Friday, December 9, 2011

مـکـتـي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


مـکـتـي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
مونکي علي خان جي شاديءَ ۾، سندس ڳوٺ پھچڻو هو. جيڪو موري ۽ نوشھري جي وچ تي هو. سڪرنڊ مان ئي سکر جي بس پڪڙيم. موري جي بس پڪڙڻ سان، باقي پنڌ لاءِ موري ۾ خوار ٿيڻو پوي ها. پوئينءَ خواريءَ کان بچڻ لاءِ، ٿروءَ جي سواريءَ کي ترجيح ڏنم. جاءِ ته نه ملي پر ساهه ستو، وقت تي اچي علي خان جي ڳوٺ لٿم. دولت پور تائين بيٺو هئس. ڀر سان ٽن واريءَ سيٽ تان، هڪڙو همراه لٿو. جنھن لھندي، ويھڻ جو اشارو ڪيو. موقعي جو فائدو وٺندي، قبضو ڪرڻ لاءِ، سيٽ تي ڪري پيم.


سيٽ تي ويٺل ٻَئي همراه، پنھنجي ڳالھائڻ ۾ گم هئا. منھنجي ويھڻ جي، کين سرت ئي نه پئي. کاٻي، ٻن واريءَ سيٽ تي ڪاري چاپئين ڏاڙهيءَ سان همراهه ويٺو هئو. کيس ڪارو چشمو لڳل هئو ۽ مٿي تي ڪاون واري ٽوپي پيل هئس. ڊائريءَ نما ڪتاب ۾ گم هئو. سندس ڀر ۾ ويٺل همراه، اڳينءَ سيٽ جي پٺيءَ تي ٽيڪ ڏيو، ڍڪر کائي رهيو هئو. موري تائين سڀڪو ٻوٿ ٻڌيون ويٺو هئو.
بس وارن جي پڇ کي تيلي لڳل هئي. سڪرنڊ کان موري، پنجاه منٽن ۾ پھچي چڪا هئا. جڏهن عام بس ڏيڍ ڪلاڪ وٺندي آهي. اڳ ۾ (Before) پھچڻ ڪري، انجڻ بند ڪري، ٽائيم کائڻ لاءِ، پورو اسٽاف ڀر واريءَ هوٽل ۾ هليو ويو. ان وقفي جو گهورڙين به خوب فائدو ورتو. پوئينءَ گيٽ کان، لانڍ ڪري پئي چڙهيا ۽ اڳينءَ گيٽ کان پئي لٿا.
انھن ۾ ڪو ڪيڪ پيسٽريءَ وارو هئو ته ڪو تِرن ڀڳڙن جي لائيءَ وارو هئو. ڪو شربت وارو هئو ته ڪو بوتلن وارو هئو. چار پنج ته فقط ٿڌي پاڻيءَ وارا چڙهيا. انھن مڙني کان وڌيڪ ته پينو فقير ڪاهي پيا آيا. انھيءَ هنبڙ ڌمبڙ ۾، سامان وارا سيٽون ڇڏي، هيٺ ئي نه لٿا. بيٺلن مان ڪن لھي ٽنگون ساهيون.
نه چاهيندي به هر ڪنھن، اوڦٽو افراتفري برداشت ڪئي پئي. منھنجي ڀر وارو، چاپئين ڏاڙهيءَ وارو همراه، ڏاڍو خفي هئو. شربت وارن جي بالٽين ۽ پاڻيءَ سان ٽٻڪ ٽٻڪ ڪندڙ ڪولرن کان پئي پاسا ڪيائين. پينو فقيرن جي لٺ جي پاسن ۽ ٺڙڪ ٺڙڪ کان به پئي ڇرڪيو. رڳو لٽن بچائڻ ۽ شڪل بڇڙي ڪري مِڻ مِڻ ڪرڻ ۾ پورو هئو. بس جي يڪي بريڪ ڏيڻ ڪري، اسٽاف مان به هلڪيون باهيون پئي ڪڍيائين.
“پيسٽري والي! بابا پيسٽريءَ وارو!” ڇرڪ ڀرائڻ واري انداز ۾ گهورڙئي هوڪو ڏنو.
