Friday, December 9, 2011

مستقبل جو ابو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


مستقبل جو ابو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
اسٽينڊ تي لھي، نور احمد جي ڀاءُ جي دڪان ڏانھن هلڻ لڳس ته پويان ڪنھن اچي ڪلھي تي هٿ رکيو. منھن ورائي ڏٺم ته نور احمد پاڻ هو. ڏسندي ئي چيومانس: “يار! چڱو ٿيو جو ملي وئين. مان توسان ۽ نذير سان ملڻ لاءِ توهان جي ڳوٺ پئي آيم. تو واري ڀاءُ جي دڪان تان پڪ ڪرڻ لاءِ هتي لٿس. هاڻي اوڏانھن پئي ويس.”
“ها دڪان تي هل! ادو ويٺو آهي. اسان ٻئي به، ڳوٺ ۾ ترسيل آهيون. چڱو ٿيو جو تون آئين. اسان ته توکي ساريو پئي. تو ڏانھن اچڻ لاءِ، نذير پاڻ سنبريل هو. پر دليون پئي هيائين، الائي هجين الائي نه.”
“ڇو؟ خير ته آهي؟!”


“انٽر جا امتحان ٿا هلن! ان سلسلي ۾!”
“ڇو خير ته اٿس. وري ڪنھن کي ٿو امتحان ڏياري؟!”
“بھاول جو امتحان آهي!”
“بھاول! ها سندس سالو! جنھن جو مٺياڻي روڊ تي ڳوٺ آهي. ها! پوءِ ان کي ڇاهي؟ ان جو پيءُ ته هيڊ ماستر آهي. ان کي ڪاپي ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟!”
“اهو ته اسڪول ۾ هيڊ ماستر آهي. امتحان ته ڪاليج ۾ آهي!”
“اسڪول ۽ ڪاليج به گڏ آهن.”
“گڏ ته آهن پر هر ڪنھن جو پنھنجو پنھنجو معاملو آهي.”
“خير! پوءِ ان کي ڇا ڪرڻو آهي”.
“صبحاڻي مئٿميٽڪس جو پرچو اٿس. ٻيا پيپر ته نذير حل ڪري ويو آهي. پر مئٿس جي ته توکي خبر آهي؛ ڏکيو سبجيڪٽ آهي. پاڻ به الائي ڪيئن پاس ٿيو هو. توکي ڏاڍو ساريائين پئي. ٻين ٻن ٽن کي به بھاول جي ڀاءُ سانول چيو آهي. تون چڱو ٿيو جو آئين. هو توکان گهڻا گهٽ آهن. بھرحال تون پھرين ادي سان دڪان تي مِل. ٿڌو وغيره پي. پوءِ ٿا هلون ڳوٺ. رات ٿا ڪيون ڪچھرو. صبحاڻي جا ڀاڳ صبحاڻي سان.”
حال احوال ڪندا، دڪان تي آياسين. ڏينھن ٺاري نانگي شاه جي ڀرسان سندن ڳوٺ آياسين. نذير سان ملاقات ٿي. رات سندس اوطاق تي رهڻ جو انتظام ٿيو. بھاول جي امتحانن جو به ذڪر نڪتو. مئٿس ۾ ڪاپي ڪرائڻ لاءِ به تيار ڪيائين.
ٻئي ڏينھن صبح جو نائين بجي پرچو هئو. ساڍي نوين بجي ناشتو پئي ڪيوسين ته سانول موٽر سائيڪل تي چڙھي اچي مٿان ڪڙڪيو. ويھڻ کان اڳي شروع ٿي ويو؛ “يار شابس آهي توکي! اڃا ناشتو به نه ڪيو اٿئي!؟! مونکي ڏس! صبح سان تيار ٿي پھرين ويو آهيان مٺياڻيءَ. اتان حفيظ کي کڻي اچي پھتو آهيان نوشھري. وري ويو آهيان ڦل. اتان انور کي سينٽر تي پھچايو اٿم. خبر پئي ته تون اڃان نه پھتو آهين. وري ڀڳو آهيان توڏي. توکي ته ڪم از ڪم پاڻ اچڻ گهرجي ها. ههڙي موقعي ۾ به سستيون ڪبيون آهن. نائين بجي پيپر اسٽارٽ ٿي ويو آهي. توهان اڃا ويٺا مانيون کائو”.
“اسان تيار آهيون. بس مانيءَ جا ٻه گره هڻئون ته هلون ٿا.”
