Monday, April 30, 2012

ڇڳل جتي - مريد حسين احسن ٻگهيو


ڇڳل جتي
مريد حسين احسن ٻگهيو
ڪراڙ جي ڪپ تي، اياز جي مزار ڀر ۾، نئين ٺهيل پارڪ جي بند پيل لوهي گرل واري گيٽ تان ٽپي، اندر ڇٻر تي وڃي ويٺس. کيسا خالي هئا. دل اداس هئي ۽ مٿي ۾ ڄڻ باهه ٻريل هئي. سوچيم پئي ته؛ ڌاڙو هڻجي يا وري دولت لاءِ، ليار مل واري دولت رام کي، اغوا ڪجي. دولت، يار ماڻهو آهي. پنهنجي اغوا تي ڪاوڙ به نه ڪندو ۽ پوءِ ڀُنگ جا ڏوڪڙ وٺي سرڪاري ڪامورو ٿي ملڪ جو عظيم شهري ٿي وڃجي. وري دل ۾ خيال آيم ته؛ ٻيلي ان ڪم ۾ جوکو آهي. آئون فطرتًا بزدل ماڻهو آهيان. (جنهن کي آئون شرافت جو نالو ڏيندو آهيان) پوليس جي ور چڙهي ويس ته ڪامورو ٿيڻ کان اڳ، ڪم پورو ٿي ويندو. پوءِ ڇا ڪجي؟ اهو سوچڻ ويهي رهيس. جن کي نالو لکڻ به نٿو اچي، سي چڱيون ڀليون نوڪريون وٺي ويا آهن. اسان ڊگريون وٺي، پيا گهٽين ۾ ڦرون، پر ڪا لفٽ ئي ناهي. خير اهي ڳالهيون ذهن تان هٽائي، وري ڪامورو ٿيڻ لاءِ، پيسن جو بلو ڪرڻ جي ترڪيبن تي غور ڪرڻ ويٺس ته هڪدم ذهن ۾ انرجي سيور ٻري پيو ۽ انگريزي جو هڪ سهڻو من مهڻو نالو چمڪڻ لڳوNGO اڙي واهه!! واهه جو ڪم آهي. ڪو خطرو  به ڪونهي. مٿان وري نالو به وڏو ٿي پوندو. هاڻ سوچيم ته؛ پنهنجي ڪا اين جي او کوليان. پوءِ تخليقي فوٽو گرافي جي جوهرن کي استعمال ڪندي ٻارن، ٻڍن ۽ عورتن جا فوٽا ڪڍجن ۽ ڪنهن انگريز صاحب کي ڏيکاري، کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته سموري سنڌ جا ٻار يتيم ٿي ويا آهن. عورتون بي واهه ٿي ويون آهن، ٻڍا بيمار آهن، سنڌي ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ ۾ پنهنجو ثاني نٿا رکن. پوءِ انگريز سڳوري کي وڏا دليل ڏجن ۽ کيس يقين ڏيارجي ته مون جهڙو رحم دل، ايماندار، غريبن جو هڏ ڏوکي دنيا جي نقشي تي نه هوندو. مون واري آرگنائيزيشن ۾ سڀ فرشته ڪم ڪندا آهن ۽ شيطان مون واري آرگنائيزيشن واري پاسي لڙي ئي نٿو سگهي. ڇو جو اسان جا سڀ همراهه 12 ئي مهينا روزي ۾ هوندا آهن ۽ آرگنائيزيشن جي هيڊ آفيس ۾ 12 مهينا رمضان سڳورو هوندو آهي. نيٺ ته انگريز صاحب راضي ٿي پوندو ۽ ڪروڙين رپيا ڏيئي ڇڏيندو. پوءِ ويهي عيش ڪبا. غريبن، مسڪينن ۽ يتيمن جو مال کائي پنهنجي پيٽ جي سائيز کي وڌائبو ۽ هن ملڪ جو