Wednesday, April 11, 2012

هڪ ڊنل ماڻهو - شوڪت شورو


هڪ ڊنل ماڻهو
شوڪت شورو

هو فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ هئنڊ ۽ ردي ڪتابن جي اسٽال تي واري واري سان بيهندو ڪتاب جاچڻ لڳو. هڪڙي هنڌ هن کي “گاڊ فادر” ناول نظر آيو. قيمت پڇيائين؛ ويهه رپيا. هن حيرت مان اسٽال واري ڏانهن ڏٺو.


“دڪان تي هي ڪتاب اوهان کي چاليهه پنجاهه رپين ۾ ملندو!” اسٽال واري چيو.

“اُهو ته سٺي حالت ۾ هوندو. هن جي حالت خراب لڳي پيئي آهي.

“اوهان جي مرضي، مشهور ناول آهي. هن تي فلم به ٺهي آهي، جنهن ۾ مارلن برانڊو ڪم ڪيو آهي. پاڪستان ۾ ان فلم تي بندش پيل آهي.” اسٽال واري پنهنجي معلومات ظاهر ڪندي چيو. هن بنا ڪڇڻ جي، ڪتاب اسٽال واري کي موٽائي ڏنو.

هو هلندو ٻئي اسٽال تي اچي بيٺو. ٿلهن نصاب جي ڪتابن ۾ هن لوبو ڪوف جي ناول “لوليتا” پيل ڏٺو. پڪي جلد سان بهتر حالت ۾. هن قيمت پڇي؛ ڏهه رپيا. “اٺ رپيا وٺ!”

اسٽال واري بنا بحث جي ڪتاب ڏيئي ڇڏيو. “لوليتا” پڙهڻ جو هن کي گهڻي وقت کان شوق هو. اسٽال وارو قيمت گهٽ نه ڪري ها ته به هو وٺي ها.

شام ٿي چڪي هئي. ڪراچيءَ ۾ رات جو روشنيون جڳ مڳ ٻرڻ لڳيون هيون. جارج هوٽل جي اڳيان، فوٽ پاٿ تي، تمام گهڻي رش هئي. ڪئسيٽن جي زور زور سان وڄڻ جو شور. هو ماڻهن جي پيهه ۾، پيسجندو هليو. سندس ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. هو سب وي وٽان مُڙي، ڪئينس روڊ تي آيو. ڪپڙن جي دڪان اڳيان لنگهندي، هن خيال کي آيو ته؛ هڪ نئين پتلون ۽ قميص جي لاءِ ڪپڙو وٺي. پگهار جا سمورا پئسا، هن جي کيسي ۾ هئا. گذريل مهيني هن جيڪا پتلون ورتي هئي، اها درزيءَ کان کڻڻي هئي. کيس نون ڪپڙن جي خريد ڪرڻ جي، ايتري ضرورت ڪا نه هئي. هن پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو. پوءِ سوچيائين ته؛ ڪنهن سٺي هوٽل ۾ ويهي چانهه پئي ۽ “لوليتا” جا پنا اٿلائي پٿلائي. شام جو عذاب، هن کي ڪيئن به سهي ڪري، گذارڻو هو. هن جي دل ويهڻ لڳي. هو پئراڊائيز سئنيما وٽ، روڊ ٽپڻ جي لاءِ اچي بيٺو. هڪ عورت به سئنيما وٽ، ٽريفڪ بند ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. هن عورت ڏانهن ڏٺو. هوءَ 28 ــ 30 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. رنگ سانورو هوس ۽ مهانڊو وڻندڙ. عورت به هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ٽريفڪ بند ٿي ته هو روڊ ڪراس ڪري، ٻئي فوٽ پاٿ تي آيا. هلندي هلندي، وري به هڪ ڀيرو هن ڏٺو .

