Tuesday, January 31, 2012

اي ڪاش! اهو مان ڄاڻان ها - اڪبر لغاري


اي ڪاش! اهو مان ڄاڻان ها
اڪبر لغاري
هوءَ منهنجي زندگي ۾ ان وقت آئي جڏهن آئون انتهائي غريب ۽ بيروزگار نوجوان هئس. هڪ رات پنهنجي نيم روشن ڪچي ڪمري جي فرش تي سُمهي پنهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچي رهيو هوس ته اوچتو منهنجي ڪنن تي پايل جي جهنڪار جو آواز پيو ۽ ٻئي لمحي ’هوءَ‘ منهنجي سامهون هئي. آءٌ هن کي ڏسي بيحد حيران ٿيس. خبر نه آهي ته هوءَ حسين هئي يا نه پر هن ۾ بي پناهه ڪشش هئي. سندس وجود مان هڪ اڻڄاتل مهڪ اچي رهي هئي. کيس اهڙو لباس پاتل هو، جنهن تي ڪيترا ئي هيرا ۽ موتي جڙيل هئا. سندس ٺاهه ٺوهه ۽ چمتڪار کي ڏسي منهنجون اکيون خيره ٿي رهيون هيون.
”ڪير آهين تون؟“ حيرت مان پڇيم.

Sunday, January 22, 2012

ويا ويراڳي ڇڏي هي ديار - شگفته جبين


ويا ويراڳي ڇڏي هي ديار
شگفته جبين
شايد جيءُ ۾ ڪنهن جو جوڳ ورتل هيس يا ٿي سگهي ٿو ته ڪو روڳ روح کي بار بار ريڙهيندو هجيس، عجيب بي ڪلي بي قراري اندر ۾ سمايل هيس ........ ڪڏهن ڪيف و مستي ۾ ڀنل ته ڪڏهن اجنبي اوپرو انداز ته ڪڏهن وري حيرتن ۾ ورتل عجيب عبرت ۾ وجهندڙ ڇوڪري هئي ...... مان گذريل پنجن مهينن کان هُن کي سُڃاڻان ٿو صرف ڳالهائڻ جي حد تائين ...... پر اڄ ڏينهن تائين هُن کي سمجهي ناهيان سگهيو. اسان ٻنهي جي درميان ڪجهه به هڪجهڙو ناهي سوچ ..... سمجهه ...... احساس ۾ ورتل جذبا..... پيار .... ڌڪار يا وري اسان ٻنهي جي وچ ۾ حائل عمر جو وڏو فاصلو ڪجهه به ته هڪ جهڙو ناهي ....... اويل سويل آڌي مانجهي وقت جي ورهايل ساعتن سان هُن کي ڪوبه سروڪار نه هو ۽ مان وقت جي هر لمحي ۾ ورهايل ماروي ميڊيڪل سينٽر جو معروف ۽ مصروف ڊاڪٽر هيس.....
اسان هڪ ٻي کي ڪڏهن به ناهي ڏٺو بس آواز جي فريڪوئنسي اسان جي اندر جا پنڌ ماپيندي رهندي آهي.

Sunday, January 15, 2012

گيٽ آئوٽ....! مقصود گل


ڪالم ڪهاڻي
گيٽ آئوٽ....!
مقصود گل
سيٺ صاحب! ”اڄ مون کي 500 رپيا اڌارا گهرجن، پوءِ منهنجي حساب مان ڪٽيندا وڃجو“.
رستم، هٻڪندي هٻڪندي، هوٽل جي مالڪ کي دل جي منشا ٻڌائي.
”پر تو ڏي ته اڳ ۾ به پئسا بيٺل آهن“
سيٺ ترش لهجي ۾ چيو.
ها سيٺ! پر سخت ضرورت آهي. مون کي نوڪريءَ جي لاءِ فارم ڀرڻو آهي.
۽ فارم 500 روپين جي چالان جمع ڪرائڻ سان ملندو ۽ سڀاڻي ان جي آخري تاريخ آهي.
رستم، سيٺ کي هڪ ساهيءَ ۾ پنهنجي ضرورت ٻڌائي ۽ نماڻيون اکيون ڪري سيٺ جي چهري کي ڏسڻ لڳو.

