Sunday, January 15, 2012

ٽٽل خواب - ممتاز ڪنڀر


ٽٽل خواب
ممتاز ڪنڀر
هُن جيئن ئي اک کولي سندس نظر گهڙيال تي پئي، ساڍا ڇهه ٿيا آهن. او اڃا ته ڪافي ٽائيم پيو آهي آفيس ۾، مقامي سماجي اداري ۾ ملازم صفيه هڪ مڊل ڪلاس خاندان سان تعلق رکي ٿي. رات پنهنجي شادي جا ڪارڊ لکندي شادي کان پوءِ واري زندگي تي سوچيندي کيس الائي ڪيڏي مهل ننڊ اچي چُڪي هئي. سامهون واري ٽيبل تي ڪورا ڪارڊ پيل هئا. هوءَ  بيڊ تان اٿي ڪارڊ کڻي ڏسڻ لڳي، هوءَ سونهن راڻي هئي، وقت جي حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندي هُن پنهنجي پرائي کي پرکيو هو ۽ ڏکين ڏينهن دوران هُن پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ۽ اعتماد ڪندي سُٺو مقام حاصل ڪيو هو.


اوچتو ئي اوچتو هُن کي گذريل ڏينهن وارو فيلڊ وزٽ ياد اچي ويو، جنهن ۾ هن پنهنجي چاهيندڙ جي اعتماد ۽ صلاحيتن کي ڏٺو هو، جيڪو ميٽنگ دوران هن ڏانهن ڏسندو رهيو هو، هُن جڏهن خاموشي کي ٽوڙيندي ڳالهايو هو تڏهن سندس سينئر ميمبرن سندس ڳالهه کي ڪٽيو، هُن جو نالو صفدر هو ۽ هڪ سماجي ڪارڪن هو. صفيه هُن جي اکين ۾ هڪ وڏي درد کي محسوس ڪيو ۽ کيس ٻڌڻ چاهيو پر هوُ سندس لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي هئي ۽ صرف هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ سندس اکين ۾ اکيون ملائي کيس اهو محسوس ڪرايو ته هتي ائين ئي ٿيندو آهي.
ٿوري دير بعد صفدر پنهنجيون اکين ننڍن هٿن جي آڱرين سان مهٽيون هيون. سندس هٿ ننڍا خوبصورت لڳي رهيا هئا. ميٽنگ دوران هُن چند لفظ ڳالهايا هئا، جڏهن ميٽنگ ختم ٿي ته صفيه اُٿيندي پڇيو واش روم ڪهڙي طرف آهي صفدر پهريون ڀيرو اُٿي بيٺو چيائين سامهون هُن طرف صفيه مُسڪرايو هو.
کيس ياد آيو جڏهن هُن پاڻي گهريو هو ته صفدر کيس گلاس ڀري ڏنو هو ....
هُو خيالن مون موٽي آئي، شادي ڪارڊ..... شادي ڪارڊ..... کيس موڪليان يا نه...... سندس سينئرن کي ته موڪليان اٿم، ٿي سگهي نه اچي، هو ڪارڊ پڙهندو ته شايد کيس ڏُک پهچندو.....
هوءَ آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي آفيس پهتي روز جو معمول بڻيل اهو ڪم ڪار ۽ مختلف موقعن تي صفدر جي ياد کيس ستائيندي رهي. مٿان سندس شادي جو ڏينهن آيو وليمي ۾ آيل مهمانن ۾ سندس اکيون صفدر کي ڳولهيندون رهيون، هُو نه آيو هو.
