Tuesday, March 13, 2012

اڄ جي سيتا - تارا مير چنداڻي


اڄ جي سيتا!
تارا مير چنداڻي
سريتا ڀت سان لڳي بت بڻيو بيٺي هئي. ٻاهران شانت... پر سندس اندر مان آگ نڪري رهي هئي. سندس آتما ڄڻ جيئري جلي رهي هئي، اگني ڪنڊ ۾. رام جي سيتا کي به پنهنجي پتورت ڌرم جي ثابتي ڏيڻ خاطر اگني پريکشا ڏيڻي پيئي هئي، پر سريتا؟
سريتا ته جلي رهي هئي.... ۽ شايد سارو جيون جلندي رهندي بنا پتورت ڌرم ثابت ڪرڻ جي.
سندس من، ڄڻ ترار جي ڌار تي رکيل هو. نؤڪ چڀندي ٿي رهي، خون جي بوند بوند ڳڙندي ٿي رهي ۽ ائين بوند بوند ڳڙندي سندس سارو من رتو رت ٿي چڪو هو. سندس دماغ ۾ گذريل چند ڏينهن جا واقعا ميري گو رائونڊ وانگر چڪر لڳائي رهيا هئا. ڪرشن جون ڦريل نگاهون، سماجڪ ڀوُنڊا، سس جا سهما، ڏيراڻيءَ جا پاراتا ڄڻ واڪا ڪري کيس ورائي ويا هئا، پر پوءِ به هوءَ اڏول بڻي بيٺي رهي.
*****


سندس شاديءَ کي اڃا مهينا ئي گهڻا ٿيا هئا؟ مٿان ڪرشن جي نوڪري به ٻئي شهر ۾. گهر وارن چاهيو ته نئين نوڪري اٿس، ٿانئيڪو ٿئي ته پوءِ ڪنوار کي وٺي وڃي. گهر ۾ سس ۽ وڏو ڏير ڏيراڻي هئا.
ڇهه اٺ مهينا ته مزي ۾ گذري ويا. وچ وچ ۾ ڪرشن اچي ٿي ويندو هو. وڏي ڏيراڻي اندرا اڪثر بيمار گذاريندي هئي. سريتا به سهج ئي گهر جو بوجو سنڀالي ورتو. هئي به سرل ۽ سٻاجهي. ٿوري ئي وقت ۾ سڀني جي لاڏلي ٿي پيئي. هر ڪنهن ننڍي وڏي ڪم لاءِ سڏ پيو پوندو هوس. وڏو ڏير به بهاني ڪبهاني پيو رنڌڻي ۾ ايندو هو ۽ سريتا سان گپ شپ هڻي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ننڍي وڏي سوکڙي به سريتا لاءِ وٺي ايندو هو. هوءَ به کيس وڏو ڀاءُ سمجهي عزت ڏيندي هئي.
تن ڏينهن ۾ اندرا پيڪي ويل هئي، هوءَ اڪثر پيڪن ۾ گذاريندي هئي، شاهوڪار مائٽن جي سڪيلڌي ڌيءُ هئي. مهيني ٻئي پيا گهرائيندا هئس. طبيعت به هميشه نازڪ رهندي هئس.
هڪ ڏينهن سريتا پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ليٽي، ٽيبل لئمپ جي روشنيءَ ۾ ناول پڙهي رهي هئي. سندس ڏير ڪشور، در تي هلڪو کڙڪو ڪري اندر لنگهي آيو ۽ پلنگ جي سامهون رکيل آرام ڪرسيءَ تي ڌڙام سان اچي ليٽي پيو. سندس چهرو مرجهايل پئي لڳو. نرڙ تي چنتا جون لڪيرون اُڪريل...
سريتا ٽپ ڏيئي پلنگ تان هيٺ لٿي. بتي ٿي ٻاريائين ته ڪشور نستي آواز ۾ چيس، ”نه سريتا، بتي نه ٻار.... اکين کي نٿي وڻي.“
سريتا گهٻرائجي پڇيس، ”ڇو ڀائو، طبعيت ته ٺيڪ اٿوَ نه؟“
ڪشور اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
سريتا اڳيان وڌي اچي سندس نرڙ تي هٿ رکيو. ڪشمور سندس هٿ مٿان ڪري پنهنجو هٿ رکيو.
سريتا کي لڳو ڄڻ ڪشور جو هٿ جلي رهيو هو.
ڪشور اچتو سريتا جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي پنهنجي چپن تي رکيو.