قطار - زاهد منگي


قطار
زاهد منگي
جيئن ئي سج اڀريو ته بئنڪ جي مک دروازي وٽ آهستي آهستي عورتون گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويون. ڏسندي ئي ڏسندي عورتن جو هڪ وڏو انگ بئنڪ جي اڳيان گڏ ٿي ويو، ڄڻ ڪو ميلو هجي. اوچتو بئنڪ مان هڪ ملازم نڪتو جنهن اچي وڏي آواز ۾ رڙ ڪئي:
”سڀ قطار ٺاهي بيهو، واري واري سان سڀني کي پئسا ملندا.“

وڏا ماڻهو - آزاد جتوئي


وڏا ماڻهو
آزاد جتوئي
ايلفي روڊ جي پاسي هوٽل وٽ بيٺل ٻن پتڪڙن ڇوڪرن مان هڪ جيڪو قد جو بندرو پر اکين ۾ شرارت ڀريل هئس چيو : ”ابو هي بازار منهنجي اٿئي“، ابوءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي اکين ۾ شور ۽ نڪ ۾ سونڊ وجهي چيائينسن اڙي پڻهي جي آهي بازار، هي بازار آهي سرڪار جي!!“ بندري ڇوڪري اهي لفظ ٻڌي چوڻ وارو هو ته هڪڙي ڪار سندس اڳيان اچي بيهي رهي ٻئي چوڪس ٿي ويا. پنهنجي ڌنڌي ۾ مهارت وارا گر ڪار ۾ سيٽ تي استعمال ڪرڻ لاءِ ٻئي ڄڻا وڌيا ٻنهي جو ٻوٿ ڀيلو هو. هڪڙي چيو: ”سيٺ صاحب الله ٻچڙا ڏيندئي، ٻئي چيو ته الله زال ڏيندئي

محرومي - اختر حفيظ


محرومي
اختر حفيظ
ماستر عليم پنهنجي مطالعي واري ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو. سندس ڪمري ۾ ڪتاب ترتيب سان رکيل هئا ۽ هيستائين هزارين ڪتاب پڙهي چڪو هو. هن سڄي ڄمار اڪيلائيءَ ۾ گذاري هئي. هن جي دوستي  ڪمري ۾ موجود ڪتابن ۽ انهن ٻارڙن سان هئي، جيڪي سندس پاڙي ۾ رهندا هئا. سندس ڪافي سال ٻارڙن کي اسڪول ۾ پڙهائيندي گذريا ۽ هاڻي پيري سندس جسم تي تڪڙيون وکون کڻي گذري رهي هئي، ڪجهه عرصو اڳ ئي هن اسڪول مان رٽائرمينٽ ورتي هئي کيس جيڪا رقم ملي اها هن هڪ فلاحي اداري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي . سندس گذارو فقط پينشن تي هو جيڪا هن لاءِ ڪافي هئي. هو انهن پئسن مان ٻارڙن لاءِ رانديڪا ۽ شيون وٺندو هو. کيس جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن تي اعتبار هو ته اهي ٻار ئي هئا. هو چوندو هو ته سڄي ڪائنات جو حسن ٻار آهن. ٻارڙن سان ويجهڙائي جو سبب اهو به هو ته کيس ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ جو پيار نه مليو. غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندي سندس مائٽ کيس هن جهان ۾ اڪيلو ڇڏي ويا هئا ۽ هن جو ننڍپڻ خاص ڪري ننڍي چاچي جي گهر ۾ گذريو هو، جتي سندس چاچيءَ جا رويا هن سان چڱا نه رهيا هئا ۽ نه وري هن جي سئوٽن کيس پنهنجو سمجهي جيءَ ۾ جاءِ ڏني هئي. هو ڌڪا ٿاٻا کائيندو نيٺ ماستر ٿي ويو. هن لاءِ سڀ کان وڏي محرومي ماءُ پيءُ جو اهو پيار هو جنهن لاءِ هو اڄ ڏينهن تائين سڪيو پئي.

