Sunday, April 15, 2012

ڪاتب لکيو جيئن - شگفته جبين


ڪاتب لکيو جيئن
شگفته جبين
چيڪي مٽي سان راڳيل اڱڻ جي وچ ۾ نمورين سان نوڙيل چهچ سائي نم جي گهاٽي وڻ کي وڏي چاچا نڄاڻ ڪيترا ڀيرا ڇانگيو هو پر اُن جي گهاٽي ڇانو ۾ ذري جيترو به فرق نه آيو هو. ڏسندي ئي ڏسندي هن جي ڇانو اڳي کان گهاٽي ٿي ويندي هئي. اڱڻ جي ساڄي پاسي کان لڳل ڄمون ۽ زيتون جا وڻ گهر ۾ هر ايندڙ ماڻهو جي پهرئين نگاهه پاڻ ڏانهن ڇڪرائيندا هئا. ڪچي ڀت جي ڀرسان کاٻي پاسي ٺهيل ٻاري ۾ گلاب، نازبوءَ، ميندي ۽ موتئي جي مهڪار چوڏس ساهه ۾ پئي سمائبي هئي....


مان اُن وقت نون سالن جي مس هيس. پر چٽي طرح ياد اٿم ته چاچا وڏي جو نحيف ۽ نٻل وجود چانڊوڪي رات ۾ آڳر ۾ پيل کٽ تي ليٽي جڏهن بي پناهه پيار ۽ پاٻوهه سان جوڳي.... کاهوڙي... سهڻي... سسئي جون وايون جهونگاريندو هو ته ڄڻ چوڏسا ۾ هڪ عجيب وجد طاري ٿي ويندو هو...
هن ڀر کان سنسار جي آخري ڪنڊ تائين سرور ئي سرور... ڦهلجي ويندو هو. اُن پل هڪ مهربان ماٺار مون کي بيخود بنائي ڇڏيندي هئي.... دوکي.... دولاب... دغا کان ڀريل دلين کان دور تمام گهڻو دور.... بس ائين لڳندو هو ته جنماتر جا انيڪ پل مان پنڊ پهڻ بڻجي گهاري ڇڏيان. وقت ڄڻ بيهي وڃي ۽ اُهي منظر اکين کان ڪڏهن به الوپ نه ٿين....
ڌرتتي مهل جڏهن گهر جي سڀني ڀاتين کي ننڊ ورائي ويندي هئي تڏهن مان ۽ چاچا وڏي جي ڌيءَ عائشه جيڪا عمر ۾ ٻه ٽي سال مون کان وڏي هوندي هئي... نم جي وڻ هيٺان ويهي ڪپڙي سان ٺهيل گـُـڏين سان راند ڪندا هئاسين.... پهرن جا پهر گذري ويندا هئا پر ان جي راند ختم نه ٿيندي هئي....
زندگي جو درد ڇا هوندو آهي؟ مري جيئڻ ڇا هوندو آهي؟ اها خبر ئي نه هئي ته سمجهوتن جي سوڙهين گهٽين ۾ ساهه به سوڙها ٿي پوندا آهن.... اها ڪل ئي نه هئي ته ڪڏهن ڪڏهن واءُ.... واچوڙا ۽ طوفان ڌرتي سان گڏوگڏ ماڻهن جا من به برباد ڪري ڇڏيندا آهن... ڪيڏي پرسڪون ۽ معصوم زندگي هئي ۽ پوءِ نڄاڻ ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح وقت جي.... ونڊ ورڇ ۾ سڀ ڪجهه ورهائجي ويو رشتن رفاقتن سان ڀريل دلين سان گڏوگڏ اُهي ماڳ مڪان اُهي پنڌ پيچرا اُهي منظر به اچانڪ اکين کان الوپ ٿي ويا....
وقت جي اُڏامندڙ دز ۾ سڀ لٽجي دز جي ڌنڌلائجي ويو....
بابا اسان جي تعليم ۽ ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪراچي لڏي آيو ننڍو چاچا پنهنجي فيملي سميت حيدرآباد شفٽ ٿي ويو پر وڏي چاچا پنهنجا پراڻا پڊ نه ڇڏيا.... زندگي اڳتي تمام گهڻو اڳتي وڌندي رهي. هوريان هوريان اُهي سڀ محبتون چاهتون رفاقتون مصروفيت جو اُهڃاڻ بڻجي پوئتي رهجي ويون...
