Thursday, May 3, 2012

ھڪ شخص جو موت - رزاق مھر


ھڪ شخص جو موت
رزاق مھر
پان ٻيڙيءَ جي دڪان آڏو، جنھن شخص جو سسيءَ ڪٽيل لاش پيو آھي ۽ جنھن جي ڌڙ کان الڳ ٿيل چھري مٿان ڪھاڙين جا بيشمار گھاو آيل آھن، تنھنجي چوگرد ماڻھن جي ڀيڙ اڃا به موجود آھي. ھو انھيءَ انگوشي ۽ صدري پھريل شخص مٿان، رايا ڏئي رھيا آهن. انھيءَ ھجوم جي وچ ۾ پوليس جا ڪجھه ماڻھو به ھاڻ شامل ٿي ويا آھن. جيئن آپريشن ٿيٽر ۾ ڪنھن مريض مٿان ڊاڪٽرن جو ڪو جٿو، وڍ ٽڪ جو ڪم مشيني انداز ۾ جاري رکندو آھي، ٺيڪ اھڙيءَ طرح سخت وردين ۾ ملبوس پوليس جا اھي فرد مشيرنامو ٺاھڻ ۾ مصروف آھن. پر منير لاءِ اھو سڀ ڪجھه ڄڻ ته ڪنھن ڀوائتي خواب سمان آھي. ھن جي اندر ۾ ڪنھن نانگ جيان ڦڻ ڪڍي ويٺل چُپ منجھس ايترو به حوصلو رھڻ ناھي ڏنو جو ھو انھيءَ واقعي متعلق ٻين جيان ڪجھ ڳالھائي. ھو، جنھن جي دل گذريل ٻن مھينن کان ھڪ خوف جي دٻاءُ ھيٺ چپجي وئي آھي، جنھن جي اندر جو شخص، ڏينھون ڏينھن وڃي ٿو. ڄامڙو ٿيندو. تنھن، جڏھن مٽيءَ مليل گھاٽي گھاٽي رت ھڪ شخص جو سسيءَ وڍيل لاش ڏٺو ته خوف وچان ھن جون اکيون ڦھلجي ويون، اذيت جي ھڪ تيز لھر ھن پنھنجي سرير جي نس نس ۾ ڊوڙي ويل محسوس ڪئي ھئي. ڄڻ ته اھو انگوشي ۽ ململ جي صدري پھريل لاش ڪنھن ٻئي جو نه ھجي  ۽ ڪھاڙي جا بي رحم وار ڪنھن ٻئي تي نه ٿيا ھجن، ھن جي ئي چھري تي ٿيا ھجن. ھن جي جسم مان ڌرڙيون نڪري وڃن ٿيون. ھو ڊنل ۽ ھيسيل من سان ماڻھن جي ھجوم مان ٻاھر نڪري اچي ٿو. ھن جي ذھن جي ھڪ ڪنڊ ۾ خطري جو الارم مسلسل گوجندو رھي ٿو. کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته انھيءَ ڀيڙ ۾ ڪو شخص اڃا به موجود آھي جو ھن کي انھيءَ شخص جيان مارڻ ٿو چاھي.


ھو، جيڪو ھڪ اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر آھي ۽ پنھنجي گھرو پريشانين جا بار، ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائن ڪري گھٽائڻ ٿو چاھي، تنھنجو پريشان ذھن اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي ويو آھي. گذريل ٻن مھينن کان ھن جي گھرو پريشانين جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو پريشان چھرو به اچي بيٺو آھي، جو ھن جو پنھنجو چھرو آھي.
ھو، جيڪو جنگ کان شديد نفرت ڪندو آھي، جنگين ۾ تباھه ٿيندڙ انساني وستين کي پنھنجي اندر جي ڪائنات ۾ ڀڄندي ۽ ڀرندي محسوس ڪندو آھي، جو خوبصورت گلن جو عاشق آھي، ۽ جو فطرت جي حسن کي ڪئنواس تي آڻي خوبصورت چتر ٺاھيندو آھي، تنھن گذريل ٻن مھينن ۾ اھڙن چئن انساني جانين کي پنھنجي ئي رت جي دٻي ۾ ليٿڙيل ڏٺو آھي ھن جي مائٽن چار خون ڪيا آهن ۽ انهن جو پلئه وٺڻ جي نتيجي ۾ ايترا ئي خون ٿيا آهن، هن جي مائٽن جا. پلئه وٺجي رھيا آھن ۽ ماڻھپي جو خون تاريخ جي ڦڏن سڌن ورقن تي پنھنجا داغ ٺاھيندو رھيو آھي. ھڪ ڌر ٻي ڌر جا ماڻھو انڌي سوچ جي ھٿيارن سان مارڻ ٿي چاھي. ماڻھپي جي سڙيل لاش تي ھنبوشيون ھڻڻ ٿي چاھي، ٽھڪ ڏيڻ ٿي چاھي، پر ھو اھو سڀ ڪجھه نٿو چاھي. انھي جنگ ۾ ماڻھوءَ خلاف ٽپي پوڻ نٿو چاھي. ھو پنھنجي ڪٽنب جو وجود برقرار رکڻ لاءِ فقط معاشي محاذ تي وڙھڻ ٿو چاھي.