“اڙي! اترو!” چاپئين ڏاڙهي واري مٿس الر ڪندي چھڙ ڏني. “ڪان هي کا جاتي هو!”
“ڀائي وٺڻيون آهن ته وٺ. ناهن وٺڻيون ته نه وٺ! باقي ٻوٿ ڇو ٿو ڪنو ڪرين؟! مان ڪو زوريءَ توکي ڏيڻ ته نه چڙهيو آهيان. پئسن جي شيءِ آهي، پئسي وارا ئي سخي مڙس وٺي کائيندا! سڃن ۽ ڪنجوسن لاءِ ته اسان به، کاريون مٿي تي ڪو نه ٿا رکيون وتون.”
“بابا! ڀريءَ لاريءَ ۾ فقير کي ڪنھن به هڪ روپيو ڪو نه ڏنو. بابا! ڀريءَ لاريءَ مان فقير هٿين خالي موٽيو ٿو وڃي!” مٿان فقير صدائون هڻندو اچي نڪتو. هڪ هٿ پئسن ۾ هٿيڪو هئس. ٻئي هٿ ۾ لٺ هئس. جنھن سان ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندو، ماڻھن کي پاسا هڻندو، اسان ٻنھي جي وچان لنگهيو.
“هيءُ وري ٻيو!” چاپئين ڏاڙهيءَ واري ھمراھ، بڇڙو ٻوٿ ڪندي چيو: “هڪڙي جزا اڃا لٿي ناهي ته ٻي هچا مٿان بيٺي آهي!”
“بابا! سخين ۽ ڀاڳين جا ڀاڻ سدائين ڀريل هوندا آهن. ڀٽائيءَ سڳوري فرمايو آهي؛ سخي، سرنھن، چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.” جواب ۾ فقير، اهي ڪھاوتون ڪندو اڳينءَ گيٽ وٽ وڃي نڪتو.
“اهي ويرا ئي ويا، جڏهن سرنهن ۽ چڻا ڀيلبا هئا ته ڀلا ٿيندا هئا. تڏهن نارو وهندو هو. زمينون مٿس ٿينديون هيون. ناري جي پوک چئي بس ڪر! هاڻي مال کي ڇڏ ته تيلو به هاريءَ کي هٿ نه اچي. سخاوت به حاتم طائيءَ تي دنگ ٿي. هاڻي سخاوت ناهي ڪرڻ، پر ڏاڙهي پٽائڻي آهي.” اسان جي اڳينءَ سيٽ تي ويٺل ڪرڙوڊ همراهه، فقير جي صدائن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.
“اڳي سخين وٽ ايندا هئا گهرجائو ماڻھو. هاڻي ته آهي هر ڪنھن کي گهرج. اهڙو ڪو دنيا ۾ آهي ئي ڪو نه جنھن کي گهرج نه هجي. هر ڪو ائين ٿو گهران ڪاهيو اچي، ڄڻ آڪهه ئي بک تي ويٺي اٿس. ڏسڻا وائسڻا، خوشحال ماڻھو به پنڻ تي لھي پيا آهن. فقيرن تي ته ميار ئي ناهي”. سندس ڀر ۾ ويٺل، ٻئي همراه وٽ وراڻ ڪئي.
“پاڻيءَ وارو! ڀائي پاڻيءَ وارو! اٺ آنا گلاس اٺ آنا گلاس. ٿڌو پاڻي!” ٿڌي پاڻيءَ وارو هوڪا ڏيندو اچي لنگهيو.
“هي وري لِک!” چاپئين ڏاڙهيءَ واري ڪنو منھن ڪري چھڙ ڏنس. “اڙي! لھه! ڀيڻا مٿو ئي چٽي ويا آهيو.” پاڻيءَ واري کي روزگار ڪرڻو هو، تنھن هن ڏي ڌيان ئي نه ڏنو. سندس انھيءَ ورتاءَ تي، منھنجي اک پاڻمرادو ڏانھنس کڄي وئي. تڪيندو ڏسي، مصنوعي مرڪ منھن تي آڻي، چوڻ لڳو؛ “سائين! ڪـَنَ ئي کائي ويا آهن”.