جن جي سواءِ ساعت نه سرندي هئي وقت انهن پنڌن پيچرن جا نشان ميساريندو رهيو پر ذهنن تي چٽيل يادن جا منظر ڪڏهن به پس منظر بڻجي نه سگهيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مهل موقعي تي يا ڳوٺ ۾  ڪنهن مهل موقعي تي يا ڳوٺ ۾ ڪنهن مرڻي يا پرڻي تي گڏ ٿيندا هئاسين ته ڄڻ ساڳيون محبتون موٽي اينديون هيون ۽ ٻي پل نه چاهيندي به قربتن جون سڀ ساعتون سهيڙي ٻيهر ملڻ جي آس من ۾ رکي پنهنجن پنهنجن ماڳن تي موٽي ايندا هئاسين ۽ زندگي ٻيهر پنهنجي معمول تي اچي ويندي هئي...
اڄ وري سرد موسم جي گهرن ڌنڌلڪن ۾ چاچا وڏي جي حڪم جي مطابق اسان سڀ اُن چيڪي مٽي جي راڳيل اڱڻ ۾ گڏ ٿيا هئاسين....
محبتن جو عجيب رنگ چؤڏس ڦهليل هو هر مـُـک تي هڪ مهربان مـُـرڪ وکريل هئي. چؤطرف ٽهڪن جا ٽانڊاڻا ٿي ٽمڪيا.... ان ويل کير جهڙي چانڊوڪي رات ۾ جڏهن عائشه کي پوتي پارائي پي وئي ته چاچا وڏي بي اختيار ٿي روئي ڏنو. چاچا وڏي جي روئڻ سان ماحول هڪدم سوڳوار بڻجي ويو هو. هر اک ۾ آلاڻ ڀريل هئي. عائشه پيءُ کي روئيندو ڏسي پاڻ به زارو قطار روئڻ لڳي ٻئي هڪ ٻي کي ڀاڪر ۾ ڀري روئيندا رهيا... هڪ ٻي کي پرچائيندي آٿت به ڏيندا رهيا... کن پل ۾ سمورو ماحول وري خوشگوار بڻجي ويو.
اُن رات مان ۽ عائشه هڪ ئي ڪمري ۾... ستل هئاسين... شايد اُهو ڪو رات جو پويون پهر هو، جڏهن هوا جي هلڪي جهوٽي سان دري جو تاڪ کلي ويو ۽ اُن هلڪي کڙڪي تي اچانڪ منهنجي اک کلي وئي چؤڏسا ۾ گهگهه اونداهه جو راڄ هو. پر عائشه منهنجي ڀرسان نه هئي.... آخر رات جي هن پوئين پهر ڪيڏانهن وئي هوندي. ڪي پل ته مان چپ چاپ سوچيندي رهيس، ليڪن بي چيني حد کان وڌڻ لڳي آخر ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿي.... ذهن ۾ عجيب وسوسا سرجڻ لڳا... مان خاموش قدمن سان هلندي آڳر ۾ نڪري آيس...چؤطرف مڪمل سانت ڇانيل هئي.
مان بي خيالي ۾ ڪمري جي پوئين پاسي هلي آيس.... جتي صرف گهر جو پراڻو سامان رکيو ويندو هو... ڪاٺ جي ڀڳل پينگهي کان سواءِ پراڻو ڪاٺ جو صندوق... ڪاٺ جي گهڙامنجي ۽ هڪ لوهه جي پراڻي زنگيل الماري جنهن جو ان وقت هڪ تاڪ کليل هو. رات جي گهاٽي اونداهه ۾ ٻيو ڪجهه ته نظر ڪو نه پئي آيو پر جنهن ڳالهه مون کي ڇرڪايو اُها هئي عائشه....
هن وقت... رات جي پوئين پهر....
مان خاموش قدمن سان هلندي الماري جي اوٽ ۾ لڪي بيهي رهيس... هو شايد روئي رهي هئي.... ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي گهٽيل گهٽيل سڏڪن سان ۽ ڪو هن جي انتهائي ويجهو ويهي بار بار ايلاز ڪري رهيو هو ته تنهنجي روئڻ سان مون کي ميارون ڏيڻ سان ڪجهه ڪو نه ٿيندو اسان جي قسمت جو فيصلو اسان کان بنا پڇي ٿي چڪو آهي...اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مجبور آهيون... ڏس عائشه خاندان جي عزت حرمت کي قائم رکڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل جو خون به ڪرڻو پوندو آهي نه چاهيندي به سجهوتن جي صليب تي خود کي ٽنگڻو پوندو آهي.... پر مان توکانسواءِ ٻي ڪنهن سان... لفظ وري سڏڪن ۾ تبديل ٿي ويا...
عائشه مان مجبور آهيان پنهنجي خاندان جي عزت حرمت ۽ وقار کي پنهنجي خوشين ۽ خواهشن تي قربان نٿو ڪري سگهان....
تون ايتري جذباتي ٿي نه سوچ مان ڪو حل ڪڍان ٿو. هلڪي آواز ۾ هڪ ٻي سان سليل سرٻاٽن منهنجي پيرن هيٺيان ڌرتي ڇڪي ورتي هئي.