ھن کي زنده رھڻو آھي، پنھنجي ڌيءَ جا انگل پورا ڪرڻا آھن. انڌي ماءُ جون اکيون ڪرائڻيون آھن، ۽ ٽي بي ورتل زال جو ڪنھن ماھر ڊاڪٽر کان علاج ڪرڻو آھي. (جنھن جي اجھاڻيل اجھاڻيل اکين ۾ ھن موت جھڙي بيوسي ڏٺي آھي) تيستائين ھن کي زنده رھڻو آھي. پر وقت ھن تي ٺٺول ڪئي آھي ۽ ھن کي انھيءَ جنگ جي منھن ۾ ڪنھن جي بري ڀرتي ٿيل سپاھيءَ جيان زوريءَ ڌڪي ڇڏيو آھي، جو انساني خون جي اھڙي وحشتناڪ ھولي ڏسي ھراسجي ويو آھي.
گذريل ٻن مھينن کان ھن جو ذھني توازن ڄڻ ته بگڙڻ لڳو آھي، ھو اڪيلائين کان ڊڄڻ لڳو آھي، آھي، ماڻھن جي ڀيڙ کان ھن کي وحشت ٿيڻ لڳي آھي. ھو ڪنھن سان ڳالھائيندو آھي، ڳالھائيندي ڳعالھائيندي ڪٿي کوئجي ويندو آھي. لاڳيتو پولارن ڏانھن گھوريندو آھي. رکي رکي ھن کي محسوس ٿيندو آھي ته ھن جي سامھون جو شخص ويٺو آھي، ان جي چھري جي اندران ڪو ٻيو شخص ھن ڏانهن گھوري رھيو آھي، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ھن جون اکيون ڦاھيءَ چڙهيل اکين جيان آڏو واري شخص ڏانھن گھوريندون آھن بلڪل ئي مئل اکين جيان، ھن جي ذهن تي سدائين اھو خوف ڇانيل رھيو آھي ته ڪوئي شخص ھن جو مسلسل پيڇو ڪري رھيو آھي ۽ ڪنھن موڙ تان اوچتو ظاھر ٿي ھن جي زندھ رھڻ واري آس مٿان ڳاڙھي ڳاڙھي رت جو ليپو ڏئي ڇڏيندو. زندگيءَ جي چرپر کن پل ۾ قبرستان جي ويرانيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو. ساڳي خوفناڪ ويراني، جھڙي ھو ڪجھه گھڙيون اڳ انگوشي ۽ صدري پھريل شخص جي چھري تي ڏسي آيو آھي، جو روڊ جي سخت سيني تي ڪنھن جھور ٿيل ميل جي پٿر جيان ڊٺو پيو ھو، ۽ موت جي ڀوائتي ويراني جنھن جي کليل وات منجھان ٻاھر گھوري رھي ھئي.
ماڻھن ۾ ھن جو شڪ اڃا به وڌي وڃي ٿو، ھن جي ڀر مان گذرندڙ ھر شخص ھن کي دشمن جو بڇيل ماڻھو ٿو محسوس ٿئي. خوف جي ساڳي ڇيت ھن جي ذھن ۾ مسلسل چڀندي رھي ٿي. اڻ ڏٺا انديشا وڌڻ لڳن ٿا، ھن جي من پاتال ۾، اڄوڪي رات ھو پاڻ مٿان ڏاڍي ڳوري محسوس ٿو ڪري، وايو منڊل ۾ وحشت ڦھلجي ويل محسوس ٿئيس ٿي. ھن کي پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته ھو ڪنھن اونداھي گھٽيءَ ۾ ڏاڍي بيدرديءَ سان ماريو ويندو ۽ ھن جي بي جان جسم روڊ جي ھڪ پاسي کان ڊٺو پيو ھوندو. تڏھن خوف جي ھڪ تيز لھر ھن جي پٺيءَ جي ڪنڊي مان اڀري ٿي وڃي. اونداھان پاسا ڇڏي ھو روشنيءَ ڏانھن ھليو اچي ٿو.
