ۾ جند مشڪل ڇٽندي. پر جي ڪلاڪ ۾ موٽي اچڻ جو انجام نه ڏيان ها، ته ڪلاڪ ويهي ڳالهيون ٻڌڻيون پون ها! خيال هو ته محفل جي وچ مان کسڪي ايندس. گهٽ ۾ گهٽ ڪڪي کي نااميد ڪرڻ جو ويچار ڪو نه هو.
عباس جي جاءِ تي پهتس، ته محفل اڳي ئي متي بيٺي هئي. حليم ڏاڍي زور سان چئي رهيو هو: “مان انڪار ٿو ڪريان ته هن شيءَ ۾ ڪو صحتمند خيال پيش ڪيو ويو آهي. ان ڪري افسانو چوڻ به غلط آهي. فن جي خيال کان هن ۾ سخت ڪمزوريون آهن، هر لحاظ کان هيءَ تحرير هڪ ناڪام ڪوشش آهي...!
ڇا پڙهيو ويو هو، ڪنهن پڙهيو هو- خبر ڪا نه هئي. دير سان پهچڻ جي اها ئي سزا ٿيندي آهي.
شورش چوڻ شروع ڪيو، “مون کي حيرت آهي ته خير محمد جي هن پيشڪش کي افسانو مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو وڃي ٿو: جيتوڻيڪ افساني جون سموريون وصفون – افسانوي طرز بيان، هڪ مرڪزي خيال، دلچسپ گفتگو ذريعي ڪردار نگاري، ۽ ترقي پسند لاڙو – سڀ ڪجهه ته منجهس آهي! باقي رهي “لذتيت”، سو جيڪڏهن ڪا شيءِ ٻڌندي “لست” نه اچي، ته باقي ٻڌجي ئي ڇو؟ “ڏسڻو اهو آهي ته اديب يا فنڪار پنهنجي تخليق ۾ سستي تيت ٿو پيدا ڪرين. دلسوز لطف. منهنجي دعويٰ آهي ته “اٺن مڙسن جي جوءِ” سنڌي ادب ۾ هڪ نئين موڙ طرف اشارو آهي. سوچيو ته سهي ويچاري مظلوم عورت – پيار ۽ محبت لاءِ تڙپندڙ عورت. سندس پهريون مڙس ابي جي عمر جيڏو آهي، جو کيس جاڳائي ته ٿو پر خوش نه ٿو ڪري سگهي. ٻيو يار آهي، جو کيس ڀڄائي وري وڪرو ڪري ٿو ڇڏي. هڪ پنهنجي موت مري ٿو، ته ٻيو کيس ان ڪري پرڻايو وڃي ٿو، جو هو مري ويل جو ڀاءُ آهي ۽ هو کيس ايترو ته ماري ٿو، جو هوءَ سر بچائڻ لاءِ ڀڄي نڪري ٿي ۽ اهڙيءَ طرح عورت ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءُ، اٻوجهه، معصوم، ڪمزور ۽ بي دست وپا – هن مرداڻي سماج جي ٿڦڙن کائڻ لاءِ زندگيءَ جي عمر جي بحر ۾ لڙهڻ شروع ڪري ٿي! سوچيو ته ڪيتريون نه عورتون آهن، جن جي لاءِ زندگي مستقل جيل آهي، جهنم آهي، هڄڻ آهي ۽ بي موت مرڻ آهي! محنت مزدوري ڪرڻ، لٽا ڌوئڻ، ٻهاري پائڻ، گونهن- مٽ ميڙڻ، پيهڻ، پاڻي ڀرڻ، رڌڻ پچائڻ ۽ موچڙا کائڻ، اهو عورت جو روزانو ڪاروبار آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ظلم آهي هن کي چوديواريءَ ۾ بند ڪرڻ، جنهن سندس سوچ، خوداراديءَ، خودداريءَ کي ختم ڪري، کيس مرد جي حڪمن خواهشن ۽ خيالن جو رانديڪو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن توهان ان تي سوچيو آهي..... ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ هيءُ افسانو هر سوچيندڙ شريف انسان لاءِ سندس ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءُ، چاچيءُ، ماميءَ مطلب ته هر عورت طرفان للڪار آهي! مظلوم دنيا ۾ گهڻي ئي آهن، پر عورت جي نسبت سڀ ظالم آهيون!....
ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي رهي هئي. خير محمد جي افساني اهي سمورا پهلو پيش ڪيا هئا يا نه، پر هي بحث ڏاڍو دلچسپ رخ وٺي رهيو هو.