هن گھما گھميءَ ۾ مون کي به ڪوفت ٿي رهي هئي. گهورڙيا ۽ فقير ته جهل جا هيا ئي نه. پيٽ ڪتي خاطر مجبور هئا. مٿان هِنَ همراهه جي هُڏين ته ماحول ئي گندو ڪري ڇڏيو. ٻين خريداري نه پئي ڪئي ته صبر سان سٺائون ته پئي. هن جي انھيءَ بي صبريءَ تي مون کان به ضبط نه ٿيو، نيٺ چئي ڏنو مانس: “ٻچن ۽ پيٽ ڪتي خاطر، دنيا ۾ هر ڪنھن کي ڪو نه ڪو ڌنڌو ته ڪرڻو آهي. هنن غريبن جو روزگار انھيءَ ۾ آهي. توهان ان ۾ خفيف ڇو ٿا ٿيو؟!”
“سائين سڀني کي ڌنڌو به هن ئي گاڏيءَ ۾ ڪرڻو آهي!؟!” الٽو مون کي گهوگهڻ لڳو.
“جنھن کي جيڪو ڌنڌو سولو لڳندو، سو ئي ڪندو. اڻپڙهيلن ويچارن لاءِ، اهي ئي ته ڌنڌا وڃي رهيا آهن. اهو به ڪاوڙ ڪري ڇڏايون ته پوءِ ويچارا ڪيئن پيٽ پليندا. پنڻ کان ته خراب ناهن؟! شين جي بدلي پئسا ٿا وٺن. کيسا ته ڪو نه ٿا ڪترين!”
انھن لفظن تي ڄڻ اندر جو چور پڪڙجي پيس ۽ ماٺ ڪيائين. سندس چُپ ۾ سندس اکيون ڳالھائي رهيون هيون؛ “ڪلاڪ ڏيڍ تقرير ڪري ٻه ٽي سؤ روپيا وٺڻ کان، ٻن روپين جي برف وجهي، ڏهين روپئي ۾ سڄي بالٽي، گلاس گلاس ڪري کپائڻ چڱو آهي.”
گاڏيءَ جو ٽائيم پورو ٿيو. ڊرائيور گاڏيءَ ۾ چڙهيو. بيھڻ وارا مسافر به گاڏيءَ ۾ اچي سھڙيا. ڪلينر ۽ ڪنڊيڪٽر ته اڃا به “سکر سکر” پڪاري رهيا هئا. لھندڙ گهورڙين کي گاريون به ڏئي رهيا هئا. اسٽارٽر جون بس کي ڊبل جون ٺپڪيون هيون؛ “استاد! بابا ٽائيم ختم ٿي ويو آهي. جلدي اسٽان خالي ڪر. پرائو ٽائيم ٿي ويو آهي. انھن جو ٽائيم کائيندين ته اهي اسان جي ڏاڙهي پٽيندا.”
انھيءَ پٽڻي ۾ گاڏي، ريلوي ڦاٽڪ به اُڪري چڪي هئي. چاپئين ڏاڙهيءَ وارو، هاڻي شال جي جُهنڊ هنيو بزرگ بنيو ويٺو هو.
منھنجي منزل ويجهي آئي ته اڳ واٽ ئي گيٽ تي اچي بيٺم. جيئن سولائيءَ سان لھي سگهان.
منجهند جو هڪ ٿيو هو. لٿس ته نٽھڻ اس ۾، ڪچي ۽ سنسان رستي تي نظر پئي. ڏسي، ڏڪي ويس. اڪيلائي به ڪيڏي نه بڇڙي بلا آهي. وِه ٿي لڳندي آهي. پنڌ ته اڪيلائپ ۾ اصل نبيرو نه کائيندو آهي. تڏهن ته چوندا آهن؛ “ماڻھو پنڌ کان ڪتي جي وات ۾ چڱو.” هڪڙو اڪيلو، ٻيو پنڌ، ٽيون منجهند ٽاڪ، چوٿون ڪچو رستو. اهڙي موقعي تي اڻواقف ئي سھي، پر همسفر هئڻ ضروري آهي. آخرڪار اهو به انسان آهي. اڪيلائپ کان ساڻس کيڪار ڪبي هلبي.