رنگن جي تمنا - حميد ابڙو


رنگن جي تمنا
حميد ابڙو
صبح جو اسٽال ڏانهن ويندي هُن کي دير ٿي وئي هئي. پنهنجي ساريل واٽ سان وائيٽ اسٽڪ اڳيان اڳيان هڻندو جڏهن بجليءَ جي ٿنڀي وٽ پهتو ته هُن پهرين ٿنڀي جي دڪيءَ تي اسٽڪ هنئي، لوهه وڄايو ۽ پوءِ مُرڪي اڳيان وڌيو.
اهو سندس روز جو معمول آهي. هو جڏهن ٿنڀي وٽ پهچندو آهي ته قدم ڍرا ڪري ٿنڀي کي اسٽڪ هڻي منزل سڻائي هئڻ جي پڪ ڪندو آهي.

رکوالي - وفا صالح راڄپر


رکوالي
وفا صالح راڄپر
ننڍڙي هوٽل جو ڪمرو، يارن جي ڇڙواڳ ٽهڪن سان ايئن پئي گونجيو، ڄڻ سڀ ڀنگ جو ڪونڊو چاڙهي ويٺا هئا، کلي کلي ٻيڻا ٽيڻا پئي ٿيا. جوانيءَ جا ٽهڪ به، جوانيءَ وانگر مست ئي ته هوندا آهن. نه لٿي جي خبر، نه اُڀرئي جي ڳڻتي. مائٽن جي ڪلهن تي، ڍءَ جون پستيون هڻڻ ۽ ٽهڪ ورهائڻ کان سواءِ ٻيو ٽاڪرو به ڪهڙو آهي. اڄ جي جوانڙن کي........!؟ گرمين جي مَنجهد هئي، سو هوٽل جي اندرئين ڪمري ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو. اسان سڀئي گلزار کي ورائي ويٺا هئاسين ۽ ساڻس چرچا ڀُوڳ پئي ڪياسين.

ٽٽل خواب - ممتاز ڪنڀر


ٽٽل خواب
ممتاز ڪنڀر
هُن جيئن ئي اک کولي سندس نظر گهڙيال تي پئي، ساڍا ڇهه ٿيا آهن. او اڃا ته ڪافي ٽائيم پيو آهي آفيس ۾، مقامي سماجي اداري ۾ ملازم صفيه هڪ مڊل ڪلاس خاندان سان تعلق رکي ٿي. رات پنهنجي شادي جا ڪارڊ لکندي شادي کان پوءِ واري زندگي تي سوچيندي کيس الائي ڪيڏي مهل ننڊ اچي چُڪي هئي. سامهون واري ٽيبل تي ڪورا ڪارڊ پيل هئا. هوءَ  بيڊ تان اٿي ڪارڊ کڻي ڏسڻ لڳي، هوءَ سونهن راڻي هئي، وقت جي حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندي هُن پنهنجي پرائي کي پرکيو هو ۽ ڏکين ڏينهن دوران هُن پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ۽ اعتماد ڪندي سُٺو مقام حاصل ڪيو هو.

پل جو ڇانورو - منور سراج


پل جو ڇانورو
منور سراج

ان ڏينهن ٻه حادثا ٿي گذريا.
هڪ حادثو هن جي اندر ۾ ٻيو حادثو شهر ۾ ٿيو.
هن پنهنجي سهيليءَ سان گڏ چوڙيون پئي پسند ڪيون. عيد جو موقعو هو. شهر ۾ تمام گهڻي رش هئي. چوڙي بازار ۾ ته ٻارن، ڇوڪرين ۽ عورتن جي ايڏي پيهه جو تر ڇٽڻ جي جاءِ نه!
هن اڃا چوڙيون ڏٺيون ئي پئي جو اوچتو ٿورو پريان ڌماڪي جو آواز ٿيو. چؤطرف رڙيون پئجي ويون.
”بم ڦاٽو آهي“ هر ڪنهن جي وات هڪ وائي. دڪانن جا شٽر هيٺ ٿي ويا. گهڙي کن ۾ سڄي چوڙي بازار خريدارن کان خالي ٿي وئي. پوئتي رهجي ويا، رڙين، دانهن جا پڙاڏا، ٽٽل اڻ ٽٽل چوڙيون. ٻارن ۽ عورتن جون جتيون، سئنڊل ۽ روا.
انهي افراتفريءَ ۾ هوءَ پنهنجي سهيلي کان ڇڄي وئي. سندس اکين ۾ ڊپ لهي آيو.
”سر بم جو ڌماڪو نه ٿيو آهي.“
پوليس موبائيل جي اڳين سيٽ تي ويٺل، وڏي وات ۽ ننڍڙي منهن واري پوليس آفيسر وائرليس تي ڪنهن اعليٰ آفيسر کي اطلاع ڏيندي چيو.

