Sunday, January 15, 2012

رکوالي - وفا صالح راڄپر


رکوالي
وفا صالح راڄپر
ننڍڙي هوٽل جو ڪمرو، يارن جي ڇڙواڳ ٽهڪن سان ايئن پئي گونجيو، ڄڻ سڀ ڀنگ جو ڪونڊو چاڙهي ويٺا هئا، کلي کلي ٻيڻا ٽيڻا پئي ٿيا. جوانيءَ جا ٽهڪ به، جوانيءَ وانگر مست ئي ته هوندا آهن. نه لٿي جي خبر، نه اُڀرئي جي ڳڻتي. مائٽن جي ڪلهن تي، ڍءَ جون پستيون هڻڻ ۽ ٽهڪ ورهائڻ کان سواءِ ٻيو ٽاڪرو به ڪهڙو آهي. اڄ جي جوانڙن کي........!؟ گرمين جي مَنجهد هئي، سو هوٽل جي اندرئين ڪمري ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو. اسان سڀئي گلزار کي ورائي ويٺا هئاسين ۽ ساڻس چرچا ڀُوڳ پئي ڪياسين.


اسان جي ياراڻي جو ساٿي منٺار جيئن ئي هوٽل جو ورانڊو اُڪري هوٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته، کيس ملول ڏسي سڀ ايئن ماٺ ٿي ويا ڄڻ ته کين ڪو نانگ سراپي ويو هجي. گلزار ويچاري جي ته، الله کڻي ٻڌي هئي. هُو گلزار لاءِ ته، ڄڻ ڪو فرشتو ٿي آيو هو، سڀني جو ڌيان منٺار ڏانهن ايئن ڇڪجي ويو جيئن اَنَ جا داڻا بکايل پکيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن. ۽ گلزار جي ان بهاني چرچن مان جان ڇٽي پئي هئي. هُو بنان ڪنهن سان ڳالهائڻ جي پاروٿي واڱڻ جهڙو منهن ڪري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، سڀني کيس حيرت ڀرين نگاهن مان پئي ڏٺو. نيٺ جانيءَ ڦاٽ کاڌو.
.ڪهڙي کاڌي مان خرابي ٿي اٿس؟“
”قاضيءَ جي ڪکن کان پوءِ، اجهو اهو حال ٿيو اٿس“ منظور وراڻيو.
”اڙي نڀاگو، چنڊوءُ توهان کي ته، لڳو آهي رونشو ۽ ڀُوڳ. هُو ويچارو ٿو مري اصل رات بچيو ته سمجهو نئون ڄائو.....“ ڪريم وچ ۾ ڳالهائيندي چيو سڀ کلڻ لڳا، پر هُو چپ هيو جهڙي ڀت، ڌوڏا ڦاڙي سڀني کي پئي ڏٺائين. اکيون مرچن جيان ڳاڙهيون لعل. آءٌ سُري اچي سندس ڀر ۾ ويٺس ۽ کيس پيار مان چيم.
”منٺار.......!“
”هُون......!“ هن وراڻيو.
”هُونهن جا پٽ! هيءَ ڇا ٿيو اٿئي؟ ڪلهه ته منهن تي رابيل پئي ٽڙيئي، اڄ ڪنهن منهن تي دانگي گهمائي اٿئي جو منهن ٽيپهريءَ جهڙو ٿي ويو اٿئي؟“
”اهڙي ڳالهه ته ڪانهي.“ هن ٻڏل آواز ۾ وراڻيو.
”پوءِ ڀلا نڀاڳا! ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي؟ مون سوال ڪيو.
”کنڊ جو جهاز ٻڏي ها، ته به چڱو نه.....!“ هن نڙيءَ کي ڳيت ڏيندي وراڻيو.
”ڀلا ڪجهه بڪندين به سهي يا.......؟“ جانيءَ مصنوعي ڪاوڙ مان چيو.
”ڪلهوڪي اخبار نه پڙهي اٿوَ ڇا.....!؟“ هن چيو.
”سڀ حيرت مان وات ڦاڙي هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا“ هن ٿڌو ساهه کڻي چيو.
”ڇا هو، ڪلهوڪي اخبار ۾.....؟“
”مون کي خبر آهي“ زاهد ڳالهايو.
”تُو اخبار پڙهي هئي ڇا........!؟“ گلزار جي لهجي ۾ حيرت هئي.
”ها.......!“ زاهد وراڻيو.
”اهڙي ڪهڙي خبر هئي اخبار ۾........؟“ ڪريم چيو.
