Wednesday, April 11, 2012

چنڊ ڪٿي آهي - اڪبر لغاري


چنڊ ڪٿي آهي!
اڪبر لغاري
اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي ۽ آسمان تي چنڊ نه آهي. مطلع بلڪل صاف آهي. آسمان تي ته ڪو ڪڪر به نه آهي، ليڪن چنڊ جو وجود غائب آهي.
اسان ٻئي ڄڻا چنڊ جي ڳولا ۾ نڪري پئون ٿا. اسان کي هڪڙو ماڻهو ملي ٿو. جنهن کان پڇون ٿا ته؛ چنڊ ڪٿي آهي؟ هو موٽ ۾ چوي ٿو؛ ”رات جا ٻانهن ٿيا آهن.“ ائين چئي، هو بلاجواز کلڻ لڳي ٿو ۽ سيٽي وڄائيندو هليو وڃي ٿو.


اسان اڳتي وڃون ٿا ۽ صلاح ٿا ڪريون ته ڪنهن سياڻي ماڻهوءَ کان پڇجي ته آخر اڄ چنڊ ڪيڏانهن ويو. اڳي ته چنڊ ائين ڪڏهن به غائب نه ٿيو آهي. اسان کي هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو نظر اچي ٿو. اسان اڳتي وڌي ان کان پڇون ٿا: ”چنڊ ڪٿي غائب ٿي ويو آهي!“
هو ماڻهو جواب ڏئي ٿو، ”آءٌ گونگو آهيان، توهان کي ڪو به جواب نٿو ڏئي سگهان.“
”ليڪن توهان ته ڳالهائي رهيا آهيو. مهرباني ڪري اسان کي چنڊ متعلق ڪجهه ٻڌايو.“
”آءٌ اخبار جو ايڊيٽر آهيان. هاڻي هاڻي ڪاپي پريس ۾ موڪلي پيو اچان. مون کي گهر وڃڻ ڏيو، مون کي اڳي ئي ڪافي دير ٿي وئي آهي.“ ائين چئي هو تڪڙو تڪڙو وڃڻ لڳي ٿو.
اسان حيران ۽ پريشان ٿي، ٻيو ڪو گس نه ڏسي، پوليس اسٽيشن تي وڃون ٿا. اتي هڪ جمعدار ويٺل آهي، جنهن کي وڏو منشي چيو پيو وڃي.
اسان پڇون ٿا: ”چنڊ ڪٿي آهي؟ اسان کي چنڊ ڳولڻ ۾ ڪا مدد ڪندؤ؟“
وڏو منشي ڪن جي مٿان ڦاٿل پينسل ڪڍي ٿو ۽ اڇو پنو کڻي پڇي ٿو: ”فريادي جو نالو؟“
اسان چيو؛ ”اسان کي ڪو به فرياد لکائڻو نه آهي. اسان چنڊ جا متلاشي آهيون. اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي ۽ رات تقريباً ختم ٿيڻ واري آهي، ليڪن چنڊ آسمان تان غائب آهي. اسان جي مدد ڪريو ۽ ٻڌايو ته چنڊ ڪٿي آهي.“
وڏو منشي جهوٽا کائيندي پڇي ٿو؛ ”ڪيترن ڏينهن کان غائب آهي.“
”اڄ رات کان.“ اسان وراڻيو.
”توهان کي ڪنهن تي شڪ آهي؟“
”اسان کي ڪنهن تي به شڪ نه آهي.“
”واردات واريءَ جاءِ تي توهان موجود هئا؟“
”جناب اسان جي ڪا به چوري نه ٿي آهي، اسان کي ته چنڊ جي تلاش آهي.“
”اوءِ، چوري نه ٿي آهي ته توهان اسان جو قيمتي وقت ڇو ضايع ڪري رهيا آهيو. نڪرو هتان.... هي ٿاڻو آهي ٿاڻو، ڪؤڙي خان جي اوطاق ڪونهي.... جيڪو تيڪو ڀڳو بيٺو آهي.“
