Sunday, January 15, 2012

ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر - وينا شرنگي


ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر
 وينا شرنگي
ربيندر ناٿ ٽئگور جي سئو پنجاهين جينتي، هر هنڌ ملهائي پئي وڃي، سندس جنم ۷ مئي ۱۸۶۱ع تي ڪلڪتي جي هڪ زميندار خاندان ۾ ٿيو. هو ڪهاڻي-نويس، ناٽڪ-ڪار، چترڪار، تعليمدان، مفڪر ۽ شاعر هو. هن ٻن هزارن کان مٿي گيت لکيا جيڪي ربيندر سنگيت طور دلين تي ڇانئيل آهن. سندس نظمن جو پهريون مجموعو- سنڌيا گيت ۱۸۸۲ع ۾ شايع ٿيو. اڳتي هلي سندس شعري مجموعي، گيتانجلي، تي کيس نوبل انعام سان نوازيو ويو. هن يگ کي ربيندر ناٿ يگ چئي سگهجي ٿو. سندس شخصيت ساهتيه ۽ شانتي نڪيتن جو نانءُ نه صرف هن سنڌ پر سڄي عالم ۾ مشهور رهيو، سندن جيون جا آدرش وشو شانتي جي علامت بڻيا. سندن جيون ستيم شوم سندرم هو، جنهن جي جهلڪ ٽئگور جي ادب مان به جهلڪي ٿي. پوءِ چاهي شاعري، ناول يا وري ڪهاڻيءَ جا ڪردار هجن. جنهن ڪري ئي سندن ساهتيه بنگال جون حدون پار ڪري وشو ۽ پرسد بڻيو. ورهاڱي کان اڳ گرو ربيندر ناٿ ٽئگور جي ساهتيه کان سنڌ جو سڄاڻ طبقو بخوبي واقف هو. سندن ساهتيه تعليم دان طبقي جي دل و دماغ تي امٽ ڇاپ ڇڏي، وليم شيڪسپيئر جا ناٽڪ، ۽ رچنائن ته اڳ ۾ ئي سنڌ ادب ۾ جاءِ جوڙي چڪا هئا، بنگالي ساهتيه جي سنڌ ۾ آمد ۱۹۲۱ع کان به اڳ ٿي چڪي هئي. گروديو ۱۹۲۳ع ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ ربيندر ناٿ لئٽري ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽي طرفان سندن ناٽڪ، چترا، جي منچن جو مهورت ڪيو. ۱۹۲۶ع ۾ شري آتمارام ڪرپلاڻيءَ ٽئگور جي ڪهاڻي. هنگري اسٽون، جو ترجمو ڪيو ته، شري گرڌاري ڪرپلاڻيءَ ۱۹۲۶ع ۾ ئي گروديو جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ڪيو، مشهور معروف ڪهاڻي ڪابلي والا جو ترجمو ڪيو. وري ۱۹۲۷ع ۾ شري گرڌاري ڪرپلاڻيءَ، ربيندرناٿ جون آکاڻيون، اسڪيچس آف ٽئگورس اسٽوريز آنديون. ان طرح سنڌ جي دانشور طبقي گرو ديو ٽئگور جي ساهتيه کي ورهاڱي کان اڳ ئي عام تائين پهچايو. سندن لکڻين کان متاثر ٿي ڪيترن نوجوانن ۾ شانتينڪيتن ۾ تعليم پرائڻ جو شوق جاڳيو.


ائين ته منهنجي امڙ جو علم ادب سان ڪافي لڳاءُ هو پر ٽئگور جي ساهتيه جي باري ۾ پنهنجي چاچي جي پُٽ سُڀاش جي واتان خبر پئي. سڀاش جيڪو جرمنيءَ ۾ وڏو فلاسافر هو، جنهن سان زندگيءَ وفا نه ڪئي اُهو جڏهن حيدرآباد دکن ۾ رهندو هو ته، سندس ڪمري ۾ ڪتابن جا ڪيترا ڪٻٽ هوندا هئا، هو اسانکي هٿ به لڳائڻ نه ڏيندو هو. ان جي واتان، گورا، ناول جو ذڪر ٻڌو ۽ سندس ڀيڻ شو ڀا وٽ هندي ساهتيه جو ذخيرو هو، اُن جي وا تان (نوڪا ڊوبي. طو فاني رنگ) ناءُ درگهٽان- رچنا جي باري ۾ ٻڌو، بعد ۾ ان تي فلم به ٺهي. گروديو ٽئگور جي ساهتيه جي باري ۾ پهريون ڀيرو ڏهن يارهن سالن جي عمر ۾ ٻن تخليقن جي نالي کان واقف ٿيڻ جو موقعو مليو.
مختصر پسمنظر پيش ڪرڻ بعد مان پنهنجي مقالي يعني ڪهاڻي واري صنف جو ذڪر ڪرڻ چاهينديس، ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر ڪيئن پيو؟ سنڌي ادب ڪيئن ان صنف ۾ جاءِ جوڙي؟ ٽئگور جي ڪهاڻين جي موضوع ۽ سماج جي مسئلن ساهتيڪارن کي پاڻ طرف ڇڪيو ۽ ان جي اثرن کان متاثر ٿيا.
ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي بعد هند، سنڌ ۾ ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ساهتيه جي ترجمي واري صنف کي جن شخصيتن مالا مال ڪيو، تن جي پور هئي کي سلام آهي. سنڌي ساهتيڪارن طرفان انهن ڪهاڻين کي پنهنجي مادري زبان ۾ آڻڻ سان ئي اسان کي ربيندر ناٿ ٽئگور جي لکيل ڪهاڻين ڪردارن ۽ پيشڪش جي ڄاڻ پوي ٿي. ائين ته مختلف زبانن ۾ سندن ادبي سرمايو محفوظ ڪيو ويو آهي. سنڌي ۽ اردو ۾ ڪيترين ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ، اُن دور جي ريتن رسمن، مروج ڪو رسمن ۽ سماج جي اونچ نيچ، ذات پات ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن جي ڄاڻ پوي ٿي، ادبي تاريخ جي آئيني ۾ انهن جا عڪس ۽ اولڙا واضع طور اُڀري اچن ٿا. ٽئگور جي ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيل ڪهاڻين جا تفصيل ۽ ترجمو ڪندڙن جي رڪارڊ تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته ٽئگور جي ساهتيه کان سنڌ ۽ سنڌي ڪيترو نه متاثر رهيا آهن.