“يار توهان کي مانيءَ جي لڳي آهي! اٿو ته هلون”.
“تون هن سوکڙيءَ سان مل!” مو ڏانھن ھٿ جو اشارو ڪندي کيس وڌيڪ چيائين؛ “هن جي ڪري دير ٿي وئي آهي. مون سان گڏ پڙهيو آهي. انھيءَ ڪم لاءِ کيس هٿ ڪيو اٿم. مسين ته راضي ٿيو آهي. تنھنجن حفيظن ۽ انورن جي هن سان جاءِ ئي ناهي. مئٿس جو پيپر هن آڏو اٿئي گُرڙي. تنھن ڪري هن جا نخرا ته سھبا. منھنجي پاس ٿيڻ ۾ به هن جو هٿ اٿئي. انٽر جي مئٿس ڏکي آهي. مون کان پرچو حل ڪرڻ چڙهيل آهي.”
مان مسلسل ڪاپي ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهيو هئس. جڏهن شاگرد پاڻ پڙهندا هئا ۽ پاڻ ڪاپي ڪندا هئا تڏهن طريقه واردات، ڪجهه هن طرح هوندا هئا.
1- امتحان واري ڏينھن رنگين ڪپڙا پئي، انھن تي ڏکين سوالن جا جواب لکڻ.
2- پني جي پٺيءَ تي، سنھن اکرن سان حل لکي، ان کي ٻن آڱرين جي ويڪر جيترو ٻيڻ ڏئي ويڙهڻ.
3- گتي تي فارمولا جي شڪل ۾ اتارڻ.
4- وَرَن، جورابن يا ٻانھونٽن ۾ پنا لڪائي وڃڻ.
5- وڏن وارن وارا ته ڪارتوس پينسل وانگر ويڙهي، ڪنن ۾ وجهي ڇڏيندا هئا.
6- پلاسٽڪ جي فٽ پٽيءَ وانگر، ڪارتوس ويڙهي، جاميٽري باڪس ۾ وجهڻ.
7- پروگرام ايبل ڪلڪيوليٽر ۾ فارمولا وغيره نوٽ ڪري وڃڻ.
اهي آندل ڪارتوس استعمال ڪرڻ جا ٻه الڳ طريقا ۽ گُر هئا.
1- لکيل پنو پير وٽ رکڻ ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري اتان ڏسي اتارڻ. استاد جي اچڻ تي، ڪارتوس مٿان لت رکڻ.
2-پيشاب جو بھانو ڪري، اتي ڪارتوس پڙهي اچڻ ۽ اندر اچي اتارڻ.
3- ڪارتوس ائنسر ڪاپيءَ هيٺان رکي لکڻ.
4- ڀر واري سان حل ٿيل جواب جي سپليمينٽري مٽڻ.
اها ڪاپي به تڏهن ٿيندي هئي جڏهن لکڻ واري ۾ ڪجهه افعال هوندو هو. نقل لاءِ به عقل جي ضرورت آهي. اُٻھرائپ ۾ سوال جو جواب به اهو ڳولھي وٺندو، جنھن کي ڄاڻ هوندي. جنھن سڄو سال ڪتاب کي هٿ ئي نه لاتو، سو ڪٿان ڳولھي سگهندو؟!
اهڙي دؤ ۾ هڪڙو شاگرد ڪاپي ڪندي جهلجي پيو، کانئس استاد ڪارتوس کسي ورتو. ڪلاس جو چڪر ڏئي کيس جادوگرن وانگر چوڻ لڳو.
“ساڄي ٻانھوٽي مان فلاڻو جواب ڪڍ!”
“کاٻي ٻانھوٽي مان فلاڻو جواب ڪڍ!”
“ساڄي ڪن مان فلاڻو ۽ کاٻي مان فلاڻو جواب ڪڍي!”
شاگرد ٻڌايل جواب، ٻڌايل جاءِ تان ڪڍندو ويو. ٻين شاگردن کي في الحال استاد تي حيرت ٿي. بعد ۾ خبر پئي ته شاگرد کان پھريون کسيل پنو، ڪارتوس نه پر ڪارتوسن جي ڏسڻي Index هئي. جنھن ۾ جواب لڪائڻ واري جاءِ جي نشاندهي ٿيل هئي.
اهو به چڱو هو. هاڻي ته جيترو آهي حضرت انسان وٽ عقل، اوترا آهن واردات جا طريقا. جيڪو پڙهندو ناهي، سو پاس ٿيڻ لاءِ انھن ڪمن ۾ ئي مھارت رکندو آهي.