گذريل ٻن مھينن کان اھو ھن جو دستور بڻيل آھي، ته ھو سوير گھر پھچي. ھو اڪثر سج لھڻ کان اڳيئي گھر پھچي ويندو آھي، پر اڄ ھو دستور ٽوڙي ويٺو آھي. ھو اسڪول جي ھڪ ماستر جي شاديءَ ۾ ويو ھو. شاديءَ ۾ وڃڻ کان ان ڪري به لنوائي نه سگھيو، جو ذهن کي نستو بنائيندڙ اسڪول جي بور ماحول کان نڪري، ھو ڪڏھن ڪڏھن انھيءَ ماستر آڏو زندگي جا ڪچا چٺا کولي رکندو آھي. ھنن جي ٿڪل ٿڪل اکين ۾ کيس ڏاڍي پنھنجائپ نظر ايندي آھي. اڄ اھا پنھنجائپ ئي ھن کي اوڏانھن گھلي وئي ھئي، ۽ نه چاھيندي به ھن کي گھڻي دير تائين ات ويھڻ پيو ھو، جا دير ھن جي گذريل ٻن مھينن جي سڀ کان وڏي دير ھئي.
بي انداز ماڻھن جي وچ ۾ ھن کي اوچتو ھڪ اھڙو شخص نظر اچي ٿو، جنھن جي مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل آھي ۽ جنھن جي وڏين مڇن ۽ ڏاڙھيءَ مٿان ٻه نظر ايندڙ ڀوائتيون اکيون ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رھيون آھن. ھن جي ھڪ ھٿ ۾ ڪھاڙي پڪڙيل آھي، جنھن جي مٿان اڇن ۽ ساون پٽن وارو وڏو رومال اھڙي طرح ويڙھيل آھي، جو فقط ڪھاڙيءَ جي رنگ ڏنل ڪارو ڳن ئي نظر اچي سگھي ٿو.
ڀوائتين اکين وارو اھو شخص ويھن قدمن جيتري مفاصلي تي ھاڻ بيھي رھي ٿو. ھن جي اوچتو بيھڻ تي منير جي بت مان ساھه ئي ڇڏائجي ٿو وڃي. ھن جي جسم جا وار ڪجھه لمحن ۾ اڀا ٿي وڃن ٿا، خشڪ ٿيل چپ کلي وڃنس ٿا، اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون. تڏھن اڌ رنگي جي ڪنھن مريض جيان ھن جا پير اڳتي وڌڻ جي شڪتي وڃائي ويھن ٿا. ھو پاسي کان بيٺل اليڪٽرڪ پول ۾ ھٿ نه وجھي ھا ته شايد ڪري پوي ھا. تڏھن موت جھڙين انھن گھڙين ۾ راڪاس جھڙو اھو بيٺل شخص سيڌي جي ھڪ دڪان اندر گھڙي وڃي ٿو ۽ ٿڪل ٿڪل ساھن سان منير ڪنھن زخمي ٿيل پکيءَ جيان جسم جي سموري سگھه ڪٺي ڪري اڳتي وڌي ٿو وڃي. دڪان ۾ گھڙي ويل اھو شخص، جو ڪنھن کي ڳولڻ واري انداز ۾ رستي تان لنگھندڙ ماڻھن ڏانھن ڏاڍي وحشت وچان ڏسي رھيو آھي، تنھن ڏانھن اک ٽيٽ ڪري منير ھڪ نظر جيئن ئي وجھي ٿو ته لزرندڙ ٽنگن سان ھلڻ جي رفتار اڃا به وڌائي ڇڏي ٿو. ھن کي ھاڻ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته اھو اوپرو شخص ھن کي ئي مارڻ وارو شخص آھي. پنھنجي ڪنھن خون ٿيل مائٽ جو پلئه وٺڻ لاءِ ھو ھن جوئي رستو تڪي رھيو آھي. اک ڇنڀ ۾ ھن جا زندگيءَ کان لاڳاپا ٽوڙڻ جي ارادي سان ئي انھيءَ دڪان ۾ لنگھي ويو آھي، ۽ ھن جي پٺيان چپ چپ ڪري ھن تي ڪھاڙين جو وسڪارو لائي ڏيندو. ھڪ ھڪ وار سان خوفناڪ گاريون ڪڍندو. دنباھا ھڻندو، ھن کي اھا به ته خبر ڪانه آھي ته ھن جي دشمن جو چھرو ڪھڙو ھوندو؟ ھي ته بس اھڙي ئي ڪنھن رھزن ماڻھوءَ جي ڪھاڙين جو کاڄ ٿيڻ وارو آھي. اھڙي ئي ڪنھن اڻ ڄاتل چھري منجھان ھن کي موت جوخوف آھي، جو ھن جو ذاتي دشمن نه ھئڻ جي باوجود ھن جو دشمن ھجي. ھو اڻ ڪيل دشمنيءَ جي سزا ڪاٽڻ تي مجبور آھي.