انھن ئي ويسورن ۾ ٿـڙندو ٿاٻڙندو، جيئن ڪچي رستي تي لٿس ته پويان آواز آيو؛ “السلام عليڪم”. شايد بس مان، ٻيو به ڪير لٿو هو، جنھن سلام ڪيو.
“وعليڪم السلام!” چئي، سلام ورائيندي، پوئتي ڏٺم. ساڳيو ئي چاپئين ڏاڙهيءَ وارو همراه هو، جيڪو بس ۾ کاٻيءَ سيٽ تي ويٺو هو.
“توهان به ايڏانھن ٿا هلو ڇا؟” ڳوٺ ڏانھن هٿ جو اشارو ڪندي، پڇيائين.
“هائو! شاديءَ جي دعوت آهي. اوڏانھن ٿو وڃان.”
انھن لفظن تي مشڪيو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري چپ چپ هلڻ لڳا.
“توهان به ايڏانھن ٿا هلو ڇا؟” مون پڇيس.
“هائو!” ساڳئي مشڪندڙ چھري سان وراڻيائين. ٿورو ڪنڌ مٿي ڪري چوڻ لڳو؛ “مون کي به شاديءَ جي دعوت آهي. مان به ايڏانھن ٿو هلان. ڏاڍو چڱو ٿيو جو توهان به ساڳئي وقت لٿؤ. هاڻي يڪ نه شد دو شد وانگر ٻه ٿياسين. ٻه ته ٻارنھن.”
بيل گاڏين جي اچڻ وڃڻ ڪري، رستي جو وچ، ڊسڙ ٿي ويو هو. ڏينھن تتي جو، گوڏي جيڏي تتل ڊاٻ مان هلڻ، ڏاڍو مشڪل هو. رستي جو کاٻي پاسي وارو ڪنارو ورتوسين. اهو پاسي وارو پيچرو، ٽاڪ هئڻ ڪري، ٻني وانگر هو ۽ هڪڙي ماڻھوءَ جي لنگهڻ لاءِ ڪافي هو. هو اڳيان پئي هليو، مان پويان.
“اوهان جو اسم شريف!” منھن ورائي پڇيائين.
“عبدالحق” مختصر جواب هو! جيڪو شايد نه وڻيس يا ٻيءَ ڪنھن سوچ سبب، گهڙي کن سانت ٿي وئي. خاموشيءَ مان مون اندازو لڳايو ته هو انتظار پيو ڪري ته مان کانئس نالو پڇان.
“اوهان جي تعريف!” ايترو پڇڻ سان سندس چھري تي وري ساڳي رونق اچي وئي. خنده پيشانيءَ سان موٽ ڏنائين.
“سائين تعريف ته فقط هڪ خدا جي آهي. هن بنده ناچيز جو مختصر تعارف! مفتي، قاري، حافظ، حاجي، مولوي  غلام هادي خيمساڻي المعروف حقاني خطيب مدرس، مدرسه خيرالبرڪات ساڪن ...... ”
ذات، لقب، القاب، خطابات، پڙهڻ پڙهائڻ واري موجوده ايڊريس سميت، قرات سان پنھنجي مختصر تعارف مان مستفيض فرمايائين.
علي خان اڪثر سندس تذڪرو ڪندو رهندو آهي. نالي ٻڌڻ شرط سندس سمورو احوال اکين آڏو ڦري ويو.
علي خان مون کي سدائين دڙڪا ڏيندو آهي؛ “تون سدائين مذهبي ڳالھين ۾ اسان کي ڦاسائين ٿو. تو کي ماسڙ مفتيءَ سان ملائيندس، تو سان اهو پڄندو. اسان جي توسان جاءِ ناهي!” مان ڏاڙهيءَ ڪوڙ ادنى مسلمان، مفتيءَ جي آڏو ڇا بيھندم. منھنجي مذهبي ڄاڻ به مختصر هئي. پر علي خان مون کي چُپ ڪرائڻ لاءِ، اهو ئي آخري دڙڪو ڏيندو آهي. اڄ اهو مفتي صاحب، مون سان رفيق سفر هو.
“علي خان جي واتان توهان جو تذڪره خير ٻڌندو رهندو آهيان. اڄ راه ويندي روبڪا ملاقات ٿي وئي آهي. شڪر الحمد لله.” سندس شيرين بيان جي موٽ ۾، ڳالهه کي اڳتي چوريم.
انھن لفظن تي ويتر ٽـڙي پيو. بنا ملاقات، کيس سڃاڻي رهيو هئس. ساڳئي وقت سندس ساليءَ جي پٽ جو دوست به هئس.
“ها!” دٻيل مشڪ ۽ جهڪيل ڪنڌ سان هلندي چيائين؛ “علي خان سان دلبري آهي. مائٽي به آهي. سنگت ۾ ضرور ياد ٿيو هوندو. معاف ڪجو مون سان ڪڏهن توهان جو ذڪر نه ڪيو اٿائين. غائبانا تعارف نه هئڻ ڪري، مان توهان کي سڃاڻي نه سگهيس. خير! توهان سڃاڻو ٿا ته اهو به ڪافي آهي.” مون کي ترت نه سڃاڻڻ جو، پنھنجيءَ دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ دليل ڏئي ويٺو.
“خير! علي خان شايـد غائبـانه تـذڪـرو ڪرڻ ضروري نه سمجهيو هوندو. يا موقعو نه مليو هوندس. يا فضول سمجهيو هوندائين.” دل رکڻ خاطر ۽ سندس ڳالهه مٿي ڪرڻ لاءِ چيم.
“اڄ ڪلهه حڪومت ماڻھن کان زوريءَ عشر زڪوات ٿي ڪٽي!” سفر کي کٽائڻ لاءِ اجايو سجايو موضوع ڇيڙيومانس.
“صحيح ٿي ڪري! سرنديءَ وارن کان زڪوات ڪٽڻ، حڪومت جو فرض آهي.” دٻيل مشڪ سان ورندي ڏنائين.
“ان سان ته گهڻن بچڻ خاطر، فقه جعفريءَ سان تعلقات هجڻ جا دستاويز ڀري ڏنا آهن. اهو ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي.”
“چئن پئسن خاطر فرقو مٽڻ ته نه گهرجي. جيڪي مٽين ٿا، سي پاڻ منھن ڏيندا. باقي رهيو سوال، حڪومت جي زڪوات ڪٽڻ جو، سا هر حال ۾ ڪٽڻي آهي. رڳو ڪٽڻي ناهي پر غريب، نادار ۽ مستحقين ۾ ورهائڻي به آهي. ان کان علاوه جيڪو زڪوات ڏيڻ کان انڪار ڪري، ان سان جنگ به جوٽڻي آهي. وڏين وڏين سيٺين سان اسان ملا ته جنگ نه ٿا ڪري سگهون نه! تنھنڪري اهو فرض حڪومت جو آهي.” گھري سوچ ۽ ويچار کان پوءِ، هڪ ھڪ لفظ چٻي چٿي، جواب ڏنائين.
“حڪومت سان امير ماڻھو، جنگ جي سٽ واقعي سھي نه سگهندا. پر انھن لاءِ اهو فراريت وارو در ته کليل آهي!”
“خير! سندن جزا فزا، سندن لاءِ. حڪومت کي پنھنجو فرض نباهڻ گهرجي. اسان انھيءَ فعل ۾ حڪومت جي تائيد ۽ ڀرپور حمايت ڪيون ٿا.”
“حڪومت جي انھيءَ قدم جي ڪير به مخالفت نه ٿو ڪري. دراصل ڳالهه آهي زڪوات اڳاڙڻ ۽ ورهائڻ جي. جنھن لاءِ پگهار تي چيئرمين ۽ ٻيو عملو مقرر ٿيل آهي. انھن لاءِ آفيسون، فرنيچر، گاڏين کان علاوه ٻيون سھولتون مھيا ڪيل آهن. جيڪي لازمي طور، زڪوات جي پئسن مان مھيا ٿين ٿيون. اهو خرچ مستحقين تي نه ٿيو پر مستحقين جي حق تي ڌاڙو ٿيو. ڀريلين کي ڀرڻ ٿيو.”
