Thursday, December 1, 2011

ٽيون سبب - منظور ڪوھيار



ٽيون سبب
منظور ڪوھيار
اصلي سبب؟؟؟.....
مسب السباب کي معلوم، پر الحاج رئيس جان محمد جي خيال ۾، مدرسي جي اجڙڻ جا ٻه سبب ٿي پئي سگهيا . هڪ ته اهي اڳيان استاد نه رهيا، جن کي علم سان عشق هيو ۽ ٻيو نه وري اهي طالب جن کي علم سان محبت هئي. هاڻي هيا به ته استاد نانءَ جا، جن کي عالم ٿيڻ جو اشتياق گھٽ، رڳو مرڻو پرڻو کائيندڙ وڌي ويا ها. طالب به اڻ گهڙيا ڪاٺ ۽ کٽي کل وارا ڪي اوستي محمد ۽ ڳڙهي خيري جا ٻروچ ته ڪي خضدار جا بروهي. جن کي پڙهائڻ ائين هيو، جيئن ڪاري ڪلر ۾ ڪڻڪ پوکڻ.


رئيس جون اکيون تر ٿي ويندون هيون، جڏهن پورن ٽن ايڪڙن جي مدرسي ۾ ٽيهارو کن طالب مس ڏسندو هيو. ڪڏهن ته اتر سنڌ ۾ ڳوٺ غازي خان جو مدرسو چئي کڻي بس ڪيو. ناظره ، حفظ ، پارسي، عربي، فقه و تفسير، حديث ويندي علم ميراث به پڙهايو ويندو هيو. پر جڏهن کان پارسيءَ جو استاد به ڇڏي ڀڄي ويو ته رئيس کي ائين لڳو هو ڄڻ خانداني مدرسو اجڙيو ڪي اجڙيو.
باقي وڃي ناظره ۽ حفظ بچيو هيو. ناظره مولوي عبدالحليم پنجن سالن کان پڙهائيندو ايندو هو. سندس ايتري ٽڪڻ جو سبب قناعت پسندي هئي يا تن آسانيءَ ۽ حافظ شمس الدين ٽن سالن کان حفظ ڪرائيندو هو. جيتوڻيڪ حافظ جو طالبن تي ڏنڊو کڻي پڙهائڻ مشهور هيو پر اهو به هلايل هيو ته حافظ، ڪجهه بد عادتو به آهي ان ڪري بد اڇا بدنام برا واري افواهه به کيس رهڻ تي مجبور ڪري وڌو هو. نه ته اڄڪلهه علت المشائخ واري اوڻائي پوڻائي ڪٿي ناهي؟....
پارسيءَ جي استاد کانسواءِ رئيس کي مدرسو ٻُسو پئي لڳو. رئيس پاڻ انهيءَ مدرسي ۾ پڙهيو هو. مدرسي جو اوج اکين ڏٺو هيائين، پارسيءَ جو ته عاشق هيو. گلستان بوستان کان وٺي ، يوسف زليخا، مثنوي شريف مولانا ۽ مامقيما تائين پڙهيل هو ، ان ڪري پارسيءَ جي استادن جو قدردان هو. پر خبر ناهي ڇو پارسيءَ جا استاد سندس مدرسي ۾ ٻن ٽن مهينن کان وڌيڪ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندا هيا.
رئيس هڪ ڏينهن جوش ۾ اچي جماعت آڏو انجام اقرار ڪري ڳوٺان نڪتو ته جيستائين مدرسي جي لاءِ پارسيءَ جي استاد جو بندوبست نه ڪندو، تيستائين ڳوٺ نه ورندو.
ٿيو به ائين، موٽيو ته سرخرو ٿي. ساڻس هڪ خوبرو گڏ هيو. عشاءِ جي نماز کان پوءِ رئيس ، جماعت آڏو سندس تعارف ڪرائڻ لڳو:
”سائين جن جو اسم شريف سعد الله خان آهي. پاڻ اصل لاڙ جا، مٽياري شريف جي ڀرپاسي ۾ رهن ٿا. پنهنجي ملاقات ساڻن، سائين ڏنل شاه جي مدرسي ۾ ٿي، پهرين ملاقات ۾ سندس ننڍي وهي کي ڏسي، مان ته ائين سمجهيو ته وڌ ۾ وڌ ڪريم ، نامه حق ، پند نامه، يا گلستان بوستان پڙهيل هوندو. پر جڏهن مامقيما جي ڳالهه  ڪيائين ته مان به آزمودي خاطر مامقيما مان پهرئين سٽ پڙهي:
مامقيمان ڪوئي دلداريم!
ته استاد سعد الله هڪدم ٻي سٽ پڙهي:
رخ به دنيا ودين نمي آريم!
مان اتي شعر جي پنجين سٽ پڙهي ته ڏسان ته ڇا ٿو چئي؟ ته چيائين:
به چشمان دل مبين جز دوست!
اتي مان بي اختيار ٿي ، اٿي سندس ڪنڌ تي چمي ڏني ۽ چيم، بيشڪ، تون اهو گوهر يڪته آهين، جنهن جي مونکي تلاش هئي. هل، هلي منهنجي مدرسي کي آباد ڪر. پهريائين ته استاد سعدالله اُسگس ۽ نٽ نٽاءَ ڪيو ته اتر جي سخت موسم ۽ ماڻهن ۾ جالي نه سگهندس. پر پوءِ جڏهن يقين ڏياريومانس ته پنجئين آڱريون برابر ناهن، الله ۽ الله جو حبيب ڪندو ته سندس دل لڳي ويندي. ۽ جيڪو طلبيندين، سو توکي ملندو....“
انهيءَ سڄي تعارف دوران استاد سعد الله خان جو ڪنڌ هيٺ هيو. شرمائيندي ڪنڌ مٿي کنيائين ته سڄي جماعت کيس هيٺان کان مٿي ائين ڏٺو ، جيئن ڪنهن وهڙي کي کُرن کان وٺي سڱن تائين جاچجي. جيئن چئبو آهي ته جوءِ جي خبر گابن مان پوندي آهي. تيئن اترادين استادن جي ڳر مان اندازو پئي هنيو ته ڪنهن چڱي جوءِ جو پليل جوان آهي. ڪڻڪ رنگو، ڀريل ڳل ، مٿان وري پوري پني ٺهندڙ سونهاري، چيروين اکين ۾ حيا ۽ لڄ الڳ مٿي تي کير جهڙي اڇي ململ جي دستار. جي رئيس سندس ڳورو تعارف نه ڪرائي ته ڪير پت ڪري ها ته هي ڳڀور به ڪو استاد آهي.
”جي آيا ، ڀلي آيا... استاد صاحب!... اساڏي سر دا سائين اي،“ جماعتن مان سرائي خداداد، پنهنجي ٿلهن شيشن واري عينڪ کي ٺيڪ ڪندي، راڊ جي روشنيءَ ۾، استاد کي چڱي ريت ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
رئيس وري کنگهي کڙڪي، سڄي جماعت کي هدايت ڪئي:
”بابا، لاڙ جو مهمان آ، سڄي جماعت کي پارت ٿي ڪجي ته استاد جو خاص خيال رکن ائين نه ٿئي ته اترادين کي گلارو ڪري وجهو. اڳيئي لاڙ وارن کي گهڻيون شڪايتون آهن“.
”انشا الله ...! ڪا شڪايت نه ٿيندي ، رئيس ....! استاد، ائين نه سجهي ته مزمان آ، پر ائين سمجھي ته پنهنجي گهر ۾ ويٺو آ.“ جماعت پاران اڳ اڳ ڪندي، ڪمدار الهورائي گرمجوشيءَ سان جواب ڏنو، جنهن استاد جي ڪتابي چهري کي مخصوص اترادي انداز ۾ ڪافي دير کان وٺي پئي تڪيو.
آخر ۾ مولوي عبدالحليم ۽ حافظ شمس الدين به روايتي انداز ۾، رئيس کي يقين ڏياريو:
”رئيس ! الله کي پارت آ!“
ٻن ٽن ڏيهاڙن ۾، استاد سعد الله کي مدرسي جي حالت زار جو اندازو ٿي ويو. طالبن جي نشست وبرخواست ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ته منجهن اخلاق حميده اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سندس خيال ۾ شاگرد ادب آموخته ڪيئن ٿين؟ جڏهن استادن جي حالت اها هئي، جو مولوي عبدالحليم آرسي ۽ ڪاهل هيو . ان جو سبب اهو به ٿي پئي سگهيو ته اهل عيال وارو هو. جڏهن ته حافظ شمس الدين ، خدا سندس وجھه تي رحم فرمائي،  ڇڙو ڇانڊ هئڻ جي باوجود به، منجهنس وضوءَ کان سواءِ  وهنجڻ جي عادت الاماشيٰ هئي. سونهاري اهڙي اونهاري اڻڀي ۽ وچڙيل، جو ڪرڙي هڪ دفعو گهري وڃي ته نڪري نه سگهي. پري کان سندس بدن مان ڇٽ کنيون پئي آئي. هن ان ڪري دل ئي دل ۾ پهريون فيصلو اهو ڪيو ته طالبن کي اخلاق ذميمه مان آجو ڪجي. ان ڪري پهريون هفتو ته هن ويهي طالبن کي اهو سمجهايو ته صفائي اڌ ايمان آهي. کين نشست وبرخواست جا ادب آداب ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا طريقا سمجهايا.