اونداهه - احسان دانش


اونداهه
احسان دانش

”امان ڏاڍي بک لڳي آ“. ننڍڙي سارنگ جي التجا.
”ها پٽ ٻوڙ پچي ٿو“. ماڻهس جو اداس لهجو.
”منجھند کان اهو ئي ٿي چوين ته ٻوڙ پچي ٿو، هاڻي ته رات ٿي وئي آ!“
ماڻهس رَئي جي ڪنڊ سان آليون اکيون اگھندي خاموش.
”امان........ او امان!“
”....................“
”امان ڇا پچايو اٿئي؟“
”هان......... دال“.

بد نظر - ڪرشن چندر/ شگفته شاهه


بد نظر
 ڪرشن چندر/ شگفته شاهه
هاڻي اها ڳالهه سڀني دوستن تي کُلي وئي هئي ته مهتا چاهي ٿو ته سندس پيءُ جلد کان جلد مري وڃي!
چندر ڪانت مهتا اسان جو دوست به هو ۽ پاڙيسري به. سنهو سيپڪڙو، ڊگهي قدر جو ۽ اڌ عمر جو هڪ دلال، جيڪو مسواڙي گهرن يا اونر شپ فليٽن جي دلالي ڪندو هو ۽ پالِي پارڪ ۾ رهندو هو.

اجازت - وفا صالح راڄپر


اجازت
وفا صالح راڄپر
زاهد جي وڪيل کان پوءِ نصرت جو وڪيل پنهنجي عينڪ جي شيشن کي هٿ جي ننڍڙي رومال سان صاف ڪندي ۽ اکين تي لڳائيندي چوي ٿو؛ جناب اعليٰ! منهنجي مؤڪلا نصرت جو نڪاح زاهد نالي ڪنهن به شخص سان پيل ڪونهي، منهنجي وڪيل دوست منهنجي مؤڪلا مٿان اهو سراسر الزام ۽ نسورو ڪوڙ هڻي رهيو آهي ته نصرت جو زاهد سان نڪاح پيل آهي ۽ هُوءَ نڪاح موجب زاهد جي زال آهي.

احـساس - وفا صالح راڄپر


احـساس
وفا صالح راڄپر
پنڊال ۾ داخل ٿيڻ شرط اسٽيج سيڪريٽري چوڻ لڳي ٿو ته؛ ”هاڻي سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، شاعر، اديب ۽ سماج سڌارڪ رفيق ساگر پنڊال اندر داخل ٿي رهيو آهي، انتظار جون گهڙيون ختم.“
اسٽيج سيڪريٽري پروگرام جو آغاز ڪندي، صدارت لاءِ ڊي سيءَ کي سڏ ڪندي اسٽيج تي ويهاري ٿو. تنهن کان پوءِ خاص مهمان لاءِ جنهن شخصيت کي مٿي اسٽيج تي ويهارڻ لاءِ سڏي ٿو ان لاءِ چوي ٿو ته ”هاڻي آءٌ“ پنهنجي جنهن خاص مهمان کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ سڏ ڪندس، اها شخصيت ڪنهن به تعارف ۽ تعريف جي محتاج ڪونهي، سندس تحريرون اوهان سنڌ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي چڪا آهيو اها قدآوَرَ ۽ مهان شخصيت، سنڌي ٻوليءَ جو انتهائي بهترين، سگهارو ۽ اعليٰ پائي جو ڪهاڻيڪار، اديب، شاعر، نقاد ۽ سماج سڌارڪ رفيق ساگر آهي. رفيق ساگر جي نانءَ کڻڻ سان سڄو پنڊال اُٿي بيهي تاڙيون وڄائڻ لڳي ٿو، ۽ جيستائين هُو اسٽيج تي نٿو پهچي، تيستائين سڀ ماڻهو هن جي آجيان لاءِ بيٺا ئي رهن ٿا ۽ زور شور سان تاڙيون وڄائڻ لڳن ٿا.

