Tuesday, December 6, 2011

هڪ مرد، ٽي لاشا - سراج

هڪ مرد، ٽي لاشا
سراج
اصغر جڏهن باريسٽري ڪري آيو، تڏهن پڻس نه رڳو شهر جي وڏن ماڻهن جي، پر پنهنجي تڪ جي سمورن زميندارن جي هڪ شاندار دعوت ڪئي هئي ۽ ان دعوت جو نتيجو ڪو برو نه ٿيو هو. اصغر جي وڪالت جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ اصغر جڏهن پنهنجي هت اچڻ واري وقت کان پوءِ جي ماضيءَ ۾ گهوري نهاريو ته هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته کيس  ڪنهن ڪاري ککر  ڏنگي وڌو هو. اڳي جو هو ڪا سماجي برائي ڏسندو هو ته سندس دل ڪڙهڻ لڳندي هئي، هاڻي ساڳي برائي ڏسي هن کي هڪ اڻ لکي خوشي محسوس ٿيندي هئي. اڳي ڪنهن جانور جي موٽر هيٺان اچڻ تي ٻه ٻه ڏينهن ماني کائي نه سگهندو هو ۽ هاڻي اسپتال ۾ ڪهاڙين سان چچريل انسان يا اسپتال جي مڙدا-گهر ۾ ڪو انساني لاش ڏسندو هو ته هن کي هلڪو اطمينان ٿيڻ لڳندو هو. اڳ هو جڏهن به خواب ڏسندو هو ته  هن کي اڪثر پيارا پيارا سٻاجهڙا ماڻهو سفيد گلابن جا تاج پهريو، حسين جسمن سان رقص ڪندا نظر ايندا هئا، ۽ هاڻي هن جي خوابن ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪندڙ ماڻهو، ڪهاڙين ۽ لوڙهين سان چچريل لاش، ڇُرن ۽ چاقن سان چيريل پيٽ، رت ۾ ڳاڙهيون حسين جوانڙيون، تاش جي پتن جا تاج پهريل ڳڀرو جوان نظر ايندا هئا، ۽ اهڙي خواب کان پوءِ هن جو سارو ڏينهن هڪ عجيب سڪون ۽ اطمينان ۾ گذرندو هو، ۽ سندس ڪنوار اهو سڪون ۽ اطمينان ڏسي، سمجهي ويندي هئي ته ان ڏينهن کيس ڪو خون جو ڪيس مليو هوندو، ۽ هوءَ ڪنهن نئين ساڙهيءَ، ڪنهن نئين تحفي جي اميد ۾ سارو ڏينهن اطمينان ۽ خوشيءَ ۾ ڇال ڏيندي رهندي هئي.