جمعي جي ڏينهن ، جڏهن طالبن فجر جي نماز کانپوءِ استاد جي چوڻ تي نم ، کبڙ ۽ مساڳ سان پنهنجا ڏند مهٽي سهٽي اڇا ڪيا. ڳچيءَ ، سيني، ٺوٺين، مُرن ۽ پيرن جي مَــرُ ، سروٽن سان رڳڙي رڳڙي صاف ڪئي، ڌوتل پوتل ڪپڙا پهري، جمعي جي نماز کان اڳ، استاد سعدالله جي حجري ۾ اچي ويٺا ته استاد کي پنهنجين ئي نظرن تي يقين نه پئي آيو ته اهي ساڳيا طالب هيا، ڪي ٻيا. کيس ائين لڳو ڄڻ صدف جو سينو چيري گوهر ٻاهر نڪري آيا هجن. طالبن جي سرمي ۾ ٽٻ ٿيل اکين جي اڻين ۽ تيل ۾ جرڪندڙ رخسارن ۾ سندس نظرون اٽڪيون اٽڪيون پئي پيون. پهريون دفعو دل ئي دل ۾، لاڙ ۾ انهيءَ هلايل ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيائين ته ڪو اتر ۾ رڳو جن ڀوت رهندا آهن.
مٿئين طبقي وارا طالب، جن جي عمر اندازن چوڏنهن کان ويهن سالن تائين هئي. جيڪي پهريائين ڏٺي نه وڻندا هيا. سي سڀ تراش خراش کان پوءِ آهستي آهستي مثل الماس، پکراج، مرجان ، موتي ، زمرد ۽ زرقون ٿيندا پئي ويا. سواءِ هڪ ٻن طالبن جي.
سڀني طالبن ۾ وري جيڪو مثل ياقوت احمر پئي لڳو. سو هيو لعل جان. جهڙو نالو تهڙا گڻ هيس، بنهه اسم با مسمي. لعل جان جي عمر چوڏنهن سال ، الف قد، صاف رنگ ، نرگس شهلا جهڙيون اکيون، ابروڪمان، بيني صراحي ، مٿان وري آواز ۾ ميٺاج ڄڻ الحان دائودي، مولود ٻڌائي ته بدن مان سيسراٽيون ڪڍي ڇڏي، ڳالهائي ته صراحي جي قُل!قُل!... اهي سڀيئي ڳالهيون استاد سعد الله کي متوجهه ڪنديون ۽ موهينديون ويون. پهريائين چڱڙو، پوءِ چڱو ۽ آخر ۾ سندس لاءِ خورشيد درخشان ٿي پيو. پارسيءَ جا گردان، ”آمدن آمد آمدم آمدي“ ٻڌائيندي، جڏهن صراحيدار گردن مٿي کڻي، نرگس شهلا جهڙين اکڙين ساڻ نهاريندو هو ته استاد جو مرغ دل اڌ ڪٺو ٿي ڇاتيءَ ۾ ڇڙهيون هڻندو هيو. هر روز رات جو اڪيلائي ۾ استاد کي مرغ دل جي منڍي کي عقل جا ٽانڪا هڻي ڳنڍڻو ۽ سمجهائڻو پوندو هيو ته ائين نه ٿئي جو هو پارسيءَ جي انهيءَ مشهور چوڻي جيان ٿي وڃي، آمدم ثواب ڪنم ڪباب شدم. (آيم ثواب ڪمائڻ ڪباب ٿي ويس).
جيئن جيئن دل نادان کي جهلڻ لڳو، تيئن کنچا تاڻ وڌڻ لڳس. جيئن سمجهائڻ لڳو، تيئن ضد ڪرڻ لڳس. جيئن لوچڻ لڳو، تيئن جهيڙڻ لڳس. آخر بي چئي دل جي چوڻ تي، لعل جان اڳيان، دل جي ڳالهه زبان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر حيا، لڄ، خوف ڪري، زبان مان هڪ اکر به نه اڪلي سگهيس. اهو به دل  ۾ آيس ته آسان سنڌيءَ ۾ اشتياق نامو لکي کيس هٿ ۾ ڏئي، پر دل نه جهلي سگهيو ، ته متان اهو اشتياق نامو رقيب رو سياهن وٽان ٿيندو ، رئيس وٽ نه پهچي وڃي. هونئن به کيس ڀليءَ ڀت احساس هيو ته اهڙي ياقوت احمر کي هٿ ڪرڻ لاءِ نوشيروان ۽ تيمور جهڙي دل کپي، جيڪا وٽس نه هئي. آخرڪار دليل ڊوڙائي اهو فيصلو ڪري ورتائين ته جيڪا ڳالهه سئولي سنڌي ۾ نٿو ڪري سگهي. سو پارسيءَ جي محابي سمجهائي سگهي ٿو. ڇو ته کيس استادن جو اهو ٻڌايل هيو ته سنڌي ٻولي اهڙي صفا ۽ سڌي آ، جنهن ۾ چنڊ کاري هيٺان نٿو لڪي سگهي.