نمبر
ڪھاڻيءَ جو نالو
سال
مترجم ۽ ڇپائيندڙ اداري جو نالو
۱
گونگي ڪنوار (سُڀا)
۱۹۲۴ع
منگهارام ملڪاڻي
۲
ڪابلي والا
۱۹۲۵ع
گرڌاري ڪرپلاڻي، سنڌي ساهت سوسائٽي، ڪراچي
۳
ماسي
۱۹۳۷ع
چوهڙ مل هندو جا، رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
۴
سماپتي
۱۹۳۸ع
چوهڙ مل هندو جا، رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
۵
آخرين پيار
۱۹۴۰ع
دني. جي. ستايل، رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
۶
پريم
۱۹۴۱ع
رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
۷
پاڙيسرڻ
۱۹۴۱ع
چوهڙ مل هندو جا، رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
۸
خاموش حسن
۱۹۴۱ع
هري آشا
۹
ائڪٽريس يا ناٽڪ جي نرتڪي
۱۹۴۱ع

۱۰
بکارڻ
۱۹۴۲ع
هري آشا، رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
۱۱
دان بدلي دان
۱۹۴۲ع
چوهڙ مل هندو جا، رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
۱۲
پرڀوءَ جي ڀيٽا

جشن مولچنداڻي
۱۳
گنگا گهاٽ



ٽئگور جي ڪهاڻين جا ترجما ڪري جن سنڌي ساهتيه کي مالا مال ڪيو تن جي پورهئي کي وساري نه ٿو سگهجي ان کان علاوه ڪراچي جي رتن ساهتيه منڊل جا به لک ٿورا جن اُن مشڪل دور ۾ پبلشنگ جي ڪم کي دل و جان سان هٿ ۾ کنيو.
ورهاڱي کان اڳ گرو ربيندر ناٿ ٽئگور جي ڪهاڻين جي ڇپيل ڪتابن جي مجموعن جو جيڪو رڪارڊ ملي ٿو سو هن طرح آهي. ربيندر ناٿ جون آکاڻيون عنوان تحت ڪتاب جو تر جمانگار آهي گرڌاري ڪرپلاڻي اهو مجموعو ۱۹۲۶ع ۾ بلئوٽڪسي پريس حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو ويو جنهن ۾ چار ڪهاڻيون آهن ۱.گپت ڌن ۲.گهر جي ڇڪ ۳.ڪڪو ديوان ۴.ماسٽر صاحب.
ورهاڱي کان اڳ رتن ساهتيه منڊل طرفان جهرڻا ڪتاب (۱۹۴۱_۱۹۴۲ع) ۾ ڇپايو ويو جنهن جو ترجمانگار چوهڙ مل هندو جا آهي، ان ڪهاڻين جي مجموعي ۾ عنوان واري ڪهاڻي. ۱.جهرڻا، ۲.وڃايل رتن، ۳.نروپما جو وهاءُ ۽ ۴.سماپتي ڪهاڻيون شامل آهن.
ٽئگور جي ڪهاڻين جو اثر اُن دور جي ڏات ڌڻين تي ڪيترو پيو ان مان ظاهر آهي. ورهاڱي کانپوءِ ڪيترا ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيا يا ٽئگور جي ڪهاڻين جو تخليقڪارن تي ڪيترو اثر پيو سو اڳتي هلي ذڪر ڪنديس. ورهاڱي بعد ٽئگور جي ڪهاڻين جا پنج مجموعا شايع ٿيل آهن؛
نيما سال ۱۹۵۶ع ۾ ڀارتي ناول ملها ممبئي طرفان ڇپايو ويو جنهن ۾ ٽي ڪهاڻيون آهن هڪ (۱) نيما ترجما نگار- لڇمڻ ساٿي (۲) پرديسي مهمان ترجما نگار- نوتن گوپلاڻي (۳) حسن، ترجما نگار - هيمراج ٻيو مجموعو- بادل ۽ ڪرڻا- راڻي پبليڪيشن ممبئي طرفان- ۱۹۵۷ع ۾ ڇپايو ويو.
جنهن ۾ (۱) بادل ۽ ڪرڻا، (۲) انتقام، (۳) ڪابولي والا ڪهاڻيون شامل آهن. ٽنهي ڪهاڻين جو ترجمي-نگار آهي؛ بهاري لال.
ڪهاڻي پبليڪيشن ممبئي طرفان ۱۹۶۱ع ۾ ٽي ناريون ڪتاب ڇپيو (۱) پوسٽ ماسٽر، (۲) سماپتي، ۽ ٽئين (۳) ڪهاڻي مڻين جو موهه شامل، آهي جنهن جو ترجما نگار- جڳت آڏواڻي آهي.
چوٿون ڪتاب- استري پرش عنوان تحت ڪهاڻي پبليڪيشن طرفان ۱۹۶۱ع ۾ پڌرو ڪيو ويو جنهن ۾ جڳت آڏواڻي طرفان ترجمو ڪيل پنج ڪهاڻيون شامل ڪيو ويون آهن (۱) پٺاڻ، (۲) ڪهاڻيڪار، (۳) پنر ورتي، (۴) ور ملها ۽ پنجين ڪهاڻي (۵) آهي مهمان.