پيرن ۾ ته هلڻ جي سڪت ئي نه رهي هئي... سخت سردي هجڻ جي باوجود پگهر ۾ پسيل سڄو جسم هوريان هوريان ڏڪي رهيو هو.... ڏک سان اکيون پوسرڻ لڳيون هيون....
حسين جنهن سان منهنجو مڱڻو منهنجي ڄمڻ واري رات ٿيو هو. اُن رات اسان جي زندگي هڪ ٻي جي نالي لکجي وئي هئي... ته پوءِ وچ ۾ ٻي ڪنهن جي گنجائش ڪيئن نڪري آئي. شايد اها منهنجي بدقسمتي هئي جو منهنجي منزل مون کي دوکو ڏنو هو... جڏهن منزل ئي پنهنجي نه رهي ته پوءِ رستي جي رولاڪي ۾ خود کي وڃائڻ سان ڇا ورندو...
نه ڄاڻ ڪهڙي طرح مان واپس ڪمري تائين پهتس پوري وجود ۾ هڪ عجيب بي چيني بي سڪوني ۽ بدگماني سمائجي وئي هئي.... اندر ۾  لٿل بي يقيني... بي اعتباري کن پل ۾ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو هو... پر جنهن ڳالهه من  ۾ بي شمار انديشا ۽ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا هئا اُهي هئي خاندان جي عزت ننگ و ناموس... ٻي ڏينهن صبح جو مسلسل روئڻ ڪري عائشه جي ڳاڙهين ۽ سـُـڄيل اکين ۾ واسيل وحشت واضح نظر اچي رهي هئي....
مان عائشه سان پنهنجي رويي کي بلڪل نارمل رکيو ته جيئن هن کي ڪو به شڪ نه ٿئي ته مان سڀ ڪجهه ڄاڻي چڪي آهيان...
حسين منهنجي ننڍي چاچي جو پٽ هو. اسان جي وڏن اسان ٻنهي جي قسمت جو فيصلو منهنجي ڄمڻ واري رات ڪيو هو... پر اڄ تقدير پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي هئي... عائشه ۽ حسين جي پاڻ ۾ بي انتها چاهت ڏسي من بنجر بڻجي ويو هو، جنهن ۾ هر طرف رُڃ ئي رڃ سڃ ئي سڃ واڪا ڪري رهي هئي شايد وقت جي ور ڪڙ ۾ ورهائجي حياتي جا منظر ساڳيا نٿا رهن. سچ آهي ته گمنام گسن جا پنڌ صرف منزل جو فريب ڏيندا آهن... ڪڏهن به منزل کي ماڻيندا ناهن...
مان به ته اهڙي ئي ڪنهن گمنام گس جي مسافر هيس تڏهن ته منزل فريب ڏئي وئي هئي. شام جي گهرن ڌنڌلڪن ۾ عائشه کي نڄاڻ ڪيترا ڀيرا لڪي لڪي روئيندي ڏسي چڪي هيس... سڄو گهر مهمانن سان ڀريل هو. ڇاڪاڻ ته ٽن ڏينهن کانپوءِ عائشه جو مڱڻو رٿيل هو. انهيءَ دؤران حسين نڄاڻ ڪهڙو حل ڪڍي... ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن جو کنيل ڪو به غلط قدم منهنجي سڄي خاندان جي ٺهيل جڙيل عزت کي ذلت جي گهري کاهي ۾ اُڇلائي نه ڇڏي. هر روز اهڙا ڪيترائي واقعا اخبارن ۾ ڇپجن پيا جن جو انجام بدنامي يا پوءِ موت...
نه نه مان ليٽي ليٽي ڇرڪي اُٿي ويهي رهيس، گهري گهگهه اونداهه ۾ مان ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس....
ڪچي آڳر ۾ نم جو گهاٽو وڻ اڄ به پنهنجي پوري شان و شوڪت سان زمين جي اندر پنهنجون پاڙون پختيون ڪري اُن کي سوگهو جهلي بيٺو هو. جنهن جي هيٺيان ويهي مون ۽ عائشه پهرن جا پهر راند ڪندا هئاسين... ۽ عائشه هميشه راند جي پڄاڻي کان ٿورو اڳ جڏهن هن کي پڪ ٿي ويندي هئي ته هو هاڻ هارائڻ لڳي آهي ته ڪو نه ڪو بهانو ڳولي روئڻ ويهي رهندي هئي ۽ مان هن کي روئيندو ڏسي پنهنجا هڙئي رانديڪا هن جي حوالي ڪري ڇڏيندي هيس ۽ اڄ حياتي ساڳئي چو واٽي تي آڻي بيهاريو آهي... ڪيڏو نه عجيب اتفاق آهي زندگي جو... اڄ به ته آزمائش جي ساڳي گهڙي آهي.... پر ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو....