هن کي ايترو تجربو ڪو نه هو. تنهن هوندي به هن اندازو لڳايو ته هوءَ پرائيويٽ هئي ۽ گراهڪ جي تاڙ ۾ هئي. هن سوچيو ته؛ ساڻس ڳالهائي ۽ معلوم ڪري ته هن جو اگهه ڪيترو آهي. پر جيڪڏهن هوءَ پرائيويٽ نه هجي، جيڪڏهن ڳالهائڻ کي خراب سمجهي ته، هو ٻڏتر ۾ پئجي ويو. کيسي ۾ پگهار جا سمورا پئسا هئا. هو خريد ڪرڻ جهڙو هو، پر هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته عورت سان ڳالهائي. ماڻهو ته چڱين ڀلين عورتن کي ڦاسائي ويندا آهن ۽ هو هڪ پرائيويٽ عورت سان نٿي ڳالهائي سگهيو. هن پاڻ کي همت ڏياري. عورت جي چپن تي هلڪي مرڪ هئي. هن سوچيو ته اوسي پاسي ۾ ڪو ماڻهو نه هجي ته پوءِ عورت سان ڳالهائي. عورت ڪنهن به پاسي مڙڻ کانسواءِ سڌي سڌي هلندي رهي. ريڪس سئنيما کان اڳتي، نيٺ هن کي وجهه مليو. هن دل جهلي وک وڌائي ۽ عورت جي ويجهو اچي ڳيت ڏئي؛ “هلو” چيائين.

عورت هن ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي پئي. “هلو!” عورت وراڻيو.

هن جي دل ٿوري وڌي. “دل ۾ نه ڪريو ته ڪٿي ويهي چانهه پيئون.” هن کي اهو جملو ڏاڍو عجيب لڳو پر هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته پرائيويٽ عورت سان ڪيئن ڳالهائبو آهي. (انسان جي وهنوار جو صحيح بيان).

“ڀلي” عورت چيو.

“وليج هوٽل ۾ ويهون؟” چرچ جي فوٽ پاٿ تي اچي، هن پڇيو.

“اوهان جي مرضي، جتي به هلي ويهو.

ٻئي گڏ هلندا، وليج هوٽل جي جهوپڙي ۾ اچي ويٺا ويٽر مينو کڻي آيو. مينو ڏسندي هن پڇيو؛ “ڇا گهرائجي.

“جيڪي به گهرايو!” عورت پنهنجائپ مان چيو.

هن حيرت مان عورت کي ڏٺو ۽ کيس عجب لڳو، ڄڻ هوءَ سندس پراڻي واقف هئي ۽ هن سڀ سندس مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو هو. هن ويٽر کي چڪن سئنڊوچز ۽ چانهه آڻڻ لاءِ چيو.

“جي؟” هن شروعات ڪرڻ چاهي.

“جي اوهان ٻڌايو؟” عورت جو اکيون مرڪڻ لڳيون. هوءَ هڪ سنئين سڌي عورت هئي، جنهن ۾ ڪا به غير معمولي ڳالهه ڪا نه هئي. نه گهڻو ميڪ اپ ڪيل ۽ نه وري ڪپڙن لٽن ۾ فيشن ايبل لڳندڙ. هوءَ بلڪل گهرو عورتن جهڙي هئي، پر ڪا مجبوري هئي، جنهن هن کي ان ڌنڌي ۾ آندو هو. هن سوچيو.

“نه اهڙي خاص ته ڪانهي.” عورت وراڻيو.

هن سوچيو ته کانئس پڇي ته تنهنجو گهر ڪٿي آهي، پر اها ڳالهه مناسب نه سمجهي. اهڙي عورت پنهنجي گهر جو صحيح پتو نه ٻڌائيندي ۽ پڇڻ مان فائدو ڪهڙو. ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ ته ضروري هو.

مسئلو اهو هو ته ڳالهائجي ڇا؟ ۽ هن کي عورت منجهيل منجهيل پئي لڳي. اهو هن جو خيال هو. “تو کي ميڪ اپ نه وڻندو آهي ڇا؟”

“ڇو آئون ميڪ اپ کان سواءِ سٺي نٿي لڳان ڇا؟” عورت کلي چيو.

“سٺي ته لڳين ٿي.” هن عورت جي اکين ۾ نهاريندي چيو. “ها تون بنا ميڪ اپ جي وڌيڪ سهڻي ٿي لڳين.