”پتائي گجرن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن“ زاهد وراڻيو.
سڀ کل ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجي ويا. جانيءَ کلنديءَ چيو.
”پر گجرن سان اسان جي يار جي پريشانيءَ جو ڪهڙو تعلق؟“
”کائيندو به آهي، ته ڌوئي پوئي.......!“ زاهد جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
سڀ کلي کلي کيرا پئي ٿيا، منٺار ڪاوڙ مان اُٿيو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ لڳو. آءُ اُٿي بيٺس ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري پرچائيندي چيم.
”اڙي گڏهه، يارن سان به ڪاوڙ.....!؟ ٿڪ ئي کوڙ ٿي.
”پر، ڏس نه؟ اسان کي پنهنجا ڍَڪَرَ. هنن کي لڳو آهي ڀَوڳُ.....؟“
هن ٻيهر ڪرسيءَ تي ويهندي وراڻيو.
”اڙي! ته پوءِ نالت پُوَئي ڳالهه به کڻي ڪر نه....... سگهڙن جيان ڳجهارتون،
ڏور ۽ بيت ڇو پيو ڏين؟“ گلزار ٻن اڱرن جو ڀونڊو ڏيندي چيس.
”ڳالهه ڪرڻ به ته ڏيو نه.......؟ هن وراڻيو.
”ها، ته ڇا هُو اخبار ۾؟“ جانيءَ پيار ۽ پنهنجائپ مان چيس.
”يار! جيئن اخبار پڙهي اٿم ته پريشاني وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وئي اٿم.
هن وراڻيو.
”اهو ته ٺيڪ، پر اخبار ۾ هيو ڇا؟“
اخبار ۾ خبر هئي ته ضلعي انتظاميا لال بازار تي بندش هڻي ڇڏي آهي“
هن ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.
”نه ، نه......َ؟“ گلزار کان ڇرڪ جهڙي رڙ نڪري وئي.
”ها، يار! اسين جي واها، هفتي ڏهين ڏينهن. ڪلهه ڀاڙو ڀري ويو هيس، پري کان ڏٺم ته چُوڌاري پوليس ويٺل هئي. هن وراڻيو ”پوءِ ته، اصل وڻ ئي وڄائي ڇڏيئي ٻيو.......؟“ گلزار هٿ جون تريون مهٽيندي چيو.
”اڙي“ نالتي! چوين ته ايئن پيو، ڄڻ بندش ئي مون هڻائي آهي.“
سڀ سوچ ۾ پئجي ويا. اوچتو زاهد کان وڏو هيانءُ ڏاربند ٽهڪ نڪري ويو. سڀ ڏانهنس عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا.
جانيءَ کيس ٽوڪيندي چيو. ”اڙي! تون وري کلين پيو؟“
”ڳالهه ئي کل جهڙي ته آهي“ زاهد وراڻيو.
”ڪيئن؟“ گلزار چيو.
”اڙي! هن ملڪ ۾ ڳاڙا بازار به ڪڏهن بند ٿيا آهن“؟ زاهد ٽهڪ ڏيندي وراڻيو.
”ڏيو منهن؟ اڙي بابا بند پيا آهن. اکئين ڏسيئون پيو اچان“
منٺار چيو.
”ها، برابر! پر آءٌ به اڄ ئي ته ٿيو پيو اچان“ زاهد وراڻيو.
”ڪُوڙ ٿو هڻين نالتي......!“ ڪريم ٽوڪيس.
”قسم سان سچ پيو چوان“ زاهد اکين تي هٿ رکي وراڻيو.
”پوءِ پوليس.....!؟“ منٺار حيرت مان ڏانهنس ڏسندي چيو
”بس، اگهه ٿورو وڌي ويو آهي باقي.....“ زاهد وراڻيو.
”سُو ڪيئن؟“ گلزار ڳالهايو.
بندش کان پوءِ سَوَ روپيا مال جا، پنجاهه روپيا پوليس جي رکواليءَ جا. زاهد ٽهڪ ڏيندي وراڻيو.
هوٽل جو ڪمرو ساڳين جوانيءَ جي ڇڙواڳ ٽهڪن سان ٻرڻ لڳو. 

No comments:

Post a Comment