پکي پرڙا سوئي اڏامي رهيو آهي ۽ مشرق کان سج آهستي آهستي غصي ۾ اچي رهيو آهي. اسان کي ڪجهه مزدور فيڪٽري ڏانهن ويندي نظر اچن ٿا، اسان انهن کي روڪي کانئن پڇون ٿا:
”ڀائرو، توهان کي ڪجهه خبر آهي ته چنڊ ڪٿي غائب ٿي ويو آهي؟“
”سائين انهيءَ ۾ اسان جو ڪهڙو قصور، وڃي سيٺ کان پڇو. هو آخر اسان کي ٽن مهينن کان بونس ڇو نٿو ڏئي.“ ائين چئي هو تڪڙا تڪڙا فيڪٽريءَ ڏانهن وڃن ٿا.
اسان هڪ ڪاليج ۾ پهچون ٿا، جتي اسان کي نوجوان شاگرد ”ڀڄ ڊڪ“ ڪندي نظر اچن ٿا، معلوم ٿئي ٿو ته سالانه امتحان هلي رهيو آهي، اسان هڪ شاگرد کان پڇون ٿا:
”ادا، تون اسان کي اهو ٻڌائي سگهندين ته چنڊ ڪٿي آهي؟“ هو جواب ڏئي ٿو، ”اهو ڪيترين مارڪن جو سوال آهي؟ رات جيڪو پيپر آئوٽ ٿيو هو، ان ۾ ته اهو سوال ڪو نه هو. هاڻي بورڊ وارا به ٺڳيءَ تي لهي آيا آهن، پنهنجا پئسا پورا ٿا وٺن ۽ پيپر صرف اڌورو ٿا آئوٽ ڪن. حرام جا پئسا آهن ڇا؟“ ائين چئي هو نقل ڪرڻ لاءِ ”ڪارتوس“ ڳولڻ شروع ٿو ڪري.
اسان کي ان ڪاليج ۾ هڪ استاد ڊيوٽي ڪندي نظر اچي ٿو. اسان کانئس به ساڳيو ئي سوال پڇون ٿا ۽ هو جواب ڏئي ٿو ته؛ ”ڏاڍو مشڪل پرچو آهي. اسان چئن استادن گڏجي حل ڪيو آهي. پر پوءِ به هڪ اڌ سوال رهجي ويو آهي. توهان کي ڪهڙي سوال جو جواب گهرجي؟“
اسان ڪاليج کان ٻاهر اچي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسون ٿا ته اسان کي هڪ تمام وڏي ڊاڪٽر جو بورڊ نظر اچي ٿو. اسان سندس ڪلينڪ ۾ هليا وڃون ٿا ۽ ان کان پڇون ٿا:
”ڊاڪٽر صاحب! اسان چنڊ کي ڏاڍو ڳوليو آهي، ليڪن اسان کي ان جو ڏس ڪير به نٿو ڏئي. اسان ته هاڻ مايوس ٿي چڪا آهيون.“
”مايوسي ڪفر آهي بابا!“ ڊاڪٽر پنهنجو چشمو صاف ڪندي وراڻيو؛ ”هي مرض هاڻي لاعلاج نه رهيو آهي، توهان پهرين هي ٽيسٽون ڪرائي اچو، آءٌ پوءِ لکي ڏيندس.“ ائين چئي هو پيڊ تي ڪجهه لکڻ لڳو.
”ليڪن ڊاڪٽر صاحب، اسان بيمار نه آهيون، اسان ته چنڊ جا ڳولائو آهيون. مهرباني ڪري اسان کي ٻڌايو ته چنڊ ڪٿي آهي.“
”ڏسو بابا منهنجو وقت تمام قيمتي آهي، مون سان بحث نه ڪريو. آءٌ صرف ٻه منٽ تپاس ڪندو آهيان ۽ ٽي سؤ روپيه في وٺندو آهيان. توهان هي ٽيسٽون ڪرائي اچو، باقي پوءِ ڏسنداسين.“ ائين چئي هو ٻئي مريض کي گهرائڻ لاءِ گهنٽي وڄائڻ لڳو.
ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جي ٻاهران اسان کي هڪ ماءُ نظر آئي، جنهن جي هنج ۾ هڪ ننڍڙو ٻار هو. ماءُ جي اکين مان ڳوڙها جاري هئا. اسان همت ڪري ان کان پڇيو: ”مهرباني ڪري اسان کي ٻڌائيندؤ ته چنڊ ڪٿي آهي.“
ماءُ جواب ڏنو، ”ٽن ڏينهن کان بيمار آهي. ڊاڪٽر ٽي سؤ روپيه ٿو گهري، آءٌ ڪٿان آڻيان ايترا پئسا.“
سڄي رات چنڊ کي تلاش ڪندا رهيا هئاسين ۽ هاڻي به اڌ ڏينهن گذري چڪو هو، ليڪن اسان کي ڪو به چنڊ جو پتو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو. نيٺ بيزار ٿي واپس اچي رهيا هئاسين ته منهنجي ساٿي چيو: ”ٻڌو اٿم ته هن شهر ۾ نئون اسسٽنٽ ڪمشنر آيو آهي. پڙهيل لکيل ماڻهو آهي. شايد ڪجهه مدد ڪري سگهي.“
اسان ٻئي اي سي جي آفيس آياسين. اي سي سان ملڻ لاءِ ڪافي ماڻهو انتظار ڪري رهيا هئا. انهن ۾ هڪ جهور پوڙهو ماڻهو به هو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ گدلا هئا. مٿي تي ٽوال جو پٽڪو ۽ پٺن جي پويان هڙ ٻڌل هئس. پوڙهو پنهنجي ساٿي کي چئي رهيو هو:
”اي سي صاحب، پنهنجي اپيل جو فيصلو هاڻي ضرور ڪندو. هن ڀيري ايم اين اي جو خط کڻي آيو آهيانس.“ ائين چئي هو پن جي ٻيڙي دکائي کنگهڻ لڳو. اسان جيئن تيئن ڪري آفيس ۾ اندر هليا وياسين. اتي ڏٺوسين ته هڪ مشهور معروف هستي جو پرائيويٽ سيڪريٽري ويٺل هو ۽ اي سي کي چئي رهيو هو:
”صاحب پاڻ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ويل آهي ۽ مون کي توهان ڏانهن موڪليو اٿس. اسان کي خبر پئي آهي ته هتي ڪجهه شرپسند ماڻهو چنڊ جي ڳولا ۾ مصروف آهن. صاحب جو حڪم آهي ته انهن تي ڪرڙي نظر رکي وڃي. چنڊ جا متلاشي سماج دشمن عناصر آهن ۽ اهي هن ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به چنڊ جي ڳولا شروع ٿيندي آهي، تڏهن اقتدار جي ايوانن ۾ زلزلو ايندو آهي ۽ امن امان جو وڏو مسئلو پيدا ٿي پوندو آهي.“
اسسٽنٽ ڪمشنر، جيڪو هيستائين خاموشيءَ سان سڀڪجهه ٻڌي رهيو هو، چوڻ لڳو:
”سائين! توهان فڪر ئي نه ڪريو! آءٌ اڄ ئي هتي قلم 144 لاڳو ڪري ٿو ڇڏيان. جيڪو به هتي چنڊ جي ڳولا ڪندو، ان کي فورًا گرفتار ڪري، جيل ۾ رکيو ويندو. ٻيو ڪو حڪم؟“
اسان خاموشيءَ سان اتان نڪري اچون ٿا.

No comments:

Post a Comment