هوءَ کلڻ لڳي، “اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو جو آ سچ پچ به پاڻ کي سمجهڻ لڳان.”

هو عورت کي ڏسندو رهيو. هن پنهنجي من کي ڪجهه ڳرو ڳرو محسوس ڪيو. هن چاهيو ته عورت جو منهن، پنهنجن هٿن ۾ جهلي، هن جي اکين ۾ ڏسندو رهي ۽ انهن ۾ پاڻ کي ڳولي. (؟)

“مون کي ايئن ڇو ٿو ڏسين؟ آ اهڙي سهڻي ته ناهيان ......

“آ تنهنجي اکين ۾ ڪجهه ڳوليان پيو.

عورت کي حيرت لڳي.”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي ......

“سمجهڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي ٻن .... ٽن ڪلاڪن جي لاءِ هڪ ٻئي کي سمجهي ڇا ڪنداسين!” هو گنڀير ٿي ويو.

عجيب ماڻهو آهي. عورت سوچيو. پر هوءَ ڳالهه سمجهي نه سگهي ته کيس هن لاءِ همدردي محسوس ٿي رهي هئي.

ويٽر سئنڊوچز کڻي آيو هو. ٻئي کائڻ لڳا پوءِ، نيپڪن سان هٿ اگهندي، عورت چيو؛ “پاڻ کي ڪٿي هلڻو آهي؟ ڪا جاءِ آهي يا هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻو پوندو؟” هو مطلب سمجهي ويو. “ان جي ڪا به ضرورت ڪانهي. پاڻ کي نه ڪنهن جاءِ تي هلڻو آهي ۽ نه هوٽل جي ڪمري ۾.

عورت هن کي حيرت مان ڏسڻ لڳي.

“پوءِ تون مون کي، وٺي ڇو آيو آهين؟”

“آ تو کي ان لاءِ وٺي آيو آهيان....” هن منهن ڦٽائي چيو. هن ڏٺو ته عورت جي منهن تي مايوسي اچي وئي.

هن کيسي مان پگهار وارا پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکيا.

“ٻن ٽن ڪلاڪن جي لاءِ تنهنجي جيتري في آهي، سا هنن مان کڻي وٺ!”

عورت کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. هن کي اهو سڀ عجيب عجيب پئي لڳو. هن جو اهڙي ماڻهو سان ڪڏهن به واسطو نه پيو هو. هن نوٽن ڏانهن ڏٺو، جيڪو بنا نهارڻ جي کيس تڪي رهيو هو ۽ پاڻ الاجي ڪٿي هو. ويٽر آيو ۽ خالي پليٽون کڻي ويو. ٿوري دير ۾ چانهه کڻي آيو.

“نه مون کي اهڙا پيسا نه کپن!” نيٺ عورت ڪُڇي.

“ڇو آ تو کي پيسا خيرات ۾ ڪو نه ٿو ڏيان. اهي تنهنجي ٻن ٽن ڪلاڪن جي في آهن.

“عجيب شخص آهين تون! مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تون هروڀرو ڇو مون کي پيسا ڏيئي رهيو آهين. تو کي مليو ڇا؟”

هن مرڪي ڏنو.

“تو کي ڪهڙي خبر ته مون کي ڇا مليو. نه تون اها ڳالهه واقعي سمجهي به نه سگهندينءَ. خير ڳالهه وهنوار جي آهي. مون تنهنجو وقت ورتو آهي ۽ ان جو عيوضو، مون کي ضرور ڀرڻ گهرجي. تو کي جيترا مناسب سجهن اوترا هن مان کڻ.

“تو وٽ پيسا گهڻا آهن ڇا؟” عورت چانهه پئيندي چيو.

“گهڻا ته ڪو نه آهن. آ هڪ معمولي ملازم آهيان. هي منهنجي پگهار جا پيسا آهن.

“۽ اهي پيسا تون ائين وڃائڻ ٿو چاهين؟”

جيڪڏهن مان هوٽل ۾ ڪمرو وٺان ها ۽ تو کي اتي وٺي هلان ها ته پوءِ سمجهان ها ته مون پيسا وڃائي ڇڏيا، پر هي سڀ آ پنهنجي خوشيءَ سان ڪري رهيو آهيان. مون کي رڳو تنهنجو ساٿ کپي آ تو سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ رستن تي گهمڻ چاهيان ٿو. ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهه نه کپي.” هن جو آواز گنڀير ٿي ويو.