پوءِ ماڻهن ڏٺو ته استاد سعد الله ڏينهن رات ڪري ڏنو، پارسي سيکارڻ ، اهڙو لائي ٻاري ڏنائين جو پهرين مهيني ۾ پهلي پارسي، دعايو، ٽوائيو ۽ ڪريم مدرسي جا طالب ائين چٽ ڪري ويا، جيئن ڪٻريون توت ڳهي وڃن. مدرسي م هر سوُ پارسي ءَ جو ٽيڪو لڳي ويو هو . ڳوٺ جا ماڻهو حيران ته انهن اڳ اهڙو استاد ڏٺو نه ٻڌو. رئيس ته هونئي پارسيءَ جي استادن جو قدردان هيو. اهڙي محنت ڏٺائين ته خصوصي قربت ۽ توجهه الڳ ڏيڻ شروع ڪيائينس. لاڙي  استاد جي محنت ضرب المثال ٿي پئي. مولوي ۽ حافظ لاءِ عذاب ٿي پئي.
استاد سعد الله جي محنت جو جڏهن ڪچهري ۾ ذڪر ٿيندو هو ته مولوي ۽ حافظ کي ندامت ۽ شرمساري ٿيندي هئي. ڪچهري ۾ آيو ويو، عموما رئيس کي چوندو هيو ته، ”رئيس! استاد باڪمال آندو ٿي ... اسان کي ته اهو ڀئه آ ته جي استاد سال کن رهيو ته اوهان جو سڄو ڳوٺ پارسي ڳالهائيندو وتندو“.
” انشاالله ! اوهانجي زبان مبارڪ ٿيندي!“ رئيس فخر مان ڪنڌ مٿي ڪري وراڻيندو هو.
رئيس جي غير حاضري ۾ وري سرائي ۽ ڪمدار، وچ ڪچهري ۾ ويٺا، استاد سعد الله جي تعريف ۾ گهنڊڻيون وڄائيندا هئا، جي سرائي هڻندو هو ته ڪمدار کڻندو هو.
”استاد صاحب!... هيرائي هيرا... اهند ٽرڻ، اهندا ٻهڻ، اهندا الاوڻ، اهندا مسڪاوڻ، ميڪون ايڏا وڻندا اي، ڪي اهنڪو اپڻي سيني نال لائي رکان.
”سرائي هاڻي تنهنجي وهي آ، هيرن کي سيني تي سجائڻ جي!؟“
جيڪڏهن ڪنهن ڪچهري ۾ ٽوڪيس ته سرائي چڙي چوندو هيو:
”تيڪون ڪهڙي خبر، چليا!.... استاد ، پارس ئي پارس سڃي ته سون ڪر ڇوڙي... الهورايا ! ڪن مين غلط اکيندا آن؟“
ڪمدار الهواريو به گهٽ نه ڪندو هيو:
”استاد ڏيکارڻ جو ڳڀورڻو آ... باقي الله حياتي ڏيس، پڙهائي جا اهڙا پانور ٿس، جو مان جهڙي ڳوڌ کي به پڙهائي ته اهڙو کتابي ٿي وڃان ، جو هارين کي سڄو ڏينهن فارسيءَ ۾ ويٺو گاريون ڏيان.“
استاد سعد الله خان، ٻنهي جي دل ۾ نه ڪندو هو. ڇو ته کيس ايترو اندازو پئي ٿيو ته ٻئي ڦڙٻاٽي آهن ۽ عمر جي ان حصي ۾ آهن، جنهن ۾ جواني نانگ وانگر نڪري ويندي آهي ۽ پوڙهائپ ان جو پئي ليڪو پٽيندي آهي.
پر هن جي اندر جي ڪنڊ ۾ ڪو لڪل خوف تڏهن ڪر کڻي بيهندو هو. جڏهن حافظ شمس الدين ڪنهن جماعتي سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ، هن کي ڏسي خاموش ٿي ويندو هو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جي وارن کي پريشاني ۾ مروڙڻ شروع ڪندو هو. ان وقت کيس خيال ٿيندو هو ته حافظ جي دل ۾ ڪا الابلا ضرور آهي. پر پوءِ ان ڳالهه کي ايترو وزن به نه ڏيندو هو ته تازو رئيس جان محمد مدرسي ۾ طالبن کي سنڀالڻ جي ذميواري کيس سونپي هئي. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته رئيس کي پارت سفارت ڪرائڻ لاءِ جماعتن کي چوندو هجي . ڇو ته هن ان ذميواري کڻڻ وقت ڪابه دلچسپي ڪونه ڏيکاري هئي. رهندو نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي، رئيس کي چيو هيائين:
”رئيس مولوي عبدالرحيم صاحب جي هوندي، آءٌ ذميواري کڻڻ جو پاڻ کي اهل نه ٿو سمجهان !“
رئيس کيس سمجهائيندي چيو هو:
”دراصل، مولوي پاڻ انهيءَ ذميواري کان دستبردار ٿيڻ گهري ٿو . ڇو ته ويچاري کي ٻه زالون ۽ ولر ٻارن جو آهي. ۽ رهي به مدرسي کان ٻاهر ٿو. کائنس طالب سنڀاليو نه ٿا سنڀالجن. ان ڪري مولوي صاحب کي رڳو رڌي پڪي واري معاملي جي نظرداري کان سواءِ آجو ڪيون ٿا“.