“ائين ڪونھي! اڳ ۾ ته الائي ڪيترا ماڻھو زڪوات ڏيندا ئي ڪو نه هئا. روپئي مان چار آنا زڪوات به ڪا نه نڪرندي هئي. هاڻي حڪومت جي ڏنڊي کڻڻ سان روپئي مان ٻارنھن آنا اُڳڙي ٿي. ان مان جي ٻه چار آنا، اڳاڙيندڙ عملي تي خرچ ٿيا ته پوءِ ڪھڙي اربع خطا ٿي. نيٽ (Net) زڪوات پوءِ به اڳي کان ٻيڻي جمع ٿيندي، جيڪا مستحقين ۾ ورهائي ويندي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فلاحي ڪم ٿي سگهندا. جھڙوڪ؛ مدرسا اوقاف جي تحويل ۾ وٺي انھن کي هلائڻ، دارالامان ۽ يتيم خانه جوڙائي، بي سھارا ۽ سماج جي ٺڪرايل عورتن کي چادر ۽ چارديواريءَ جو تحفظ فراهم ڪرڻ وغيره. اهي سڀ سٺا ۽ نيڪ قدم آهن. پنھنجيءَ جاءِ تي حڪومت جي سوچ، تمام سٺي ۽ مثبت آهي. پوءِ ڪي ماڻھو ان کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سھڪار ڪن يا مخالفت ڪري ناڪام بنائين، اها الڳ ڳالهه آهي. پر حڪومت جو اهو قدم پنھنجيءَ جاءِ تي لائق تحسين آهي.”
“مان سمجهان ٿو ته، جيڪي ماڻھو زڪوات جا پئسا مدرسن وغيره هلائڻ لاءِ ڏيندا هئا. اهي هاڻي حڪومت طرفان مٿئون زڪوات جي جبري ڪٽوتي سبب، مدرسن سان وڌيڪ مالي سھڪار نه ڪندا. رهيو سوال مخير حضرات جو، تن لاءِ خير سگاليءَ جا کوڙ سارا رستا آهن. ان کان علاوه ڪڏهن ڪھڙو رليف فنڊ ته ڪڏهن ڪھڙو، بھانا ڪري حڪومت پئي ٿي ماڻھن مان پئسا چُوسي. ديني علوم ڏانھن، ڏينھون ڏينھن، عام رجحان وڃي ٿو گهٽبو. اهڙيءَ صورتحال ۾ مدرسا ڪيئن هلندا؟”
“هلڻ لاءِ ته اڄ به هلن پيا. پر ......” ٿورو هٻڪي ويو. اڌ ۾ ڪٽيندي چيومانس: “اهو به تڏهن، جڏهن ماڻھن دل سان ۽ رغبت سان دين خاطر مال ڏنو پئي. هاڻي جڏهن، هڪڙي مذهب پيا مٽين ۽ ٻيا بئنڪن مان زڪوات واري مھيني ۾ پئسا ڪڍائي ٿا وڃن. يا ڪنھن غير مسلم جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿا ڪرائين. ڪي ته اڪائونٽ ئي ڪوڙن نالن سان جهڙوڪ ڪندن مل ۽ مھرو مل سان ٿا کولائين ۽ ٻيون به اٽڪلون ڪري پاڻ کي زڪوات کان بچائي ٿا وڃن. زڪوات واري مھيني ۾ ڏيڻ واران جو حشر اهو آهي ته ورهائڻ وقت ورهائيندڙ به ڪو خوفِ خدا ۾ ٻڏا ڪو نه پيا آهن. زڪوات حقدارن کي پھچڻ کان اڳ ۾، ورهائيندڙن جي داڙ ڦاڙ کان ئي ڪا نه ٿي بچي. اهڙين حالتن ۾ مدرسن جو ڇا ٿيندو؟ يا توهان جو موراڳو مطلب اهو آهي ته؛ حڪومت، مدرسا ئي پنھنجيءَ تحويل ۾ وٺي؟!”