ايماندار، عزتدار ۽ شريف شهري ٿي، وري ڪنهن ٻئي ضلعي جي يتيم ٻارن، بيواهه عورتن، ٻڍن ۽ مزدورن جا فوٽا ڪڍي وري سندن مدد جي اپيل لکي وٺبي. زندگي پئي عيش ۾ گذرندي. ڪو پڇڻ ۽ ڪڇڻ وارو به نه هوندو. ڪير ڪڇيو ته کيس به يتيم سمجهي، سندس امداد ڪري ڇڏبي. آخر هڪ انسان جي خدمت به ته انسانيت جي خدمت آهي. خيال ته اهڙو هو جو پاڻ کي آمريڪا جي صدر جي ڀر ۾ بيٺل پئي ڏٺم. پر پوءِ کيسي ڏي نهاريم ته زهر کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪو نه هو. جو ماڻهو کڻي اهو چون ته ابا ڪجهه کائي مري ويو آهي. پر اسان جي نصيب ۾، بکيو مرڻ ئي لکيل آهي، شايد! کيسا خالي آهن ته پوءِ اين جي او ٺاهڻ لاءِ ڪامورن کي راضي ڪرڻ جا ڏوڪڙ ڪٿان ايندا، جو تنظيم کي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جاري ٿي سگهي. اندر مان آواز آيو؛ وراڻيائين ته غريب جو ٻار آهين، چپ ڪري ويهي رهه. تون ڪڏهن به سماجي اڳواڻ يا سول سوسائٽيءَ جو نمائندو ٿي نه سگهندين. تون ڪڏهن به ڪامورو ٿي نه سگهندين ۽ نه ئي تنهنجي ايندڙ 50 نسلن ۾ ڪو سرڪاري ڪامورو ٿي سگهندو. اسان جو پيٽ ڪرنگهي واري هڏي سان ئي مليل رهندو ۽ چئن فٽن وارو پيٽ ڌاري، ملڪ جو معزز ۽ احترام لائق شهري ٿي نه سگهندين. هاڻ مايوس ٿي پيس. پارڪ جا گل به ڪنڊا پئي لڳا. دل ٻيهر اداس ٿي پئي، جيڪا ڪجهه دير اڳ اين جي او واري خواب سبب، گارڊن گارڊن يا چوان پارڪ پارڪ ٿي پئي هئي.


اٿي گهر جي گهٽيءَ جو رخ ڪيم ته گس تي هڪ اسڪول جي دور جو گوسڙو دوست ملي ويو. پاڻ هينئر هاءِ اسڪول جو استاد آهي. ننڍپڻ واري عادت اڃا نه ڇڏي اٿئين. اسڪول کان اصل چڙ اٿس. هل ڀوڪ ڪيڏانهن پيو وڃي؟ پٺيان کان سڏ ڪيو هئائين. منهن وارئي ڏٺم ۽ چيم؛
“ها! گوسڙو وري ڀڳو پيو وڃين ڇا اسڪول مان؟ ڏي حوال ڇا پيو ڪرين؟”
مون واري ڪلهي تي هٿ رکي، اڳتي هلڻ جو اشارو ڪيائين.
“اسان ڇا ڪنداسين، اهي ڌڪا ۽ ٿاٻا نصيب ۾ آهن، پيو ڌڪا جهليان ۽ ٿاٻا کاوان، ٻيو وري ڇا ڪندس.” بيزاريءَ مان جواب ڏنومانس.
“ڪر خبر نوڪري ٻوڪري ڪا نه ملي اٿئي ڇا؟”
“نه يار اسان جا نصيب اهڙا ڪٿي؟ اهي نوڪريون ٻوڪريون ته توهان جي لاءِ هونديون آهن. جن جا ابا ڏاڏا خان بهادر، وڏيرا يا صاحب لوڪ هوندا آهن.” ڦڪي مسڪراهٽ سان سندس منهن ۾ ڏسندي چيو هوم.