املتاس جا زرد گل - شگفته جبين


املتاس جا زرد گل
 شگفته جبين
جيون جادو نگريءَ ۾ زندگي هر روز جيئڻ جا نوان جواز ڳولي، بي حس دنيا جي هن برزخ ۾ بن بن ڀٽڪندي روز هڪ نئون تماشو ڏيکاري ٿي.... ڇا آهي زندگي به؟ پل جو جُهوٽو، جيون جو اَنت ۽ پوءِ ساهه جي تند سميت سڀ ڪجهه فنا ... فنا در فنا، فٽ پاٿ تي املتاس جي وڻ مان ڇڻيل زرد گلن کي پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙجڻ کان بچائڻ لاءِ مان روڊ تي لهي آيس.... سياري جون سرد سُرمئي اداس شامون نه ڄاڻ ڇو منهنجي ذهن جي رهيل سُڌ ٻُڌ به وڃايو ڇڏين.
اَڄ به ته اَٺاويهه نومبر آهي... اها اٺاويهه نومبر.... سالن کان سانڍيل سُور اوچتو اندر ۾ سين هنئين ... ته اڌوري محبتن جي اسيرن کي ڪٿي به پناهه ناهي ملندي.....

ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر - وينا شرنگي


ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر
 وينا شرنگي
ربيندر ناٿ ٽئگور جي سئو پنجاهين جينتي، هر هنڌ ملهائي پئي وڃي، سندس جنم ۷ مئي ۱۸۶۱ع تي ڪلڪتي جي هڪ زميندار خاندان ۾ ٿيو. هو ڪهاڻي-نويس، ناٽڪ-ڪار، چترڪار، تعليمدان، مفڪر ۽ شاعر هو. هن ٻن هزارن کان مٿي گيت لکيا جيڪي ربيندر سنگيت طور دلين تي ڇانئيل آهن. سندس نظمن جو پهريون مجموعو- سنڌيا گيت ۱۸۸۲ع ۾ شايع ٿيو. اڳتي هلي سندس شعري مجموعي، گيتانجلي، تي کيس نوبل انعام سان نوازيو ويو. هن يگ کي ربيندر ناٿ يگ چئي سگهجي ٿو. سندس شخصيت ساهتيه ۽ شانتي نڪيتن جو نانءُ نه صرف هن سنڌ پر سڄي عالم ۾ مشهور رهيو، سندن جيون جا آدرش وشو شانتي جي علامت بڻيا. سندن جيون ستيم شوم سندرم هو، جنهن جي جهلڪ ٽئگور جي ادب مان به جهلڪي ٿي. پوءِ چاهي شاعري، ناول يا وري ڪهاڻيءَ جا ڪردار هجن. جنهن ڪري ئي سندن ساهتيه بنگال جون حدون پار ڪري وشو ۽ پرسد بڻيو. ورهاڱي کان اڳ گرو ربيندر ناٿ ٽئگور جي ساهتيه کان سنڌ جو سڄاڻ طبقو بخوبي واقف هو. سندن ساهتيه تعليم دان طبقي جي دل و دماغ تي امٽ ڇاپ ڇڏي، وليم شيڪسپيئر جا ناٽڪ، ۽ رچنائن ته اڳ ۾ ئي سنڌ ادب ۾ جاءِ جوڙي چڪا هئا، بنگالي ساهتيه جي سنڌ ۾ آمد ۱۹۲۱ع کان به اڳ ٿي چڪي هئي. گروديو ۱۹۲۳ع ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ ربيندر ناٿ لئٽري ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽي طرفان سندن ناٽڪ، چترا، جي منچن جو مهورت ڪيو. ۱۹۲۶ع ۾ شري آتمارام ڪرپلاڻيءَ ٽئگور جي ڪهاڻي. هنگري اسٽون، جو ترجمو ڪيو ته، شري گرڌاري ڪرپلاڻيءَ ۱۹۲۶ع ۾ ئي گروديو جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ڪيو، مشهور معروف ڪهاڻي ڪابلي والا جو ترجمو ڪيو. وري ۱۹۲۷ع ۾ شري گرڌاري ڪرپلاڻيءَ، ربيندرناٿ جون آکاڻيون، اسڪيچس آف ٽئگورس اسٽوريز آنديون. ان طرح سنڌ جي دانشور طبقي گرو ديو ٽئگور جي ساهتيه کي ورهاڱي کان اڳ ئي عام تائين پهچايو. سندن لکڻين کان متاثر ٿي ڪيترن نوجوانن ۾ شانتينڪيتن ۾ تعليم پرائڻ جو شوق جاڳيو.

