Sunday, January 15, 2012

گيٽ آئوٽ....! مقصود گل


ڪالم ڪهاڻي
گيٽ آئوٽ....!
مقصود گل
سيٺ صاحب! ”اڄ مون کي 500 رپيا اڌارا گهرجن، پوءِ منهنجي حساب مان ڪٽيندا وڃجو“.
رستم، هٻڪندي هٻڪندي، هوٽل جي مالڪ کي دل جي منشا ٻڌائي.
”پر تو ڏي ته اڳ ۾ به پئسا بيٺل آهن“
سيٺ ترش لهجي ۾ چيو.
ها سيٺ! پر سخت ضرورت آهي. مون کي نوڪريءَ جي لاءِ فارم ڀرڻو آهي.
۽ فارم 500 روپين جي چالان جمع ڪرائڻ سان ملندو ۽ سڀاڻي ان جي آخري تاريخ آهي.
رستم، سيٺ کي هڪ ساهيءَ ۾ پنهنجي ضرورت ٻڌائي ۽ نماڻيون اکيون ڪري سيٺ جي چهري کي ڏسڻ لڳو.


رستم نوجوان شاگرد آهي جيڪو بي-اي پاس آهي، سندس والد فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي مشين ۾ اچي فوت ويو. فيڪٽريءَ جي مالڪ رستم کي آسرن ۾ ته رهايو پر کيس فيڪٽريءَ ۾ نوڪري نه ڏنائين. ويچارو رستم ڀڄي ڊڪي ٿڪجي پيو آهي پر کيس ڪٿي به نوڪري ڪونه ٿي ملي چوڻ وارا چون ٿا ته اڄ ڪلهه نوڪري جي حاصلات لاءِ به سفارش ضروري آهي، هڪ پئسو ۽ ٻيو سفارش پر رستم غريب وٽ ٻنهي مان هڪ به ڪونهين.
هاڻي به ڪنهن اداري جو ڪوبه يا اشتهار نوڪري لاءِ آيو آهي ته رستم ان ۾ ضرور درخواست ڏني آهي. پر چوندا آهن ته غريب جو ڀاڳ به غريب.
رستم آهي ته بي-اي پاس پر پاڻ، پنهنجي ٻڍڙي والده، ننڍي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي ڪفالت جي لاءِ مختلف طريقن سان روزگار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
هاڻي به هو مقامي هوٽل بيراگيري ڪندو رهي ٿو. 130 روپيا سندس ڏهاڙي آهي پر. سندس تعليم جي ڪري هوٽل جو سيٺ کانئس ٿوري لک پڙهه جو ڪم به ڪرائي ٿو ۽ کيس 150 روپيا روز ڏيندو آهي.
”امڙ! اڄ منهنجو انٽرويو آهي دعا ڪجانءِ ته رب پنهنجي طرفان رزق جا دروازا کولي...!“
رستم امڙ کي پيرن تي هٿ رکندي چيو.
”هائو ٻچڙا. مان نه دعا ڪنديس ته ٻيو ڪير دعا ڪندو ڇا پر پٽڙا شايد غريبن جون دعائون به فرشتا مٿي نٿا کڻي وڃن.“
رستم جي ماءُ جي چهري تي مايوسيءَ جون ريکائون نمايان ٿي ويون.
”امڙ سانئڻ الله سائينءَ جا وڻ ويجهڙا آهن. هو ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن اسان غريبن جي به ٻڌندو..!“
رستم، امڙ کي دلداري ڏيندي چيو.
”ها ابا اسان غريبن جو شايد دعائون به غريب ٿينديون آهن.“
امڙ شاهه سائينءَ چيو آهي. ”جي ليلائي نه لهين تان پڻ ليلائيج.“
”هائو ابا اسان ته ليلايون پيا ۽ شايد يڪو پيا ليلائينداسين.“
رستم جو نمبر پٽيوالي پڪاريو ۽ ٿوري دير کان پوءِ رستم انٽرويو جي ڪمري ۾ هو اندر ٽي ماڻهو ويٺل هئا. هڪ مين چيئر تي ۽ ٻه پاسن کان.
رستم خالي ڪرسيءَ تي وڃي ويهي رهيو. سامهون ويٺل ڪرسيءَ واري رستم کان سوال ڪيو. صاحب ڳالهائي ته انگريزيءَ ۾ پيو پر سندس لهجي مان صاف ظهار هو ته، هو پنجابي ڳالهائڻ وارو آهي.