اڳئين سال به هڪڙن دوستن ڪنڊيارو سينٽر تي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو. جواب نه ڏئي سگهيس. انھن جو زور هئو ته شاگرد بدران (Impersonify) هلي اندر ويھان. جنھن کان ته ٺپ جواب ڏنومان. پوءِ سپليمينٽري کڻي آيا. ان تي ڏيڍ سوال ڪيم. اهو شاگرد کي اندر پھچايو ويو. جيڪو سامھون رکيائين ۽ خالي ائنسر ڪاپي ٻاهر ڏياري موڪليائين. ڏيڍ ٻه سوال ان تي ڪيم. وڌيڪ ان لاءِ نه ڪيم ته، ڪنھن محنتي شاگرد کان مارڪون مٿي نه کڻي ۽ اهو سليڪشن کان رهجي وڃي. ٽي سوال ان لاءِ حل ڪيم ته جيئن سنگت به رهجي اچي.
انھيءَ ٻڏتر ۾، موٽر سائيڪلن تي شھر پھتاسين. ڪاليج جي لان ۾ هيلپرن جا انبوهه لڳا پيا هئا. انور ۽ حفيظ مليا. جيڪي سوال نه ملڻ تي مايوس ويٺا هئا.
“ڪاپي ڪيئن ڪرائبي؟!” نذير کان واردات جو طريقو پڇيم.
“سوال توکي هتي ملندو. جواب ڳولھڻ تنھنجو ڪم. اتارڻ ۽ پھچائڻ اسان جو ڪم.”
ڊمب ۾ ڪيئي ڄاتل سڃاتل چھرا نظر آيا. اهي به ڪاپي ڪرائڻ آيا هئا. ايتري ۾ هڪ ٽولي وٽ پرچي پھتي. رڙو رڙ ٿي وئي. سڀئي پرچيءَ تي مڙي آيا. ٽاپڙ ٽاپڙ کان پوءِ هرڪو هڪٻئي جي ٻوٿ ڏي ڏسڻ لڳو. آخر ۾ پرچي مون وٽ پھتي. هڪڙو سوال لکيل هو. جنھن جا ٻه پارٽ هئا. هڪڙو پارٽ ڏسڻ سان مون چيو؛ “فلاڻي ايڪسرسائيز کوليو!” ڪي گائيڊن ۽ ڪاپين کي جنبي ويا ته ڪن لکڻ لاءِ پنو پين سڌي ڪئي. ايتري ۾ هڪ ڇوڪري جهٽ هڻي پنو ڦري چيو؛ “ڏسان! ڪھڙي پارٽ لاءِ ٿو چوين!”
مون پارٽ نمبر ٻڌايس. ان ڪارتوس واري پني تي ڳاڙهي پين سان لکيو ۽ کانئس ڏسڻ لاءِ ٻي ٽوليءَ ورتو. جنھن کان ٽئين ۽ پوءِ چوٿين ورتو ۽ سوالنامو اڳتي گهڻن وٽ وڃي پھتو. تيستائين نذير وارن کي گائيڊ ۽ ڪتاب کولي اهو پرابلم ڏيکاريم. انھن اتاري ورتو. پندرهن منٽن ۾ پرچي ٻيھر مون تائين پھتي. ٻئي پارٽ لاءِ به ساڳيءَ طرح اعلان ڪيم. وري ساڳي هلچل ٿي وئي. نذير وارن ٻيو پارٽ به اتاريو. سانول ۽ حفيظ پھچائڻ لاءِ ڊوڙيا.
ساڍا ڏهه ٿي چڪا هئا. ٻاهرين قمق، فقط هڪ سوال جو حل، اندر پھتو هو. اهڙا ٻيا چار سوال حل ڪرڻا هئا. اندرئين ۾ چاڙهو هو ئي ڪونه. سوال ٻاهر سمگل ٿيڻ ۾ به سختي هئي. ڏهه لڳي چاليھه منٽن تي سانول سھڪندو آيو ۽ چوڻ لڳو.
