Friday, December 9, 2011

کلڻي - شيخ اياز

کلڻي
شيخ اياز


هن جي سادگيءَ ۾ چالاڪي هئي، چالاڪيءَ ۾ سادگي. ڪڏهن ٻار جيئن نچندي ٽپندي ايندي ۽ پٺيان اچي اکين تي هٿ ڏيندي. ڪڏهن اوچتو منهنجا وار ڊاهي چوندي؛ “ڏس ته ڪيئن ٿي پيو آهين؟” ۽ پوءِ آرسي کڻي هٿ ۾ ڏيندي. ڪڏهن مان پينسل رکي پاڻي پيئڻ اُٿندس ته پينسل جو گورو ڀڃي ڇڏيندي ۽ اڃا کڻڻ جي ڪوشش ڪندس ته کل ۾ ويڙهجي ويندي. ڪڏهن پوتي پڳ ڪري ٻڌي ايندي ۽ ڪتاب منهنجي هٿ مان کسي چوندي؛ “چؤ هاڻي ڇا ٿو چئين؟” ڪڏهن ٽاچڻي کڻي منهنجي ڪنڌ ۾ چڀائيندي، ڪڏهن شربت ۾ لوڻ وجهي کڻي ايندي، ڪڏهن ڏينڀو ڦاسائي، پـَـر کان وٺي منهنجي اڳيان آڻي ڊڄاريندي. هڪ ڏينهن وڇون تريءَ تي کڻي آئي. الاجي ڪيئن ڏنگ ڪڍيو هئائينس! “ڏس مون هن کي منڊيو آهي.” هن چيو. مون ڏانهس شرارت ڀريل نظرن سان ڏسندي چيو؛ “تون ته ماڻهوءَ کي به منڊي سگهندي آهين.” هن جي منهن تي لـڄ ڇانئجي وئي ۽ وڇون کڻي منهنجي پاند ۾ وڌائين. مان ڇرڪ ڀري اُٿيس ۽ چوٽيءَ کان ڇڪي چيومانس؛ “چؤ وري ايئن ڪندينءَ؟” 