سريتا ڇرڪي ويئي. پر ڀانيائين ته اڄ ڏير جو من شايد ٺيڪ نه آهي. هٿ ڇڏائيندي منجهيل آواز ۾ ٻيهر پڇيائين، ”ڇو ڀائو، طبيعت ته ٺيڪ اٿوَ نه؟ يا ڌنڌي وغيره جي ڪا پريشاني اٿوَ؟“
ڪشور ڪرسيءَ تان اٿي ڪمري ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو.
سريتا چيو، ”اميءَ کي ڪوٺيان؟“
ڪشور گهٻرائجي چيو، ”نه نه، دراصل..... هڪٻندي چيائين، سريتا دراصل....“
سريتا ڪجهه به نه سمجهندي چيو: ”چئي ڏيو نه ڀائو، دراصل ڇا؟“
ڪشور سريتا ڏانهن هڪ کن نهاريو ۽ پوءِ نظرون هٽائيندي چيائين: ”مون کي ڀائو نه چوندي ڪر.“
سريتا اٻوجهائيءَ وچان پڇيو، ”تڏهين ڇا ڪري ڪوٺيانوَ؟“
ڪشمور جهنجهلائيندي چيو: ”اڃا تائين نٿي سمجهين بيوقوف.“ ۽ پوءِ سريتا ڏانهن هڪ ٽڪ نهاريندي چيائين، ”مون کي تون کپين سريتا!“
آسمان مان جيڪڏهن تارن جو مينهن وسي ها تڏهن به جيڪر سريتا ان طرح وسي نه ٿئي ها! ”ڀائو، توهين شايد چڪي وڌيڪ چاڙهي ويٺا آهيو. پليز (Please).... هينئر هتان وڃو، وڃي سمهي پئو، صبح تائين پاڻ کي ٺيڪ سمجهڻ لڳندا.“
ڪشور هڪ گهڙي وري به سريتا ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ سچ پچ قدم قدم کڻندو دروازي طرف وڌيو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
ڪشور جي وڃڻ کانپوءِ سريتا ڪجهه پل ته بت بڻي بيٺي رهي، پر پوءِ اٿي در کي اندران ڪڙو ڏيئي، پلنگ تي اچي ليٽي پيئي. سندس من ريل گاڏيءَ کان به تيز ڇڪ ڇڪ ڪندو ڪٿي جو ڪٿي هلندو پئي ويو.
ڀانيائين ته ڪرشن کي لکي پنهنجي من جو بار هلڪو ڪري ڇڏي. پر وري سوچيائين ته ڪرشن جي دل تان هميشه لاءِ وڏو ڀاءُ ڪري پوندو.
اُن رات کانپوءِ ڪشور خود ئي سريتا کان دور دور رهڻ لڳو. کاڌي وقت سو ساڳيءَ ميز تي ويهي روٽي کائيندا هئا، پر اڳتي وانگر نه کل نه چرچو، نه ڳالهه نه ٻولهه.
ست اٺ ڏينهن گذري ويا. ڪا به اهڙي ڳالهه ڪا نه ٿي. سريتا به وسهي ويٺي ته شراب جي نشي ۾ ڀالوءَ کان ڀل ٿي ويئي هئي. چڱو جو ڪرشن کي ڪجهه به نه لکيائين نه ته ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ ڏار پئجي وڃي ها.
پر اُن رات... در تي کڙڪو ٿيو.
سريتا جهٽ ٽيبل لئمپ ٻاري پڇيو، ”ڪير؟“
”مان، ڪشور. سريتا، مٿي ۾ سخت سور اٿم. بام هوندو تو وٽ؟“ سريتا اٿي دروازو کوليو. جاري تان بام جي شيشي کڻي ڪشور کي ڏنائين ته جهٽ ڪشور کيس پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري ڇڏيو ۽ کيس پنهنجي ڇاتيءَ سان اهڙو ڪري جڪڙيائين جو سريتا جو ساهه منجهڻ لڳو. سريتا گهٽجندي چيو، ”هي ڇا پيا ڪريو ڀائو، هوش ۾ ته آهيو؟ شرم نٿو اچيو پنهنجي ننڍڙي ڀاڄائيءَ سان ائين ورتڻ ۾؟“
ڪشور ٻانهون ڍليون ڪندي ڳؤري آواز ۾ چيو، ”سريتا، مان توکان ڇا لڪايان. اندرا مان مون کي ڪڏهين به پورتي ڪانه ملي آهي، منهنجي من ۾ اٿاهه جذبا ڀريل آهن....“
سريتا پاڻ ڇڏائي ورتو.