پوئين سوال مڙس کي منجهائي وڌو. ٻه ٽي ٻيا ساڻ هجن ها ته مون سان ڳالھائڻ بند ڪري، ساڻن شروع ٿي وڃي ها. هئاسين ئي ٻه ڄڻا، مجبوراً کيس جواب ڏيڻو پيو. نـڙيءَ کي ڳيتون سيتون ڏنائين. ٻه ٽي اکر نڪتس: “ها! ...... ادا! ..... اسان جي .... ي مرضي آهي ..... ي ته مدرس ..... آ، جيڪر حڪومت پنھنجي ..... ئي تحويل ۾ وٺي ته چڱو.”
“جيڪڏهن مدرسا، حڪومت پنھنجي تحويل ۾ وٺندي ته پوءِ، انھن کي استعمال به پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪندي. مدرسن کي حڪومت جي نمڪ حلالي/ طرفداري ئي ڪرڻي پوندي. جنھن جو کائجي، تنھن جو ڳائجي. حڪومت جي هر “ڪاري” کي “اڇو” ۽ “اڇي” کي “ڪارو” ڪوٺڻو پوندن. حڪومت جي غلط ۽ غير شرعي فعل تي ڪڏهن به آڱر نه کڻي سگهندا. ائين ڪرڻ سان، مدرسن جو اصل مقصد ته فوت ٿي ويندو.” کانئس اڻ سڌيءَ طرح، مدرسن جي روحاني صحت جي پستيءَ ۾ وڃڻ وارو سوال ڪري ويٺس.
“خير! مدرسا حڪومت جي غير شرعي فعل جا ڇو حمايتي ٿيندا؟ رهيو  مسئلو زڪوات جو، سو ته حڪومت جو مسئلو آهي. باقي رهيو مدرسن هلڻ جو مسئلو، تنھن لاءِ به ڪيئي مخير حضرات ميدان ۾ نڪري پوندا.”
“مخير حضرات مدرسن ۾ گهڻو چندو ڇو ڏيندا؟ ها! البته ڪا شاندار مسجد وغيره جوڙائڻي هجي يا نالو ڪڍائڻو هجي ته ان ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ ڏيندا. شاندار مسجد وغيره جوڙائڻ، چڱي شيءِ آهي پر ڏيکاءُ سٺو ناهي. اها سندن سخاوت، ثبوت جي طور، عام ماڻھن جي نظرن ۾ ته رهندي. پر مدرسن ۾ ڏيڻ سان، سندن سخاوت جي تشھير ئي نه ٿيندي. هڪڙو زڪوات جبري ڪٽجي وئي، ٻيو خير خيرات به عام اکين کان لڪائي ڏين ته اميرن کي دلي سڪون ته نه ملندو. دين لاءِ کين ايڏو جذبو ته آهي ڪو نه. جي دين جو ڊڄ هجين ها ته پوءِ دولت ميڙڻ جي ڪڍ، هٿ ڌوئي نه لڳن ها. الاهي ته زڪوات بچائڻ لاءِ الائي ڇا ڇا ٿا ڪري گذرن.”
“اهو ئي سبب آهي جو اسان چئون ٿا ته حڪومت مدرسا پنھنجيءَ تحويل ۾ وٺي ۽ هلائي. زڪوات پاڻ ٿي وٺي، قربانيءَ جون کلون فلاحي ادارا ڊُوهي ٿا وڃن. مدرسن جي پلجڻ لاءِ باقي ڇا بچيو؟! پِنَ جي ٽڪرن تي، مدرسا ڪيترو هلندا!؟!”
“حڪومت جڏهن مدرسا پنھنجي تحويل ۾ وٺندي ته مدرس به پاڻ رکندي. انھن جي چونڊ جو کيس اختيار هوندو. پوءِ سفارش تي رکي، رشوت وٺي رکي يا اهليت تي رکي. روزگار خاطر هر ڪو زور ڏيندو سرڪاري نوڪريءَ تي. غلط ماڻھن لاءِ، غلط رستا جام. لائق ماڻھن تي غلط ماڻھو غالب ٿي ويندا آهن. لائق ماڻھو ڌڪا پيا کائيندا. جيئن اڄڪلهه اسڪولن ۾ ٿي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾، مخير حضرات ڪھڙو تعاون ڪندا؟”
“خير ائين به آهي. وڌيڪ هينئر اسان جي ان سلسلي ۾ ميٽنگ ٿي رهي آهي. ايجنڊا تي اهو مسئلو به رکيل آهي. وڌيڪ ان ۾ سوچينداسين .”
