Sunday, December 4, 2011

ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون - منظور ڪوھيار


ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون
منظور ڪوھيار

مهينو جولاءِ جو ۽ وقت صبح جو آهي، آسمان تي هلڪن هلڪن ڪڪرن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي. ٻٻرن، ٻيرن ۽ نمن جون چوٽيون لڏي رهيون آهن. ڳوٺ ‘رانجھي سدوري’ جي مسيت (مسجد) ۾، جھرڪ، جھرڪين کي ڊيڪائي رهيا آهن. ڪنوارو مولوي، زيبيءَ جي ٽاٻريءَ ڌيءَ کي دير تائين سبق پڪو ڪرائي رهيو آهي. زيبي، ڌيءَ جو انتظار ڪري ٿڪجي پئي آهي. سوچي ٿي: ‘ڇوري کي سڏي اچان ته ماني کڻي وڃئون ٻنيءَ تي.’
زيبي جو مڙس عدلو، ڳوٺ جي اولهائين نئين ٺهيل روڊ جي پرئين ڀر، ٻنيءَ تي وانگارين سان گڏ روت ۾ مشغول آهي. عدلوءَ جون نظرون رکي رکي بچيءَ جي پنين ۾ کُـپي وڃن ٿيون. جنهن جي سٿڻ جا پاچا ذري گھٽ گوڏن تائين کنيل آهن. بچيءَ جومڙس ڪوڙيءَ کي اک ۾ ڪيون مرايون هڻي رهيو آهي. ڪوڙي رونبو گھٽ ڇانجرا گھڻا ڪري رهي آهي.