رستم توهان جو نالو آهي؟
جي سائين، رستم وراڻيو.
توهان جو والد ڇا ڪندو آهي...؟
سر! اهو وفات ڪري ويو آهي.
پر توهان پنهنجي سي. وي ۾ اهو نه ڄاڻايو آهي ته... توهان جو والد وفات ڪري ويو آهي ايڪسڪيوز مي سر.... ابي جي نالي جي اڳيان Late... مرحوم لکيل آهي.... رستم وضاحت پيش ڪئي.
ايتري ۾ سرڪاري ٽيبل تي رکيل سرڪاري ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.
وڏي صاحب اک جي اشاري سان ڀرسان ويٺل همراهه کي ٽيليفون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ چيو ڀرسان ويٺل ننڍي صاحب ٽيليفون اٽينڊ ته ڪئي پر جلديءَ ۾ وڏي صاحب کي ڏيندي چيو... ”پي. ايس صاحب سر.... پي. ايس صاحب....!“ وڏو صاحب... ٿٿان ڦٿان تي ويو ۽ جلديءَ ۾ دعا سلام جا رسمي جملا ادا ڪرڻ کان پوءِ غور سان ٽيليفون ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويو. بس صاحب، جي سائين...! ها سائين....!! جي رٽ لڳائي ڏني.
اڳلي همراهه پڇيو لسٽيون پهتيون....؟
صاحب جي سائين... ها سائين...!!
بس مختصر گفتگو ٿي.... پر الائي ڇو اي. سي ڪمري ۾ به صاحب کان پگهر نڪري پيا. ٽيبل تي رکيل... باڪس مان ٽشو پيپر کڻي صاحب پنهنجي ويڪري پيشانيءَ تان پگهر خشڪ ڪرڻ لڳو.
ڪجهه ٽشو ختم ڪرڻ کان پوءِ صاحب ٻنهن اکين تي نظر جو چشمو ٺيڪ ڪندي وري رستم جي فائيل ۾ نظرون وجهندي... سوال ڪيو..
توهان ڇا ڪندا آهيو....؟
مزدوري ڪندو آهيان سر...!
رستم جواب ڏنو.
ڪهڙي مزدوري...؟
سر هوٽل تي هيڊ بيرو آهيان.
هيڊ بيرو....!! ها ها.... هاها....!
ٽئي صاحب کلڻ لڳا....
هڪ ننڍي صاحب چيو ”اسان هيڊ بورچي ته ٻڌو آهي.... پر هيڊ بيرو اڄ ٿا ٻڌؤن“.
ها.... ها..... هاها..... هڪ ڀيرو وري ٽهڪڙو مچي ويو. ۽ ڪمرو صاحبن جي ٽهڪن سان گونجڻ لڳو....
وڏي صاحب رستم جي فائيل جي ڪاغذن کي اٿلائيندي پٿلائيندي چيو.....
رستم صاحب! مون کي شڪ ٿو پوي ته هي تنهنجون ڊگريون جعلي آهن.......!
وڏي صاحب جو اهو جملو ٻڌي رستم کي ڏاڍي حيرت لڳي.. پر ٻيا صاحب معنيٰ خيز نموني ۾ وڏي صاحب جي تائيد ۾ ڪنڌ لوڏڻ لڳا...
”سر! جعلي ڊگريون وڏا ماڻهو لک ڀري وٺندا آهن جن کي ايم. پي اي. ۽ ايم. اين اي ٿيڻو هوندو آهي.....“
رستم پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وڏي صاحب ڪجهه ترش ٿيندي چيو ”گهڻي ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي...“ اسان توهان جون ڊگريون جاچ پڙتال لاءِ مٿي موڪلينداسين رستم کي صاحب جي سوچ تي حيرت لڳي ۽ چيائين.
سر! نوڪري نه ڏيو ته نه ڏيو باقي جعلي ڊگريون ڳولهڻيون اٿوَ ته منسٽرن ۽ مشيرن جون ڊگريون وڃي جاچيو.
صاحب ڪاوڙ مان آپي کان ٻاهر ٿيندي چيو: گيٽ آئوٽ....!

No comments:

Post a Comment