اسسٽنٽ پروفيسر - رضوان گل


اسسٽنٽ پروفيسر
رضوان گل
نورين پريشان ٿي وئي هئي جڏهن سندس نظر پنهنجي مٿي ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ اڇن وارن تي پئي ھئي. سوچن جي وڻ ويڙهي کيس وڪوڙي ڇڏيو، سندس اکين جي آڏو انڌيرو ڇانئجي ويو، صوفا سيٽ جي ڪنڊ تي ويهندي ئي هڪ هنڌ ڄمي وئي.. سامهون رکيل ڊريسنگ ٽيبل واري قدِ آدم آئيني ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي غور سان ڏٺائين ۽ پنهنجي اکين تي ٻئي هٿ ڏئي ڪنڌ جھڪائي روئڻهارڪي ٿي وئي..

هڪ گُڏيءَ جو زائچو - مظهرالاسلام/ قاضي اياز مهيسر


هڪ گُڏيءَ جو زائچو
مظهرالاسلام/ قاضي اياز مهيسر
ڪالهه رات گُڏين ٺاهڻ واري خودڪشي ڪري ڇڏي، پر ماڻهن کي گهڻيءَ دير کانپوءِ خبر پيئي. اها به ان وقت، جڏهن گُڏين ٺاهڻ واري جو اڪيلو دوست هن سان ملڻ لاءِ آيو ته هن ڏٺو ته گُڏين ٺاهڻ وارو پنهنجي ڪمري جي ڇت سان لٽڪي رهيو هو. رسيءَ جو هڪ سِرو هن جي ڪنڌ جو ڦندو بڻيل هو ۽ ٻيو سِرو پکي جي راڊ سان ٻڌل هو. رسو ايترو ته نئون هو جو يقين ڪري سگهجي پيو ته گڏين ٺاهڻ واري اهو ڪلهه ئي ڪنهن وقت خريد ڪيو هوندو. جتي گڏين ٺاهڻ واري ان اسٽول تي بيهي خودڪشيءَ جي تياري ڪئي هوندي ۽ پنهنجي ڪنڌ ۾ ڦندو وجهي اسٽول کي پير سان ڪيرائي ڇڏيو هوندو. هينئر هن جو ڪنڌ هڪ طرف جهڪي ويو هو ۽ هو ڪنهن اهڙي مسافر وانگر لڳي رهيو هو، جنهن کي ٽرين جي ڊگهي سفر ۾ ننڊ اچي ويئي هجي. هن جي منهن تان سفر جو ٿڪ هاڻي آهستي آهستي ٽٽي رهيو هو ۽ سڪون ڦهلجي رهيو هو. هن جو رنگ به اڇو ٿي ويو هو ۽ هو اڳي کان گهڻو خوبصورت لڳي رهيو هو. جي هن جي ڪا محبوبا هجي ها ته يقين سان ان مهل هن کي هن تي بي اختيار پيار اچي ها، پر ڪمري ۾ صرف گڏيون ئي گڏيون هيون. بي شمار گڏيون، سڀ گڏيون ڊنل ڊنل هيون ۽ هنن جي منهن تي اهڙي پشيماني هئي ڄڻ گڏين ٺاهڻ واري جي خودڪشي جون ذميوار اهي هيون يا ڄڻ هنن خودڪشيءَ جي عمل ۾ گڏين ٺاهڻ واري جي مدد ڪئي هئي. گڏين ٺاهڻ واري جي دوست جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن اڳتي وڌي اسٽول کي سڌو ڪيو ۽ هن کي ڦندي مان هيٺ لاهڻ لاءِ اسٽول تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ڪوشش ۾ هو ڪري پيو ۽ جڏهن هن کي يقين ٿي ويو ته هو اڪيلو هن کي هيٺ لاهي نه سگهندو ته هو تيزيءَ سان ٻاهر ڀڳو ۽ آسپاس جي ماڻهن کي گڏ ڪري وٺي آيو.