هن وري ٻيو عذر ڏنو هو:
”رئيس! حافظ شمس الدين مون کان وڌيڪ عمر رسيده ۽ تجربيڪار آهي... بهتر اهو نه ٿيندو ته .....“
”حافظ صاحب ، کي ان ڪري ذميواري نه ٿو سونپيان جو ان کي رڳو ڏنڊو ڦيرائڻ اچي. باقي طالبن کي ڪيئن پيار ۽ محبت سان اٿڻ ويهڻ جي تميز سيکارجي ، ان هنر کان اڻواقف آهي.“  ان دليل ڏيڻ کان پوءِ ، رئيس مٿائنس زور ڀريندي چيو هو:
”استاد سعد الله خان ، مان هن مدرسي کي باقاعده پنهنجي والد بزرگوار جي زماني وارو  ادب گاه ڏسڻ گهران ٿو . اُميد آهي ته تون انڪار نه ڪندين. باقي، اهو منهنجو سخن آهي، جيڪو تون وظيفو وڌائڻ لاءِ چوندين، اهو ئي توکي ملندو“.
جيئن ته رئيس جان محمد ڳالهائڻ لاءِ ڪا گنجائش نه ڇڏي هئي، تنهنڪري اها ذميواري کيس نڀائڻي پئجي وئي. استاد سعد الله کي مٿين طبقي وارن طالبن کي سنڀارڻ ۾ ڏکيائي ڪونه پئي ٿي . پر ٻي طبقي ۽ خاص ڪري ٽين طبقي جي چيچ ٻاچ معصوم طالبن کي سنڀارڻ ۾ ڏکيائي ضرور هئي. جيڪي اڪثر رات جو اڪيلائي ۾ پنهنجو پيءُ ماءُ کي سنڀاري روئيندا هئا.
استاد سعد الله خان ، جيڪو پهريائين مدرسي جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾، الڳ ٿلڳ حجري ۾ رهندو هو. سو ڦري وچ مدرسي ۾ ٿي ويٺو ۽ حافظ شمس الدين سندس جاءِ تي. سندس حجري سان لڳو لڳ وڏي ڪمري ۾ ٻي ۽ ٽين طبقي  وارا ويهارو کن طالب رهندا هيا. حجري کان ويهارو قدم پرتي وڏن ونگن واري دالان ۾ ٽين طبقي وارا طالب سمهندا هئا. طالبن جي سمهڻ کان اڳ ، استاد کين اخلاق ۽ تهذيب تي هڪ ننڍڙو خطبو ڏيئي، کين شبِ خير چئي حجري ۾ وڃي ويهندو هيو. جتي سندس شب بيداري شروع ٿي ويندي هئي. اهو سوچي پيو ڪڙهندو هو ته جنهن تي مفتون آهي، ان کي سندس حال جي خبر ڪونهي . جي خبر آهي ته وري احساس ڪونهي. اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي. جيڪو سندس درد جي دوا آهي، سو کائنس ٽيهه قدم به پرتي ناهي. پهريون دفعو کيس احساس ٿيو هو ته ويجهو هوندي به ڏور ٿيڻ ڇاکي چئبو آهي؟
استاد سعد الله ، جيڪو مهينو سوا اڳ ڪچي جي ماچ کاڌل ڍور جيان پاسا هڻي پيو هلندو هيو . سو اهڙي لاٿ ڪري ويو ڄڻ ڀاڳ ناڙيءَ جي بکن ۾ پاهه ٿيل وهٽ هجي. پر اها خبر ته هڪ استاد سعد الله کي ۽ ٻي ان سميع و بصير کي هئي ، جنهن جي آڏو آڌيءَ جو ويهي الاهون ڪندو هو. ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرندو هو ، جنهن جو خاتمو وڃي حافظ جي ان شعر تي ٿيندو هو:
حافظ وظيفه تو ، دعا گفتن است وبس
در بند آمباش ڪ نشنيتديا شنيتد.
(اي حافظ! تنهنجو ڪم رڳو دعا گهرڻ آهي ۽ بس ان خيال ۾ نه پئه ته هن ٻڌي يا نه ٻڌي.)
طالبن جڏهن صيغه هائي زبان پارسي ۽ گردانن ۾ گهڻي حد تائي عبور حاصل ڪري ورتو ، ته استاد سعد الله هڪ ڏينهن سندن پاڻي ڪڇڻ خاطر، پارسيءَ جو هڪ شعر طالبن اڳيان پڙهيو:
”ما وتو ازيڪ گلستانيم از مارو متاب
قدرت قادر ترا گل ڪرد، مرا ڪرد خار“
پوءِ طالبن ڏانهن ڏسندي ، کين للڪاريائين، ”ڪير آ، جيڪو ان شعر جي صحيح معنيٰ ڪندو ۽ پاڻ ملهائيندو؟“
هن جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن سڀ کان پهريائين لعل جان جا لب لعلين، جيڪي تکي مساڳ جي ڪري ريٽانها ٿي پيا ها، کلي پيا:
”استاد، جي اجازت هجي ته مان ڪيان!؟“
”بالڪل، اجازت آ!“ استاد کُلي دل سان وراڻيو.