ھو ھاڻ فوٽ پات تي ھلڻ لڳي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ھراسيل نگاھن سان پٺتي به ڏسي ٿو وٺي. ھن جي ويجھو ھاڻ اھو شخص نه رھيو آھي. ڪيترائي ڄاتل ۽ اڻڄاتل ماڻھو ھن جي ڀر مان گذرن ٿا. چھرا ايندا ۽ ويندا رھن ٿا، ۽ ھو چاھي ٿو ته چھرن جي انھيءَ ھجوم ۾ ڪنھن ڪک وانگر گم ٿي وڃي. پر ھيترن سارن ماڻھن ۾ ڪوبه ته ھن کي تحفظ ڏئي نٿو سگھي. ڪوبه ھن جي زندگيءَ جي ضمانت جي ھام ھڻي نٿو سگھي. ھو چونڪ تي اچي پريشان ٿي بيھي رھي ٿو ۽ ھڪ لمحي ته ھو موت کي اوچتو سامھون ڏسي وٺندڙ ماڻھوءَ جيان عجيب وحشت ۽ بي وسيءَ وچان رڙيون ڪرڻ وارو ٿئي ٿو. ھن جو سڄو جسم ڏڪي وڃي ٿو. جڏھن ھڪ شخص جي ھٿ جو دٻاءُ پنھنجي ڪلھي تي محسوس ٿئيس ٿو.
....... خبر نه آھي منير صاحب! اڄ ائين پريشان پيا لڳو! “
ھو حيرانيءَ وچان ان شخص ڏانھن ڏسي ٿو، جو ھنجو پراڻو واقفڪار نڪري پوي ٿو. کيس ڪوبه جواب نه ڏئي فقط ھن ڏانھن ڊنل نظرن سان ئي گھوريندو رھي ٿو. “ڇو يار منھن ائين پيلو پيلو ٿي ويو اٿئي، ڪا ايڏي وڏي پريشاني آھي ڇا؟” ھن جو دوست وري ھن جي ڪلھن تي ھٿ رکي ٿو.
منير جي حالت ائين ٿي وئي آھي ڄڻ ته ماڻھن جي ھشام وچ ۾ ھو سڳ سوڌو پڪڙجي پيو ھجي. ائين اوچتو اندر جي چوري پڪڙجي پوڻ تي ھو ھڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. “نه نه.... اھڙي ڪا ڳالھ ڪانھي.... اصل ۾ ھو....! “ان جملي سان ھو کيس مطمئن ڪري نٿو سگھي. اھي ڀوَ ان شخص جي چھري منجھان صاف ظاھر ٿين ٿا.
”خير..... ھلو ته مان توھان کي چانھه پيئاريان. توھان سان ٿوري ڪچھري به ڪرڻي آھي. “
ھو پريشان ٿي وڃي ٿو. “اصل ۾..... مون کي ..... مون”
”اچو ته سھي--” ھو حُجت وچان ھن جي ڏوري ۾ ھٿ وجھي ٿو.
منير، جيڪو وقت وڃائڻ نٿو چاھي، جنھنکي گھر پھچڻ جي ڏاڍي جلدي آھي، جو اڄوڪي رات پاڻ تي ڏاڍي ڀاري محسوس ٿو ڪري، نه چاھيندي به ھن جي ڪڍ هلڻ لڳي ٿو.
ھوٽل جي ھڪ خالي ٽيبل تي ويھندي دوست کائنس پچي ٿو.
”ٻيا ڪھڙا حال اٿَوَ.....؟ “
”ھون! “ ھو ڇرڪ ڀري ٿو.
”ڀائو، سچ ٻڌايو- ويچار ڪھڙي ۾ گم آھيو. ڪجھه ڳالھايو.... ڪم ڪيئن ٿو ھليوَ اڄڪلھه؟”
ھو سمجھي ٿو ته اڄ ھو ڪجھه به ڳالھائي نه سگھندو. ھن جي اندر جو ڊپ، ھن جي ھر لفظ مان ظاھر ٿي پوندو. ھو جيڪو دنيا جي ھر مسئلي تي ڏاڍو سٺو ڳالھائي سگھندو آھي، ادب ۽ آرٽ کان فلم جي سطحي موضوع تائين جيڪو وڏي يخي ھڻي ڄاڻي، تنھن پنھنجو پاڻ کي اڄ ڏاڍو بيوس محسوس ڪيو آھي. ان کان اڳ، جو ھن جو دوست ڪنھن اھڙي مسئلي تي ڳالھائي ۽ ھو ٻنھين چرين وانگر، ماڻھن جي نظرن جو مرڪز بڻجھي، ھو چوي ٿو “ھون..... ھڪ دوست سان ملڻو آھي.... “
لفظن جي کيڏاريءَ سان لفظ ساٿ نٿا ڏين. ھيسيل ھيسيل اکين سان ھو ھن ڏانھن ڏسي ٿو. “توھان بُرو نه ڀانيو ته....... ته جيڪر مان اجازت وٺان..... اڄ منھنجي طبيعت ٺيڪ ناھي. مان گھر وڃڻ...... “ اوچتو کيس ياد اچي ٿو ته ھو صرف ھڪ گھڙي اڳ ڪنھن دوست سان ملڻ جو بھانو گھڙي ويٺو آھي ۽ ھاڻ جنھن نموني ھن ٻيو بھانو گھڙيو اھو گھٽ ۾ گھٽ ھن جي حق ۾ بھتر نه ٿو لڳي. ھن کي شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته ھو وڦلڻ لڳو آھي ۽ ھو ڪنھن به ڳالھه جو صحيح جواب ڏئي نه سگھندو.