نور چيو: صاحب صدر! شورش صاحب ڪجهه اهڙي طرز تي ڳالهايو آهي، جو اها ڳالهه بنيادي طرح سمجهڻ جي ضرورت آهي ته عورت کي آزادي ڏيڻ مان فائدا گهڻا آهن يا نقصان. منهنجي ناقص عقل موجب عورت جي جاءِ گهر ۽ ڪٽنب ۾ آهي ۽ جن خرابين ڏانهن هيءَ آکاڻي اشارو ڪري ٿي، سي هڪ خراب معاشري جي پيدائش آهن. جيڪڏهن اسان جو معاشرو اسان جي مذهبي احڪام تي، نيڪ نيتيءَ سان هلايو وڃي، ته اهي خرابيون پيدا ئي ڪين ٿين. ٻئي طرف، توهان کي خبر آهي ته مغربي ملڪن ۾ عورتن جي آزاديءَ ڪهڙا انگور ڪڍيا آهن: سو شادين مان پنجهتر جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ بداخلاقي وڌي رهي آهي. اسان جي پنهنجي ملڪ ڏانهن به نظر ڪريو ته ڪا ڪاليجي ڇوڪري پاڪدامن آهي!
شڪر آهي جو مولانا نُور ڪنسي رپورٽ ڪا نه پڙهي هئي، نه ته انگ اکر ڏيئي بِرُ ڪري ڇڏي ها- هونئن به ڳالهه کي وڌائي ٺاهي پيش ڪرڻ ته مولانا صاحب جو پيشو هو.
سڀني چيو: “ٺيڪ آهي. پهريائين اهو طئي ٿئي ته “عورت جي سماج اندر صحيح جاءِ ڪهڙي آهي؟”
محبوب چيو: ٻيلي ٻڌايو ته سهي، عورت هڪ دفعو ڪنهن سان محبت ڪري ته هوءَ ڇو جُوٺي يا باسِي سمجهي وڃي ٿي. مرد سڄي عمر عيش ڪري ته به نت نئون ۽ ڪنوارو ڇو سمجهيو وڃي؟ جيتوڻيڪ محبت ڪرڻ سان نه عورت گَسي ٿي وڃي ۽ نه مرد – بشرطيڪه حد کان مٿي چڙهي نه وڃن. آءٌ ته فري لو (آزاد محبت) جو قائل آهيان....... پر ...... پر منهنجي محب ڏي ميريءَ نظر سان نه نهارجو، ڇو ته پرايون نظرون به عورت کي ناپاڪ ڪري ڇڏين ٿيون!
هارون: “ميري سان ميري، تيري سان هون هون” بلڪل عياشيءَ جو پروانو آهي!
.... ... سو، “ڪوڪو شاستر” کان وٺي انسان جي دنيا ۾ پيدا ٿيڻ جي مقصد تائين داستان ڇڙي ويا. بدقسمتيءَ سان، جا “بحث جو موضوع” هئي سا مجلس ۾ هڪ به ڪا نه هئي. اسان جي بهشت مان رڳو حوا ئي خارج آهي. آدم ۽ آدم جا پُٽ ڪڻڪ به پاڻ ۾ ويهي ونڊيندا آهن!
مسرور چيو: “پاڻ آهيون قلندر شخص- اصول جي پاڻ وٽ وقعت ڪانهي. شاديءَ جو تڪلف پاڻ کان ڪونه پڄندو. “جتي پڪي، تتي کاڌي” – اهو اصول پاڻ ٻيءَ ڌر لاءِ به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون! “گهر گهوڙو ٻڌي ڪُتر ڪرڻ، پاڻ کان ڪا نه پڄندي!