لعل جان شعر جي معنيٰ ڪرڻ لڳو:
”اسان ۽ توهان هڪ باغ مان آهيون. تنهنڪري اسان کان منهن نه موڙ. قادر جي قدرت توکي گل بڻايو ۽ اسان کي ڪنڊو“.
استاد سعد الله ، خوشيءَ ۾ داد ڏيندي ايترا دفعا ته واه! واه! سبحان الله !.... جو ورد ڪيو، جو هڙني طالبن کي سندس بي خودي ۽ بي اختياريءَ تي حيرانگي لڳي. پر حقيقت اها هئي ته استاد اهو داد لعل جان کي نه، پر پنهنجي سڪارتي محنت کي پئي ڏنو . پهريون ڀيرو مايوسيءَ جي بحر مان ، کيس اُميدن جو ساحل نظر آيو هو ۽ اعتماد ٿيو هو ته اهو ڏينهن ڏور ناهي، جنهن ڏينهن تي، هو هجر ۽ فراق کان آجو ٿي، وصال کي ويجهو پوندو پوءِ سندس هر روز روز عيد ۽ هر رات شب برات.
اهو پوءِ استاد جو معمول ٿي ويو هو ته ڪو نه ڪو شعر طالبن اڳيان هر روز رکندو هو ۽ ڪوشش ڪري ان جي معنيٰ لعل جان کان ڪڍرائيندو هو ته جيئن لعل جان اشارن ڪناين ۾ سندس دل جي درد کي سمجهي. پر اڳيان به اترادي معشوق هيو ، جيڪو معنيٰ ڪرڻ کان پوءِ به اهڙي ته پڪائي سان کيس ٽاري ڇڏيندو هو، جيئن ڪو سائل کي، ’معاف ڪر بابا!‘ چئي ٿڏي تي موٽائي ڇڏي.
طالب جڏهن پارسي مان سنڌي ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿي ويا ته رئيس جان محمد جي خاص الخاص هدايت تي ، استاد هڪ نئون مرحلو شرع ڪرائي ڏنو ، يعني سنڌي مان پارسي ڪرائڻ جو .
رئيس جان محمد جڏهن به اهڙي چٽاڀيٽي ڪندي طالبن کي ڏسندو هيو ته کيس پنهنجو ننڍپڻ ۽ شفيق استاد مرحوم و مغفور مولانا در محمد خاراني ياد اچي ويندو هو . جنهن جو ذڪر، رئيس شدومد سان جماعت آڏو پيو ڪندو هو ۽ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو، جنهن ۾ سندس هم جماعت طالب سنڌيءَ مان غلط پارسي ڪري استاد جي عتاب جو شڪار ٿيندا هيا.
معمول مطابق حجري جي اندر سنڌي مان پارسي ڪرڻ جي مشق هلي رهي هئي. استاد سعد الله جيڪو هڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو هو، فارغ ٿي جڏهن موٽيو پئي آيو ته اوچتو ڪنهن ناخلف جي آواز کيس ڇرڪائي وڌو جيڪو ببانگ دهل چئي رهيو هو:
”استاد جو ڇيلو وهريو آهي، جيڪو ان جي پارسي ڪري ڏيکاري ته انعام ڏيانس!“
”انعام ۾ ڇا ملندو؟“ ٻين طالبن ٽهڪ ڏيندي کائنس پڇيو ”پنهنجي مٿي سان ٻڌل رومال!“
پوءِ هڪ ٻي ناخلف ان جي پارسي ڪرڻ شروع ڪئي:
”بزءُ استاد.... “ استاد پاڻ روڪي نه سگهيو ۽ هڪدم ان نامعقول کي روڪڻ لاءِ حجري ۾ ٽپي پيو:
”خاموش ، بي ادب!... گستاخ!....“ استاد ڌمڪي آميز رڙ ڪئي . سڀني طالبن تي سڪتو طاري ٿي ويو. استاد ڪاوڙ ۾ ٻنهي طالبن رحيم بخش ۽ الهداد کي گهوريندي بيد وانگر لرزي رهيو هو ۽ سوچيو پئي ته طالبن جي اٺ مسيت تي چاڙهڻ جهڙي شرارت ته برداشت ڪري سگهجي ٿي. پر هيئن اخلاق جا ليڪا لتاڙڻ ۽ استاد جي نانءَ تي ٽوڪ يا مخول ڪرڻ واري حرڪت ناقابل برداشت آهي. هن ڪجهه ساعتن لاءِ ، ٻين طالبن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ خطاڪار طالبن سان ، ڪاوڙ وچان مخاطب ٿيو:
”مون ته ائين سمجهيو هيو ته اوهين صرف اٺن  جيان بدوضع آهيو. پر هاڻ خبر پئي ته اوهين بدگو به آهيو ۽ يقينن ٻيو ڪجهه به ...“
الهداد ۽ رحيم بخش ٻئي کيس ڪنڌ هيٺ ڪيون ٻڌي رهيا ها.
