Monday, February 20, 2012

رت، رات، ستارا - شبنم گل


رت، رات، ستارا
شبنم گل
هن ڪنڌ مٿي ڪري اُڀ ڏانهن نهاريو. جون جو ٻرندڙ سج، آسمان تي ڪنهن شعلي جيان، چمڪي رهيو هو. سندس ڪپڙا، پگهر ۾ ڇل هئا ۽ اکيون گرميءَ سبب ڳاڙهيون هيس. منجهند جي ان سَمي، جڏهن پکي پکڻ وڃي وڻن جي ٽارين ۾ پناهه وٺندا آهن، سمورا مزدور روڊ تي پٿر ڪٽي رهيا هئا. وريام به انهن مزدورن مان هڪ هو ۽ زندگيءَ جي پيڙا ۾ پيڙهجندڙ انهن بدنصيب انسانن مان هڪ هو، جن جو مقدر به سج جي ان ماريندڙ تپش جيان گهايل ڪندڙ هوندو آهي... هو ان ڪري محنت ڪري رهيو هو جيئن، سندس معصوم ٻارن کي ڪو سڻڀو ٽڪر نصيب ٿي سگهي، جيڪي سدائين سڪيءَ مانيءَ تي گذران ڪندا هئا ۽ ڪئين ويلا لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. خاص ڪري ڪرفيوءَ جي ڏينهن ۾، سندن حالت رحم جهڙي هوندي هئي. اڪثر جڏهن شهر ۾ وڳوڙ اُٿندو هو ۽ ماڻهن جي چهرن تي موت جهڙي ويراني ڇائنجي ويندي هئي ۽ سندن اکين ۾ خوف ۽ انديشا جاڳي پوندا هئا، تڏهن ويران رستن تي فوجين جي ڳرن ٻوٽن جا پڙلاءَ ٻڌي، بک ۾ پاهه ٿيندي وريام سوچيندو هو؛ ”ڇا بک کان وڌيڪ به دنيا ۾ ڪو ڏک ٿي سگهي ٿو....!“ دنيا ۾ انسان جي بقاءَ جو مسئلو، هميشه ڳنڀير مسئلن مان هڪ رهيو آهي. ان ڪري وريام به ٻن هنڌن تي ڪم ڪري، ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو پائي پائي گڏ ڪري، پئسا بچائي رکندو هو ۽ جڏهن به عيد براد جهڙو ڪو موقعو ايندو هو ته پنهنجن ٻارڙن کي نوان ڪپڙا اوڍائيندو هو. ان ڏينھن سندس گهر مان، اوٻاريل پٽاٽن بدران، ڀُڳل گوشت جي خوشبوءِ ايندي هئي. هُو اهو سڀ ان ڪري ڪندو هو، جيئن ان اجتماعي خوشيءَ جي موقعي تي، پنهنجي ٻارن کي احساس ڪمتريءَ کان بچائي سگهي. ان ڏينهن وريام ڏاڍو اُداس ٿي ويندو هو، ڇو ته سندس زال مريم، پنهنجن ساڳين ميرن سيرن ڪپڙن ۾ ڪم ڪندي وتندي هئي. مريم ۽ سندس ساٿ، ڏهن سالن جو هو. انهن سڄن سارن ڏهن سالن دوران، ڏک سک ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ۾، مريم ساڻس گڏ هئي. جنهن وريام سان گڏ، زندگيءَ جي سختين کي ڀوڳيندي، ڪڏهن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي هئي. کيس ڪڏهن حيرت لڳندي هئي ته؛ مريم آخر ڪهڙي قسم جي عورت آهي، جنهن اڄ ڏينهن تائين، پنهنجي لاءِ ڪا به فرمائش نه ڪئي هئي. هو ڪم ڪار لاهي، جڏهن گهر واپس موٽيو ته، سج سڄو ڏينهن قهر وسائي، افق جي ٻئي پار وڃي لڪو هو. هو پنهنجين سوچن ۾ گم سم، گهر جي چائنٺ ٽپي اندر آيو ۽ هٿ منهن ڌوئي، اچي کٽ تي ويٺو ته مريم سندس آڏو ماني آڻي رکي. هن جڏهن ماني کائي بس ڪئي ته مريم کيس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي چيو:
”هڪ ڳالهه چوانءِ ڪاوڙبين ته نه.“


مريم ان وقت ڪنهن معصوم ٻار جيان لڳي رهي هئي.
