Friday, December 23, 2011

بلو دادا - ”اياز“ قادري


بلو دادا
”اياز“ قادري
هو سڄي پاڙي ۾ بدنام هو. هر ڪو هن کان ڪؤ کائيندو هو. جهڙو تهڙو ته هن جو نالو به ڇرڪي وٺندو هو. پئسي وارا، هن کي بنهه گونڊو سمجهندا هئا. پاڙي جو دادگير ليکيو ويندو هو. سندس نالو بلاول هو، مگر کيس ڪوٺيندا هئا ”بلو دادا“. رنگ جو ڪارو ڪٺ، وار ننڍڙا، گهنڊيدار ۽ سخت، جي ڪيتري به تيل لائڻ سان نه نرم ٿيندا هئا، ۽ نه ڦڻي ڏيڻ سان ئي ڪنهن طريقي تي بيهندا هئا، منهن ڪشادو، گول، اکيون ننڍيون ۽ حرفت ڀريون، جن ۾ هر وقت حرڪت پيئي نچندي هئي، نڪ ڊگهو، مگر ناسون ويڪريون چپ ٿلها، ڏند وٿيرڪا، جي مساڳ لڳائيندو هو ته چپ ڳاڙها ۽ ڏند اڇا ٿي ويندا هئس، پر جي پان کائيندو هو ته ڏند ۽ چپ ٻئي ڳاڙها، ڇاتي ڪشادي بازو سخت ۽ مضبوط جهڙو رڪ قد جو ڇوٽو، سندس منهن ۾ اهڙو رعب هوندو هو، جو ڪنهن ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريندو هو ته همراهه کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي، آواز ۾ ڪڙڪو ۽ کڙڪو، هروقت پيو گجندو، ڳالهين جو ڳهير، جي ڳالهائڻ ۾ ڇٽڪيو ته خدا بس ڪرائيس، فٽ بال جو چمپئن، گهڻو ڪري راند ۾ سينٽر فاروڊ بيهندو هو، باڪسنگ جو ڪوڏيو، هروقت اها ڳالهه ته کاٻي مڪ ڪيئن هڻجي، ۽ ساڄو چنبو ڪيئن گسائجي.