ربيندر ناٿ جي سئو سال جنم شتابديءَ جي موقعي تي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان اُردو سنڌي ۽ ٻين علائقائي ڀاشائن ۾ ٽئگور جو ساهتيه ڇپايو ويو، جنهن ڪڙيءَ ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان ۱۹۶۳ع ۾ ربيندرناٿ جون ڪهاڻيون ڇپايون ويون. ان ۾ ۶۱ ڪهاڻيون شامل آهن ترجمان آهي فتحچند واسواڻي. مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان ئي اردو ۽ ايڪيس ڪهاڻيان عنوان تحت ڇپايون، جنهن ۾ پهريون ڪهاڻي پوسٽ ماسٽر- عنوان واري آهي. پهرين ايڊيشن ۱۹۶۲ع ۽ ٻيو ايڊيشن ۱۹۸۱ع ۾ پوسٽ ماستر- عنوان واري ڪهاڻيءَ جو جڳت آڏواڻيءَ ترجمو ڪيو آهي، ٽئگور جي ساهتيه کي انگريزي ۽ هندي ۾ ترجمي ذريعي ٻين علائقائي ڀاشائن جي پاٺڪن تائين ادب کي پهچائڻ جي سُٺي ڪوشش ڪيل آهي، جڳت آڏواڻي ۱۹۶۱ع سئو (۱۰۰) سالن جي موقعي تي ٽئگور جون ڪهاڻيون- پوسٽ ماستر- سماپتي- مڻين جو موهه آنديون. انهن ڪهاڻين تي ستيه جيت ري- بنگالي ۾ تين ڪنيائين فلم به ٺاهي، ۱۹۶۳ع ۾ فتح چندواسواڻي ربيندر ناٿ جون ايڪويهه ڪهاڻيون آنديون.
سنڌيءَ ۾ جڳت آڏواڻي جي ترجمو ڪيل پوسٽ ماسٽر ڪهاڻيءَ جو ذڪر ڪرڻ چاهينديس. رواجي موضوع کي کڻي ڪري ڪهاڻيءَ جي پلاٽ جي گهڙت اهڙي فني ڪاريگري سان ڪئي آهي جو ان ڪهاڻيءَ جي اناٿ ڇوڪري رتن سان همدردي پيدا ٿئي ٿي ۽ رتن جا ناٿ آهي، سا ڪهاڻيءَ جو سگهارو مرڪزي ڪردار بڻجي پوي ٿي. ڪلڪتي جي شهري بابوءَ جي ڳوٺ ۾ بدلي ٿئي ٿي هو ڪجهه عرصي لاءِ ته ڳوٺ جي قدرتي منظرن کان متاثر ٿئي ٿو پر پوءِ هو ڪلڪتي بدلي ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو. ان پوسٽ ماسٽر وٽ هڪ يتيم نينگر ڪم ڪندي آهي جيڪا دل و جان سان هن جي سيوا ڪري ٿي نه صرف ايترو پر ٻارهن تيرن سالن جي رتن نينگري بيماري جي حالت ۾ ماءُ جيان پر گهور لهي ٿي، جڏهن هو واپس وڃي ٿو ته هوءَ ان انتظار ۾ رهي ٿي ته مونکي ساڻ وٺي هلندو پر نه پوسٽ ماسٽر هنکي ڪجهه رقم ڏيڻ چاهي ٿو جنهن کان هوءَ وٺڻ کان انڪار ڪري تي. ان نينگر جي اڀيلاشا ۽ شهري بابوءَ جو چند رپين ذريعي احسان چڪائڻ ۽ رتن جو انڪار هن کي ششدر ڪري ٿو ۽ گهري ويدنا محسوس ڪرڻ لڳو. پوسٽ ماسٽر ڪهاڻيءَ ۾ رتن جي جذبن کي هن طرح اظهاريو آهي، ناري جي جيون کي ڪير سمجهي:
رتن هن مالڪ وٽان انيڪ بي عزتيون چپ چاپ برداشت ڪيون هيون، مگر اڄ جي اها سنيهه ڀري ۽ مڌر ڳالهه هوءَ سهي نه سگهي. هوءَ اوچتو سڏڪا ڀري روئڻ لڳي اڳتي رتن هن جا پيرپڪڙي چيو. بابو جي، توهانکي پيرين ٿي پوان، مونکي ڪجهه به نه ڏيو- توهان جا پير ٿي پڪڙيان! منهنجي چنتا ڪرڻ جي ڪنهن کي ضرورت نه آهي ان ڪهاڻيءَ ۾ ڳوٺ جي منظر ڪشي به سهڻي نموني ڪئي وئي آهي.
ربيندر ناٿ جون آکاڻيون ۱۹۲۶ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيون، جنهن جو ترجمان گرڌاري ڪرپلاڻي آهي اُن گهر جي ڇڪ عنوان تحت سنڌيءَ ٽئگور جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو ڪيو آهي جنهن ڪهاڻي ۾ چوڏهن سالن جي ٻار طرفان هوم سڪ ٿيڻ تي پريشان ٿيڻ وارو موضوع آهي. ساڳي ئي ڪهاڻي وليرام ولڀ- موڪل عنوان سان ڪئي آهي. ڪرپلاڻي ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جا نالا سنڌي ۾ لکي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هُڳاءُ ۽ ماحول ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي طرف وليرام ولڀ سنڌي محاورن ۽ نج سنڌي لفظن جو استعمال ڪري ڪهاڻيءَ جو ترجمو ڪيو آهي، سنڌ ۾ وليرام ولڀ چڱو خاصو پورهيو ڪيو آهي، سندس ترجمي ڪيل ڪهاڻي جي چند جملن تي نظر وجهڻ به ضروري آهي جهڙوڪ مڙسي ڏسي هيسجي ويا، ماءُ کان وڇڙيل گابي جيان ٻاڪارڻ، حال تي هردم پشيمان، اهڙا گهڻا ئي جملا ترجمو نه لڳي بلڪه اوريجنل ۽ سنڌي ۾ تخليق ڪيل رچنا پئي لڳي، ته ٻئي طرف هن ڪردارن ۽ جاين جا نالا بنگالي وارا ئي رکيا آهن. وشنبر بابو ڪلڪتي جي شهري زندگيءَ جو ساڳيو بيان ڪيو آهي ته ڪرپلاڻي وري گهر جي ڇڪ ڪهاڻيءَ وارو موضوع ته اُهو ئي رکيو آهي پر نالن ۾ بدلاءُ ڪيو آهي. جهڙوڪ چوهڙ، دولت ٿانو مل وغيره ۽ ڪراچي شهر ڪياماڙي وغيره، ان ڪهاڻيءَ ۾ تيرهن چوڏهن سالن جي عمر واري نينگر جي ڳالهين تي ڪن نه ڏيڻ يا ڪنهن به ڳالهه کي سنجيده نه وٺڻ جي حالت ۾ هن جو دشوارين مان گذرڻ، هو محسوس ڪري ٿو ته هو مس فٽ آهي، گهر کان ٻاهر رهي هوم سڪ محسوس ڪرڻ واري پيڙا جو دل ۾ درد جاڳائيندڙ منظر چٽيو آهي.
چوڏهن ورهين جي نينگري جهڙي هن دنيا ۾ ٻي ڪا مصيبت ڪانهي، ۽ جي نه ڪاسنهن ئي هوندي آهي، ۽ نه ڪا ڪم ڪرڻ جي لائق، دل ۾ نه پيار هوندو آهي، نه ان جي ڏک سک جو چاههُ، سندس مُنهن ۾ آڌو گابڙي ٻاتڙي ٻاراڻي ٻولي، ڳالهائڻ ۾ شامل رهندي آهي، ۽ جيڪڏهن صاف صاف پڪيون ڳالهيون چوي ته عمر چڙهيل ٻڍي وانگر سمجهڻ ۾ اينديون.
اڳتي ان عمر جي دشوارين کي چٽيندي فرمايو ويو آهي. سندس ٻالڪپڻ جي چلولائي ۽ گلي جو ميٺاج هميشه لاءِ ويندو رهي ٿو.
ان طرح جي ڪئي دشوارين جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر سڀ کان وڌيڪ گهر کان پري هن عمر ۾ مامي ماميءَ جي گهر پنهنجي گهر ۽ ماءُ کان پري رهڻ زندگيءَ لاءِ عذاب بڻجي پون ٿيون.
اهو به سوال اُٿي ٿو ته ڇا ٽئگور جي ساهتيه يا ڪهاڻين جو سنڌي ادب يا اديبن تي ڪيترو اثر پيو، ان سلسلي ۾ چونديس ته شانتينڪيتن سان جڙيل سنڌ جي شاگرد ۽ شاگردياڻين تي برابر اثر ٿيو. جنهن ۾ خاص طور تي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ ڪرشن کٽواڻيءَ جا نالا هڪ دم ذهن تي تري اچن ٿا. ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪهاڻين ۽ ناول جي ڪردارن تي اهو رنگ نظر ايندو. ورهاڱي بعد حالتن ۽ زندگيءَ جيڪو موڙ اختيار ڪيو تنهن ساهتيه جي رنگ روپ ۽ وهڪري جي ڌارا کي ڪئي موڙ ڏنا، ڪئي مسئلا ۽ موضوع اُڀري آيا سڃاڻپ جو سنڪٽ روزي روٽي، پاڙن کان پٽجڻ تي پنهنجي وجود ۽ ٻوليءَ کي بچائڻ جي جدوجهد، روسي انقلاب ۽ ادبي ڌارائن طرف ڇڪجڻ وغيره، ترقي پسند، روماني دور، ماڊرن ۽ پوسٽ ماڊرن وغيره دورن جا اثر رهيا آهن.
زندهه و مُردهه ڪهاڻيءَ ۾ سماجي پهلو، وهم وسوسا، ڀرم زال ذات جي شڪي سُڀاءُ مردن جي فطرت ڪئي رنگ اُڀري اڳيان اچن ٿا. ٽئگور جي هيءَ ڪهاڻي نه صرف دل کي ڇهي ٿي پر تصور ڪري سيسراٽ به پون ٿا. ڪادمبني نالي وڌوا جنهن کي آل اولاد ڪونه هو، اُن جو موهه ۽ ممتا ڏير جي پُٽ سان ايترو ته جڙي ٿو وڃي جو هو زندگيءَ جي پريشانين جي پرواهه نه ٿي ڪري. هڪ ڏينهن دل جي دڙڪن رُڪجي وڃڻ تي هوءَ فوت ٿي وڃي ٿي. مساڻن ۾ ڪانڌي هن کي کڻي ٿا وڃن اُها ساوڻ جي رات هئي مينهن ۽ اُنداهي، هوائن جاگهوگهاٽ ۽ مساڻن جو ماحول ڪانڌين کي خوفزده ڪري ٿو. مٿان اگني سنسڪار لاءِ ڪاٺيون به نه ٿيون ملن ٻه ڪانڌي بهانو ڪري نڪري ٿا وڃن ٻه ٻيا به خوف وچان ڀاڄ کائين ٿا، ان وچ ۾ ڪادمبني جي دل جي دڙڪن ڪجهه وقت لاءِ جيڪا بند ٿي اُها وري معمول تي اچي وڃي ٿي هوءَ اُتان گهر واپس نه ٿي وڃي بلڪ پنهنجي جهوني ساهيڙيءَ جي گهر ٿي. هنکي پناهه ملي ٿي پر هو خوف وچان پنهنجي سائي کان به ڊڄي ٿي. سندس ساهڙيءَ جي مُڙس جي هن سان همدردي تي، سندس ساهيڙي پنهنجي مُڙس تي گمان ڪرڻ لڳي ٿي. ان وچ ۾ هوڪادمبني جي ساهرن وٽ وڃي هن جي باري ۾ پتو ڪري ٿو، جنهن کي ٻڌايو ويو ته هو ڪڏهن ڪو مري چڪي آهي. جڏهن هو اها ڳالهه پنهنجي زال سان ڪري ٿو ته ڪادمبني ٻڌي ٿي وٺي ته هو زنده هوندي به مئل آهي، وري واپس وڃي ٿي سندس ڪو يقين نه ٿو ڪري ته هوءَ زنده آهي ڀوت ڀوت ڪري سڀ هن کان پري ٿا ڀڄن، هو پنهنجي زنده هئڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ دانهون ڪري ور ور ڪري چوي ٿي مان مئي نه آهيان مان مئي نه آهيان. پنهنجو مٿو ڦاڙي پاڻ کي رتو رت ڪري ٿي ته هوءَ هڏ ماس جو پتلو آهي زنده آهي ڏسو منهنجي مٿي مان خون وهي رهيو آهي. پر ڪو يقين نه ٿو ڪري. هوءَ دانهون ڪندي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي ٿي. هن مري ڪري ثابت ڪيو ته هوءَ مئي نه آهي.
اڄ به ڪن مريضن جي دل جي دڙڪن بند ٿيڻ تي مئل قرار ڏنو وڃي ٿو، بعد ۾ مردي ۾ چرپر ٿيڻ تي هُل هنگامو ٿئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي اُڻت، ٽريٽمينٽ، ڪردار نگاري، انساني فطرت، وهم ۽ ڀرمن جو چٽُ شاندار چٽيو آهي، خاص طور تي ڪادمبنيءَ جو پنهنجو پاڻ کان خوف کائڻ ۽ پنهنجي سائي کان به ڏڪڻ وارو درشنيه دل کي جنجهوڙي ڇڏي ٿو.
ڪابلي والا ٽئگور جي بهترين ڪهاڻي آهي. پر سزا عنوان واري ڪهاڻي رشتن جي ڇڪتاڻ، غربت ۽ ٻين ڪيترن مسئلن کي پيش ڪيو آهي. دل کي ڇهندڙ لاجواب ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي زال کي خون جو الزام پاڻ تي کڻڻ لاءِ جيون ساٿي چوي ٿو. عورت کي صدقي جي ٻڪري بڻائي ڏيکاريو ويو آهي.
مقالي لکندڙ ۽ هڪ پاٺڪ طور ٽئگور جون ڪهاڻيون دل و دماغ تي ڪئي تاثر ڇڏين ٿيون. حالانڪ مقالي لکڻ دوران ۽ انهن جي مطالعي ڪرڻ سان ڪي مُشاهدا ۽ ويچار من ۾ اُڀرن ٿا. جي پيپر لکڻ دوران محسوس ڪيا ۽ اهو به محسوس ڪيو ته ٽئگور جون ڪهاڻيون جيترو اڳ رليئونٽ هيون، سي اڄ جي دور ۾ به اُوتريون ئي وابستگي رکندڙ آهن. اڄ به جيون جي انيڪ رنگ سان سنواريل ۽ سماجي مسئلن تي کريون ثابت ٿين ٿيون. جو بنگال جون حدون پار ڪري اسان جي ساهتيه ۾ اچي جاءِ جُڙي. ڪهاڻين جو موضوع ڌاريا نه ٿا لڳن. ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر ان جي موضوعن جي هڪجهڙائي ڪري به پيو. ڏيراڻين وچ ۾ ٻٽيڪو، گهر جي گهپي ڪلڪل، نوجوان زال تي مُڙس جو شڪ ڪرڻ يا وري زال جو پنهنجي مُڙس جي بيرخيءَ تي ناجائز رشتن هئڻ جو شڪ، هڪ زال ئي ته ٻي ملندي، ڀائرن جو پيار، شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي، زمينداري ۽ جاگيرداري نظام جا غربت تي وار، هاري ناري، پورهيت جو استحصال، پوليس طرفان پورهيت کان بيگار پورهيو ڪرائڻ، وياج خور جو وياج تي وياج چاڙهڻڻ ۽ قرضدار جو جيئڻ جنجال ڪرڻ وارا ڪردار، ڪي اوپرا نه آهن مونکي ته پنهنجي ڳوٺ جي هڪ واڻئي نانوءَ جو ڪردار اکين آڏو اچي ويو. نازڪ جنس جو گهر جي چار ديواري اندر گهر ڪٽنب سنڀالڻ يا ڪپڙو لٽو زيور پهريو، پر خواهشن ۽ خوابن تي منڌيئڙو، حالانڪه هند ۾ سنڌين جي زمينداري جاگيرداري نظام جي نه رهڻ کانپوءِ، هند ۾ سنڌي ادب ۾ ان موضوع جو نه هئڻ يا مدي خارج بڻجي ويو آهي، پر سنڌ جي سنڌي ادب يا ڀارت جي ڪن ڏورانهن علائقن ۾ ٻين ٻولين جي ساهتيه ۾ هارين جو استحصال يا غيرت جي نو تي عورت جي جان جو بک ۽ قتل و غارت اڄ به جاري آهي. مقالي لکڻ دوران حالانڪه اهو ويچار به ذهن ۾ اُڀريو ته گجراتي، ڪڇي يا وري مراٺي جا ڪي لفظ سنڌيءَ سان ملندڙ جلجندڙ آهن خاص طور ڪڇي ڀاشا جا پر بنگالي ڀاشا جي ان طرح نزديڪي نه آهي تنهن هوندي به ٽئگور جي ڪهاڻين جي موضوعن جي هڪجهڙائي ڪري سنڌي ادب ۾ ان پنهنجي سٺي جاءِ جوڙي، ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر بخوبي نظر اچي ٿو.
ٽئگور جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي به گهر گهلائي نظر نه ٿي اچي، حقيقت نگاري پسڻ وٽان ملندي. جن ڪردارن جو ذڪر اچي ٿو تن جي شخصيت اُڀري اکين آڏو تري اچي ٿي. قد بت، روپ رنگ، نقش ائين چٽيا ويا آهن، ڄڻ ته ساکيات سامهون نظر اچن ٿا. جا هن عظيم ڪهاڻيڪار جي فني صلاحيتن ۽ تخليقي شعور جو نادر نمونو آهي. هو پرڪتي جي قريب نظر اچي ٿو. سانوڻي مينهن، ٻيڙين، ڳوٺاڻن منظرن ۽ قدرت جي حسين منظرن ۽ ڪائنات جو ذڪر ڪافي ملي ٿو. ڏات ڌڻي پنهنجي اردگرد جي ماحول ۽ اُتي جي تهذيب تمدن، ريتن رسمن، انساني فطرت ۽ وڻ ٽڻ ۽ حسين منظرن کي نه صرف خود ماڻيو آهي پر پنهنجي ادب ذريعي عام تائين به اُنکي پهچايو آهي. هن ڪچو مال پنهنجي سرزمين تان ئي حاصل ڪيو جو ڳپل حصو هن ڳوٺن ۾ به گذاريو حساس دل جن منظرن کي جهٽيو ۽ پنهنجي قلم ۽ فني صلاحيتن ذريعي اُجاگر ڪيو آهي. ٽئگور جا ڪردار سماج مان ئي کنيل آهن اُهي اوپرا نه ٿا لڳن. اهوئي سبب اهي جو ٽئگور کي بي انداز مقبوليت حاصل تي ۽ اڄ به پنهنجو عروج قائم رکيو آهي. وڏي ڳالهه ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پهرين هند چاهي سنڌ ۾ ڪٽمبي مسئلا، يا سنسا، ڀوت پريت، وهم گمان ۽ جنات ڪٽمبي جهيڙا جهٽا، بک، ڏک ڏو لا، قرباني جو جذبو ان طرح جا قصا ڪهاڻيون اڳ ۾ ئي مروج هئا. انهن گوناگون ڪردارن يا سماجي رنگن کي پنهنجي سوچ، عملي شعور ۽ سان چٽيو آهي. ڪردار جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا. اُهي اوپرا نه ٿا لڳن. پنهنجي ادب ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي آهي. وڏي ڳالهه سماجي اقتصادي، جاگرافيائي، تاريخي حقيقتون به بخوبي عيان ڪيون آهن.
ويجهڙائي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هڪ چئنل تي ڪن دانشورن طرفان ٽئگور جي ساهتيه ۽ جيون تي بحث تي رهيو هو، اُن دوران اهو چيو ويو ته ٽئگور جي باري ۾ ايندڙ پيڙهي تائين پيغام پهچائڻ جي ضرورت آهي. اڄ حالت اها آهي جو انگريزيءَ جي ناول نگار چيتن ڀڳت ۽ ٿري ائڊيٽ جي ليکڪ جي باري ۾ فيس بڪ تي نوجوانن جا سوال ۽ پيغام وڌيڪ هئا بنسبت ٽئگور جي.
ڪو وقت ايندو جو نارائڻ شيام جهڙي تخليقڪار لاءِ ايندڙ پيڙهي شايد اهو سوال ڪري ته نارائڻ شيام ڪير هو؟ وقت جي تقاضا آهي ته ادبي ادارن ۽ اديبن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته نئين نسل کي ان طرف مائل ڪن، ۽ انهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪن.
سندم هوت هلي آءُ
ٽڙي آهه رتن جوت نه ڳڻ ڳوت، هلي آءُ
سندم هوت هلي آءُ