”ها ها چئه.“
پر! مريم جي وات مان هڪ اکر به نه اڪليو ته وريام کي پهريون ڀيرو مريم جو اهو انداز ڏاڍو اوپرو لڳو.
”مون کي ڪاوڙ! ڪڏهن تنهنجي ڳالهه تي ڪاوڙ لڳي آهي ڀلا!“
پنهنجي لهجي ۾ پيار سموئيندي، وريام چيو ته مريم هٻڪندي کانئس پڇيو؛ ”ان ڏينهن پريل جي زال پنهنجي ڏير جي شاديءَ جو سڏ ڏيڻ آئي هئي ته....“
”ها ها ته پوءِ ڇا...؟“
”ته تو ان کي ستارن وارو ڳاڙهو وڳو پهريل ڏٺو هو....!“
”تون آخر چوڻ ڇا ٿي چاهين؟“
وريام ڪجهه سمجهندي، ڪجهه نه سمجهندي، مريم ڏانهن نهاريو.
”مان... مان چاهيان ٿي ته.... ادا نواز جي شاديءَ تي مان به اهڙو ڳاڙهو وڳو پايان.“
ائين چئي هن وريام کي اهڙين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ ڪيترا انديشا لڪل هئا. مريم ڏهن سالن ۾ پهرين فرمائش ڪئي هئي. ڪيڏي اميد، ڪيڏي حسرت لڪل هئي، سندس لفظن ۾! وريام کي خوشيءَ سان گڏ، هڪ عجيب قسم جو ڏک ٿيڻ لڳو. ڪيڏي نه دل گهرندي هئي وريام جي ته هو جڏهن گهر موٽي ته سهڻا سهڻا رانديڪا سندس هٿن ۾ هجن، جن کي ڏسي خوشين جا انيڪ رنگ منو ۽ زينت جي مک تي لهي اچن... ۽ مريم لاءِ ته سندس دل چوندي هئي ته؛ هو دنيا جهان جون خوشيون آڻي، سندس قدمن ۾ ڍير ڪري ۽ سندس اُهو هر خواب پورو ڪري، جيڪي اڪثر سهاڳڻين جي بند اکين ۾ سانجهيءَ شام لهي ايندا آهن. ريشمي ڪپڙا، خوبصورت زيور ۽ هڪ سندر گهر جا خواب.... بکايل وجود ۽ غريبن جي اکين ۾ رڳو مانيءَ جا خواب لهندا آهن....
”ها ها ڇو نه. مون کي ڪجهه ڏينهن ۾ پئسا ملڻا آهن. جيئن ئي پئسا ملندا مان تو کي اهو وڳو آڻي ڏيندس.“
ائين چئي هو سوچن جي اٿاهه سمنڊ ۾ گم ٿي ويو ۽ مريم کيس چپ ڏسي، اتان اٿي وئي. پريل سندس پاڙيسري هو.... زندگيءَ جي سکن ۽ آسائشن لاءِ واجهائيندڙ هڪ عام انسان، پر اوچتو سندس مالي حالت سڌرڻ لڳي. اڳي جڏهن پريل جي زال، سندن گهر ايندي هئي ته سندس وجود مان پگهر، ٿوم ۽ بصرن جي مليل جليل بانس کنيو ويندي هئي. هاڻ نوان ۽ ريشمي ڪپڙا پائي، سندن گهر ايندي هئي ۽ مريم جو ننڍڙو گهر، سندس وجود مان اٿندڙ امپورٽيڊ پرميومز جي خوشبوءِ سان واسجي ويندو هو. وريام کي خبر هئي ته پريل جي اوچتو مالي حالت سڌرڻ پٺيان ڪهڙا اهڃاڻ هئا. پَريل کيس پنهنجي ڪاروبار ۾ شامل ڪرڻ جا ڏاڍا وس ڪيا هئا پر هو ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. پريل نوجوان نسل کي گمراهيءَ جي راهه ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو. اهو سڀ ٿيندي ڏسي، ڪيترا ئي سوال سندس ذهن ۾ اڀري ايندا هئا. آخر هر طرف رڳو مسئلا ئي مسئلا ڇو آهن ۽ انهن مسئلن کان فرار جو طريقو ڇا رڳو نشي واپرائڻ ۾ ئي آهي؟ هو خود فراموشيءَ جي عالم ۾ پيل، هر نوجوان کي ڌونڌاڙي پڇندو هو. جواب ۾ سدائين، نشي ۾ ڌُت ڳاڙهيون اکيون، کيس گهورينديون هيون. ڪيڏي نه گهري اونداهي هوندي هئي، انهن اکين ۾. اها سموري اونداهي، سندس روح جي پاتال ۾ لهي ايندي هئي. جڏهن کيس ڪو به جواب نه ملندو هو ته هو مايوس ٿي اڳتي وڌي ويندو هو.