انھيءَ بحث ڪندي ڳوٺ به اچي ويو. علي خان جي اوطاق ۾ آياسين. ٻين مھمانن سان ملياسين. علي خان به ڪمن ۾ مصروف هوندي اوطاق ۾ پھتو. ملاقات ٿي. مون کي نماز ظھر ياد آئي. ان لاءِ محفل کان موڪلائڻ لاءِ، معذرت گهريم. جنھن تي علي خان چيو: “ها خير آهي! رڳو تو کي ئي نماز پڙهڻي آهي ڇا؟ مفتي صاحب کي به پڙهڻي آهي. اهو وڃي ته تون به وڃجانءِ. پر ها تو کي ته ماسڙ مفتيءَ سان ملاقات ئي نه ڪرائي اٿم.” مفتي صاحب ڏانھن اشارو ڪندي چوڻ لڳو؛ “هيءُ آهي منھنجو ماسڙ مفتي غلام هادي!”
تعارف ۽ تعريف ٻڌڻ سان، مفتي صاحب جي چھري تي ساڳي طلسماتي مرڪ ڇانئجي وئي.
ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيومانس؛ “اسان جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي چڪي آهي.” مفتي صاحب ڏانھن مخاطب ٿيندي چيم؛ “مفتي صاحب هلو ته هلي نماز پڙهون.”
ٻئي، ڳوٺ جي مسجد ۾، نماز پڙهڻ لاءِ آياسين. وضو ڪرڻ لاءِ هودي ٺھيل هئي، جنھن جو ڍڪ ئي کليل هو. مٽي ۽ ڪک پن پاڻيءَ ۾ پئي تريا. ان کان اڳ جو مفتي صاحب پاڻيءَ جي صحت تي فتوى جاري ڪري، کيس چيم.
“سائين توهان لاءِ نلڪي مان ڪونئرو ڀري اچان!”
“نه هن ٽانڪيءَ مان ڪري ٿا وٺون.” ساڳي مرڪ سان وراڻيائين.
“پاڻيءَ جي صحت تي شائبو ٿو ٿئي.” مون کان رهيو نه ٿيو ۽ چئي ڏنومانس.
“ٻيا به ته هتان ڪندا هوندا. سو هتان ئي ڪري ٿا وٺون.” ساڳي مرڪ چپن تي هئس.
پاڻ ان پاڻيءَ سان وضو ڪيائين. مون نلڪي مان ڪؤنورو ڀري وضو ڪيو. پاڻ جماعت ڪرايائين. پوئين سنت پڙهندي، هڪڙو ڪراڙو مسئلي پڇڻ لاءِ مفتي صاحب جي ويجهو اچي ويٺو. مفتي صاحب سلام ورائي اٿڻ جي ڪئي ته پوئين مڙس ٻانھن کان جهليس؛ “مکتي صاحب! مونکي مسئلو ته سمجهاءِ!”
“ها! ها! مسئلو ٻڌاءِ!” ساڳي مرڪ سان مسئلي ڏانھن ڪو ڌيان نه ڏيندي، وراڻيائينس.
“سائين ويھو ته ٻڌايانوَ نه!” ڪراڙي ايلاز ڪندي چيس.
“تون مسئلو ٻڌاءِ!” مفتي صاحب ساڳي ئي پلاسٽڪ مرڪ سان ضد ڪيس ۽ بيھڻ بجاءِ هيڏي هوڏي هلي رهيو هو. هلندي ٻاهرئين دروازي وٽ اچي نڪتو. مان سوچي رهيو هئس.
“مسجد رحمت جي جاءِ آهي. شيطان به اندر نه ايندو آهي. پوءِ مفتيءَ جي پيرن کي ڇو باهه لڳل آهي.” دل مان آواز آيو؛ “شيطان اندر نه ايندو آهي. مير بحر وانگر سندس ڄار اندر وڌل هوندو آهي. جنھن ڪري ڪچيءَ روحانيءَ وارا مسجد اندر ائين ڦٿڪندا آهن، جيئن پڃري ۾ پکي.”

No comments:

Post a Comment