هلي آءُ نوان ڏينهن، نوان نينهن هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، پيا مينهن ڀنا ڏينهن، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ

ڏسي آس سندم پياس، اَچي اوت، هلي آءُ
سندم هوت هلي آءُ
محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت، هلي آءُ ـــ
سندم هوت هلي آءُ
(ڀونر ڀري آڪاس ص ۵۲ ــ ۵۱)
هي گيت آهي يا ڪو جادو، لفظ آهن يا وڏ ڦڙي جي برسات ــ هي لئي ۽ ترنم، هي باترتيب لفظن جون قطارون، هي لفظي ورجاءَ جو وهڪرو، هي سٽن جي سَرلتا، هي قافيه پيمائي جو ڪمال، سچ ته هي بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ چيل اهڙو نغمو آهي، جيڪو سڌو دل تي اثر ڪري ٿو. هن گيت جي تخيلي اڇل ۽ تخليقي وجدان هڪ پاسي پر هن جي لفظن مان اڀرندڙ سُر ۽ موسيقي ئي في الحال مدهوشي طاري ڪندڙ آهي. ”هلي آءُ، هلي آءُ“ جو لفظي ورجاءَ ڪنهن پراڻي پپر ۾ ٻڌل پينگهه ۾ جھولڻ جو لطف ڏئي ٿو. قمر شهباز پنهنجي مضمون ”اياز لفظن جو جادوگر“ ۾ لکي ٿو ته ”اياز کي پڙهندي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته ”ورجاءَ“ واري عمل مان هو وجد واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي. لفظن کي سٽن ۾ وري وري دهرائڻ سان، جيڪو مانڊاڻ مچي ٿو، سو انسان جي بنيادي جبلت (Instinct) يعني ناچ لاءِ هٿ پير، اکيون ۽ آڱريون بي ساخته موڙڻ، مٽڪائڻ ۽ مچلائڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.“

تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ

هي هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ
هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ
هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ
هي نينهن ڀريا ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ........
(ڀونر ڀري آڪاس ص ۹۰)
”اياز جا گيت رس ڀري ٻوليءَ، لهجي جي تاثير، نازڪ خياليءَ، پيشڪش جي ڳنڀيرتا ۽ ويچارن جي گھرائيءَ سان پچي راس ٿيل آهن. جنهن ۾ وڻ ۾ پڪل ميوي جهڙو مٺاس ۽ هڳاءُ آهي. هن جي گيتن ۾ ترنم، رواني ۽ غنائيت آهي..... اياز جو گيت پڙهي اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اهو غير روايتي ترنم ۾ ڳوهيل آهي، جنهن کي سکيا، علم ۽ تجربي سان حاصل ڪري نه ٿو سگھجي، بلڪه اهو ترنم فقط شاعريءَ جي روح ۾ روانيءَ هجڻ سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو.“ اياز جي گيتن جي جادو بياني، لطيف انداز، هم آواز لفظن مان پيدا ٿيندڙ سُر ۽ انهن جي اندروني موسيقي، سنڌي موزون شاعريءَ جو هڪ معجزو آهن. هن جا انيڪ گيت انهيءَ رمزيت ۽ غنائيت سان ٽمٽار آهن.
روئڻ سان رهن ها جي سُپرين
مان نيڻين نير نه روڪيان ها

مان ڳوڙها ڳاڙي ڳايان ها،
مان وک وک وار وڇايان ها،
وَرُ واريان ها، گھر گھوريان ها
مان سهسين سانگ رچايان ها
روئڻ سان رهن ها جي سُپرين
مان نيڻين نير نه روڪيان ها
(وڄون وسڻ آئيون ص ۵۳)
ـــــــــــــــــــــ
وهندي رهندي، وهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو ــ
سون ورنُ سنڌو
ويرون اينديون، ويرون وينديون
آلڙَ ۾ به اسهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو
(ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري ص ۳۱۱)
ــــــــــــــــ
جان جان جيان آنءُ
تان تان تنهنجو نانءُ
مون کان مور نه وسري
(لڙيو سج لڪن ۾ ص ۴۳)
ـــــــــــــــ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ

توکي رستا روڪِن ٿا
ٽاڻي ٽاڻي ٽوڪِن ٿا
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
(چنڊ چنبيليءَ ول ص ۱۱۲)
مٿيان گيت نه رڳو پنهنجي سٽاءَ جي اعتبار کان مختلف ۽ منفرد آهن، پر سُرن جو هڪ جداگانه احساس ڏياريندڙ به آهن. پهرين گيت ۾ ”ڳوڙها ڳاڙي ڳايان“ ۽  ”وک وک وار وڇايان“ لفظن مان تجنيسِ حرفي جي خوبي اڀري گيت ۾ رڌم پيدا ڪري ٿي. ٻئي گيت ۾ ”وهندي رهندي، وهندي رهندي“ ۽ ”ويرون اينديون، ويرون وينديون“ جا لفظ پنهنجي اندر ساز ۽ آواز جو جادو رکن ٿا. ٽين گيت ۾ ”جان، جان“ ۽ ”تان تان“ جا لفظ پڻ ساڳي خوبي رکندڙ آهن. جڏهن ته چوٿين گيت جي لفظي ورجاءَ مان هڪ انوکي لَئي ۽ تال اڀري ٿي. شيخ اياز جا اڪثر گيت اهڙي سُر، ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن، جيڪي روح کي ڪيف ۽ سرور بخشين ٿا.
لوڪ رس جي حوالي سان اياز جي ”گيت پرولي“ سُر ۽ آهنگ جو هڪ انوکو مثال آهي. ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ۾ اياز جا لوڪ گيت ”لمڪيان ڙي لو“، ”سانوڻ ـــ ٽيج“، ”مڻيارُ“ ۽ ”ڪرهو“ يا ”ڇيڄ“، ”همرچو“ ۽ ”لوليون“ نج سنڌي ٻوليءَ جي هڳاءَ، نرم لهجي، نفيس احساسن، ثقافتي سونهن ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهن. شيخ اياز جي گيتن لاءِ رسول بخش پليجي جي اها راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي ته ”سندس (اياز جا) گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن.“

(ليکڪا سنڌ ڄائي آهي، هينئر نيو دهلي ۾ رهي ٿي. هي مضمون خاص تخليقڪار، روزاني عبرت لاءِ اي ميل ڪيو اٿائين: انچارج)

No comments:

Post a Comment