ڪشور عاجزيءَ وچان چيو: ”سريتا، تون به جوان آهين ۽ اڪيلي آهين... مان به جوان آهيان. ڪنهن کي سڌ به ڪا نه پوندي. مان تنهنجون سڀ اڇائون پوريون ڪندس. جيڪي گهرندينءَ سو ڏيندو سانءِ... ساڙهيون.... زيور...“
سريتا جو چهرو ڪروڌ ۽ اپمان وچان لعل ٿي ويو. پنهنجي ڪروڌ کي روڪيندي چيائين: ”جي اهڙي سيڪس (Sex) جي بک اٿوَ ته گهر کان ٻاهر اها پُورتي ڇو نه ٿا ڪريو. شهر ڀريو پيو آهي، اهڙين ڇوڪرين سان.“
ڪشور سريتا کي ڀاڪر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”پر انهن مان ڪا به سريتا نٿي ٿي سگهي.“
سريتا جو من ڪڙهڻ لڳو. ڪڙهندي چيائين: ”مون کي هٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا ته مان رڙيون ڪري اَميءَ کي سڏيندس. مهرباني ڪري منهنجي ڪمري مان نڪري وڃو.“
پر ڪشور اُتيئي ڄم کائي بيٺو رهيو.
سريتا رڙ ڪري چيو: ”آءِ ٽيل يو گيٽ آئوٽ فرام ماءِ روم (I tell you get out from my room).“
ڪشور ڪمري مان ٻاهر نڪرندي حاڪماڻي نوع ۾ چيو: ”انهيءَ باري ۾ ڪنهن کي ٻڌائيندينءَ ته چڱو نه ٿيندءِ.“
سريتا پڄرندي چيو: ”چور اُلٽا ڪوٽوال ڪو ڊانٽي. مان ٻڌئيندايس ۽ ضرور ٻڌائينديس. منهنجو توهان تي ذرو به وشواس ڪونهي.“
ڪشور چتائيندي چيس، ”ائين ڪندينءَ ته پڇتائيندينءَ.“ ۽ پوءِ ڌوم مان ڪمري مان نڪري ويو.
سريتا ڪمري کي ڪڙو ڏيئي ڌڙام سان اچي پلنگ تي ڪري. ڏاڍو چاهيائين ته جيڪر اوڇنگارون ڏيئي روئي ته من ڪجهه هلڪو ٿئيس، پر ڏک وچان ڳوڙها ڄڻ ڇپون بڻجي پيا هئس.
ٻئي ڏينهن فون ڪري ڪرشن کي گهرايائين.
ڪرشن ڳالهه ٻڌي خود پٿر بڻجي ويو.
اُن رات ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ خوب چڪري لڳي.
ڪشور جي ڪمري مان ڪڏهين ڪرشن جو ته ڪڏهين ڪشور جو تکو آواز پي ٻڌڻ ۾ آيو.
آوازن تي اَمي ڪمري ۾ گهڙي ويئي.
سريتا به دروازي جي ٻاهران ٿي بيٺي.
ڪشور جو تيز آواز، ”سو تون سمجهين ٿو ته تنهنجي سريتا ستي ساوتري آهي. ڀوُڪ بڻائي ويٺي اٿيئي. پڙهيل ڪنوار ورتي اٿيئي نه. دماغ سان گڏ سرير به تيز اٿس. تون جو هتي رهين ڪو نه... سو تيز سرير واريءَ کي ڇا نه کپي. پي ڇل ول ڪيائين ۽ مون کي لالچايائين. نه مڃيومانس ۽ سمجهايومانس ته مورڳو منهنجي شڪايت لڳائي اٿس.“
اَميءَ ڀڻڪيو، رام... رام... سري رام.
سريتا جو مٿو ڦرڻ لڳو. وڌيڪ ڪجهه به ٻڌڻ جي همٿ نه رهيس. پنهنجي ڪمري ۾ موٽي پلنگ تي اونڌي ٿي پئجي رهي. سندس ڪن بس ڪرشن جي قدمن جي آهٽ جي ئي انتظار ۾ هئا. هڪ هڪ منٽ ورهيه ٿي لڳس. گهڙيال جي هلڪي ٽڪ ٽڪ به کيس تيز ڀاسي رهي هئي. آخر ايامن بعد ڪرشن ڪمري ۾ پهتو، پر، سندس ڪلپنا جي خلاف، ڪرشن بنا ڏانهس نهارڻ جي، چپ چاپ اچي آرام ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ سگريٽ ڪڍي ڇڪڻ لڳو. سريتا کيس ڏسي، پلنگ تان ٽپ ڏيئي اٿي ۽ تڪڙي وک کڻي سندس اڳيان بيهي، کيس ڌونداڙي چيائين: ”ڪرشن، ڀائوءَ جي اکرن تي وشواس نه ڪج. هو سراسر ڪوڙ ٿو ڳالهائي. هُو پنهنجي ڏوهه کي ڍڪڻ لاءِ مون کي ٿو بدنام ڪري. مون تي وشواس ڪر ڪرشن.“ سريتا عاجز نگاهن سان ڪرشن ڏانهن نهاريو. پر ڪرشن پنهنجون نگاهون ڦيري ڇڏيون.