الياس چيو: “منهنجي راءِ ۾ آزادي ٻه– ڌاري ترار آهي. جي زالن کي آزادي کپي، ته ڪٽنب جي پيٽ پالڻ ۽ گهر جي خرچ پکي هلائڻ لاءِ کين به بهرو وٺڻو پوندو. مان گهر ڌياڻين، مزور يا هاري عورتن جي ڳالهه ڪا نه ٿو ڪريان. اهي ويچاريون ته پنهنجي مڙدن کان به وڌيڪ ڳهنديون رهنديون آهن. مان پڙهيل ڳڙهيل زالن جي ڳالهه ٿو چوان. سندن تعليم جو فائدو ئي ڪهڙو، جي هو رڳو پنهنجي گهوٽ جي گهر جي زينت بڻجي وڃن ۽ سندن علم ۽ صلاحيتن جو فائدو نه گهر کي ملي ۽ نه پَرَ کي! پڙهيل ڳڙهيل زال جي حيثيت جيڪڏهن گهر جي ٻئي فرنيچر وانگر رڳو دوستن کي رشڪ ڏيارڻ يا پنهنجي برتريءَ جي احساس کي زور وٺاڻ لاءِ هجي، ته آخر ان تعليم مان ڇا هڙ حاصل......؟
آصف چيو: “آءٌ قبول ٿو ڪريان ته عورت کي آزاد ٿيڻ گهرجي. ان مان گاڏيءَ جي ٻن ڦيٿن جي برابريءَ کان وٺي اڄڪلهه جي رومانٽڪ محبت، رفاقت وغيره جي دليلن تائين سڀ حوالا ڏيئي توهان کي ٿڪائڻ نٿو چاهيان، ڇو ته مان پاڻ ٿڪجي پوندس. ان ڪري، قصو مختصر ته مان پنهنجي محبوب يا زال کي- جيڪو رتبو کيس وڻي، قبول ڪري سگهي ٿي. بلڪل قسم کڻي يقين ڏياري سگهان ٿو ۽ توهان شاهد هججو، ته سندس آزاديءَ ۾ ڪا به ارچڻ نه وڌي ويندي، پر ان عيوض آءٌ به يقين وٺڻ گهران ٿو ته مون کي سندس چاڪر، محافظ ۽ پوليس وارو وغيره بڻجي سندس پٺيان نه وڃڻو پوندو: جي آزادي کپين ته پنهنجي عزت ۽ عصمت جي حفاظت به پنهنجي مٿي پاڻ ڪن، پوليس واري جا فرائض پاڻ کان نه پڄن!
ڳالهه دل وٽان هئي! جي سهيلين وٽ وڃڻو هيس، ته نوڪر ساڻ ڪري وڃي. پر جي مان گهر هجان، ته کڻي “پليٽو” پڙهندو هجان ته به اهو ڇڏي هن سان ساڻ وڃڻو پوندو ۽ عزت وري اهڙي ملندي، جو پاڻ ويٺي ساهيڙين سان ڊاڙون ڊشا هڻندي ۽ گلا غيبت ڪندي ۽ اسان کي رڳو پريان پيا ٽهڪ ٻڌڻ ۾ ايندا! هڪ ڀيري دل سرڪي ته ڏسان ته ڇا تي ٿيون کلن. کڻي ڪٿان ليئو پائي ڏٺم پڪڙجي پيس. گهر موٽي اچي چيائين، “هيڏا سارا ٿيا آهيو، اڃان پيا ٽيڏ ڪيو ٻين ڏي نهاريو! – ڪيڏي نه مون کي لڄ آئي!
سو هي محافظ جو ڪم سچ پچ ڏکيو آهي. هڪ ڏينهن ڪڪي کي ساڻ ڪري، وچ بازار مان لنگهي وئي اسان جي ماساتين جي گهر. شهر ننڍو، جتي عورتون رستي تي گهمن ئي ڪو نه. جي لنگهن ته موٽر ۾ ڦرڙات ڪري لنگهي وڃن يا گاهي گاهي برقعي ۾ لنگهي وڃن. پر هيءَ منهن اگهاڙي سري بازار مان لنگهي ويئي. رستي جي ٻنهي پاسن کان ماڻهو بيهي کيس ڏسڻ لڳا. جيئن ئي کيس احساس ٿيو ته سڄي بازار کيس آترويلا سان ڏسي رهي آهي، ته هن پنهنجي رئي کي سوڙهو ڇڪي تڪڙو هلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪڪو آهستي آهستي هلي رهيو هو ۽ هوءَ شرم جي ماري اهي ٻه منٽ ٻه ڪلاڪ سمجهي، سڄي پگهر ۾ تر ٿي ويئي، موٽي آئي ته چيائين، “مئا ماڻهو آهن ڪين بگهڙ! ائين پيا ڏسن، ڄڻ سڄو ڳڙڪائي وڃن!
چيو هومانس، آهين به ڳڙڪائڻ جهڙي نه! تنهن تي هوءَ رُسي ويهي رهي. سو، جي آزادي کپين، ته پنهنجي پيرين سيرين بيهن ۽ هلن، ٽيڪ لاءِ مرد کي لٺ نه بڻائين.
“قلندر” وري وارو ورتو. چيائين: “مابدولت ان حد تائين وڃن لاءِ تيار آهي، جي اسان جي آئيندي جي محبوبڙي لاءِ “فريڊم آف ائڪشن” (عشق جي ميدان ۾ آزادي) چاهيندي، ته مابدولت کي ڪو به اعتراض نه رهندو. پر جيڪي ٻار پيدا ٿيندا انهن کي پالڻ پوسڻ جي ذميواري گڏيل يعني اڌواڌ ٿيندي.... پر ان لاءِ به کيس ثابت ڪرڻو پوندو ته خالص منهنجا ٻار ڪهڙا آهن- باقيءَ جي ذميواري ٻين تي رهندي!
