Sunday, December 4, 2011

۽ شهر اونڌو ٿي ويو ... - منظور ڪوھيار


۽ شهر اونڌو ٿي ويو ....
منظور ڪوھيار

باک ڦـٽيءَ چڪي هئي. ڳاڙهو سج، آهستي آهستي اوڀر مان ڪني ڪڍي رهيو هو. ٽڪرين تي ٿڌڙي هير گھلي رهي هئي.  چوڌاري هيڙها ۽ بلبلا چهڪي رهيا هيا.
چو ٿنڀيءَ تي ‘قلندر شهباز’ پوري جاهه و جلال سان بيٺو هيو. هيٺ تي سڀ اوري جا ۽ پري جا طالب ۽ مريد بيٺا هيا. جيڪي سندس لب ڪشائيءَ لاءِ منتظر هيا.
قلندر شهباز ، جنهن جو ڳاٽ ، ڳچيءَ ۾ وڌل گلوبند جي ڪري ٿورو جھڪيل هيو ، سو اوچو ٿيو. هن ٽڪريءَ تي بيٺل سڀني طالبن ۽ مريدن تي طائرانه نظر وڌي ۽ پوءِ پنهنجي هڪ هٿ ۾ جھليل ڏنڊي کي لهرائيندي فرمايو:
‘سيوهڻ جي قلعي واري شهر ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڃي ٻڌايو ، ته اسان راتو رات قلعي واري شهر کي اونڌو ڪرڻ وارا آهيون. جو هاڻي انساني بي حسي پنهنجي انتها کي پهچي چڪي آهي. ان ڪري جيڪو ساٿ ڏيندو، اُهو ئي سرخرو ٿيندو ۽ جيڪو منڪر ٿيندو ، اُهو ذليل و خوار ٿيندو!’