سريتا جو من ڇيهون ڇيهون ٿي پيو.
سريتا سندس پيرن کان ويهي، سندس گوڏن ۾ منهن ٽڪائي سڏڪڻ لڳي. کن رکي گوڏن مان منهن ڪڍي ڏانهس نهاري ٻاڏائيندي چيائين: ”ڪرشن، مون تي وشواس ڪر... مان تنهنجي وشواس کانسواءِ مري ويس.“
ڪرشن کيس ٿڏيندي ذرا تکي آواز ۾ چيو: ”مون کي هينئر ڇڏ. منهنجو دماغ نه کاءُ.“
سريتا اُتي، زمين تي ئي ليٿري پيئي ۽ ڦٽي هنياءُ روئڻ لڳي. ڀانيائين ته سندس حالت ڏسي ڪرشن ضرور پگهرجندو ۽ سندس مٿي تي هٿ ڦيري پاٻوهه وچان چوندو: ”ايترو نه روءِ چري، ڀلا مان توتي وشواس نه ڪندس!“ پر اهڙو ڪجهه به ڪونه ٿيو.
مورڳو ڪرشن ڪرسيءَ تان اُٿي، بنا ڪپڙا مٽڻ جي ئي پلنگ تي وڃي سمهي پيو.
ٿوريءَ دير بعد سريتا به اُٿي، ساڙهيءَ جي پلئَه سان اکيون اُگهي گهوٽ جي ڀر ۾ اچي، سندس منهن تي هٿ ڦيري ڳؤري آواز ۾ چيائين، ”هيڏي مسافري ڪري آيو آهين. ڪجهه کائي پوءِ سمهي پئه.“
ڪرشن جهٽڪي سان سريتا جو هٿ هٽائيندي ڪؤڙي آواز ۾ چيو: ”توکي اچي کائڻ ۽ سمهڻ جي لڳي آهي. سمهڻو ئي آهي ته اڳو پوءِ سوُريءَ تي ئي سمهندس.“
سريتا جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين ئي نڪري ويئي. ڪرشن جو مٿائنس گهوريو قربان پيو ويندو هو، جو سندس اکر تي آسمان مان تارا لاهڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو هو، سو اڄ کيس اهڙا ڪؤڙا ۽ چيريندڙ اکر چوي!
سريتا ڀانيو تازو درد اٿس. صبح جون باکون ڦٽندي سندس زندگيءَ تي مڙهيل ڪارا ڪڪر به ٽڙي پکڙي ويندا. پاڻ کي آٿت ڏيندي، پاڻ به پلنگ تي وڃي ليٽي پيئي. ساري رات وهامي ويئي، پر نه ڪرشن سمهي سگهيو- نه سريتا.“
ٻئي ڏينهن اندرا پيڪن مان واپس موٽي آئي. اندرا آئي ته اندرا جون چار گهڻگهريون ساهيڙيون به آيون. اندرا جي ڪمري ۾ سس پس وڌڻ لڳي ۽ ائين گهر جي ڳالهه شهر جي ڳالهه بڻجي پيئي. هرڪو ڏندين آڱريون ڏيڻ لڳو، اهو گهر نه هو، اُها گهٽي نه هئي، جتي سريتا ۽ ڪشور جي اجوڳ سٻنڌ جي باري ۾ چرچا نه هجن!
هنن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به وهه ٿي پيو. سريتا ته اڪثر ڪمري ۾ بند پيئي هوندي هئي. ڪرشن ڏهن ڏينهن ۾ 10 سال وڏو ٿي ويو هو. ڪشور پيگ مٿان پيگ چاڙهيندو رهيو. اندرا سريتا کي سخن پٺيان سخن پٽيندي رهي ۽ اَميءَ جي رام نام جي مالها جا داڻا تڪڙا تڪڙا ڦرندا رهيا.