دوست هن ڏانھن معنيٰ ڀريل نظرن سان ڏسي ھلڪو مرڪي ٿو ۽ منير اڃا به وڌيڪ ھڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو.  ”سائين، مان..... ھاڻ اجازت وٺندس، ڇاڪاڻ ته..... “ ھو اُٿڻ جي ڪري ٿو.
”ويھو ته بادشاھه ........ چانھه جو ھڪ ڪوپ ته پي وڃو...... ڪجھه ڪچھري به ٿي ويندي ان بھاني. “
۽ منير اندر جي اڻتڻ اندر ۾ دٻائي، پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڍلو ڪري ڇڏي ٿو.
”اڙي ھا!.... “ ھن جو دوست اوچتو ڪنھن ڳالھ جي ياد اچي وڃڻ تي ڏاڍي تجسس وچان ھن ڏانھن ڏسي چوي ٿو “يار، منھنجو ھڪ دوست آھي، جو ڪتاب ڇپائڻ ٿو چاھي.... سو ٽيون ڏينھن ٽائيٽل ٺھرائڻ جي سلسلي ۾، توھانجي گھر آيا ھئاسين.... پر اڌ ڪلاڪ در تي بيھڻ کانپوءِ به ڪو گھر کان ٻاھر ئي نه نڪتو.... خير..... اصل ۾ ھن کي ڪنھن ڪتاب لاءِ ٽائيٽل ٺھرائڻو آھي.... اھڙو ٽائيٽل، جنھن ۾ روشني بدران رت وسائيندڙ سج نظر اچي.... سمجھو ٿا نه منھنجي ڳالھه؟”
۽ تڏھن اوچتو ياد اچي ٿي ھن کي ٽيون ڏينھن واري اھا رات،جڏھن ڪي نامعلوم شخص ھن جي سؤٽ پٺيان ڪھاڙيون کڻي ڊڪيا ھئا ۽ ھراس واري ان ساڳي ئي رات، جڏھن وقفي وقفي سان ھن جي در جو ڪڙو کڙڪڻ لڳو ۽ ھو جڏھن رات جي گھري خاموشيءَ ۾ ھن جو نالو ورتو ويو ھو ته ھن کي پنھنجي جسم تي ھزارھا ڪولين جھڙي چرپر محسوس ٿي ھئي. ھو جنھن جي ھڪ مائٽ کي اھڙي ئي ھڪ رات گھران سڏي، ڪھاڙين سان ماريو ويو ھو، تنھن جڏھن در جي ٻاھران اوپرن ماڻھن جو چوٻول ٻڌو، ته ھيسجي ويو ھو. تنھن گھڙيءَ ھن جي زال پنھنجو ڪمزور ھٿ ھنجي ڪلھي ۾ وجھي، ھن کي زور ڏنو ھو. ھن جي انڌي ماءُ ٽپ  ڏئي اٿي ويٺي ھئي- ۽ پنھنجي بي نور اکين کي مسلسل ڇنڀيو ھئائين، “ھن ويلي رات جو ڪير ٿي سگھي ٿو ٻاھر.... نه نڪرجانءِ” شديد خوف وچان ھن جي ماءُ چيو ھو.... “نه وڃجانءِ منير، ٻاھر نه وڃجانءِ..... ڪنھن تي ڪھڙو ڀروسو آھي ابا.....! “
پوءِ جڏھن ان واقعي کي گھڻي دير گذري وئي ھئي- ۽ جڏھن در تي وقفي وقفي سان ٺڪ ٺڪ جو آواز اچڻ بند ٿي ويو، تڏھن ھو ڊڄندو ڊڄندو ٻاھر آيو ھو.... ۽ ان لمحي خالي خالي گھٽي ۾ جڏھن ڪوبه ماڻھو نه ڏٺو ھئائين، ته سک جو ساھ کنيو ھئائين.
ھو ھڪ ڊگھو شاھ کڻي ٿو ۽ ان رات  گھر کان ٻاھر نھ اچڻ واري ڊپ کي لڪائي- ھڪ بھانو گھڙي وٺي ٿو.