“ڪاپي ته پھچائي اٿئون! پر سختي لڳي پئي آهي. متان ٽيم اچي، تنھنڪري هتي ويھڻ به فضول آهي. بابا سان ڳالھائي آيو آهيان. پنھنجي آفيس ۾ ٻن ماڻھن جي ويھارڻ لاءِ راضي ٿيو آهي. حفيظ ۽ انور مون سان ٻاهرين هليپ لاءِ هت هجن. توهان آفيس ۾ هلي ويھو ۽ اتي سڪون سان پيپر حل ڪيو. هڪڙي استاد کان سوالن ملڻ جو به آسرو ٿيو آهي. سانول حفيظ وارن سان ملڻ جو هنڌ طئي ڪيو. اسان کي آفيس ۾ پھچايائين. پوڻا يارنھن ٿي چڪا هئا. نذير جي سھري سان منھنجي پھرين ملاقات هئي. تمام سادو ۽ شريف انسان هو. مختصر تعارف ٿيو. اسان جي اچي وھڻ سان پريشان ڏاڍو هو. سانول سھڪندو ويو ۽ سوالنامو هٿ ڪري آيو. حل ڳولڻ ۾ جنبي وياسين.
يارنھن لڳي ڏهن منٽن تي ٻيو سوال حل ٿي چڪو هو. سانول ڦٿڪندو، سوال پھچائڻ لاءِ ڀڳو. ڪرسيءَ سان پاسو لڳس، ٺڪاءُ ٿيو. وري دروازي ۾ زور سان هٿ لڳس. ٻيو ٺڪاءُ ٿيو. انھيءَ گهٻراهٽ تي هيڊ ماستر صاحب، حد کان وڌيڪ پريشان ٿي ويو. ڪرسي ڇڏي، اندر جو سور اندر ۾ پيئندي، ڪمري اندر هلڻ لڳو. نيٺ اندر جي باهه ٻاهر ڪڍيائين.
“ڇورو ته ڀيڻسان لوسي آهي. اسان سڄي عمر ان ڪم جي خلاف رهياسين. ٻين کي ڪاپي ڪرڻ ئي نه ڏنيسين. هاڻي مجبوري ته آهي، پر ان جو مطلب اهو ته ناهي جو رڳو ڀڄ ڀڄان هجي. هجي ها اسڪول جو امتحان ته ايڏو خفو ئي نه ٿئي ها. ڪنھن استاد کان منٿون ڪري مارڪون وٺون ها. هيءُ ته آهي بورڊ جو امتحان. اتي ته اسان جي ڪانه ٿي هلي.”
سانول ڦٿ ڦٿ ڪندو، ٽئين سوال جو حل کڻڻ لاءِ پھتو. يارنھن چاليھن تي کيس ٽيون سوال حل ڪري ڏنم. وري ڦٿ ڦٿ ڪندو پھچائڻ لاءِ ڀڳو ته ڪم از ڪم پوين ويھن منٽن ۾ ٽيون سوال ڪري ڇوڪرو فقط پاس ٿي سگهي. پڻس کي انھيءَ تي ته ويتر چڙ اچي وئي.
“اڙي ڇورو آهي، ڪن مسخرو آهي. رڳو ڦر ڦر ڪندو ٿو وتي.” مون ڏانھن اشارو ڪندي چوڻ لڳو: “هيءُ ادو به آهي نه. ڏس چپ ڪري ويٺو آهي. هيءُ جو گڏهن وانگر ٽپ ڇڏيندو ٿو وتي! جي ڪير ڏسي وٺي ته ڇا عزت رهي. اسان جي عزت جو خيال ئي ناهي ڇوري کي. رٽائرمينٽ ۾ مھينو بچيو آهي. آقيءَ باقيءَ تي عاقبت وڃي ته چڱي ڳالهه آهي؟!”
“سائين ڇوڪري جي مستقبل جو مسئلو آهي. توهان ته هوئين رٽائر ڪرڻ وارا آهيو. ان لاءِ ايترو ته برداشت ڪيو. سڄي عمر قانون جي پابندي ڪرڻ سان توهان ڇا حاصل ڪيو؟!” نذير چيس.
“بابا! پوءِ ڀلا سڄو سال پڙهڻ کان ڪنھن جهليو هئس. هونئن به امتحان جو مطلب ڇاهي؟ جيڪو اچي سو پاڻ لکجي يا ڀاڙي تي لکرائجي. مائٽ ڏسي وائسي شادي ڪرائيندا آهن. ايتري مدد ڪندا آهن. اندر ته پنھنجي مڙسي کپي نه. بس اولاد کي ڇا ڪجي؟ وڻيس ته عزت ڪرائي، وڻيس ته عزت لھرائي.”