عورت اکيون هيٺ ڪري، پنهنجن هٿن کي ڏسڻ لڳي.

“تون سمجهندي هوندينءَ ته آ ڪو چريو آهيان.” هن کلندي چيو.

“نه نه اهڙي ڳالهه ڪانهي” عورت پشيماني محسوس ڪئي. “چڱو پيسا تون پاڻ وٽ رک ۽ مون کي ڪجهه خريد ڪري ڏجانءِ!”

“ها اهو به ٺيڪ آهي.” هن پيسا کڻي کيسي ۾ وڌا. عورت ڏٺو ته هو خوش ٿي ويو هو. هن ٽيبل تي رکيل عورت جو هٿ، پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ ان کي ڏسڻ لڳو. پوءِ هٿ مٿي کڻي، ويجهو آندائين ۽ تريءَ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيائين. هو هر گذرندڙ پل کي پيئندو رهيو. ويٽر هڪ ڀيرو وري آيو ۽ اندر جهاتي پائي هليو.

“تون اهڙو ڇو آهين؟” عورت ڀڻڪيو.

“اهڙو ڇا؟”

عورت سوچڻ لڳي ته هوءَ کيس پنهنجي ڳالهه ڪيئن سمجهائي. هوءَ چپ ٿي ويئي. هو عورت جي ٻانهن تي ٿڌرا ڪڍڻ لڳو.

“ٻڌ .....” عورت ڀڻڪاٽ ڪيو.

“چئو؟”

عورت نه ڪڇي.

“ڇا ڳالهه آهي؟ چئين ڇو نٿي؟” هن هٿ وڌائي، عورت جي ڳل تي رکيو ۽ عورت جو ڪنڌ هن جي هٿ تي لڙي پيو.

“تنهنجي زال هوندي! تنهنجا ٻار هوندا!” عورت هٻڪندي چيو.

“نه منهنجا ٻار آهن ۽ نه مون کي زال آهي.

“تون بلڪل اڪيلو آهين” عورت حيرت مان چيو؛ “تنهنجو ڪو به ڪونهي.

“منجنجو ڪو به ڪونهي.” هن سوچيو ته عورت کان پڇي؛ “تون منهنجي ٿيندينءَ؟” پر هو چئي نه سگهيو. عورت کي شايد اها ڳالهه ٻڌي، همدردي محسوس ٿئي. هن سندس هٿ کي هلڪو زور ڏنو.

هن چاهيو ته عورت کان نالو ۽ حال احوال پڇي، پر پوءِ هن اهو خيال بدلائي ڇڏيو. ان سان ڪو فرق نه پوي ها. هوءَ هڪ عورت هئي، سندس پاسي ۾ ويٺي هئي. ساڻس ڳالهائي رهي هئي ۽ اهو ئي هن لاءِ ڪافي هو. هوءَ ڪير هئي، اهو پڇي هو ڇا ڪري ها. کيس حاصل ڪجهه به ٿيڻو نه هو. اهو ئي ڪجهه گهڙيون، جيڪي هوءَ ساڻس گڏ هئي سندس حاصلات هيو. انهن گهڙين کان اڳ ۽ انهن گهڙين کان پوءِ، ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ڪو به واسطو نه هو، ڪا به سڃاڻپ نه هئي. هن کي ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت هئي. اهو ساٿ جيڪو هن کي ايڏي ساري اجهاڳ شهر ۾ نه ملي سگهيو هو، سو هن پئسن تي خريد ڪيو هو، بس. ان کان وڌيڪ کيس ڪجهه نه کپندو هو. هن واچ ۾ وقت ڏٺو؛ اٺ ٿيڻ وارا هئا. هو پريشان ٿي ويو.

“اڙي اٺ پيا لڳن، دڪان ته بند ٿي ويندا!” هن گٻهرائجي چيو.