رحيم بخش همٿ کان ڪم وٺندي عاجزي سان چيو:
”استاد صاحب ، انسان خطا جو گهر آهي ، اسان جي خطا معاف ٿئي!“
انهيءَ عرضداشت جو استاد مٿان ڪوبه اثر نه پيو، اٽلندو استاد ڪاوڙ ۾ وراڻيو:
”خطا لاءِ سزا جو حڪم آهي .... ۽ سزا اوهان کي رئيس ڏيندو !“
اها ڳالهه ٻڌي ، ٻئي طالب دهلجي ويا، کين خبر هئي ته اهڙي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ رئيس کين مدرسي مان ، بنا دستار بنديءَ جي ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. الهداد، قسمن جي سهاري الاهون بلاهون ڪرڻ لڳا، پر استاد جيڪو ڪنهن باه جي مچ تي رکيل ديڳ جيان تپي ويو هو، تنهن ٺڙ ٺپ جواب ڏنو.
رحيم بخش جيڪو استاد جو آتش نما چهرو ڏسي دهلجي ويو هو. تنهن اوچتو پاڻ کي استاد جي پيرن تي ڇڏيندي چيو:
” سائين، اوهان کي لعل جان جو قسم!... بس هي ڀيرو خطا معاف ٿئي:“
استاد کان اوچتو ڇرڪ نڪري ويو . کيس ائين لڳو ڄڻ سندس پيرن مان ڪنهن زمين ڇڪي ڪڍي ورتي هئي. هن ته ائين سمجهيو هو ته سندس عشق جي ٻاٻور، سندس ڪرامن ڪاتبين کي به نه هوندي، هنن نامعقولن کي ڪيئن پئجي وئي؟! هو اڃا حيرت ۾ هيو ته الهداد به ساڳي ڪار ڪئي ۽ چوڻ لڳو:
”جيڪڏهن اوهان معاف ڪندئو ته انشاءَ الله ، اوهان جي هجر جي مهجوري چند ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي!“
استاد ، بنهه عجب جي نشاني بڻجي ، ٻنهي کي تڪڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو، جن طالبن کي هو چاچول باز ۽ ڪند ذهن سمجهندو هو ، سي ته وڏا چالاڪ نڪتا.
استاد چند گهڙيون خاموش رهيو ۽ پوءِ حجري کان پر ٻاهر بيٺل طالبن کي واپس اچڻ لاءِ سڏ ڪيائين. طالب جڏهن واپس آيا ته اهو ڏسي کين حيرت ٿي ته استاد ، جنهن پهريائين ويڙهي ڏاند جيان تارا اڀا ڪيا ها ، سو ڪنهن پوسل ۾ ليٽيل مينهن جيان ٿڌو ٿي چڪو هو. تنهن ڦوڪٽ هڻندي رڳو ايتري تنبيهه ڪئي:
”سزا ڏيڻ کان معاف ڪرڻ بهتر آهي، ان ڪري اوهان کي معاف ڪيان ٿو . پر انهيءَ شرط سان ته آئنده اهڙي گستاخي نه ٿئي“.
رحيم بخش ۽ الهداد توبه ڪندي ڪنن تي هٿ رکيا ۽ پوءِ  ڳالهه آئي وئي .
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، طالبن استاد ۾ هڪ عجيب تبديلي ڏٺي ته استاد جيڪو الهداد ۽ رحيم بخش تي سندن ڪاهليءَ جي ڪري ڄٺ ڦٺ ڪندو رهندو هيو، تن کي درگذر جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو هيائين ۽ نه صرف ايترو پر پهرن جا پهر حجري ۾ ويهاري ساڻن جهڻ ڀڻ پئي ڪيائين .