غيور چيو: “هي ساريون ڳالهيون اسان جي اخلاقي قدرن، مذهبي روايات ۽ قبائلي غيرت جي خلاف آهن. هي مغرب – زده خيال آهن، عمل ۾ نر فطرتن حاسد آهي ۽ پنهنجي کي پنهنجو ۽ پرائي کي به پنهنجو بڻائڻ جي جذبي هيٺ ڪم ڪري ٿو.
رحيم چيو: “اسان پنهنجي موضوع کان پري هٽندا پيا وڃون، ماڻهو پنهنجو عمل حقيقتن مطابق ڪندو آهي ۽ اصول صرف حقيقتن کي سمجهائڻ ۽ انهن تي روشني وجهڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن. اسان مان ڪهڙو آهي، جيڪو دل ۾ ڪيتريون ئي تمنائون رکندي به انهن کي عملي جامو پهرائي سگهي ٿو؟ صرف ماڻهوءَ کي ڊڄڻو به نه ٿيڻ گهرجي. جنهن ڳالهه کي هو ٺيڪ مڃي، ته ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪرڻ گهرجيس. اسان سڀ ڪنهن حد تائين عورتن جي آزاديءَ جا قائل آهيون: پر ڪيترا آهن، جي انهن خيالن تي عمل ڪندا آهن؟ توهان مان ڪيترا آهن، جي آزادي جا اعلان ڪندي، ڪڏهن پنهنجي زالن ۽ ٻارن ۽ ڌين، ڀينرن کي رڳو گهمائڻ به وٺي ويندا هجڻ؟ توهان مان ڪير آهي، جو پنهنجيءَ ڪنهن به مائٽياڻيءَ کي پنهنجي شريف کان شريف دوست جي سنگت ۾ آڻڻ لاءِ تيار هجي؟ عورت جي آزاديءَ طرف پهريون قدم آهي هن تي اعتبار- جي اهو اعتبار نه آهي، ته هوءَ ڪنهن حد تائين غلام رهندي، پر جي آزاد ٿي ته هن کي اڏامي وڃڻ جو به بنيادي حق آهي.
چانهه آئي. بحث گهٽجي وري تيز ٿيندو رهيو. عباس جي جاءِ مان اٿي يارن جو ٽولو هوٽل ۾ اچي ويٺو ۽ آخر اڌ رات جو هوٽل واري دروازا بند ڪرڻ شروع ڪيا، تڏهن محفل ٽٽي، گهر اچي در کڙڪايم. در ته لاٿائين، پر ائين ڏٺائين ڄڻ چئي رهي هئي. “تو کي گهر ٻار جي ڪهڙي پرواهه.... توکي پنهنجا سنگتي جو آهن.
مون ماٺ ۾ ڪپڙا لاٿا. هوءَ چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ پوءِ سڏڪا ڀرڻ لڳي. چيائين: “توهان شادي ڇو ڪئي، جي منهنجا هي حال ڪرڻا هُيَوَ؟ منهنجو نه، ته ڪڪي جو ته خيال ڪريو ها. ويچارو روئي روئي سمهي پيو.” تڏهن مون کي ياد آيو ته مون کين سئنيما ڏيکارڻ جو واعدو ڪيو هو!
مون چوڻ چاهيو، “مون کان وسري ويو”.... پر مون کي ائين چوڻ جي همت نه هئي، ڇو ته اهو جملو سئو دفعا ڪم اچي چڪو هو. هن برسڻ ٿي چاهيو. مون ڳوڙهو ڳيهي سمهڻ ٿي چاهيو. هن چڙي چيو: “توهان کي ٿي ڇا ويو آهي؟ ڳالهايو به نه ٿا!
چيم: “ڇا چوان! مٺِي اهو ئي حال آهي!
هن اکيون مٿي ڪري، مون کي شوڪي ڏٺو. مون کي ترنگ اچي ويو.
چيم: “الائي ڪڏهن زمانو بدلبو!.... ڪڏهن بهار ايندو!
ڳوڙهن ڀريل اکين سان هن منهنجي ڳوڙهن ڀريل اکين ۾ ڏٺو. چيائين توهان روئو ڇو ٿا؟..... ۽ پوءِ هن ائين سيني ۾ جاءِ ڏني، ڄڻ آئون به سندس ڪڪو هوس.

No comments:

Post a Comment