اصغر جو دوست فلپ، انگلينڊ کان گهمڻ لاءِ آيو، ته هن کي وري اهي ڏينهن ياد پيا جڏهن هو ٻئي انگلينڊ ۾ ڪنهن پب يا ڪلب ۾، لئٽن-آمريڪن رقص جي ڌنن تي ٿڙڪندا، ٿاٻڙندا ساري رات گذاريندا هئا. هو منجهي پيو ته هو فلپ کي هتي ڪهڙا ڪهڙا هنڌ گهمائي. هن کي هڪ خون جي ڪيس ۾ بدين وڃڻو هو. هن فلپ کي پاڻ سان کنيو ۽ کيس بدين گهمائي آيو. فلپ چپ چاپ بدين جي شهر، ڪورٽ ۽ ماڻهن کي ڏسندو رهيو، ۽ جڏهن هو جيپ ۾ چڙهي واپس حيدرآباد هلڻ لڳا تڏهن به فلپ چپ رهيو. اصغر کان رهيو نه ٿيو، پڇي ويٺو؛ ”ڇو، فلپ! تون ماٺ ڇو ٿي ويو آهين؟“
فلپ پهرين ته ڪو به جواب نه ڏنو، پوءِ چيائين ”مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ان ڪري چپ آهيان!“
اصغر به کلي ڏنو؛ ”هي ويچارو ڇا سمجهندو هتان جي وڪالت!“
”تون منهنجي جواب تان کلين ڇو ٿو؟“
”دوست، تون هن وقت پنهنجي ملڪ جي معيار سان سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهين، ان ڪري تو کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو. تنهنجي ملڪ ۾ ڏوهه جي قيمت سزا آهي ۽ هتي ڏوهه جي قيمت ڏوڪڙن ۾ ٿي ڪٿجي!“
فلپ جي منهن تي هاڻي ته اٻوجهائيءَ سان گڏ هڪ ڊپ گاڏڙ حيرت به هئي.
”سو ته تون تڏهن سمجهي سگهندين، جڏهن...“
۽ عين ان وقت هن کي زور سان جيپ کي بريڪ ڏيڻو پيو.
جيپ اڳيان، رستي جي پوري وچ تي، هڪ پير مرد پنهنجي جُتيءَ ۾ ڪنهن پٿر سان ڪوڪو ٺوڪي رهيو هو. اصغر جي وات مان گار نڪرندي رهجي وئي؛ ”پريا مڙس ...... کُٽيءَ کنيو اٿئي ڇا!“
پريو مڙس رستي تان هٽي پري ته ٿيو، پر هن جي چهري تي ڪا خاص گهٻراهٽ نه هئي، يا سندس چهري تي چڙهيل لٽ ۾، ڊپ ۽  گهٻراهٽ جا احساس به لڪي ويا هئا. هن فقط ايترو چيو؛ ”جي سائين!“
باوجود ڪاوڙ جي، اصغر کلي ڏنو. فلپ ويچارو ڪجهه نه سمجهندي، رڳو پرئي مڙس کي چتائي ڏسي رهيو هو. پرئي مڙس جي منهن ۾ هڪ عجيب؟ جو عالم هو. چاپئين ڏاڙهي، هونئن ته ڪجهه اڇي به هئي، ڪجهه لٽ جي ڪري ڀوري ٿي نظر آئي. سندس نرڙ ۾ گهنج اهڙا هئا، جن کي ڏسي ائين ٿي خيال ٿيو ته هن پرئي مڙس سڄي عمر پهڻ ڪٽيندي گذاري آهي. اڇي پر مُرٽيل کَسِي ڳلي جي قميص ۽  ڪاري سٿڻ ۽ مٿي تي ڪارو پٽڪو، جنهن جي ڪاراڻ ۾ الاجي ڪيترا فريبيءَ جا عيب لڪل هئا، ۽ هٿ ۾ ڇنل گهيتلو.
اصغر، پرئي مڙس کان پڇيو؛ ”پريا مڙس، ڪيڏانهن ٿو وڃي؟“
”حيدراد“ (حيدرآباد)
”پوءِ ڪڏهن پهچندين؟“
”سائين، ڏينهڪ!“
۽ اصغر کان به کل نڪري وئي ۽  هن جيپ کي اڳتي وڌايو.
فلپ کانئس اوچتو سوال ڪيو: ”ڪهڙي ڳالهه تان کلئين؟“
”هتي جا ماڻهو به عجيب آهن. پڇيومانس ته ”موت کنيو اٿئي ڇا؟“ ته بنا ڪنهن هٽڪ جي جواب ڏنائين ته ”هائو!“
هنن ماڻهن لاءِ موت ۽ حياتيءَ ۾ ڪو فرق ڪونهي!“
”ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟“
اصغر کي هاڻي فلپ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي. هي ته ڪو فيلسوف ٿي ويو آهي. مزاح جي پهلو ۾ کيس، کل نظر نه ٿي اچي.... هون!
”ٻيو ڇا پڇيئسي؟“
”پڇيومانس ته، ”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ چيائين ته، ”حيدرآباد“ ۽  هتان پنڌ حيدرآباد، هڪ ڏينهن ۾ پهچڻ، تي مون کي کل اچي وئي!“
”پوءِ تو ڇو نه کيس حيدرآباد تائين کڻي هلڻ جي آڇ ڪئي!“
”فلپ! هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ماڻهن کي پنهنجي گاڏين ۾ کڻڻ جي آڇ ڪرڻ لڳون، ته سارو سال ماڻهو ڍوئيندي گذري وڃي.“