لا حاصل - اختر حفيظ


لا حاصل
اختر حفيظ
هن چيو؛ مون تي ڪهاڻي لِکجانءِ!
سوچيان ٿو ته ڪٿان کان شروع ڪريان.....
هن جي اکين کان، جيڪي ڪنهن شاعر جي خواب جهڙيون هيون.
هن جي اسٽرابيريءَ جهڙن چپن کان، جن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته خدا انهن کي فقط چمڻ لاءِ خلقيو آهي.
هن جي کِل کان، جيڪا ڪنهن وهندڙ آبشار جيان لڳندي هئي.
يا هن جي اڻکُٽ ڳالهين کان،
يا وري انهيءَ جي ڇٽي کان، جيڪا برسات هجي يا نه هجي هر وقت هن وٽ هوندي هئي، جنهن تي ڪجهه پوپٽ ٺهيل هوندا هئا ۽ انهن پوپٽن کي ڏسي ائين لڳندو هو، جيڪي رنگ انهن جي پرن تي آهن، محبت جا رنگ به ايترا ئي حَسين هوندا.
هن تي ڇا ڪهاڻي لکان! هوءَ ته پاڻ هڪ هلندڙ ڦرندڙ، کلندڙ مُرڪندڙ ڪهاڻي هئي.

Saturday, January 14, 2012

مون ۾ آهين تون - اصغر لاکو


مون ۾ آهين تون
اصغر لاکو
اڌڙوٽ عمر جي عورت، رنگ سانورو، جسم ماسيرو، ڇاتي گهڻي اڳتي نڪتل، مٿو اگهاڙو ۽ وار، سڻيءَ جي سڳن جيان چڳون چڳون بڻيل، ڏندن تي زور ڏيندي، زوم ڪندي، در جو تاڪ پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ هٿ ۾ جهليل ڏنڊيءَ کي اڇو ڪري، لوڏيندي، ”هيڏي آ ته نينڍي ڪيانءِ مئا!.....“، هن ٻاهر بيٺل ٻار کي غصي مان چيو، ”ڳريا! ڳاٽي ڀڳا! تون چڱو رت ڪيو آ مان کي!......“ ٻار نڪ ۾ ننڍي چيچ کي سانچي ۾ پينسل جيان ڦيرائيندي ۽ دروازي جي سامهون واري ديوار سان پٺي گسائيندو، آهسته آهسته اڳتي وڃي رهيو هو، هو ميسيل هرڻيءَ جيان تمام گهڻو ڊنل هو. خوف مان چپ سُڪي ڇوڏو بڻجي ويا هيس. سندس اکيون ڏاند جي اکين جيان وڏيون ۽ ڦاٽل هيون. ماءُ ڏانهن ڏمريل اکين سان ڏسي رهيو هو. ڄڻ ته کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اها سندس ماءُ آهي يا ڪا ٻي عورت! عورت مون کي ايندو ڏسي، تڪڙ ۾ دروازو ٻيڪڙائي ڇڏيو ۽ پاڻ در جي اندران بيهي، منهنجي وڃڻ جو انتظار ڪندي رهي. دروازو بند ٿي وڃڻ ڪري، ٻارڙو روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ چپ هيٺ لڙڪي پيس. ان وقت سندس چهرو بيوسي ۽ لاچاري جي علامت بڻجي ويو ۽ منهن مان معصوميت جو عرق ڳڙي رهيو هو. هن جي معصوم چهري مون کي متوجهه ڪيو ۽ ڇڪي وٽس آندو. سندس مٽيءَ ڀريل مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي، پڇيم،