مريم جي ڀاءُ نواز جي شادي به سر تي اچي بيٺي هئي ۽ وريام چاهيو پئي ته هو ڪيئن به ڪري مريم جي اها فرمائش پوري ڪري... ڳاڙهي وڳي ۾ مريم ڪيڏو نه ٺهندي. هن ڪنڌ ورائي مريم کي ڏٺو جنهن جي مک تان، وقت جي ستم ظريفيءَ سبب، ڳاڙهاڻ غائب ٿي چڪي هئي. اڄ کان 10 سال اڳ، هن جڏهن پهريون ڀيرو مريم کي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ڏٺو هو ته چنڊ جهڙي سندر چهري جو جمال پسي، هو ڪيتريءَ دير تائين بي يقينيءَ جي گمنام وادين ۾ ڀٽڪندو رهيو هو. کيس اهو ڏک ستائڻ لڳو هو ته ڪٿي ڏک ۽ پريشانين جي، گرهڻ چنڊ جي حسن کي لُٽي نه ڇڏي. پر وقت گذرڻ سان گڏ، کيس احساس ٿيو ته هوءَ ڏاڍي سٻاجهي طبيعت واري هئي. پيار جا فقط ٻه ٻول، سندس نيڻن ۾ خوشين جا ديپ جلائي ڇڏيندا هئا. مريم، زينت ۽ منوءَ کي سمهاري ڇڏيو هو ۽ پاڻ به سمهي رهي هئي. پر ننڊ ڄڻ ته وريام جي اکين کان رسي وئي هئي. ستارن وارو ڳاڙهو وڳو، سندس دل ۾ ڪنهن ڪنڊي جيان چُڀي رهيو هو. آسمان تي ستارا ائين جرڪي رهيا هئا، جيئن ڪنهن شوخ حسينا مرڪي مک تي ڪاري ستارن ڀريل پوتيءَ جو پلئه وڌو هجي. ٿڌڙي هير ۾، موتئي جي هٻڪار هئي. هن وٽ ايترا پئسا به نه هئا، جو هو مريم جي فرمائش پوري ڪري سگهي ها. مريم وٽ سمورن زيورن مان، چانديءَ جا جهالا ئي وڃي بچيا هئا. اهي به هن مجبور ٿي کپائي ڇڏيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳي جڏهن هن مريم جي ڪنن مان جهالا غائب ڏٺا ته حيران ٿي کانئس پڇيو هئائين:
”مريم! تو پنهنجا جهالا ڪيڏانهن ڪيا.“
جواب ۾ هوءَ ٿوريءَ دير لاءِ منجهي پئي هئي. گهڙي رکي هن نظرون جهڪائي چيو هو؛
”منوءَ جا پيءُ! تو کي ته خبر آهي ته زينت جي بيماريءَ ۾ ڪيترو پئسو لڳي ويو، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. ان ڪري مجبور ٿي جهالا کپائي ڇڏيم.“
لفظ نه هئا ڄڻ ته تير هئا، جيڪي پنهنجي تمام تر تيزيءَ سميت، وريام جي دل ۾ کپي ويا. ڳوڙهن ۾ ڀنل آواز ۾ هو رڳو ايترو چئي سگهيو هو:
”تو.... تو.... هي ڇا ڪري ڇڏيو.... مان تو کي ڪجهه ڏئي ته نه سگهيس. رهندو به تو کي مائٽن طرفان ڏاج ۾ مليل سمورا زيور کپائڻا پئجي ويا...“
”ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ ڀلا مون کي زيور تو کان يا ٻچن کان وڌيڪ آهن ڇا!“
هوءَ سندس پريشانيءَ تي مرڪي پئي هئي. ان گهڙيءَ، وريام کي ائين لڳو هو ڄڻ، مريم جو قد کانئس گهڻو اوچو ٿي ويو هجي. سوچن مان ڇرڪي، هن چوڌاري ڏٺو ته اڃا ڏينهن ٿيڻ ۾ ڪي گهڙيون وڃي باقي بچيون هيون.