“سائين توهان آفيس ۾ ويٺا آهيو. توهان کي ڇا ٿيندو؟!”
نذير جا اهي لفظ ٻڌي تپرس ۾ پئجي ويو. اڳيان نياڻو هئس ۽ هوڏي پٽ هئس. ٻيا هجن ها ته الائي ڇا چوين ها. گھري سوچ ۾ پئجي ويو. گهڙي رکي چوڻ لڳو؛ “ڪنڊياري ۾ چمن واڻيو هوندو هو. وڏو سيٺيو هو. ڪنڊياري جي بازار سندس نالي تي آهي. پاڪسان کان اڳ جي ڳالهه آهي. کيس ٿاڻي تي صوبيدار، ڪنھن ڳالهه جي ڪري گهرايو. ديوان ٿاڻي تي پھتو. کيس صوبيدار ڪو گٿو لفظ چيو. هي بيٺو ئي رهيو. نيٺ صوبيدار کي احساس ٿيو ۽ ويھڻ لاءِ چيائينس. پر ديوان ويھي ئي نه. صوبيدار جي پيرن تي نظر پيس. ديوان کان ڪاڪوس وهي اچي پيرن وٽ پھتو هو. پڇيائينس؛ “ديوان هي ڇاهي؟” چمن چيس؛ “سائين اجت ڊڄي!” سو اسان به رهياسين سڄي عمر شان مان سان. هاڻي ته اسان جي به عزت ٿي ڊڄي.”
“جٿي ڪٿي اها گنگا پئي ٿي وهي. اسان ان سھوليت مان فائدو ورتو ته ڪھڙو گناهه ٿيو. چڱن ڀلن پڙهيل خاندانن جا ٻار ڪاپي ٿا ڪن.” نذير کان رهيو ئي نه ٿيو ۽ سھري کي دليل ڏيڻ لڳو.
“چڱن ڀلن خاندانن جا ماڻھو ڳاڙهي بازار ۾ وڃن ته پوءِ ان کي گناهه نه چئبو ڇا؟!! گناهه ته آخر گناهه آهي. ڪرڻ وارو ڪير به هجي. رهيو سوال سليڪشن جو. اهو ته هوشيار ۽ محنتي شاگرد جو حق آهي. جيڪو نه پڙهي ان جو حق ناهي. اڄ ته الائي ڇا ٿا ڏسون پيا. توهان ڪجهه ئي ڪو نه ٻڌو آهي. ڪاليج جي ليڪچرارن جا ٻار ڪيئن ٿا پوزيشنون کڻن. انھيءَ فارمولي تي ڪڏهن سوچيو اٿوَ.”
“ڏسو! پوءِ توهان ڇو ٿا ان کي برو سمجهو. جھڙو ماحول هجي اهڙو ئي قدم کڻجي.”
“مھينو کن اڳ ڪاليج جو فزڪس وارو ليڪچرار آيو هو. پٽھنس اسان وٽ پڙهندو آهي. ان سان ڳالھيون ٿيون. ان ته ڳالھيون ئي اهڙيون پئي ڪيون جو منھنجا ته ٺڪاءَ ئي نڪري ويا. چيائين پئي ته هاڻي غريبن جا ٻار سليڪٽ ٿيندا ئي نه. فقط اميرن جا ٻار سليڪٽ ٿيندا. کانئس ان جو سبب پڇيم. خبر اٿو ڇا چيائين؟”
“الائي ڇا چيائين؟” نذير پڇيس.
“ان چيو پئي ته بورڊ ۾ هر ائنسر ڪاپي تي ڪوڊ لڳندا آهن. پھرين اهي هٿ ڪندا آهيون. پوءِ شاگرد کي پاس ڪرائي وٺندا آهيون. الف، جيڪڏھن ب جي شاگردن کي پاس ڪندو ته ب وري الف جي شاگردن کي. کاءُ، کاراءِ جو جھان آهي. ويھه پنجويھه شاگردن جو ٺيڪو هڪ هڪ ليڪچرار کڻي ٿو. پنجاهه هزار روپيا هڪ شاگرد کان هڪ سال جي پاس ٿيڻ جا وٺن ٿا ۽ سليڪشن تائين ذميواري کڻن ٿا.”
“پوءِ اهي به ته والدين هوندا نه، جيڪي شاگردن جي سليڪشن لاءِ لک لک ڀرين ٿا. اسان جو ائين ڀڄ ڊڪ ۾ ڪم ٿئي ته ڇونه ڪيون!” نذير وچ ۾ چيس.