“نه دڪان دير تائين کليل هوندا. عيد ويجهي آهي نه!” عورت چيو. تڏهن هن کي ياد آيو ته عيد ۾ باقي ٽي ڏينهن آهن. جنهن ڏينهن جو ماڻهو ايڏو انتظار ڪندا آهن، ايترا پيسا خرچ ڪري ڪپڙا لٽا ۽ سامان وٺندا آهن. سو هن جي لاءِ سخت بور ڏينهن هوندو آهي، سو سڄو ڏينهن ستو پيو هوندو آهي. ڪنهن وٽ وڃڻ يا ڪنهن سان ملڻ نه چاهيندو.

“ها هلڻ کپي!” هن ويٽر کي سڏ ڪري، بل گهرايو ۽ پيسا ڏيئي عورت سان گڏ اٿيو.

ٻئي آهستي آهستي گهمڻ جي انداز ۾، فوٽ پاٿ تي هلڻ لڳا. ڄڻ هو روز ائين گڏ گهمندا هئا .... ڄڻ اهو سندن معمول هو.

“آءُ سمجهان پيو جهڙوڪ اسان ٻئي روز رات جو ڪراچيءَ جي روڊن تي گهمڻ نڪرندا آهيون ۽ اڄ به ائين گهمون پيا!” هو کلڻ لڳو.

“ها مون کي به ايئن پيو لڳي.” عورت کلڻ لڳي؛ “ڄڻ اسان ورهين کان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هجون ۽ گڏ رهندا هجون .....

“هون .....” هن هونگار ڪري، عورت جي اکين ۾ ڏٺو ۽ هوءَ سچ پچ شرمائجي وئي. هن کي عورت جي شرمائجڻ تي مزو آيو ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

“ڪنا!” عورت ڪوڙي ڪاوڙ وچان هن جي ڪلهي تي ڌڪ هنيو. هن کلندي کلندي عورت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ پوءِ گڏ کلڻ لڳا. کلڻ جو ڪو به سبب نه هو، پر کين هرو ڀرو کل پئي آئي. ٻئي خوش هئا.

هو ريو سنيما وارو ڪراس ٽپي، ايلفي ۾ داخل ٿيا.

“ته سائين جن ڪهڙي خريداريءَ جو ارادو رکن ٿا؟”

“آ عيد جي لاءِ هڪ وڳو وٺنديس. تون به عيد جي لاءِ هڪڙو وڳو وٺجانءِ. هونءَ به پيسا اجايا خرچ ٿي ويندا، ڪپڙا هوندا ته پيا ڪم ايندا.

“نه آ عيد جا ڪپڙا نه وٺندو آهيان.

“ڇو؟؟”

“آ عيد تي ڪيڏانهن نڪران ئي ڪو نه، پوءِ ڪپڙا وٺي ڇا ڪندس!

“او! ....” عورت کي ڄڻ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو هو ۽ هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هن عورت جي هٿ کي زور ڏنو ـــ شايد اهو چوڻ لاءِ ته ڪا ڳالهه ناهي.

“ڀلا ڪنهن خاص دڪان تان ڪپڙو وٺبو؟” هن مذاقي انداز ۾ پڇيو.

“نه ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ٿا هلون.” عورت هن جي منهن ۾ نهاريو ۽ کلي پئي.

هو ٻئي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ آيا. هڪڙي دڪان ۾ گهڙي ويا.

عورت مختلف ڪپڙا ڏسڻ لڳي ۽ هن کان رايو پڇندي وئي.

“مون کي ڪپڙن جي خبر نه پوندي آهي. تنهنجي مرضي تو کي جيڪو وڻي سو وٺ.” هن چيو. نيٺ عورت ڪپڙو پسند ڪيو. قيمت تي هوءَ دڪاندار سان اٽڪي پئي. هو بنا ريڙهه پيڙهه جي پيسا ڏيڻ لاءِ تيار هو. پر عورت کيس روڪيو.

“تون چپ ڪري بيهه. اوهان مردن کي هونءَ ئي دڪاندار ڦريندا آهن.” هو چپ ڪري بيهي رهيو. هوءَ دڪاندار سان بحث ڪرڻ لڳي.