کلندي وراڻيائين؛ “تون ڪو نه سڌرندين. ائين ئي رهندين. چڱو ٻڌ! سائين مڪر ولي شاهه وٽ 10 آرڊر آيا اٿئي. وڃينس متان هڪ پٽيواليءَ جو آرڊر ڏئي ڇڏيئي.”
سندس ڳالهه ڪٽيندي چيم؛ “ها يار! آئون ائين ئي رهندس. هنن سياستدانن، پيرن، ميرن جا جوتا کڻڻ جي طاقت مون ۾ ناهي. ها! آئون اهڙو ئي رهندس، ڌڪا ۽ ٿاٻا منهنجو مقدر هوندا پر ڪو به مُڪر ولي شاهه يا ٻيو مون کي نوڪري نه ڏيندو. منهنجي 50 نسلن مان ڪو به سرڪاري ڪامورو ٿي نه سگهندو.”
“ٺيڪ آ ٺيڪ آ! ڀلا اوڏانهن نٿو هلين ته نه هل، پر ڪالهوڪين سنڌي اڙدو اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار ڇپيا اٿئي. عرضي موڪلي ڇڏ. متان ڪو صاحب ايماندار نڪري پوي ۽ نوڪري ملي پويئي.”
محسوس ڪيم ته کيس مون واري ڳالهه وڻي ڪا نه هئي. پر دوستيءَ جو لحاظ ڪندي، سنگت ۾ سٺي صلاح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين.
“ادا موڪلينداسين.” مون به دل رکڻ لاءِ کيس وراڻيو هو.
خير پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون ڪندي، رستو کٽي پيو ۽ هو پنهنجي گس ڏي هلي پيو. آئون پوسٽ آفيس جي ڀر مان لنگهندو، گهر وڃي ليٽي پيس. جڏھن دل مضطرب هجي ته پوءِ ننڊ به عذاب لڳندي آهي. پنهنجا به پراوا لڳندا آهن، ته وري گهر ڪٿان وڻندو؟ سو من نه لڳو ۽ گهران نڪتس. دنبوري چونڪ کان ڪٽ هڻي، پريس ڪلب جي ڪمپيوٽر تي اچي ويٺس ۽ يو-ٽيوب تي جوڪر فلم جا گانا ٻڌڻ شروع ڪيم ۽ گڏوگڏ گوگل کي دوست سمجهي سڏيم ۽ هو سامهون اچي بيٺو. مسئلو ٻڌايومانس ته بيروزگار آهيان. گوگل به سنگتيءَ واريون ٻڌايل اخبارون سامهون رکي ڇڏيون.
ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ڪجهه خالي پيل جايون پر ڪرڻيون هئن. سو سنڌين کي دعوت ڏني هئائون ته فوٽو اسٽيٽ وارن جا وارا نيارا ڪري، ڪاغذن کي پوسٽ آفيسن مان رجسٽري ڪري، سرڪاري خزاني ۾ اضافو ڪن. ملڪ کي شديد مالي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ، پنھنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ملڪ کي مالي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو حصو وجهڻ جو ارادو ڪري، مون به پنهنجا ڪاڳر سنڀاليا ۽ فوٽو اسٽيٽ جي راهه جو راهي ٿي پيس. فوٽو ڪاپي ڪري ڏيڻ وارو دوست ماڻهو هو. مهيني جي آخري ۽ پهرين ڏينهن ۾، ونگار وهندو هو. سو اوڌر جي ماءُ اڃا مئي ڪا نه هئي. ڪاڳر فوٽو ڪاپي ٿي ويا. هاڻ مسئلو هو 40 رپين واري رجسٽريءَ جو. مون ارادو ڪيو هو ته؛ پٽيوالي ۽ سوئيپر جي ٻنهي نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪريان. ڇو جو ان کان مٿيون نوڪريون، اسان جهڙن جي لاءِ ڪو نه هونديون آهن. ان لاءِ وڏيون ڊگريون گهربل هونديون آهن، جيڪي مون وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڪو نه آهن. توهان پڇندا ڪهڙيون ڊگريون؟ ته سهڻا ڪنهن ايم پي اي، ايم اين اي يا منسٽر سڳوري جي پرچي، جيڪا پاڪستان جي هر ڊگريءَ کان وڌيڪ ترجيح جوڳي هوندي آهي، سا اسان جهڙن وٽ نه هوندي آهي يا وري قائد اعظم محمد علي جناح جي تصوير واري ڪاڳر جي ڊگري. سا به اسان جي مقدر ۾ ناهي هوندي. سو هاڻ مسئلو پيدا ٿي پيو هو ته رجسٽريءَ لاءِ ڏوڪڙن جو بلو ڪٿان ڪجي؟ صدر صاحب جي خدمت ۾ عرض رکجي ته پگهار منجهان سؤ ڏيڍ کن ملي پون ته ڪاڳر موڪلي ڏسجن. متان مون واري گريجوئيشن واري ڊگري ڀٽ شاهه ۾ خالي پيل سوئيپر جي آسامي لاءِ ڪارآمد ٿي پوي. صدر صاحب کي عرض ڪيوسين سو اگهامي پيو ۽ ڏوڪڙن وارو مسئو به حل ٿي ويو.
هاڻ الله ۾ آسرو رکي، پنهنجي اصلي ڪاڳرن جي ڪاپين تي تصديق جي مهر هڻائڻ جي سلسلي ۾ سرڪار سڳوري پاران قائم ڪيل اسپتال جو رخ ڪيم. پر ويٺلن مان ڪو به ڊاڪٽر صاحب ڪاڳر اٽيسٽڊ ڪرڻ تي راضي نه ٿيو. باقي جمع جي سڳوري ڏهاڙي تي نماز لاءِ روانا ٿيا هئا. مون بي دين کي نماز جي ٽائيم تي وڃڻ ڪري سرزنش سان گڏ ايمان افروز درس به ٻڌڻو پيو هو. خير سوچيم ته ڪاڳر ڪنهن استاد کان به تصديق ڪرائي وٺندس. سرڪاري نوڪري لاءِ درخواست موڪلڻ لاءِ ڪيل مارچ سبب، پير ۾ پاتل جتي گس تي ڇڄي پئي هئي. سو سوچيم ته پهرين اها ڇڳل جتي ڳنڍرائجي پوءِ اسڪول جو رخ ڪجي. دنبوري چوڪ جي ويجهو ٿيس ته سامهون ماڻهن جي وڏي پيهه نظر آيم. ماڻهن جو انبوهه هيو لائنون ڪيو بيٺا هئا.
‘عجيب ڳالهه آهي، ايترا ماڻهو اتي ڇا پيا ڪن؟’ اوچتو خيال آيو؛ ‘ڪٿي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڏوڪڙ ورهائڻ جي اسڪيم ته شروع ڪو نه ٿي وئي آهي؟ ڀڄ ڪٿي سڀ پئسا ورهائجي نه وڃن.’
ذري گهٽ ڊوڙندو، پئسا ورهائجڻ واري جڳهه تي رسيس. اهو ڏسي مايوس ٿيس ته اتي انڪم سپورٽ جا پئسا يا فارم نه پئي ورهايا ويا پر مون جهڙن پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن کي ڪلچر ۾ آيل نوڪرين واري اشتهار جي خبر پئجي وئي هئي ۽ سڀ نوڪري وٺڻ جي چڪر ۾ نڪتل هئا. سڀ جا سڀ ساڳئي موچيءَ جي دڪان تي، پنهنجي پنهنجي جتيءَ جي ڳنڊجڻ جي انتظار ۾ بيٺا هئا، جتان مون کي جتي ڳنڍرائڻي هئي.

No comments:

Post a Comment