”اڄ به هميشه جيان خالي هٿين موٽندس ته مريم ڇا سوچيندي؟“ رکي رکي اها سوچ، کيس پريشان ڪري رهي هئي. جيئن تيئن ڪري، رات وهامي ۽ سج جا سونهري ڪرڻا، ڌرتيءَ تي لهي آيا. وريام به تيار ٿي، گهر کان ٻاهر نڪتو. وڃڻ کان اڳ، هو مريم کي عجيب نظرن سان تڪيندو رهيو. کيس چپ ڏسي مريم پڇيو ته؛ ”ڇا ڳالهه آهي، تون ڪجهه پريشان ٿو ڏسجين. لڳي ٿو رات ننڊ به ڪا نه ڪئي اٿئي!“
”ها سڄي رات نه سمهي سگهيو آهيان.“ وريام ٿڌو ساهه ڀريو؛ ”چڱو مون کي دير پئي ٿئي.“
هو، ائين چئي، دروازي ڏانهن وڌيو.
”وريام!“ مريم کيس سڏيو.
”ڇا ڳالهه آهي.“ هو ويندي بيهي رهيو.
جواب ۾ هوءَ ڪجهه به نه ڪڇي سگهي.
وريام اڳتي وڌي، ٻنهي هٿن سان منهن مٿي ڪيس.
”ايڏي پريشان ڇو آهين؟“
”اڄ کڻي نه وڃ، ائين نه ٿئي ته وڌيڪ طبيعت خراب ٿي وڃئي.“
”ڪير ٿو چئي ته طبيعت خراب اٿم؟“
”پوءِ پريشان ته آهين نه؟“
ان سوال جي جواب ۾ وريام چپ ٿي ويو.
”چڱو، مون کي دير پئي ٿئي. تون پريشان نه ٿجانءِ. اڄ شايد مان دير سان موٽان.“
هو کيس اُتي ئي پريشان ڇڏي، ٻاهر نڪري ويو.
وريام جي وڃڻ کانپوءِ، مريم کي هڪ گهڙي به چين نه آيو ٿي. ٻار اُٿيا ته هن ٻارن کي نيرن ڪرائي، کين قرآن پڙهڻ لاءِ مسجد روانو ڪيو ۽ گهر جي صفائيءَ کي لڳي وئي. رکي رکي سندس نظرن ۾ وريام جو تصور پئي آيو؛ ”جيڪر وڳي جو وريام کي نه چوان ها....“ ڪيئن ويچاري جو منهن لهي ويو هو. مان به ڪيتري چري آهيان؟ اهو ته خيال ئي نه ڪيم ته هو ايڏو قيمتي وڳو ڪٿان آڻيندو.“
هوءَ رکي رکي، سوچن ۾ پنهنجي پاڻ تي جک کائي رهي هئي. انهن ئي سوچن ۾ منجهند ٿي. پوءِ شام ۽ شام کانپوءِ جڏهن رات جا ڪارا پاڇا، سندس ننڍڙي اڱڻ تي لهي آيا ته کيس طرح طرح جا وسوسا ستائڻ لڳا. ٻار الڳ ڪنڊ ۾ ڊنل ويٺا هئا ۽ مريم در تي بيهي، ڪيتري دير کان وريام جي واٽ نهاري رهي هئي. هوءَ جڏهن در تي بيهي بيهي ٿڪجي پئي ته گهڙي کن لاءِ، اندر هلي آئي. اوچتو در ٻاهران گوڙ ٿيو، هوءَ ڊوڙي ٻاهر آئي.
”ها ڇا....!!!“ سندس تاڪ لڳي ويا. وريام جي سيني تي ستارن وارو ڳاڙهو وڳو ستارا ستارا جرڪي رهيو هو، جيڪو هو دڪاندار جي نظرن کي فريب ڏئي ته تڳائي آيو هو، پر موت کان تڳائي نه سگهيو هو. وريام جيئن ئي وڳو چورائي تڪڙ ۾ روڊ ڪراس ڪري رهيو هو ته هڪ تيز رفتار ڪار سان ٽڪرائي، هميشه هميشه لاءِ ڪراس بڻجي ويو هو.

No comments:

Post a Comment