”سائين اصل ۾ ان رات، مان گھر ۾ ھيس ئي ڪونه.... نه ته ڀلا گھر ۾ ويھي ٻاھر نه اچان ھا...... سو به توھان جي ايندي.... منھنجو مطلب آھي ته مان گھر ۾ ڪونه ھيس- يقين ڪريو مون پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ائين ناهي ڪيو...... “
”اڙي ڀائو.... منھنجو مطلب به ھروڀرو اھو ڪونه آھي... بھرحال ڇڏيو ان ڳالھه کي... ھا، اھو ٻڌايو ته ڪڏھن ٿا ٽائيٽل ٺاھيو.....؟“ اوچتو ھن جي دوست جي نظر ڪائونٽر تي بيٺل ھڪ ھندو شخص تي پوي ٿي، جنھن کي ململ جي ڪپڙي جي ڌوتي پھريل آھي- تڏھن ھن جي چھري تي ڪنھن ڳالھه جي ياد اچڻ جا ڀاوَ اڀرن ٿا- ۽ ھو ٽائيٽل وارو موضوع اڌ ۾ئي ڇڏي ڏئي ٿو- “ڙي يار ھا!..... واسو مل جي مانڊڻي وٽ اڄ جيڪو خون ٿيو آھي، ان جي به خبر اٿوَ نه !!؟ “
منير کان وري ڇرڪ نڪري وڃي ٿو- وڏي مشڪل سان فقط ھڪڙوئي لفظ ڳالھائي سگھي ٿو  ”ھا...! 
”ڀائو، ايترو سو چئبو، ته فوتي نه ڪنھن جي ٻن ۾ ھو نه ٽن ۾.... ھو غريب ته رڳو ھڪ ذات مان ھئڻ ڪري ئي ماريو ويو... ڀائي مارجي ان کي جيڪو ڏوھي ھجي... باقي اھو ڪھڙو انصاف چئبو- چوري ڪري مڇن وارو، پڪڙيو وڃي ڏاڙھيءَ وارو....!!؟؟ “
منير کي ھڪدم ڪاوڙ اچي وڃي ٿي. ھٿ ڏڪڻ لڳنس ٿا- جوش کان ڏند ڪرٽي وڏا وڏا ساھه کڻي ٿو.
”ماڻھو جو وحشيپڻواڃا به ڪو ٻيو ٿي سگھي ٿو ڇا؟” ھو ڳالھائڻ لڳي ٿو “ته ڪنھن شخص سان دشمني کي ڇڪي تاڻي ان سطح تي آندو وڃي جو ان کي  ماريو وڃي، ان جي ھستيءَ کي نابود ڪيو وڃي. اھو سوچڻ بنا ته اھو شخص جو زنده رھي ٿو، اھو رڳو پنھنجي ذات لاءِ ئي نٿو جيئي- انھن رشتن لاءِ به ھن کي جيئڻو پوي ٿو، جن ۾ ھو ورھائجي ويل آھي. ھاڻ، مون کي ڪو ماڻھو جيڪڏھن اوچتو ماري ڇڏي ته ان سان ڇا ملندو تن کي، سواءِ ان جي ته مون اڪيلي جو موت انھن سڀني جو موت بڻجي سگھي ٿو، جن سان منھنجي رت جون تندون جڙيل ھونديون- جذباتي وابستگيون ھونديون جن سان، ٻڌايو ھيڏي وڏي دنيا ۾ ڪوٻيو به ٿي سگھي ٿو، جو انھن جي زنده رھڻ لاءِ مون جيان ورھائي ڇڏي پاڻ کي. “جذبات ۾ اچي ھو ڳاڙھو ٿي وڃي ٿو. چپ ڦڙڪڻ لڳنس ٿا- اکين ۾ چرين جھڙي چمڪ اچي وڃيس ٿي. ھڪ ماڻھوءَ جي موت سان، جيترا به فرد زنده مريو وڃن ٿا، اوترائي ڀيرا اُن خونيءَ کي، انسانيت  جي دشمن کي، اذيتون ڏئي ڦاھيءَ تي لڙڪايو وڃي ۽ ۽ فائرنگ اسڪواڊ آڏو بيھاري، گولين سان اڏايو وڃيس ته به جيڪر ان وحشيپڻي جي تلافي ٿي نه سگھندي. “
”ھونئن! اھا خبر ته اٿو نه، ته اھو خون ڪنھن ڪيو آھي؟” منير ھن ڏانھن فقط خاموشيءَ وچان ڏسندو رھي ٿو، جنھن منجھان اھو صاف ظاھر ٿئي ٿو ته ھو انھي مري ويل شخص جي باري ۾ ڪجھه نٿو ڄاڻي- نه ان جي ماريندڙ جي باري ۾ ڪا معلومات رکي ٿو. ھو ڪنڌ سان نھنڪر ڪري ٿو.
تڏھن ڏاڍي رازداراڻي نوع ۾، ھن جو دوست چوي ٿو:
”ڀائو.... مون کان ٿا لڪائڻ چاھيو ڇا.....!؟ “
”ڇا مطلب؟؟!” خوف کان ھن جي چيٽ نڪري وڃي ٿي.