منهن جي ڄاڻ ساڻس چاڪيواڙي ۾ ٿي. گهڻو ڪري جهانگيان مڪرانيءَ جي ڪيبن تي ويٺو هوندو هو. ڄنگهون ٽيبل تي ۽ پٺي ڀت سان. پاڻي ۽ چانهه جو گلاس، ڪنهن وقت ڀريل ڪنهن وقت خالي، هميشہ سندس ڀرسان پيا هوندا هئا. آءٌ لنگهندس ته وڏي واڪي چوندو ”ماستر، اچ چانهه پيءُ“. مونکي ڪنهن وقت ”ماستر“ ۽ ڪنهن وقت ”سائين“ چوندو هو. آهستي آهستي، اسان جو ناتو ويو وڌندو، مونکي سندس مڪراني گاڏڙ سنڌي لهجو ڏاڍو وڻندو هو. چاهيندو هوس ته ڀل پيو قصا ڪٽي. جي سندس ويجهو ٿيندو هوس ته ڳراٽڙي پائي کڻي هٿ هٿ ۾ ڏيندو هو. منهن جي ٻين دوستن کي اسان جي سنگت ڀانءِ نه پوندي هئي، پاڙيوارا به رنج هئا. مائٽ به تنگ. اسڪول جا ماستر به چڱو نه سمجهندا هئا. شاگرد ڪجهه ڪڇندا ته ڪين هئا، مگر بلوءَ جي دادگيريءَ جا داستان لاهي چاڙهي پيا بيان ڪندا هئا.
هڪڙي ڏينهن هيڊ ماستر به رکي رکي چئي ڏنو ”اوهان کي پاڻ جهڙن تعليم يافته ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ گهرجي!“ مائٽن چيو، ”توکي ٻيو ڪو ماڻهو ملي ئي نٿو جو هڪڙي گشئي سان کڻي ياراڻو ڳنڍيو اٿيئي!“ دوستن دڙڪو ڏنو ته ”يار، جيڪڏهن تنهنجي انهيءَ گونڊن سان سنگت آهي ته اسان جي الله توهار!“ مون به ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي، آخر دوستي جو ٿي!
هڪڙي ڏينهن، جيئن چاڪيواڙي پهتس، ڏٺم ته گوڙ لڳو پيو آهي. ماڻهن جا حشام بيٺا آهن. بلوءَ جي گارين جو زيپٽ پيو پوي. مون سمجهيو، اڄ خير نه آهي. الائي ڇا ٿيو آهي! گوڙ کي چيريندو، اڳتي وڌيس. ڏسان ته ڪار بيٺي آهي. ان جي اڳيان، بلو هڪ موٽي سيٺ کي گردن کان جهليو بيٺو آهي. ”سالا حرامي جيڪڏهن توکي ڪار نٿو هلائڻ اچي ته ڪار ڇو هلائي ٿو!“ سيٺ ڪرڙيءَ وانگر پئي ڦٿڪيو. ”ڇا اوهان سيٺيا دنيا جي نشي ۾ ايترو انڌا ٿي ويا آهيو جو غريبن جي مٿان اکيون ٻوٽي ڪارون ٿا چاڙهيو!“ مون وڃي بلوءَ کي پٺيان ڀاڪر وڌو. منهن ورائي دانهن ڪيائين، سائين ڏسو، هي حرامخور ڪهڙو نه بي پرواهيءَ سان ڪارون ٿا هلائين. غريب ڇوڪري مٿان ڪار چاڙهيو اٿس. ان کي اسپتال ڇڏڻ بدران، ڪار ڀڄائي ٿو وڃي!“ ائين چئي هڪڙو زور سان چنبو وهائي ڪڍيائينس. مون کڻي سندس هٿ روڪيو. ڪجهه سندس جوش گهٽيو. سيٺ کي چيائين ”کڻ هن ڇوڪري کي ڪار ۾!“ ڇوڪر کي ڪار ۾ کڻائي اسپتال آياسين. ڊاڪٽر جي فيءَ سان گڏ ڇوڪر جي مائٽن کي سيٺ کان پنجاهه رپيه وٺي ڏياريائين، تڏهن وڃي سيٺ جي جند ڇٽي.
هڪڙي ڏينهن، جيئن اسڪول ۾ گهڙيس ته ڇوڪرن چيو، ”سائين رات اسان جي پاڙي ۾ وڏو جهيڙو ٿيو آهي.“ مون سمجهيو، ضرور بلوءَ ڪو دنگو مچايو هوندو. ”سائين، رات، بلو دادا ٽن چئن اشرافن جي لاک لاٿي آهي. ويچارن کي خوب موچڙا هنيا اٿس. سندس رت ڪتو نه چٽي. بس، کين اڌمئو ڪري، ڇڏي ڏنائين.“ مونکان هينئر پرهائڻ ته ويو وسري. اچي اڻ تڻ لڳي ته رات الائي ڪهڙو معاملو ٿيو آهي. جيئن تيئن ڪري، جڏهن سڪول کان ڇوٽي ملي، ته ڏسان ته جهانگيان جي ڪيبن تي مڙس اک سڄايون ويٺو آهي. وڃي ڀرسان ويٺو مانس. هوٽل جي ڇوڪر کي واڪو ڪري چيائين، ”چانهه کڻي آءُ.“ مون چيس، ”آءٌ تنهنجي چانهه نه پيئندس.“