“اڃا ٻه ٽي ڏينهن اڳ منهنجي سهيلي هي ڪپڙو وٺي وئي آهي. مون کي اگهه جي خبر آهي. اسين عيد وارو اگهه نه ڏينداسين.

دڪاندار قسم کڻڻ لڳو ته هو عيد جو اگهه ڪو نه پيو وٺي، پر عورت اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. هو دڪان مان ٻاهر وڃڻ لڳي ته دڪاندار پٺيان سڏ ڪيو:

“ٺيڪ آهي ڀلا وٺي وڃو.

“ڏٺئي! عورت مرڪندي هن کي چيو. هي دڪاندار وڏا حرامي اٿئي.

“دڪاندار ڪپڙو ڪٽي، پئڪيٽ ۾ بند ڪيو. هن کيسي مان پيسا ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. دڪان مان ٻاهر آيا ته هڪ فقيرياڻيءَ هنن کان خيرات گهري.

“خدا جوڙي سلامت رکي .....” ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.

“ويچاري فقيرياڻي! سندس دعا اجائي وئي ....” اڳتي هلي کلندي هن چيو. عورت جي چپن تي مرڪ هئي.

“اڃا به ڪجهه وٺڻو آهي؟” هن چيو.

“نه بس.

“حجاب نه ڪجان.

“نه حجاب ڪهڙو. مون کي ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي.” عورت هن کي يقين ڏياريو.

“۽ هاڻي؟” هن عورت کان پڇيو.

“۽ هاڻي؟”

“۽ هاڻي ڇا پروگرام آهي؟”

“منهنجو ته ڪو پروگرام ڪونهي. جيئن تون چئين؟”

“هل ته ڪٿي ماني هلي کائون.

“ماني، پر بک ته ڪانهي.

“چائنيز ۾ ٿا هلون. هلڪو کاڌو آهي. ٺيڪ آهي نه؟”

“ٺيڪ آهي. جيڪا تنهنجي مرضي!” عورت ڳالهه مڃيندي چيو.

هلندي هلندي عورت چيو؛ “عيد جي ڪري ايتري رونق آهي. نه ته هونءَ اٺين کان پوءِ سڃ هوندي آهي.

“ها اڄ سچي به رونق آهي. مون کي به نظر اچي پئي.” هن عورت ڏانهن نهاريندي چيو.

“مون ۾ ڇا ٿو ڏسين؟ رونق رستي تي آهي، مون ۾ ڪانهي!” عورت ٽهڪ ڏنو.

“مون کي تنهنجي ڪري پئي رونق محسوس ٿئي.” هن سنجيدگيءَ سان چيو.

“سچ؟” عورت به سنجيده ٿي وئي.

“سچ” ۽ هن ڏٺو ته عورت جي منهن تي اُداسي اچي وئي هئي. ٻئي ڪيفي هانگ ڪانگ ۾ اچي ويٺا. دير ٿيڻ سبب رڳو، ٽي جوڙا ئي ويٺا هئا.

“تون بور ته ڪا نه ٿي پئي آهين؟”

“نه بلڪل نه، ڪمال آهي، تو اهو ڪيئن سمجهو!” عورت مرڪندي ۽ ناراض ٿيندي چيو.

“الائي آ ته ائين سمجهندو آهيان ته منهنجي ساٿ ۾، ٻئي کي رڳو بوريت پلئه پوندي آهي.

“تون به عجيب ماڻهو آهين، پنهنجي لاءِ پاڻ ئي خيال ٺاهيو ويٺو آهين.” هوءَ کلڻ لڳي.

“خير منهنجي اڄوڪي شام، تنهنجي نالي آهي. شايد منهنجي زندگيءَ جي اها پهرين شام آهي، جيڪا تنهنجي ڪري بوريت کان سواءِ گذري وئي ۽ مون کي خبر به نه پئي.

“پر مون ته ڪجهه به نه ڪيو آهي.” هو کلي چپ ٿي ويو.

هنن جيستائين ماني کاڌي، هوٽل ذري گهٽ خالي ٿي چڪي هئي. هن بل گهرائي پيسا ڏنا. ٻاهر اچي هن چيو؛ “هاڻ تون ويندينءَ؟”

“ها وڃڻو ته آهي.” عورت کلي چيو.