آخر يارهين ڏينهن اَميءَ ڪرشن کي ڪوٺي چيو: ”پٽ، هيئن گهڻا ڏينهن نوڪريءَ تي نه ويندين؟ شڪل ڏٺي اٿيئي پنهنجي. منهنجي صلاح اٿيئي ته ڪنوار کي مائٽن ۾ موڪلي ڏي. تون شهر ويندين هليو. هتي هن جي جوابداري ڪير کڻندو؟ اڄ ڏير تي نظر رکيائين، سڀاڻي...“ ۽ پوءِ سري رام... سري رام چوندي مالها ڦيريندي رهي.
سريتا کي جڏهين سڌ پيئي ته سندس مائٽن کي نياپو موڪليو ويو آهي ته هوءَ پنهنجي سڌ ٻڌ کوهي ويٺي.
هيترن ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو، هوءَ پنهنجي ڏير جي ڪمري ۾ ڌوڪي ويئي. کيس ڏسي ڪشور ۽ اندرا ٻئي گهٻرائجي ويا. سريتا جون اکيون ڳاڙهيون ڳاڙهيون.... ڄڻ رت ۾ ٻڏيون پيون هيون. جهڙو آگ جو گولو.... ڄڻ اجهو ٿي ڦاٽو. پر سريتا مورڳو اندرا جي پيرن کي چنبڙي پيئي ۽ ليلائيندي چيائين، ”ڀاڀي، مون تي وشواس ڪر. تون به ته زال آهين. تون ئي ٻڌاءِ ڀاڀي، مان ڏوهاري هجان ها ته پوءِ مان خود پاڻ ئي گهوٽ کي ڇو گهرايان ها؟... کيس ڇو ٻڌايان ها؟...
اندرا پير ڇڏائيندي چيو: ”اها ئي ته تو چترائي ڪئي. ڀانيئه ڪرشن جڏهن ايندو، تڏهن کيس تنهنجي ڪارنامن جي سڌ ته پوندي ئي. تنهن کان اڳ ئي تون سندس ڀاءُ خلاف ٻڌي ڇو نه پلٽين. پر ڀڳوان ته آهي ئي نه. سچ جي نيٺ جئه ٿي، سچ ڪوڙ سڀ پڌرو ٿي پيو.“
سريتا ڪشور ڏانهن ٻرندڙ نگاهن سان نهاريو.
ڪشور پنهنجون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون.
سريتا جي اکين مان ڄڻ چڻگون پئي نڪتيون.
ڪشور کي لڳو ته اهي چڻگون کيس جلائي ڀسم ڪري ڇڏينديون. گهٻرائجي اندرا کي چيائين، ”اندرا، هن کي چئه ته ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي، مان سندس صورت به ڏسڻ نٿو چاهيان.“
سريتا هڪ وار وري ڪشور ڏانهن نهاريو.
ڪشور جو چهرو پيلو پئجي ويو. سندس سرير پسينو پسينو ٿي ويو. هو دل تي هٿ رکي ڪڙهائڻ لڳو. گهوٽ جي حالت ڏسي اندرا وٺي رڙيون ڪيون.
رڙين تي اَمي ۽ ڪرشن ڊوڙندا آيا. اندرا چيخيندي چيو؛ ”اڙي، مان مٺيس، هن کي وري دل جو دورو پيو ٿو ڀائنجي. ڪڍوس هن ڏائڻ کي هتان ٻاهر، نه ته هيءَ منهنجي گهوٽ کي ماري ڇڏيندي.“
ڪرشن ڀاءُ جي حالت ڏسي پاگلن وانگر اسڪوٽر ڪڍي ڊاڪٽر ڏانهن ڀڳو. پر ڊاڪٽر جي پهچڻ کان اڳ پکي پرواز ڪري چڪو هو.
ڪمري مان اَمي ۽ اندرا جي پٽڻ ڪٽڻ جا آواز اچي رهيا هئا. هڪ سريتا ئي هئي جا ڀت سان لڳي ڀت بڻي بيٺي هئي. سندس ڪنن تائين ڪو به آواز پهچي نه رهيو هو. هوءَ ته ڪنهن ٻئي يگ ۾ پئي وسي.
رام جو يگه. رام به ته هڪ ڌوٻيءَ جي چوڻ تي سيتا جو تياڳه ڪيو هو، اڄ ڪرشن به کيس تياڳي رهيو هو. سيتا به ته هڪ ناري هئي! ته ڇا هوءَ اڄ جي سيتا نٿي بڻجي سگهي!


(ليکڪه سنڌ ڄائي آهي، هن وقت پوني انڊيا ۾ رهي ٿي. هيءَ ڪهاڻي خاص ’تخليقڪار‘ روزاني عبرت لاءِ اماڻي اٿائين- انچارج................................................. روزاني عبرت حيدرآباد جي ٿورن سان)

No comments:

Post a Comment