رحيمان، ٽئي ويڙها ڳوٺ جا ڳولي ڳولي ٿڪي آهي، پر جانڊاهي کوتيءَ جو پتو نه کرو. مونجھاري ۾ آهي ته ڪڏهن اٽو پيسبو، ڪڏهن ماني پچندي؟ جڏهن ته کوتي، ڳوٺ جي مقام ۾، ٻوڙن جي اوٽ ‘استاد گھر’ لڳي پئي آهي.
ڳوٺ جي پهرئين ويڙهي جي آخري لانڍيءَ ۾، رستم جھانورو مولودن جي ڌم لايون ويٺو آهي. سندس سُر ٺهي ئي نٿو. نڙيءَ جي سُرڪي کيس ماري ڇڏيو آهي. ڀڻڪي ٿو: ‘هيڏو سارو ويڙهو آ ... ڪنهن کي ٽي چار داڻا ڪارن مرچن جا به ڪونهن، جو کڻي خدا ڪارڻ ڏين ... پر جي هوندن ته به چوندا، ڪونهن!’
ڳوٺ جي اوڀر ۾، وهندڙ آچر واهه جي ٻوڙن مان، اڃا نانگن جو جوڙو نڪتو مس، ته سامهون نور سينو ساهيون بيٺو آهي. مادي، نر کي سمجھائي ڄڻ موٽايو آهي ته، ڇڏيس وات ڳاڙهو آ، وات ڳاڙهي سان اٽڪائڻ سٺي ڳالهه ناهي ... آچر واهه جي پرئين ڀر، خانو کبڙن هيٺان، ڪاني ۾ بليڊ اٽڪايون هيٺين سنت ادا ڪري رهيو آهي.
وچئين ويڙهي ۾ قادن ماءُ، قلمي قرآن هيٺان رپين جا ٻه سو رکي پارت ڪري رهي آهي: وسيلا! پارت ٿي مان رن زال جي ... هاڻي ڪُل ٻه هزار روپيه ٿيئي!’
ڀرسان واري گھر ۾، جمن جي ڪنوار، وھنجي جنابت لاٿي آهي. اڱڻ تي ڏندي ڏيندي، ڦڻيءَ ۾ اٽڪيل ڀرپٽن (وڏين جوئنن) کي ڪڍي ننهن تي رکي، ماري رهي آهي. اک ڊيگھه تي، ڪنگيءَ جو سنوڻ ٿي رهيو آهي. لانڍيءَ ۾ هٿراڌو ٽنگ ٿيل آهي. مٿان ‘شاهي’ هيٺان ‘ربل’ بيٺي آهي، ٻن ٽن سالن جو ٻار ٽنگ مان، هيٺ مٿي ٿي رهيو آهي. ڪڏهن ربل جي هٿن ۾، ڪڏهن شاهيءَ جي هٿن ۾. ٻئي چئي رهيون آهن:
‘ٽنگ سوڙهو، شانو ٿلهو
شانو ٿلهو، ٽنگ سوڙهو.’
ڪنگي ورتل شاني، ٻرڙاٽ ڪندي مُـٽي ڏنو آهي.
وچئين ويڙهي جي اوڀارين گھر جي ڪوٺيءَ ۾ حياتان چانورن جو اٽو  ڪتن کان لڪرائي، ماٽيءَ ۾ وجھي رهي آهي. سوچي ٿي: ‘وڌ ۾ وڌ مڙسن کي ٽي مهينا ڪتي لڪ کارائبي آهي ته ڪتي وانگر پڇ لوڏڻ شروع ڪندا آهن. ٽيون سال آ، هن ماريي کي اثر ئي نٿو ٿئي. جڏهن ڏس تڏهن مڇرجي، پاٽيءَ جيڏا ڳوڙها ٿو ڪري ڇڏي.’
ٻاهر اڱڻ جي ٿلهي تي ڏيرياڻي جنت، کير ولوڙي ٿڪجي پئي آهي پر نڪتي اها ئي ٽيڱـڻي آهي. دٻرندي چئي رهي آهي: ‘پڪ اها حسنه ساڙوٽي آهي، جيڪا پڙهيا ٿي وجھي.’
حسنه، ڪنڌيءَ جي ٻئي پاسي، ڪنڌ جھڪائي ٻين سان گڏ، رلهين جا سيبا ڪري رهي آهي. اوچتو سندس اکين ۾ سَـرٽ پئجي ويو آهي. ماسي نصيبان ڪنَ مان چانديءَ جي والي ڪڍي، ڌوئي ڌپوئي واليءَ جا ڪنارا سندس اکين ۾ گھمائي چئي رهي آهي:
سَرٽ ڀڃانءِ؟’
‘ڀڃ.’
‘سرٽ ڀڃانءِ.’
‘ڀڃ!’
ستن دفعن کان پوءِ حسنه کي آرام اچي ويو آهي.
ڳوٺ جا ٽاٻر ڇورا، اتر پاسي، پاڻيءَ جي کڏ ۾ تڙڳي تڙڳي، اکيون جيرا ڪري موٽيا آهن. گوڏ جي پلون ۾مڇين جي در ۽ شاڪر ڦاسايون آيا آهن. ڪن کي وڻ ويڙهيون وات ۾ آهن. ڪن ناڙي جي ڏانڊين مان توتاڙيون ٺاهيون آهن. زور سان وڄائيندي، ڳوٺ جي ڪراڙن ۽ ڪراڙين کي تائي تپائي ڏنو آهن.
‘او بس ڪيو ... آڪهه جا ....!’ نانو صالح جنهن کي اڳيئي جادل ذل ڪري ڇڏيو هو، سو ويتر چڙي پيو آهي.
‘او نانا! ڌاڳو وٽي ڏي ... الائي چور تپ ٿيو ٿس.’
‘فُوٽ ....! سڄي ڳوٺ ۾، مان هڪڙو چور هيس ڇا ...؟ ڏاڏنهن ته حج ڪئي کان پوءِ به هٿ مان رسو نه ڪڍيو هو.’
‘نانا، ان جو نٿو لڳيس ... تنهنجونانءُ وڏو آهي.’
ناني صالح جو هانءُ ٺري پيو آهي. هن ڌاڳو وٽڻ شروع ڪيو آهي ۽ چئي رهيو آهي: ‘اسان هياسين بادشاهه چور، ڪن ڏاڏنهن وانگر ٻڪريون ٺڪريون ڪاهيندا ها سي ....!’