“ڪا ٽئڪسي هٿ ڪجي ......” هو هيڏانهن هوڏانهن ٽئڪسيءَ لاءِ نهارڻ لڳو.

“ٿورو هلون ٿا. صدر ۾ ٽيڪسي ملي ويندي.” عورت چيو ۽ ٻئي هلڻ لڳا.

هن کي پنهنجو من ڳرو ڳرو ۽ ٿڪل محسوس ٿيو. هن ان احساس کي دٻائڻ لاءِ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو؛ “جيڪڏهن تون وري ڪٿي ملين وڃين ته مون کي سڃاڻندين؟”

“آ توکي وساري نه سگهندس.” عورت پوري سنجيدگيءَ سان چيو. ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

“ڇو؟ ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟”

“اهو ڊائلاگ ته فلمن ۾ محبوبا ڳالهائيندي آهي.” هو اڃا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. عورت هن ڏانهن ڏٺو ۽ نظرن ۾ ڏک هو.

هو اوچتو چپ ٿي ويو ۽ چيائين؛ “ٽئڪسي ته نظر نه ٿي اچي ......” عورت نه ڪڇي. هو سمجهي ويو ته سندس ڳالهه عورت کي رنجايو آهي، پر هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. هن کي عورت جو جملو بلڪل روايتي قسم جو لڳو. ۽ .....۽ کلڻ هن زوريءَ ٿي چاهيو. ٻئي هلندا رهيا ۽ ٻئي خاموش هئا. ٽريفڪ گهٽجي وئي هئي. شهر جو شور ساڻو پئجي ويو هو. هو هڪ ٻئي کان پري هلي رهيا هئا. هڪ خالي ٽئڪسي، پاسي مان اچي لنگهي. هن رڙ ڪري ٽئڪسي بيهاري. ٻئي وڌي ٽئڪسيءَ وٽ آيا. هن پويون در کوليو ۽ عورت خاموشيءَ سان ٽئڪسيءَ ۾ وڃي ويٺي. هن ٽيڪسيءَ واري کي ڀاڙي جي لاءِ ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنو ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ جي کليل دريءَ وٽ جهڪي عورت کي ڏٺائين ۽ ڳري آواز ۾ چيائين؛ “ساٿ لاءِ مهرباني ........

عورت اَکيون مٿي کڻي، هن کي ڏٺو. سندس اکيون ڀنل هيون ..... يا هن کي ائين لڳو هو. ٽئڪسي ٻنهي جي نظرن جي ڏور کي ڇنندي هلي وئي.

هو ايمپريس مارڪيٽ جي بس اسٽاپ تي آيو ۽ پنهنجي بس ۾ چڙهي پيو. سڄي واٽ هن جو ذهن خالي هو. گهر جي ويجهي اسٽاپ تي بس مان لٿو ۽ سُڃي گهٽي لتاڙي پنهنجي ڪمري جي در اڳيان اچي بيٺو. در کولي اندران در جي پاسي ۾ ڀت تي هٿوراڙيون هڻي، بٽڻ ڳولي بتي ٻاريائين. ڪمري ۾ روشني پکڙجي وئي. هو ڇرڪي در تي ئي بيهي رهيو. ڪمري جي ويرانيءَ ۾ اکيون ڦاڙي حيرت ۽ ڊپ وچان ڪمري کي ڏسڻ لڳو. ڪمري ۾ پيل هر شيءِ ساڪت ۽ مئل هئي. هن کي اوچتو موت جو احساس ٿيو ۽ سندس من ۾ ڊپ ڀرجي ويو. هانءُ اڇل کائي نڙيءَ ۾ اچي ڦاسي پيو. هن چاهيو ته پوئتي ڀڄي پر سندس پير پٿرائجي ويا هئا. کيس محسوس ٿيو ته ڪمري ۾ ڀريل اڪيلائي ۽ ويراني آهستي آهستي هن ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ پوءِ اها هن جي وجود کي گهيري وئي.

No comments:

Post a Comment