“اڙي! هن ڪِن کان ته اهو لک هجي ته ڀرجي! عزت جي عزت به رهندي، سليڪشن جي به پڪ هوندي. مون به بھاول کي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ چيس. پر ورندي ڏنائين ته پاڻ هتي نه هوندو. شڪارپور سينٽر وارن پنجاهه هزر روپيا پيپر جا ڳالھايا اٿس. ٻئي استاد کي چوڻ لاءِ دل جهلي نه سگهيس.”
“دل جهلي نه سگهيو يا پئسا نه هئوَ!”
“پئسا به نه هئا! هن ته اڃا به گهڻيون ڳالھيون ڪيون. چيائين پئي ته جڏهن بورڊ ۾ اسيسمينٽ ٿيندي هئي، تڏهن اسان جا وارا نيارا هوندا هئا. هڪ ئي هنڌ ڪم ٿي ويندو هو. هاڻي ته ڏاڍو ڀڄڻو ٿو پوي. امير ماڻھن لاءِ ته آسان آهي. گاڏين ۾ پيٽرول ڀرائي نڪري ٿا پون. پوءِ جيڪو جتي هٿ آيو. راشي آفيسرن کي ته پيٽرول جو به خرچ ناهي. انھن جون ته ڏهه ئي آڱريون گيھه ۾ آهن.”
“ڏسو ٿا ته ڪيڏي نه ڪامپٽيشن لڳي پئي آهي. پوءِ ويٺا ٿا ڊڄو.”؛ نذير چيس.
“توهان به رٽائيرمينٽ جا پئسا وٺي، ڪيو سودو!” مون کان نڪري ويو.
“اوهان جي ڳالهه صحيح آهي! انھيءَ کان ٻه لک ڀري، سيلف فنانس تي ڇوري جي سليڪشن ڪرائجي. پئسو ڏنو ٻرو ڇنو. ڇا جي ٻين کي سائين سائين ڪجي؟!”
“ان لاءِ به شاگرد کي، هڙ سبجيڪٽ ڪليئر ڪرڻا پوندا.” مون چيس.
“ايترو به افعال نه اٿس ته پوءِ هلي ڳوٺ زمين سنڀالي، باقي مون کي خوامخواه آخر ۾ ذليل ڪرائڻ جي ضرورت ڪھڙي آهي.”
سندس انھن لفظن چوڻ وقت، بھاول ۽ سانول اندر آيا. بھاول کان حال احوال ورتوسين. سندس ٻوٿ لٿل هو. خبر پئي ته پھريون پھتل سوال مس لاٿو هئائين. ٻين اتارڻ جو موقعو ئي نه مليس، ٽائيم ختم ٿي ويو.
“هاڻي ڏيو منھن!” پڻس خار مان اٿيندي چوڻ لڳو، “کوٽيون سين پھاڙ، نڪتو ڪئو. توهان هن لاءِ هيڏو ڀڄندا ٿا وتو. هن جو حال اهو آهي جو موڪليل سوال به اتاري نه سگهيو آهي. پوءِ اڳتي هلي هي ڇا ڪندو! هن کي ڇڏيو ته هلي مال چاري ۽ زمين سنڀالي. مان به رٽائير ٿو ڪيان. ٻئي ڳوٺ رهنداسين.” بھاول کي ٿـڦڙ وهائيندي چوڻ لڳو؛ “اڙي! هل! تنھنجي ماني ڪتي کي وجهجي ته چڱي آهي. پڙهڻو نه هيئي ته اسانکي ڏٺو وٺو ڇا لاءِ ڪيئي.”
نذير ۽ سانول وڃي بھاول کي ڇڏايو. نذير، سھري کي ڪرسيءَ ڏانھن گھلي آيو. سانول بھاول کي ڀاڪر ۾ ٻاهر کنڀيون ويو.
“سائين جيڪو نصيب ۾ هوندو سو ٿيندو. جوان پٽ کي مارڻ مان ڇا ورندو.” نذير چيس.
“اڙي هيڏي گلا کنئي آهي. وري ٿا چئو ته ڇا ٿيندو!؟” پاڻ ڪرسيءَ تي ڦان ٿيندي چيائين. پٽيوالو رڙين تي اندر آيو. کيس پاڻي آڻڻ لاءِ چيوسين. ڪاپي ڪرائڻ وارا هٿيار کڻي، ٻاهر نڪري آياسين.

No comments:

Post a Comment