سڀئي طالب ۽ مريد ‘آمنا صدقنا’ چئي، شهر طرف ڊوڙيا ــ ۽ پوءِ گھرن، محلن ۽ ماڙين ۾  اِها هُـو هُـواءِ ٿي وئي، ته قلعي وارو شهر راتو رات اونڌو ٿي ويندو ـــ هر شئي پنهنجي جڳهه تان هٽي ويندي. اُهي جن پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ حد کان وڌيڪ ٺاهيو ۽ ميڙيو آهي، اُهي دربدر خاڪ بسر ٿي ويندا. جن جا ڳاٽ نخوت، تڪبر ۽ گھمنڊ جي ڪري مٿي آهن، سي مليا ميٽ ٿي ويندا. ڪجهه به نه بچندو. جي بچندو ته صرف نانءُ الله جو ــــ
شهر جي اهڙن ماڻهن، جن کي ڪجهه نه ڪجھه احساس هيو، ته شهر ڏوهن ۽ گناهن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، سي فڪر مند هيا ته ڇا ڪجي ...!؟ ۽ اُهي جن جي اندر ۾ بي حسي گھرُ ڪري وئي هئي، سي خوب کليا، ته هڪ سڃي قلندر کي ڪهڙي مجال جو صدين جو ٺهيل قلعي وارو شهر، جنهن جي هڪ هڪ سِـر زور زبردستي ۽ طاقت جي بنياد تي رکيل آهي، سو هڪ رات ۾ ڪيئن ٿو  اونڌو ٿي سگھي!؟’
جڏهن جاسوسن ۽ مخبرن وٽان  اِها ڳالهه منترين ۽ پوءِ مُک منتري وٽان ٿيندي راجا چرٻٽ جي ڪنن تائين پهتي ته راجا چرٻٽ کِـلي کِـلي کيرو ٿي پيو.
راجا کِـلندي چوڻ لڳو: ‘هي قلعي وارو شهر مضبوط جُڙيل آهي ــ جنهن جي بنياد ۾ بي حسي جا پٿر پيل آهن ۽ ديوارون خون سان رنڱيل آهن. هن کي سڪندر اعظم جھڙو حملي آور ته ڌوڏي سگھي ٿو پر هڪ ننگ ڌڙنگ فقير، جنهن جي هٿ ۾ ڪاٺ جو ڏنڊو هجي، ڪجهه به نٿو ڪري سگھي.’
راجا چرٻٽ جي ان ڳالهه جي تصديق سڀني درٻارين، پوري شد ۽ مد سان ڪئي.
راجا اعلان ڪيو ته سڀاڻي شام جو سڀ ‘راج سڀا’ ۾ حاضر ٿين، ته جئين ان ڍونگي فقير ۽ سندس ساٿين لاءِ ڪا سخت سزا تجويز ڪري سگھجي. سڀني درٻارين اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ پوءِ اُٿي ويا.
اُها رات، جڏهن قلعي جي اندر پاڻ کي محفوظ سمجھندڙ ماڻهو گھرن ۾ ستل هيا. ڪي نرم ۽ نازڪ سينن سان چهٽيل هيا. اُن وقت ڪجهه ماڻهو پراسرار جھدو جھد ۾ مصروف هيا. هنن هر اُنهيءَ  گھر جو ڪڙو کڙڪايو ، جتان کين ڪا جُـھڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ۽ پوءِ هنن، اُن کي ، من جي سچائيءَ سان مرشد جو پيغام پئي ٻڌايو ـــ ۽ ماڻهن مرشد جو پيغام ٻڌي ‘آمنا صدقنا’ پئي ڪئي ۽ يقين پئي ڪيو ته قلعي وارو شهر هاڻ ضرور اونڌو ٿيندو.
جئين ئي باک ڦٽي ۽ صبوح ٿيو ته هر اک ڏٺو ته قلعي وارو شهرواقعي اونڌو لڳو پيو هو ..... 
وڏن دروازن کلڻ کان پوءِ، قلعي کان ٻاهر رهندڙ سادا سودا ماڻهو، جڏهن ڪمي ڪارين قلعي ۾ پهتا ته اهو ڏسي دنگ رهجي ويا ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيا ته ڇا ائين به ٿي سگھي ٿو ....!؟ ۽ پوءَ اُنهن قلندر شهباز جي شان ۾ عقيدت جا گيت ڳايا ۽ اهو چوندي ٻاهر هليا ويا ته واقعي اهو هڪ انقلاب آهي.
شهر ۾ جيڪي گھر اونڌا نه ٿي سگھيا هيا ته صرف ڪجهه خاص درٻارين جون ماڙيون ۽ راجا جو محل ــ جيڪي نهايت مضبوط هٿن ۽ سخت دل ڪاريگرن جا ٺهيل هيا.
شام جو جڏهن درٻار لڳي ته راجا چرٻٽ ۽ درٻاري پوري وقت تي پهتا، پر مُک منتري غائب هيو.
راجا، درٻارين کان پڇيو: ‘مُک منتري ڪٿي آهي؟’
منترين وراڻيو: ‘خبر ناهي!’
راجا ڪاوڙجي حڪم ڪيو: ‘مُک منتري کي هڪدم گھرايو وڃي، جو اسان پنهنجي شهر جو حال معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا.’
درٻار جو خاص قاصد اڃان اُٿڻ وارو هيو ته مُک منتري گھٻرايل گھٻرايل انداز ۾ اندر داخل ٿيو.
‘ڇا ڳالهه آهي؟’ راجا چرٻٽ پڇيو.
‘جان جي امان هجي ته عرض ڪريان؟’
‘جان جي امان آهي. جلد ٻڌاءِ ته شهر جو ڇا حال آهي؟’ راجا جان جي امان ڏيندي پڇيو.
مُک منتري وراڻيو: ‘جھان پناهه ...! قلعي واري شهر جا اڪثر گھر اونڌا ٿي چڪا آهن. ماڻهو اونڌا ٿي چڪا آهن. ذهن اونڌا ٿي چڪا آهن. شهر جي هر شئي پهريان کان مختلف ۽ اُبتي ٿي چڪي آهي.’
‘اِهو تون ڇا ٿو چئين، مُک منتري!؟’ راجا حيرت مان وراڻيو.
‘ها راجا ...! جن گھرن جا ماڻهو اڳ لڪشمي جي پوڄا ڪندا هيا، اُهي صبوح جو مندرن ۾ نه پهتا .... ۽ نه اچڻ جو سبب اهو ٻڌايائون ته هاڻي اسان کي ظاهري لڪشمي جي ڪا به ضرورت ڪونهي. جي آهي ته اندر جي لڪشمي جي، جيڪا اسان کي حاصل ٿي چڪي آهي.’
‘۽ ماڻهو ..!؟’ راجا ماڻهن بابت پڇيو.
‘اُهي به اونڌو وهنوار ۽ واپار ڪري رهيا آهن. ڪو به تور ۽ ماپ ۾ بي ايماني نٿو ڪري ... ڪو به سون ۾ ٽامو نٿو ملائي ... هر ڪو بازار ۾ هيري کي هيرو ۽ پٿر کي پٿر چئي وڪڻي پيو.’
مُک منتري تفصيل سان ٻڌايو.
‘۽ ذهن ڪيئن اونڌا ٿي ويا آهن!؟’ راجا مُک منتري کان بي چين ٿي پڇيو.
‘راجا ...! افسوس ته اِهو آهي ته اسان جي شهر جا ماڻهو نفرت کان نفرت ۽ محبت سان محبت ڪن ٿا. ‘مٺي ڪوڙ’ جي جڳهه تي ‘ڪڙو سچ’ ڳالهائن ٿا. فقيرن جي عزت ۽ اميرن کي کنگھن ئي نه ٿا.’
‘هڪ رات ۾ ايڏو وڏو انقلاب ڪيئن ممڪن آهي!؟’ راجا، پريشاني وچان مک منتري کان پڇيو.
‘اِهو اُن فقير ۽ درويش جو پيغام آهي، جنهن کي ماڻهو قلندر شهباز چون ٿا. جڏهن اسان غفلت جي ننڊ ستل هياسين ته اُهو پيغام گھر گھر پهچي ويو ۽ ماڻهن جو ضمير بيدار ٿي ويو.’
‘آخر اُهو، اهڙو ڪهڙو پيغام آهي، جو ماڻهن ۾ ايڏو اعتماد اچي ويو آهي!؟’ راجا چرٻٽ تجسس وچان پڇيو.
مُک منتري وراڻيو: ‘قلندري پيغام  اِهو آهي ته هر انسان جو روح پـير، وجود مريد، دل مرشد ۽ فهم طالب آهي. ان ڪري حق ۽ سچ جي واٽ اُتان ئي ملندي، ٻي واٽ وٺڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي.’
پيغام ٻڌي، راجا چرٻٽ کان ڄڻ ساهه ڇڏائجي ويو. هن جھيڻي آواز ۾ چيو:
‘مُک منتري ....! واقعي شهر اونڌو ٿي ويو.’

No comments:

Post a Comment