اصغر کي پنهنجي انهيءَ ”ماڻهو ڍوئڻ“ تي به کلي اچي وئي ۽ فلپ هڪ عجيب نگاهه سان هن کي تڪيندو رهجي ويو. ۽ ان نگاهه ۾ ڪاوڙ، پشيماني ۽ بيوسيءَ جا احساس گڏجي، محض اٻوجهائي بڻجي ويئي.
ٻئي ڏينهن اصغر فلپ کي حيدرآباد جون ڪورٽون ڏيکارڻ نڪتو. ڪار کي پارڪ ڪرڻ لاءِ، جيئن موڙي رهيو هو ته ”اڳيان ڪا شيءِ ڏسي بريڪ ڏنائين. ڪاوڙ مان هيٺ لٿو، ته سندس منشي ڊوڙندو آيو ۽ ان شيءِ کي ٿڏو هڻي، چيائين؛ ”او پوڙها، مرڻو اٿئي ڪيئن، جو اتي سمهي رهيو آهين؟“ ستل پوڙهو، اوٻاسي ڏيندو، ڪَرَ موڙي اٿي بيٺو. اصغر پوڙهي کي ڏسي، ڪاوڙ مان ٿڙڪڻ لڳو. هن جي ذهن ۾ اهو ئي خيال آيو ته ڪالهه کان وٺي پوڙها ماڻهو، سازش ڪري، کائونس ائڪسيڊنٽ ڪرائڻ جي خيال ۾ هئا. ڪالهه رستي تي، ته اڄ بنهه ڪورٽ ۾! جوابدار جي حيثيت ۾ ڪورٽ جي پڃري ۾ بيهڻ جي تصور کان ئي هن کي پنهنجي پيٽ ۾ هڪ عجيب کڏ پوندي محسوس ٿي. پر منشيءَ پوڙهي کي گاريون ڏيئي، اتان ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ۽ پوءِ سلام ڪري، چوڻ لڳو؛ ”سائين، ڪو اڌ چريو ٿو ڏسجي! چوي ٿو ته سندس اباڻي زمين کسجي ويئي آهي، ۽ ان جي اپيل سيشن ٻڌڻ جوڳي ٺهرائي آهي. وڪيل اٿس ڪو نه، سو پاڻ ئي وڪالت لاءِ آيو آهي!“ منشي کلڻ لڳو.
اصغر کي الاجي ڪهڙو خيال آيو، سو منشيءَ کي پنجين جو نوٽ ڏيندي چيائين؛ ”چئينس ته مون کي وڪيل ڪري، پئسو پائي نه وٺندوسانس!“ ۽ اصغر کي به کل اچي ويئي.
اهو سارو ڏينهن هن فلپ کي ڪورٽون گهمائيندي گذاريو. شام جو پنجين بجي، فلپ سان گڏجي، اچي آفيس ۾ ويٺو، ته ايندي شرط خون جي ڪيس جا اصيل مليس. ان مان هڪڙي ڪيس ۾ ته فوتيءَ جو لاش اسپتال ۾ اچي پهتو هو ۽ هو فلپ کي وٺي، اسپتال ۾ مُڙدا-گهر ڏانهن هليو. مُڙدا-گهر ۾ گهڙڻ سان ئي کيس ٿاٻو آيو. اڳتي ڪرندي بچيو. مُڙدا-گهر جي نگهبان کلندي چيو؛ ”سائين، جيڪي ماڻهو بي موت مري ٿا وڃن، سي مورڳو جيئرن کي ٿا ٿاٻا کارائين!“ فلپ به هن لاش وٽ اچي بيهي رهيو، ۽ ان کي گهوري ڏسڻ لڳو. لَٽ سان ڀريل چاپئين ڏاڙهي، منهن ۾ به گهرا کهرا گُهنج، ڪاري سُٿڻ، ۽ اڇا ڪارا کليل وار، ڪارو پٽڪو کليل حالت ۾ پوڙهي جي ڇاتيءَ تي پيو هو، ۽ پٽڪي جي هڪ ڪنڊ ۾، ڳنڍ ٻڌل، ڪا شيءِ پوڙهي جي هٿ ۾ ايتري مضبوطيءِ سان جهليل هئي، جو موت کان پوءِ نيريون نيريون نسون جهڪيون نه ٿيون هيون. سڄي لاش ۾، ائين ٿي ڀانيو ته اها مٺ اڃا نه مئي هئي. فلپ هري هري اصغر کي چيو؛ ”هن پوڙهي جي مُٺ ۾ ڇا آهي؟“ اصغر کي پوڙهي تان ٿاٻي اچڻ جي اڳي ئي ڪاوڙ هئي، سو خار مان چيائين؛ ”ٽڪي جا ڀڳڙا!“ فلپ کي هن پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ جواب ڏنو هو. سو وائڙو ٿي اصغر جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. هڪ ڌارئين جي دلچسپي ڏسي، مُڙدا-گهر جي نگهبان، زور ڏيئي، پوڙهي جي هٿ مان پٽڪي جي ڳنڌ ڇڏائي کولي، ته ان مان ڪارسري چيڪيءَ مٽيءَ جي مُٺ وهي، پوڙهي جي اکين تان ڍرڪندي ويئي!
اتان واپس اچڻ تي فلپ ۽ اصغر ۾ ان ڳالهه تي بحث ڇڙيو ته پوڙهو ساڳيو، جيپ هيٺان اچڻ وارو ۽ ڪورٽ ۾ ڪار هيٺان اچڻ وارو پوڙهو هو. انهن واقعن ۾ ٽي مختلف پوڙها هئا، ۽ ڳچ رات تائين بحث ڪرڻ کانپوءِ، ڪنهن فيصلي تي پهچڻ کان سواءِ، ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي دوستيءَ جو يقين ڏياريندا، الوداع چئي وڃي سمهي پيا.

No comments:

Post a Comment