جادل مڙس لاءِ، سڳو وٺي واپس وري رهي آهي.
پوئين ويڙهي واري نم هيٺان ڇوڪريون گُڏي گڏي کيڏي رهيون آهن. پنهنجين وڏين جي اهل ڪندي، ڪوڙ پچائيءَ جو جھيڙو ڪري رهيون آهن: ‘ها، ها ....! تهان وري مٿئون لهي آيون آهيو ... شهر جون شوديون ...!’
‘بس ڪر ... کدڙي ڪڪڙ!’
‘پاڻ هوندئين ...!’
هڪڙي ڇوڪري مٿو کنهندي، بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهي آهي: ‘ادي، هاڻي جھيڙي کان بس به ڪيو .... اچو ته سهرا چئون ....!’ ائين چئي هڪ سهري جو سُر ڪڍي رهي آهي:
ونل جو جورو ڍڪي آ رومال سان،
ڍڪي آ رومال سان وڏي اقبال سان ...’
‘نه ادي، نه ....! اهو نڀاڳو سهرو ريڊيي تان ٻڌي ٻڌي مٿي ۾ سور پئجي ويو آ ...!’
‘ڪهڙو ڀلا!؟’
اها ڇوڪري تنگ ٿي کائنس پڇي ٿي. ٻيون سُر ڪڍن ٿيون.
‘او، مون کي نٿو وڻي لاڙڪاڻو، ڙي اديون!
او ، مون کي ملڪ وڻي ٿو اباڻو .... ڙي اديون!’
وڏي نم جي ڀر ۾، ڳوٺ جي چڱي مڙس صيفل جو گھر آهي. صيفل جي وڏي ننهن گلان ڪوسي خاڪ ۽ ٻيرچون کنيون موريز ڏانهن وڃي رهي آهي. صيفل جي زال قذي مٿي کي ڀينڊيون ٻڌي سُتي پئي آهي. صيفل، وڏي پٽ لاءِ، پوٽي کان خط لکرائي رهيو آهي:
‘لکيس .... ته ڪل خير آهي ... باقي جيڪا ڇوڪر جانب وارن اسان کي ڏيڻي ڪئي هئي ، تو واري رشيد لاءِ. پوءِ ڦري ويا ها ... قذرت خدا جي، وڃي ٿي کڏ مان مٽي ڪڍڻ، پيس پير ترڪي، ڌو تار پاڻيءَ ۾ .... ٻڏي مئي ... دل کي ڏاڍي فرحت آئي .... ابا، دشمن هن، دشمنن جي دانگي ڀڄي ته به چڱي ... پر مان ڏيکاوَ خاطر مڙيئي در لنگھي، رضا الله جي ڪري آيو مانِ .... ڀاڻين مجو ڏاڍو ڪاوڙيو، چئي .... اسان کي ڏسي ٻانهون پٺيان اڇلي هلندا آهن ... ڀلا جي اڇلن ٿا ته پنهنجي پُٺ جون مکيون تڙيندا، اسان کي ڇا ڪندا، ڪن نه!؟’
رشيد، جيڪو اٺين درجي ۾ آهي. ‘ها!’ چوندي، اڌ گابرو لکي رهيو آهي. صيفل کنگھي کڙڪي نڙي صاف ڪري، وري لکائڻ شروع ڪيو آهي:
‘لکيس .... ته ٻيو مڙيئي خير آهي ... باقي دادوءَ کي ڪک سنگھيو هو. ابا، خبر ته هوندءِ .... هسپتال ۾ نانگ واريون سيون ڪو نه ٿيون ملن .... بچڻ مشڪل ٿس. باقي حياتي الله وس آ ... ٻيو ابي کي چوان منهنجي ۽ رشيد لاءِ نيشنل ٽيپ ۽ سعودي مان ريل (ڪيسٽون) وٺيون اچجانءِ ... ائون رپين جا ويهه هزار به کنيون اچجانءِ ... جو هيل وڏو خرچ آيو آ ... آبدار کي به ٻوٻو ڏيڻو آ ... ائون ..!’
اوچتو ڳوٺ ۾ رڙو رڙ مچي وئي آهي. صيفل خط روڪرائي ڪنائي رهيو آهي. خانوءَ کي ٽڪو اچي ويو آهي. گلان جو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو آهي. عدلو رونبو ڇڏي، ڳوٺ ڏانهن ڀڳو آهي.کڻي  جو سنڀالن ته، پوليس خان ڏني، قادن، مجو، منو، جانب، ۽ دينو، ڇهن ئي کي هنيون کنيون وئي آهي. هرڪو هڪ ٻئي کان پڇي رهيو آهي. ڇو ....؟ ڇاتي ....؟ جن ڏٺو، تن ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي پويان، ڪچي ڏانهن ويندڙ، پوليس جون به گاڏيون موٽيون پئي آيون. گاڏين کي ڳوٺ وٽ بريڪ  لڳي، چيڪاٽ نڪتا. ٻنين واري پاسي کان خانوند، گوڏ، گنجيءَ ۾، گاهه جي ڀري کنيون پئي آيو. پوليس وارن سڏي پڇيس: ‘هن ڳوٺ ۾ رهندو آن!”‘
‘ها، سائين!’
‘ويهه گاڏيءَ ۾!’
