Friday, December 23, 2011

بُڻُ - رشيد ڀٽي


بُڻُ
رشيد ڀٽي
”اڙي سگهو ٿي، ڪين ڪيانءِ وري سڌو!“
وڏيري جو دڙڪو ٻڌي، مينهون وري اڳتي وڌيو. هن جي سامهون جوئر جا ڊگها ڊگها ڪانا بيٺا هئا، ۽ انهن جي پويان واهه جي ڪڙ تي بيٺل وڻن تي اڪيچار ماڻهو ويٺا هئا. هو سڀ تماشو ڏسڻ آيا هئا. رات، وڏيري جي پوک ۾ سوئر ڏسايو هو، ۽ صبح جو، وڏيرو صاحب به ڪتن جي لوڌ سوڌو اچي پوک تي پهتو هو. وڏيري جي اچڻ سان، سوئر تي ڪتن جي پڇ ڪرائي وئي. ڪتن کي ڏسي، سوئر ڀڳو، هن ٻنيءَ مان نڪري واهه ڏانهن منهن ڪيو. کڏ تي وڏيري جا توبچي ويٺا هئا، تن فائر ڪيا، جن مان ٻه سوئر کي لڳا، پر اڳيان سوئر به سوئر هو، ڪو اهڙو تهڙو نه هو جو ٻن گولين سان خلاص ٿي وڃي. هو گوليون پچائي ويو، ۽ ڇتو ٿي بيهي هڏڪارڻ لڳو. ڪتن به راڙو ڪري وڃي ورتس، پر ڦٽيل سوئر اڳيان ڪتن جي هڪ لوڌ ڪٿي ٿي بيهي، کن ۾ هڻي سڀ ڪتا سيٽائي رکيائين، ڪي پڇ پائي وٺي ڀڳا ۽ ڪي ساڻا ٿي پئجي رهيا. سوئر به ڪتن کان جند ڇڏائي، ڪسيءَ ۾ کپ کوڙي ويهي رهيو. سڀ ماڻهو منتظر هئا ته ڇا ٿو ٿئي.