”ته چئبو توھان کي واقعي اھا خبر ڪانھي-؟”
منير فقط ڌڙڪندڙ دل سان ايندڙ لمحن جو وڏي اڻ تڻ سان انتظار ڪري ٿو.
”ڀائو....... حد درجي جو ڪو ساڌو آھين..... “ ھن جو دوست ڳالھائڻ لڳي ٿو.
”تنھنجي مائٽن پلئه ڪري وڌو آ.... ڏيھه سڄي کي ڄاڻ پئجي ويئي، پر تون آھين جو...!! “
”ڇا!!؟؟ “ ڄڻ ته ھن جي ڀر ۾ ڪو زوردار ڌماڪو ٿيو ھجي. ھن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. شديد خوف وچان ھن جو چھرو ھيڊو ٿي وڃي ٿو. “سائين...... معاف ڪجو...... مون کي ھڪ تمام ضروري ڪم ياد اچي ويو آھي.... مان.... “ ھو، جملي کي اڌ ۾ ڇڏي اٿي ٿو، ۽ دوست جي ڪنھن به جواب جو انتظار ڪرڻ بنان ھوٽل مان ٻاھر نڪري اچي ٿو.
ڀوائتين اکين واري شخص بابت ھن جو خدشو ھاڻ يقين ۾ بدلجي وڃي ٿو، جو ڪنھن کي ڳولھڻ واري انداز ۾ رستي ڏانھن ڏاڍيءَ وحشت وچان گھوري رھيو ھو. ھن جي وکن ۾ ان لمحي بيحد تيزي اچي وڃي ٿي، جڏھن امالڪ ٻانھن ۾ ٻڌل واچ ڏانھن نظر وڃيس ٿي. “ٻارھن” ھرو ڀرو ايڏو اويلو ٽائيم به ڪونھي. پر اڄ اھو ٽائيم ھن کي محسوس ٿئي ٿو،ڪنھن گجگاھه رات جي اويري وقت جيان ڏاڍو ڀوائتو.
شھر جون حدون لتاڙي ھو جڏھن ڊگھن ۽ گھاٽن وڻن وٽ پھچي ٿو ته خوف وچان ھن کان رڙيون نڪري وڃن ٿيون. دور دور تائين ڦھليل گھاٽن وڻن جي وچ مان گذرندڙ اونداھين ۽ خاموش رستي مٿان ھلڻ جو خيال ھن جي سرير ۾ خوف ڦھلائي ڇڏي ٿو. ڊنل من سان جيئن جيئن اڳيان وڌي ٿو، تيئن تيئن زندگيءَ جي چرپر ۾ ٺاپر ايندي وڃي ٿي. چؤدشائن ۾ فقط سانت جون صدائون رھجي وڃن ٿيون. اوچتو ھو وري ڇرڪجي وڃي ٿو. موت جا سرد ھٿ ھن کي پنھنجي جسم تي ڦرندي محسوس ٿين ٿا. بي پناھه خوف وچان ھن جا پير ڌرتيءَ کي چنبڙي پون ٿا. اوندھه ۾ ھو اکيون ڦاڙي ڏسڻ لڳي ٿو. سامھون موري تي ڪي اونداھا پاڇا نظر اچنس ٿا، جيڪي ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي رھيا آھن. ھن جي دل زور زور سان اڇلون کائڻ لڳي ٿي. انھن ئي لمحن ۾ کيس لڳي ٿو ته، اھي پاڇا ھن کي ڏسي ھڪ ھنڌ ساڪت ٿي ويا آھن. ھن کي مارڻ لاءِ ھنن جي چرپر رڪجي وئي آھي. ’ضرور انھن مون کي ڏسي ورتو آھي.... ھاڻ ته ڀڄڻ جي به ڪا واھه نه رھي رھي آھي... جي ڏٺو اٿئون ته ڪٿي ڇڏيندا. ڏاڍي ويچارپ سان ، جيئن ئي پٺتي ڇڏي آيل رستي ڏانھن ڏسي ٿو، ته ھن جي جسم جا وار ھڪدم ڪانڊارجي وڃن ٿا. جنھن رستي تان ھلندو ھو ھيستائين پھتو آھي ان رستي جي ھڪ ڪُنڊ ۾، ڪنھن شخص جو اونداھو پاڇو بيٺل محسوس ٿئيس ٿو. ذهن ۾ گونجندڙ خطري جو سائرن تيز ٿي وڃيس ٿو. کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته رستي بيٺل اھو شخص به، انھن جو ئي ونگاري آھي، جو شھر ڏانھن ويندڙ گھٽ جھلي بيٺو آھي موت جھڙي انھيءَ سانت ۾ خوني چھرا ڦري وڃن ٿا ھن آڏو. ڪھاڙين جا اوندھه ۾ چمڪاٽ ۽ ھن جون آزيون نيزاريون مُڏن ھٿيارن جيان انھن آڏو بي اثر، تيز ڪھاڙين جا چيچلائيندڙ وار، گھٽيل گھٽيل رڙيون،ا کيون ٻاھر نڪري آيل، ھو پاڻ کي پنھنجي ئي رت ۾ ليٿڙيل محسوس ڪري ٿو. ھڪ گھڙيءَ ته ھن جون رڙيون نڪرندي نڪرندي رھجي وڃن ٿيون. جڏھن پاسي کان آيل ھڪ آواره ڪتو، اوندھه جو سينو چيري ڪمند جي گھاٽي پوک ۾ ڇوھه منجھان گھڙي وڃي ٿو. تڏھن ھن جو سڄو جسم لرزي اٿي ٿو، ڊپ وچان ھن جا ساھه پاڻ ۾ وچڙڻ لڳن ٿا ۽ ھاڻ جڏھن ٿورو ٿورو سامت ۾ اچي ٿو ته وري روڊ جي ھڪ پاسي کان بيٺل پاڇي ڏانھن ڏسي سوچي ٿو. ھي شخص جڏھن منھنجي مارڻ لاءِ موڪليو ويو آھي ته ھيترو وقت  بيھي ڇو رھيو آھي اتي چُري پُري به نٿو ٿي سگھي ٿو ته اھو ڪنھن ماڻھوءَ جو پاڇو نه ھجي، ڪنھن وڻ جو ڪٽيل ٿڙ ھجي. اھو ڪنھن جو وھم به ته ٿي سگھي ٿو نه. مسلسل خوف جي دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ ھو پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو ۽ موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇن لاءِ  به ھو اھڙي قسم جو دل کي ڏڍ ڏيندڙ رايو قائم ڪري ٿو. ’ھي ته مون کي سرن جا ڪي ٻوڙا ٿا نظاًر اچن، جيڪي اڳھڻو ھوا جي ڪري شايد لڏيا ھئا. ھن کي پنھنجو پاڻ تي کل اچي وڃي ٿي. ’مان به ڪيترو نه ڊڄڻو آھيان، اجايو ھيترو ٽائيم پاڻ کي رستي تي بيھاري ڇڏيم. ۽ ھاڻ ھن جي اندر جي شڪتي وري موٽي اچي ٿي. ھو ھاڻ بنا ڪنھن ڊپ جي موريءَ ڏانھن وڌڻ لڳي ٿو. پر جيئن جيئن موري ويجھي ايندي وڃي ٿي، ھن جي اميد جي ابتڙ، موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇا ماڻھن جو روپ وٺندا وڃن ٿا. انھن بابت سرن ھجڻ وارو ھن جو شڪ جڏھن چئن ماڻھن جي ڀوائتي حقيقت ۾ بدلجي وڃي ٿو، تڏھن ڀوَ کان ھن جا پير ايترا ته ساڻا ٿي وڃن ٿا، جو اڳتي ھلڻ جو ساھس ئي وڃائي ويھن ٿا. ھو ڏڪندڙ قدمن سان بنھين انھن جي ويجھو اچي وڃي ٿو. تڏھن شڪست کاڌل ان سپاھيءَ جيان، جيڪو زندگيءَ ۽ موت جي ڇتي جنگ ۾، ھٿيار ڦٽا ڪري، زندگيءَ جي خيرات لاءِ ٻئي ھٿ مٿي کڻندو آھي. ٺيڪ اھڙي طرح خوف وچان ڦاٽي ويل آواز ۾ ھو ويٺلن کي سلام ڪري ٿو، ۽ ان لمحي ته جسم منجھان ساھه ئي ڇڏائجي وڃيس ٿو. ھو بنھه ڪرڻ وارو ٿئي ٿو. جڏھن موريءَ تي ويٺل ماڻھن منجھان ھڪ ڄڻو پنھنجي ساٿيءَ کي، ڏاڍي آھستيءَ ۾ ڪجھه چوي ٿو، تڏھن بي پناھه خوف وچان ھن جي منھن تي پگھر جا ڦڙا نڪري اچن ٿا. ھو وڏي مشڪل سان ساھه کڻڻ لڳي ٿو، ڄڻ ته ساھه جي نليءَ ۾ ڪجھه ڦاسي پيو ھجيس. ساھن جي انھيءَ بي ترتيبيءَ سان لڙکڙائيندو، ڀنواٽيون کائيندو، ھو جڏھن ڏھن قدمن جيترو مفاصلو طئي ڪري وڃي ٿو، تڏھن امالڪ ئي موت کان زندگي ڏانھن رڙھندڙ ماڻھوءَ جيان، جسم جي سموري سگھ سان چرين جيان ڊوڙڻ لڳي ٿو.

No comments:

Post a Comment