Sunday, January 15, 2012

وڏا ماڻهو - آزاد جتوئي


وڏا ماڻهو
آزاد جتوئي
ايلفي روڊ جي پاسي هوٽل وٽ بيٺل ٻن پتڪڙن ڇوڪرن مان هڪ جيڪو قد جو بندرو پر اکين ۾ شرارت ڀريل هئس چيو : ”ابو هي بازار منهنجي اٿئي“، ابوءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي اکين ۾ شور ۽ نڪ ۾ سونڊ وجهي چيائينسن اڙي پڻهي جي آهي بازار، هي بازار آهي سرڪار جي!!“ بندري ڇوڪري اهي لفظ ٻڌي چوڻ وارو هو ته هڪڙي ڪار سندس اڳيان اچي بيهي رهي ٻئي چوڪس ٿي ويا. پنهنجي ڌنڌي ۾ مهارت وارا گر ڪار ۾ سيٽ تي استعمال ڪرڻ لاءِ ٻئي ڄڻا وڌيا ٻنهي جو ٻوٿ ڀيلو هو. هڪڙي چيو: ”سيٺ صاحب الله ٻچڙا ڏيندئي، ٻئي چيو ته الله زال ڏيندئي


سيٺ پنهنجي بيگم ڏانهن گهوريندي مشڪيو ۽ چيائين ته بيگم ڇوري ڏٺئي ڇا چيو. بيگم ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪري انگلش بوٽ هائوس ڏانهن هلي وئي. سيٺ ان جي پويان فرمانبداري سان هلڻ لڳي.ٻئي ڇوڪرا اچي فوٽ پاٿ تي بيٺا. بندري ڇوڪري ٿلهي ۽ ويڪري قميص جا بٽڻ کوليندي صفائي سان چيو ته ابو وٽ ڪيترا پئسا آهن. ابوءَ ننڍڙي ڇوڪري ڏانهن بغير گهورڻ جي کيسي ۾ پيل ريز گاري کي ڳڻيو ۽ پوءِ چيائين ته ساڍا ٽي رپيا ننڍڙي ڇوڪري پاڻ به پئسا ڳڻيا، پوءِ چيائين ابو مون وٽ ٻه رپيا ٿيا آهن پر يار ڳالهه ٻڌ... ننڍڙي ڇوڪري ابو کي چيو ”مون کي اڄ ٻارنهن رپيا کپن. خبر اٿئي يار مون کي ڀيڻ لاءِ دوا وٺڻي آهي.
امان چوي ٿي ان کي ٽي بي جو مرض آهي. بندري ڇوڪري دلچسپي وٺندي چيو ته ”يار اها ٽي بي ڀلا غريبن کي ڇو ٿي ٿئي. ان ڪار واري سيٺ کي ٽي بي نٿي ٿئي.“ ابوءَ منهن ۾ سونڊ آڻي ان بندري ڇوڪري کي بجو ڏيندي چيو ”حرامي وڏن ماڻهن کي ننڍڙيون بيماريون نه لڳنديون آهن. انهن کان بيماريون ڊڄنديون آهن“.
 بندري ڇوڪري کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ايلفي واري ڊگهي بازار کي گهوريندي چيائين ابو هي بازار به انهن جي آهي. هو اڃا ڳالهائي رهيا هئا ته وري ٻي ڪار سندن اڳيان اچي بيٺي. ابو ڪار جي ڀرسان اچي بيٺو. ڪار مان لهندڙ خوبصورت عورتون هنن کي ڏسڻ بنا بازار جي سمنڊ وانگر هلندڙ وهڪري ۾ گم ٿي ويون.
ابو ان بندري ڇوڪري ڀرسان اچي بيٺو ۽ چيائين ”يار اڄ ڪو نڀاڳو ڏينهن آهي ڪو ئي سيٺ ڦاسي ئي ڪو نه ٿو.“ اهو بندرو ڇوڪرو ۽ ابو آهستي آهستي هلڻ لڳا. هو ريگل وٽ اچي بيٺا. گرميءَ سبب هو بوڪ اسٽال جي پاسي ويهي رهيا.
ابو ان بندري ڇوڪري کي چيو؛ ”تون ڀلا ٻڌاءِ پئسا گڏ ڪري ڇا وٺندين...!؟“
بندري ڇوڪري نرڙ تان پگهر اگهيو، پتلون جو اڳٺ ٻڌي چيائين؛ ”ابو مان پئسا گڏ ڪري پهريان ڀيڻ جي دوا ڪرائيندس، پوءِ آ نوڪري وٺندس، پوءِ جاءِ ٺهرائيندس. پوءِ.... پوءِ.... هو خاموش ٿي ويو.“
ابو اٿي بيٺو چيائين؛ ”پوءِ ڇا ڪندين؟“
ان بندري ڇوڪري اداسيءَ وچان ابوءَ ڏانهن نهاريو. پوءِ چيائين؛ “مان ڪار وٺندس ۽ وڏو ماڻهو ٿيندس.”

No comments:

Post a Comment