وڏيري ڇٽل به وڏيري رجب ڏانهن ماڻهو ڊوڙايا هئا. ”وڏيرا، جهٽ ڪر، لوڌ موڪل، مهل هيءَ اٿئي!“ پر وڏيري رجب جو ڳوٺ به ته چار ميل پري هو، سو وڏيري ڇٽل کي اچي آنڌ مانڌ ورتو، تريون مهٽي پئي پانڌيئڙن کي گاريون ڪڍيائين، ”ههڙا تهڙا يڪو وڃي گم ٿيا، الاجي ڪتي جا ڦر ڪٿي وڃي ويٺا.“ وڏيري کي اڄ جهڙي ڪاوڙ ڪڏهن به نه ٿي هئي. هن کي ”راڻيءَ“ جو خيال هر هر ستائي رهيو هو. راڻي، هن وڏيري پريل کان پنهنجي خاص چڙهيءَ جو مهري اٺ ڏيئي ورتي هئي. ڪتي به ڪتن جي ماءُ هئي! چيائون پئي ته وڏيري قادن واريءَ ”مومل“ جي بڻ مان هئي. پر اڄ مومل جي پوٽي ۽ وڏيري ڇٽل جي راڻي، سوئر اڳيان مرڻينگ حالت ۾، رت ٻڏل جسم سان، سيٽي پيئي هئي. هو سوچي رهيو هو، ”منهنجي راڻي جا مون ڇهين سوين وارو مهري اٺ ڏيئي ورتي آهي، سا ائين منهنجي اکين اڳيان مري وڃي! ائين ڪيئن ٿيندو!“ هن توبچيءَ کي فائر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر توبچي به ته ائين نه پئي ڪري سگهيو، ڇو جو هن ڄاتو پئي ته جي گولي ٿڙي سوئر بدران وڃي راڻيءَ کي لڳي، ته سندس به خير نه هوندو.
اوچتو، وڏيري ڇٽل جي نظر مينهن تي پئي. مينهون هن جو نوڪر هو. بهادر ۽ مڙس ماڻهو هو اڪيلي سر وڃي سوئر سان وڙهندو هو. وڏيري، منيهين کي سوئر اڳيان راڻيءَ جي کڻي آڻڻ جو حڪم ڏنو. مينهن ڄاتو پئي ته حڪم نه مڃڻ جي حالت ۾ ڇا ٿيندو.
هو هيٺ ٻنيءَ لٿو ماڻهن ۾ جهٽ لاءِ چپ ٿي ويئي. سڀني ڄاتو پئي ته مينهون مڙس ماڻهو آهي، هو هن کان به وڏن مرن کي ماري چڪو هو، هي ته هن اڳيان ڪجهه به نه آهي. پر سڀ دنگ رهجي ويا، جڏهن ڏٺائون ته مينهون پوئتي موٽي رهيو هو. هو هاڻي وڏيري وٽ پهچي چڪو هو، ۽ ادب سان هٿ ٻڌي چيائين، ”سائين، مون سوئر سان وڙهڻ کان قسم کڻي چڏيو آهي.“
”پٽ قسم ٿو کڻي! اڙي سگهو ٿي ڪين ڪيانءِ وري سڌو!“ اهو دڙڪو ٻڌي، مينهون لاچار ٿي وري هيٺ لٿو. هو بهادر هو، ۽ هن کان به وڏا سوئر اڪيلي سرماريا هئائين. پر اڄ الائي ڇو هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. هن جي اکين اڳيان اوندهه ٿيڻ لڳي، ۽ آهستي آهستي سندس اڳيان بيٺل وڻ ۽ انهن تي ويٺل ماڻهو هن جي اکين ۾ جهڪا ٿيندا ويا، ۽ آخر دونهين جو روپ وٺي گم ٿي ويا. هاڻي انهن جي جاءِ تي هن پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ جي صورت ڏٺي. ٻڍي ۽ هيڻي هوءَ لٺ جي آڌر ڏيئي، هن ڏانهن وڌي رهي هئي. هن جي اکين ۾ التجا هئي ۽ آس. مينهين جي منهن مان زور سان نڪري ويو، ”امان، مان تنهنجي آس پڄائيندس. مان سوئر سان ڪڏهن به نه وڙهندس.“
”وڃين نه ٿو ڙي سوئر جا ڦر! منهنجي بڻياري ڪتي ڪا نڌڻڪي آ ڇا؟ منهين جي اڳيان ماءُ جي صورت گم ٿي وئي. هن ڪنڌ ورائي پٺتي ڏٺو. وڏيرو ڇٽل کڏ تي بيٺو هن ڏانهن گهوري رهيو هو. ڪنڌ ڦيري هو اڳتي وڌيو. هاڻي هو جوئر جي بلڪل ويجهو اچي چڪو هو. ايترو ويجهو جو اندران سوئر جي سهڪڻ ۽ ٻهڪارڻ ۽ ڪتن جي ڪوڪاٽ جو آواز به هن جي ڪنن تائين پهچي ٿي سگهيو. هو اڃا به هڪ قدم اڳتي وڌيو، ۽ پوءِ اوچتو بيهي رهيو. هو سوچڻ لڳو، اڳتي وڌي يا نه؟ هو ته اڄ ماءُ سان انجام ڪري آيو هو ته وري سوئر جو شڪار نه ڪندو، ۽ ماڻس به ڪهڙي نه پيار جي ڳراٽڙي پائي کيس چيو هو، ”پٽ، اچي چڙهي آهيان! اڄ هلان الائي سڀاڻي. دل ٿي گهريم ته توکي پرڻائي، هٿيڪو ڪري وڃان. ابا، حياتي تي ڀروسو ئي ڪونهي، هيڪر ته پوٽيون پوٽا به ڏسي وڃان!