۽ حقيقت به اها هئي ته استاد هاڻي رحيم بخش ۽ الهداد سان دل جو حال اورڻ لڳو هو، ڪڏهن ڪڏهن استاد کي ٻنهي طالبن جي اڄ سڀاڻي وارين ڳالهين ۽ واعدن تي شڪ به ٿيندو هو ۽ کيس لڳندو هو ته انجامي ڪوڙا آهن پر کيس اهو به احساس هو ته اتراڌي معشوق ، لاڙي معشوقن جيان نرم خُو ۽ نرم دل ڪونهن جو هڪ اڌ نياپي ۾ پاڻ هاري ويهن، اهي ته جهولي جي سٽيل سخت جان چيلاٽن مثل آهن . جيڪي عشق جي لڪن ۾ اڃا به وڌيڪ خطرناڪ ڏنگيندڙ ٿي ويندا آهن. ۽ جڏهن  ته لعل جان ڪو جهڙو تهڙو ڪونه هو. منجهس معشوقن واريون هڙيئي خصوصيتون يعني ناز وادا، شوخي، سنگدلي، بي پرواهي، ۽ جورو جفا موجود هيون . تنهنڪري وصل جي ايتري تڪڙي آرزو ڪرڻ اجائي هئي. پر ڇا ڪري، انتظار بي قرار ، لب زرد ۽ آه سرد واري ڪيفيت کي .... !؟
آخر اهو ڏينهن اچي ويو، جنهن جو کيس اعتبار نه پئي آيو. جڏهن رحيم بخش ۽ الهداد کيس مبارڪون ڏيندي ، انتهائي رازداري ۾ خوشخبري ٻڌائي هئي ته لعل جان ملاقات جي لاءِ راضي ٿي ويو آهي، رات جو اويرو، مدرسي جي پٺ ۾ وهندڙ واه ۽ قبرستان واري ڏيڍيءَ ۾، جتي کبڙن جا گهاٽا وڻ آهن. اُها ئي وصل جي منزل آهي ۽ پوءِ رات تائين هڪ هڪ پل صدين جيان گذرڻ لڳو.
هن چاٻي واري ويسٽرن گهڙي تي هر هر نظر پئي وڌي، جنهن جا پرنور رڊيم لڳل ڪانٽا، آهستي آهستي سندس صبر آزما گهڙين کي ڳڻيندي اڳتي پئي وڌيا. جڏهن انهن رات جا ٻارنهن ڏيکاريا ته، پير پير ۾ ڏئي ، حجري مان ٻاهر نڪتو. اماوس جي رات ۾ ، آسمان تي وکريل تارن جا ميڙ اکيون ٽمڪائيندي نظر آيس. هن هڪ نظر اوڏانهن به ڊوڙائي، جتي سندس رقيب روسياه، حافظ شمس الدين لت ڏيون ستو پيو هو . پوءِ الله تي رکي ، اوڏانهن روانو ٿيو، جتي قبرستان جي ڏيڍي ۽ گهاٽا کٻڙ هڪ ٻئي سان امبل چمبل لڳا پيا ها. جن جي هيٺان ڪاري ٻاٽ ، ڪاريهر جيان وڪڙ هنيون پئي هئي. هو همٿ ڪري جڏهن اندر گهڙيو ته اونداه کيس ايئن وڪوڙي وئي، جيئن بکايل اجگر، ڪنهن جاندار کي جهٽ هڻي. بب اونداه ۾ زوردار ٿڙڦـٿڙ ۽ ڪشمڪش جي ڪري سڪل پنن جي کڙڪڻ جو آواز ۽ چنگھڻ ڪجهه دير هلندو رهيو ۽ پوءِ خاموشي ٿي وئي.
ماڪ مهل ، جڏهن کٻڙن جي اونداهي کيس اوڳاڇيو ته استاد جي ورڻ جو  منظر باب السماءُ (تارن جي ميڙ) حيرت ۽ عجب وچان پئي تڪيو. استاد جي پيشاني عرق آلود ۽ دستار ڳچيءَ ۾ لڙڪيل هئي. ڪچيءَ گپ ۾ گوڏن تائين ڀريل ۽ پتڻ تي ڪٽيل ڍور کان وڌيڪ جان ۾ رڦـڻي هيس ..... هلندي هلندي ٿاٻا پئي کاڌائين ..... پير پئي وچڙيس ...... حجري ڏانهن تيزيءَ سان واپس ايندي، هر هر خوف وچان پٺتي شڪ پئي هنيائين .....
فجر جي نماز تي، رئيس جان محمد ، استاد سعد الله کي غير حاضر ڏٺو ته ڪجهه اڻ جهڻ ٿي پيس ته ، شايد گهڻي ڪم جي ڪري کيس ننڊ اچي وئي هجي يا طبعت ناساز هجيس. نماز کان پوءِ اندر جي اُڊڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ رئيس، سندس حجري ۾ جهاتي هنئين ته ڏٺائين ڪاريءَ وارا ڪک نه استاد، نه استاد جو سامان . البت هڪ چٺي تڏي تي، سندس هٿ اکرن سان ڇڏيل هئي. هن کڻي پڙهي ، جنهن تي لکيل هو:
الحاج رئيس جان محمد،
السلام عليڪم!
خيريت طرفين مطلوب . مطلب احوال ته، آءٌ پنهنجي ملڪ وڃان پيو. افسوس! جو اوهان جي ملڪ ۾ جالي نه سگهيس. ڳالهايو ٻولهايو بخشجو.
خيرانديش
استادسعد الله خان.
الحاج رئيس جان محمد جا تاڪ لڳي ويا. کيس سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو ته آخر سبب ڪهڙو هيو ، جو نه موڪلائڻ نه توڪلائڻ ائين الله توهر !؟


No comments:

Post a Comment