آخر ڇو!
”تون ڪيترا ڀيرا مون سان وعدو ڪيو آهي ته داد گيري نه ڪندين، مگر جيئن ٿڌ تيئن وڌ!“
يڪدم وراڻيائين، ”سائين، پهرين ڳالهه ته ٻڌ، رات ڇا ٿيو. ٽي حرامزادا سوٽيل بوٽيل، پاڙي جي ڇوڪرين جي پٺيان پيا ڦرن. ڀلا سائين، تون چئو، اهڙي وقت، بلو بس ڪري وهي؟ ٻه ٽي لپاٽون هڻي، سالن کي سبق سيکاري ڇڏيم.“
هڪڙي دوست جي شاديءَ جي، ملير ۾، ڪوٺ ملي. بلوداد کي چيم ته گڏجي هلنداسون. پروگرام رکيوسين ته هتان آچر ڏينهن، ڏهين ڌاران، چاڪيواڙي کان نڪري، لي مارڪيٽ وٽان بس پڪڙي، ملير هلنداسون. سڏ واري ڏينهن، اڃا چاڪيواڙي کان سوء کن وکن جو مس کنيوسين ته ڀت جي پاڙ ۾ ڪنهن مسڪين جو لاش نظر آيو. سمجهه ۾ ائين پئي آيو ته ڪو پرديسي بيمار آهي، جنهن کي رات سيءَ سڪائي ڇڏيو آهي. ڏسندي چيائين ”سالي کي مرڻو ئي اڄ ۽ هتي هو.“ گهڙي رکي وري چيائين ”سائين، هن جو ٺڪاڻو ڪيون.“ مون اڃا ڪڇيوئي ڪڇيو ته جهٽ وراڻيائين، ”ڪنهن جي شاديءَ ۾ وڃڻ بدران، ڪنهن جي موت تي وڃجي ته ڀلو!“ آءٌ چپ ڪري بيهي رهيس بگيءَ واري کي سڏ ڪيم. بگيءَ وارو پڙ ڪڍي بيٺو چي، آءٌ پنهنجي بگيءَ تي لاش نه کڻندس. هوڏانهن، ”بلوءَ سان پالو پيو هوس، سو قميص کان ڇڪي کڻي هيٺ لاٿائينس. بگيءَ وارو ائين ڪڇي جهڙي ڀت. لاش کي بگيءَ ۾ کڻي، اچي مسجد وٽ پهتاسون. بلوءَ وٽ پئسو ٺهيئي ڪونه. مون لاءِ به مهيني جون پويون تاريخون. ڪفن دفن جو خرچ ڪٿان اچي!“
”بلو، هينئر ڇا ٿيندو؟“
”سائين، هي بليڪ مارڪيٽر“، سيمنٽ جي ٺهيل وڏيءَ بلڊنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”اسان جي پئسن سان ئي شاهوڪار ٿيا آهن. اڄ اسان جي موت تي هنن کي پيسا ڏيڻا ئي پوندا.“ مونکي لاش وٽ بيهاري، پاڻ سيمنٽ واريءَ بلڊنگ ۾ گهڙي ويو ٿوريءَ دير کان پوءِ موٽي آيو. سندس هڪ هٿ ۾ ڏهين ڏهين رپين جا ٻه نوٽ هئا، ۽ ٻئي هٿ ۾ کليل چاقو. ”بلو، هي چاقو!“ ”سائين، پهريائين ته گوٿ ناٿي پئي ڪيائين، مگر هن کي ڏسي ڍڍرئي ڍرا ٿي پيس!“
جئن وئڪيشن ختم ڪري، ڪراچيءَ وريس، اندر ۾ اُڪير هيم ته بلوءَ سان ملان. جڏهن جهانگيان جي ڪيبن وٽ، پهتس، ڏٺم ته بلو غائب هو. جهانگيان ٻڌايو ته بلو مڪران هليو ويو آهي.
”ڇو؟“ مون يڪدم پڇيس.
”سائين“، سيمنٽ جي بلڊنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”سيٺ صاحب، بلوءَ کي گونڊاائڪٽ هيٺ شهر نيڪالي ڏياري ڇڏي!“
مان سوچ ۾ پئجي ويس، ڇا، بلو سچ مچ گونڊو هو!

1 comment:

  1. It is the best platform for Sindhi stories
    Devi nangrani

    ReplyDelete