“ هو سوچڻ لڳو ته سندس ماءُ کي کي هن جي وهانءَ جو ڪيترو نه اونو هو، ۽ ڪيترو نه تڪڙو هن سندس پرڻي جو بندوبست ڪيو هو. ”ڏسندي جي چوڏهينءَ تي منهنجو وهانء آهي،“ هن هوريان دل ۾ چيو. سندس دل ۾ ماءُ جي لاءِ پيار ۽ عزت جي لهر هڪ دفعو وري ڊوڙي ويئي ۽ هوريان دل ۾ چيائين، ”امڙ، تون مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين، تنهنجي مامتا اڻ مٽ آهي. مان پنهنجو قول پاڙيندس. امان، مان تنهنجي آس ضرور پوري ڪندس!“ ۽ هو هڪ دفعو وري پٺتي موٽيو.
”ڪميڻا وري ٿو موٽين، چڱو مان به ڏسندس ته ڪيئن ٿو ڳوٺ ۾ رهين، اصل ڀت ڀائپيءَ مان ڪڍائي ڇڏيندوسانءِ، ڏيندوسانءِ، ڪتي جا پٽ، سو ڏهين قلم ۾!“ مينهين جا قدم رڪجي ويا. ”وڏيرو ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيندو! ڀت ڀائپي به ڳوٺ سان نه رهندي! مان ڪاڏي ويندس؟ امڙ ڪيئن ڪندي؟ گلان جو پيءُ به ته مائٽي نه ڳنڍيندو! پوءِ سڱ ڪير ڏيندو! پوءِ.........پوءِ، اما جي آس ڪٿان پوري ٿيندي؟ ڪٿان کائينداسون؟ ڪير ٻيلي بيهاريندو؟ هاڻي ته وڏيري جي در تي نوڪري ڏيئي پنهنجو ۽ امڙ جو پيٽ پاليان ٿو. پوءِ ته اهو به نه رهندو.“ اهي سڀ سوال ۽ ويچار هن جي دماغ تي وسڪارو ڪرڻ لڳا، هن انهن جي جواب سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آخر جواب به ڪهڙو ٿي ٿي سگهيو انهن سوالن جو! هن هاڻي وڏيري جي حڪم مڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هن کي پنهنجو پيٽ پالڻو هو، گلان جو سڱ وٺڻو هو، ۽ سڀ کان وڌيڪ هن کي پنهنجي ماءُ جي آس پڄائڻي هئي.
هو اڳتي وڌيو. ڪانن کي هٿن سان هٽائيندو، هو جوئر ۾ گهڙيو. چوڌاري هڪ دفعو وري سانت ٿي ويئي. سڀ اکيون ڦاڙي، آدم ۽ مرونءَ جو مقابلو ڏسڻ لاءِ منتظر هئا. هڪ طرف سوئر جي ٻهڪار جو آواز وڌي رهيو هو. شايد نڀاڳي انسان کي آيل ڏسي هو حملي جون تياريون ڪري رهيو هو، ۽ ٻئي طرف ميڙ ۾ ۽ وڏيري وٽ مينهين جي بهادري جا قصا ٿي رهيا هئا. جهٽ پلڪ ۾، جوئر ۾ اٿل پٿل ٿي ويئي، ڪانن جي ڀڄڻ جا ٺڪاءُ پري کان ٻڌڻ ۾ پئي آيا. هڪ دفعو وري خاموشي ٿي ويئي. شايد مينهون، راڻيءَ کي کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. ڪانن ۾ هڪ دفعو وري چرپر ٿي، ۽ رت ٻڏل مينهون، راڻيءَ کي ٻانهن ۾ کڻي ٻاهر نڪتو. پويان کڏ تان توبچيءَ فائر ڪيا، ۽ ٿڪل ڦٽيل سوئر هميشہ لاءِ سرد ٿي ويو.
مينهون، ڪتي کڻي اڳتي وڌيو ٻه چار وکون ڀري ڪري پيو. ”واهه ڙي واهه، مينهان! مينهل، ساءِ، مڙس ماڻهو اٿو!“ چوندو، وڏيرو کڏ تان هيٺ لٿو. پر مينهون اهو جملو ٻڌي نه سگهيو. هو ان کان اڳ پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ جي حسرتن سوڌو هن دنيا کان دور وڃي چڪو هو. وڏيري کي مينهين جو ڪوبه خيال نه هو. هئڻ به ڇو گهرجي مڙسن تي اهي مهلون اينديون آهن!
وڏيري ڊڪي اچي ڪتي کنئين، ”سوئر به ڏاڍو ڦٽيو اٿس، ويچاري معصومڙي!“ هن، ڪتي رسولي کي ڏني، ۽ پاڻ ٽانگي تي چڙهندي چيائين ،”اڙي ڪمو! سوئر کي ڪاواٽيءَ تي ڳوٺ کڻائي هل. راڻيءَ کي ملم پٽيءَ لاءِ شهر موڪل چاڪ ٿي اچي ته وڏيري ربن واري ڪتي سان ڇڏي اچجانس. هو بڻيارو آهي، سٺو بڻ ڪندا. بڻياري ڪتي آهي، گلر به پاڻ جهڙا ڄڻيندي، اڄ ڪالهه حياتيءَ تي ڀروسو هونءَ به ڪونهي، بڻ ته بچي پئي!“

No comments:

Post a Comment