شادي جي موڪل بعد هُو آفيس موٽي هئي اڄ ڪو پروگرام هو ڪراچي ۾ جنهن لاءِ مختلف ضلعن جا ماڻهو سندس آفيس پهتل هئا، گلابي ويس پائڻ جو پهريون ڀيرو انتخاب ڪيو هئائين هڪ ڀيرو وري هُن آراسي ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏٺو. منجهند ٽائيم تي جيئن ئي هُو هيٺ رسيپشن تي پهچي اداري جي ماڻهن ساهه ڪچهري ڪري رهي هئي ته اوچتو دروازو کُليو.... هُن جون نظرون هڪ نوجوان تي پيون، پينٽ شرٽ پهريل هڪ مڪمل سمارٽ بڻيل صفدر مُسڪرائيندي مخصوص انداز ۾ سلام ڪيو، هُن کيس ڪنڌ لوڏي هلڪي مُسڪراهٽ چپن تي آڻي سلام جي وراڻي ڏني، صفدر آفيس اندر هليو ويو جنهن گاڏي ۾ هُو سوار ٿي رهي هئي تنهن ۾ صفدر کي جاءِ نه ملي سگهي هئي. ٻين دوستن کي سلام ڪندي ساڻن ملندي ۽ موڪلائيندي هوءَ موڪلائيندي رهي هئي صفدر به دوستن کي ڏسندي هٿ مٿي کڻي موڪلايو هو.
پروگرام شروع ٿي چُڪو هو صفدر ۽ سندس ساٿي دير سان پهتا هئا، پر صفدر پروگرام ۾ نه ويٺو هو. پراڻي دوست جيڪو کيس ڪافي سالن کان پوءِ مليو هو ساڻس ڪچهري ڪري رهيو هو جيئن ئي صفيه پنهنجي مڙس سان گڏ ٻاهر نڪتي، صفدر جون اکيون پاڻي سان ڀرجي ويون هُن سگريٽ جو وڏو سوٽو هڻندي چيو بس يار نصيب هر ڪنهن جو پنهنجو آهي پنهنجي نصيب ۾ شايد پيڙا ۽ عذاب آهي. گلن جا هار ته انهن لاءِ آهن، صفيه ڀرسان گذرندي صفدر جا لفظ ٻڌا ۽ کيس ڏسڻ لڳي، هُو سگريٽ جا وڏا ڪش هڻي رهيو هو مقدر جي ڪيل مذاق صفدر جي زندگي ۾ وڏو طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو.
هوءَ پنهنجي مڙس سان ڪچهري ۾ مصروف هئي.
صفيه وري صفدر کي ڏسي ڄڻ اکين جو ٿڪ لاٿو هو.
صفدر پنهنجي دوست سان ڪچهري ڪري رهيو هو، پروگرام ختم ٿي چُڪو هو سول سوسائٽي جي تنظيمن جا ڪافي نوجوان، اڌڙوٽ مرد ۽ عورتون هال مان ٻاهر نڪري سامهون واري هال ۾ ماني کائڻ جي ڊوڙ ۾ هئا.
يار هلون ماني کائون هي ماڻهو ماني پويان ڪيئن نه ڪاهي پيا آهن، صفدر پنهنجي دوست کي چيو.
صفيه ۽ سندس مڙس انهي هال ڏانهن وڌي رهيا هئا صفدر هڪڙي ٽيبل تي ماني کائڻ لاءِ پليٽ کنئي مس ته اوچتو پٺيان آواز پليز هڪڙي پليٽ ڏجو.
صفدر .... جي جي ڪنهن عورت کي هُن بيٺل ڏٺو اها صفيه ئي هئي.
جي.... هي وٺو سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا هن کي اهو منظر ياد اچي ويو جڏهن هُن صفدر کان پهريون ڀيرو پاڻي گهريو هو.
سڀ ماڻهو ماني کائڻ ۾ مصروف هئا ۽ صفدر کيس چوري چوري نهاري رهيو هو. ماني کائي هرڪو پنهنجي سفر ڏانهن اُسهي رهيو هو.
کيس گهڙي پل لاءِ خيال آيو هو ته ڪاش صفدر..... پر هن سوچن کي ختم ڪندي گهر موٽ آئي هئي ۽ اڪيلائپ ۾ موبائيل کولي هن ۾ صفدر جو نمبر ڏسڻ لڳي پر صفدر جو نمبر کيس نه مليو.
اڪيلي بيڊ تي سمهڻ لڳي ۽ فيصلو ڪيائين ته سڀاڻي جي ڪم دروان هُو صفدر جو نمبر هٿ ڪري ساڻس ڳالهائيندي ضرور......

No comments:

Post a Comment