هتي منهنجي ڳالهه سمجهڻ ۽ ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو... سواءِ منهنجي وڏي ڀاءُ جي... مون کان ته اهو به وسري ويو هو ته رات جو هي ڪهڙو پهر آهي....
ادا جنهن ڪمري ۾ ستل هو اُن ڪمري جي دروازي تي ڏڪندڙ هٿن سان دستڪ ڏيندي هڪ عجيب خوف ورائي ويو هو...
ادا رات جي هن پهر اچانڪ مون کي پنهنجي سامهون ڏسي پريشان ٿي چيو...
"ساره خير ته آهي... تون هن وقت ڇا ڳالهه آهي."
" ادا مون کي توهان سان تمام ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي." "ها... ها... اندر اچ ٻاهر ڏاڍو سيءُ آهي..." اسان جي آواز تي ڀاڄائي به جاڳي پئي.... شايد ڪجهه ڳالهين کي وضاحتن ۽ دليلن جي ضرورت ناهي هوندي مان پاڻ حيران هيس ته مون ۾ ايتري همت ۽ جرئت ڪٿان اچي وئي جو مان سڄي ڳالهه ادا کي ٻڌائي ڇڏي....
گهڻي ضبط ۽ برداشت جي باوجود ڳوڙها منهنجي اکين مان ڍرڪي پيا...
"ادا.... توهان کي ٻڌائڻ کانسواءِ مون وٽ ٻي ڪا به واٽ نه هئي مون کي يقين آهي ته توهان هن مسئلي جو حل ضرور ڳولي ڪڍندا.... مان نٿي چاهيان ته پنهنجي خاندان تي بدنامي جو ڪو ٽڪو لڳي. جيڪڏهن گهرجي ڳالهه گهر ۾ رهجي اچي ته... "شايد هو منهنجي لفظن جي گهرائي مان گهڻو ڪجهه سمجهي چڪو هو، تڏهن ته منهنجي مٿي تي هٿ رکندي چيائين... "ساره رات ڪافي گذري چڪي آهي تون وڃي هاڻي آرام ڪر خدا سڀ چڱي ڪندو...."
منهنجي اندر ۾ ڄڻ اطمينان لهي آيو هو... شايد وقت جي به اها تقاضا هئي....
راتوڪي اوجاڳي سبب صبح جو منهنجي اک دير سان کلي....
بابا.... چاچا وڏي کي ادا سان گڏ ڪمري ۾ ڏسي طرح طرح جا وسوسا وري ڪر کڻڻ لڳا.... گهر ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته سڀ ڇا ٿي رهيو آهي... يا ڇا ٿيڻ وارو آهي سڀ ڪجهه معمول جي مطابق ٿي رهيو هو...
اچانڪ بابا سڀني گهر وارن کي سڏي چيو ته اڄ رات عائشه ۽ حسين جو نڪاح آهي.... پر حسين ته ... امان هڪدم وچ  ڳالهايو... بابا... امان جي ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪندي چيو قسمت جا ڪيل ڪجهه فيصلا اڻ ٽر هوندا آهن جن کي بدلائڻ جو اسان وٽ ڪو به اختيار ناهي هوندو. توهان بس جلدي تياري ڪري وٺو سڄي گهر ۾ خوشي جي عجيب لهر ڇائنجي وئي. هر مک تي مرڪ ڦهليل هئي...
گهر ۾ هر طرف هل هنگامو متل هو.... ٽهڪ هئا مستي هئي....
ادا نڄاڻ ڪهڙي طرح هن مسئلي کي حل ڪيو. خاندان جي وڏن کي نڄاڻ ڪهڙي ڪهڙي دليلن سان مطمئن ڪيو ۽ الائجي ڪهڙن حيلن وسيلن سان عائشه کي پارايل پوتي واپس ڪرائي ڪا خبر ئي نه پئي.....
مان ته بس رات جي ڀنل ڀنل ساعتن ۾ عائشه ۽ حسين جي شادي جي سڀني رسمن ۾ اڳيان اڳيان هيس...
عائشه ۽ حسين هن اوچتي ٿيندڙ حسين ميلاپ تي حيران هئا....
سڀ ڪجهه ڪنهن ديومالائي قصي ۽ طلسماتي ڪهاڻي جي انجام جيان سندر لڳي رهيو هو... پريان چيڪي مٽي سان راڳيل ڪچي آڳر جي ڀت جي ڀرسان گلاب ۽ موتئي جي مکڙين تي ماڪ موتين جيان جرڪي رهي هئي. چوڏس نازبوءَ ۽ ميندي جي گڏيل مهڪ سڄي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيو هو... ائين ٿي لڳو ڄڻ ته ڪنهن ٿڪائيندڙ طويل سفر کانپوءِ مان اڄ منزل تي پهتي هجان....

No comments:

Post a Comment