خانڏنو ڀري اڇلائي، گاڏيءَ ۾ ويهي رهيو. قادن ڳوٺ کان نڪتو پئي آيو ، ٻاهرين کوهه تي ڏاندن کي پاڻي پيارڻ. پوليس وارن پڇيس: ‘نالو ڇا ٿي!؟’
‘قادن!’
‘جي تون قادن آن ته پوءِ ويهه گاڏيءَ ۾ ....!’
ائين سڀني کي رستي تان جھليندا، گاڏيءَ ۾ وجھي شهر هليا ويا آهن.
صيفل جي گھر ۾ زالين مردين جُھم لڳو پيو آهي. پهه پچار هلي رهي آهي ته هاڻي ڪيئن ڪجي ...؟ جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن. ڪو چوي ٿو، نباب (نواب) صاحب، ايمني (ايم ــ اين ــ اي) ڏي هلجي. ڪو راءِ ڏئي ٿو ته، رئيس وڏي اينپي (ايم ــ پي ـ اي) ڏي هلجي. سڀئي وري ويچارن ٿا ته : جي نباب ڏي وڃبو ته جواب ملندو. ٻاهر ويو آ. پڇبو: ڪاڏي؟ ... ته چوندا، خبر خداءِ کي ... جي رئيس ڏي هلبو ته چوندا، ستو پيو آ.
آخر ۾ صلاح اِها بيٺي ته، ادي پير بئڪ(پير بخش) ڏي ٿا هلون. رهي به ڀر واري ڳوٺ ۾ ٿو. اڳي کڻي ٺٺينگ هو، پر هاڻي راهي رسائي وارو ٿي ويو آهي. اڄ ڪلهه هليس به چڱي ٿي. اسلان باد (اسلام آباد) به ويندو آ .
اهڙي ڳڻ ڳوت ڪري، صيفل ويڙهن جا ٻه چڱا غلامو ۽ هاشم ساڻ کنيا آهن. ادي پير بخش وٽ پهتا آهن. ادي پير بخش سڌي ڳالهه ڪين ته، پنهنجي پر ۾ وس ڪندو ته مفت ۾ ڇڏائي، پر پوءِ به ات ڀئه ۾ بلو ڀيڻي ڪري هلجي ته بهتر آ.
ڳوٺ ۾ وٺ سٺ ٿي وئي آهي. قذي، ماءَ جا آنڊا، ڏڪندڙ هٿن سان اوڏڪي ڀت جي وٿيءَ ۾ پراڻين اڳڙين ۾ ويڙهيل گتيل پيسا ڪڍيا آهن. حسنه مڙس لاءِ رنگهي چنگھي رلهي اڊيڙي آهي. قادن ماءُ قلمي قرآن هيٺان ٻه هزار روپيه ڪڍيا آهن. ڪنجھي ڪرڪي رهي آهي: ‘چهنڊين سان ميڙيا هيم ... وري اهي رتُ جون مانيون، سورن جو ساڳ ....’ تنهن کان سواءِ ڪنهنجو سينڌ ڦل، ڪنهنجو ٽڪو، ڪنهني نسبي، ڪنهنجو ڪنگڻ، ڪنهنجون واليون لهي، گڏ ٿي، هڪ ڳنڍڻي ۾ پيون آهن.
ٺهي سنڀري اچڻ کان پوءِ ، پير بخش پنهنجي اڌوراڻي ڪار ڪڍي آهي. صيفل ۽ ٻين چڱن کي ويهاري، پهريائين کين شهر جي سوناري ڏانهن وٺي ويو آهي. سون وڪڻائي سڌو ٿاڻي تي آيو آهي. صيفل ۽ ٻه چڱا مڙس ٻاهر بيٺا آهن. اندر ٿاڻي ۾ پير بخش ۽ پوليس انسپيڪٽر جون ڳالهيون ٻولهيون هلي رهيون آهن. هڻندي ماريندي سڄو معاملو سٺ هزار ۾ طئه ٿيو آهي. قدرت خدا جي، مالڪن وٽ به پورا سٺ هزار آهن. سومهياڻي ڌاري همراهه ڇُٽي نڪتا آهن. ڳوٺ کان شهر پنج ڪلو ميٽر کن پرتي آهي. پنڌ هڻي ڳوٺ پهتا آهن. ڳوٺ جي سڀني عورتن، مردن ۽ ٻارن جون ننڊون حرام آهن. ڳاراچو هلي رهيو آهي. ڇُٽل ٻڌائي رهيا آهن ته، ٿاڻي تي، پوليس پهريائين ته ساڻن ڏاڍي وڙهي. چيائون: ‘اونت ڏيو ... هجي ڪا ڳائي وائي ته ٻڌايون ... بس جڏهن ادو پير بئڪ (پير بخش) پهتو ته ڏمر لٿو.’
سڀني ادي پير بخش جي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي آهي: ‘نه ، نه ....! وڏي شابس ٿس ... اها تسبيح واري جي دعا ٿس ... جاڪون لاڪون اسلان باد وڃڻ شروع ڪيو ٿئين، تاڪون لاڪون اها تسيبح هليس ٿي، پڙهي ته الائي ڇا ٿو!؟’

صيفل کي اوٻاسيون اچي رهيون آهن. وات تي هٿ رکي، اوٻاسيءَ کي روڪيندي، سڀني کي چوي ٿو: ‘هلو ...! هاڻي سمهي پئه. رب کي سنڀاري ... سڀاڻي خط پورو ڪرائي به ته موڪلڻو آ.’
سڀئي آهستي آهستي ڪک پن ٿي رهيا آهن. هوڏانهن ادو پير بخش به پنهنجي گھر ۽ ڳوٺ ۾ خوش آهي. سوچي ٿو، ‘ڪجهه ته هانوَ جھل ٿي ... نانگ ته ناهيان جو مٽي کاوان .....’

No comments:

Post a Comment