“نه بابا توبهه، منهنجي ماءُ جي به توبهه!” هن هٿ وجهي چوٽي ڇڏائيندي چيو.
هڪڙي ڏينهن منجهند جو مون کي دير ٿي وئي ۽ هوءَ ماني کڻي آئي. مون گهڻو ئي کيس چيو ته پاڻ ئي کائيندس، پر هوءَ ٿي مڙي! زوريءَ گرهه گرهه ٺاهي وات ۾ ڏيندي وئي.
“زالون سڀ بيوقوف آهن.” مون خار کائيندي چيو؛ “تڏهن ته تون به پاس نه ٿي ٿئين.
“ٺيڪ آهي.” هن گوشت جو هڏو مانيءَ ۾ لڪائي منهنجي وات ۾ وجهندي چيو. مون هڏو چٻي اڃا منهن گهنجايو مس ته هوءَ کلندي ڀڄي وئي.
مون خار ۾ چيو، “بس وري اڳتي هتي نه ايندس؟”
“اڙي، ڏسان ته گهڻا ڏينهن ٿو انهيءَ گوڙ ۾ پڙهي سگهين.” هن نڪ کي موڙو ڏيندي چيو؛ “گهر ۾ هڪ اکر به پڙهي وئين ته چئجان”.
مون سوچيو ته؛ چوي سچ ٿي. اسان جو گهر ننڍڙو هو ۽ ٻيو ته ٻار هئا گهڻا. سو مان هن جي گهر اچي پڙهندو هوس. سندس گهر ۾ رڳو ٻه ڀاتي هئا. ماسي ۽ هوءَ. پر هن به ته منهنجو نڪ ۾ دم ڪيو هو. هر روز نيون شيطانيون سوچيندي هئي. پاڻ ته مئٽرڪ ۾ ناپاس ٿي، پڙهڻ جو خيال ئي لاهي ڇڏيو هئائين، هاڻي لڳي هئي منهنجي پٺيان.
هڪڙي ڏينهن منهنجي هٿ ۾ ڪئميرا ڏسي، ضد ڪيائين ته؛ “منهنجو به فوٽو ڪڍ.” گهڻي رد بدل کانپوءِ جڏهن مون سندس فوٽو ڪڍيو ٿي، تڏهن هن پوتي ڇڪي، پنهنجو منهن ڍڪي ڇڏيو.
هڪ گهمري مان اڃا ڪتاب کڻي آيس ته ڏٺم ته ٻه چار ڇوڪريون ويٺيون آهن. مان ڪوٺيءَ ۾ گهڙيس مس ته سڀني وٺي کليو ۽ هوءَ ايترو ته کلي، جو پيٽ کي هٿ ڏئي ويهي رهي. مون ڦڪو ٿي کيس چيو؛ “آهي ته خير؟”
“تو تي ٿورو ئي ٿي کليوسين.” هن کل روڪي چيو؛ “تون پاڻ چؤ ته تنهنجي شڪل اهڙي آهي ڇا؟ تنهنجي شڪل ڏسي ته مون کي روئڻ ايندو آهي، کل وري ڪيئن ايندي؟”
“هاڻي بڪ ڇڏ.” مون کيس ڇڙٻيو؛ “ايئن ماڻهو ڏسي مٿو ڇو ڦري ويندو اٿيئي؟”
“مٿو ته تنهنجو پڙهي پڙهي ڦري ويو آهي.” ايئن چئي هوءَ وري کلڻ لڳي؛ “سچ ٻڌايانءِ ته ڇو پئي کليونسين. مون زهرا کي ٻڌايو ته تو بي اي ۾ فلاسافي کنئي آهي، تنهن تي هن هڪڙي فيلسوف جي ڳالهه ٻڌائي ته ڪيئن هن ڇيڻو ڀت تي ڏسي چيو هو ته؛ ڳئون اهو ڇيڻو ڀت تي ڪيئن لاٿو ۽ ان تي مون کي ڏاڍي کل آئي.
هڪ دفعي مون کيس جمهوريت جا اُصول ٿي سمجهايا. “پر خدا ته اسان کي جمهوريت نه ٿو سيکاري.” هن سوچيندي چيو؛ “خدا ته گهڻا ئي دوزخ ۾ وجهي ٿو ۽ ٿورا ئي جن ۾ مـُـلان مولوي، چريا کريا آهن تن کي بهشت ڏئي ٿو.” هوءَ تقرير ڪرڻ لڳي، “پر ٻيلي هي بهشت دوزخ جو معاملو به عجيب آهي. مان ته سوچيندي منجهي پوندي آهيان. مئٽرڪ ۾ اسان کي ماستر ٻڌايو هو ته؛ صوفي چوندا آهن ته انساني روح ۾ خدا جو جزو آهي. جي ايئن آهي ته پوءِ ته دوزخ ۾ به صرف روح ٿو وڃي ۽ ان جي معنيٰ اها ٿي ته دوزخ ۾ پاڻ ٿو وڃي.” هوءَ کلڻ لڳي.
مان سوچي رهيو هوس ته هن کي اهي شرارتي خيال اچن ڇو ٿا؟ خدا مان به نه ٿي رهي!
سندس کل ۾ زندگي هئي، زندهه دلي هئي. کلڻ مهل سندس ڳلن ۾ ڄڻ سفيد ۽ سرخ گلاب گهوٽجي ويندو هو. سندس ننڍڙا چپ ماڪ ۾ آلا ٿي ويندا هئا. مون هن کي مرڪندو ته ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هوءَ هميشه کلندي هئي ۽ سندس کل ۾ ڄڻ سڄيءَ دنيا جي سنگيت سمائجي ايندي هئي. سندس ٽهڪ ۾ ڄڻ معصوميت ۽ شرارت هٿ هٿ ۾ ڏئي نچنديون غائب ٿي وينديون هيون. اڪيلي هوندي ته پئي ڳائيندي. ماڻهو ڏسندي ته کلي ويهندي. ڄڻ سڄي دنيا جي خوشي، سندس روح ۾ سمايل هئي. هوءَ ايترو ته کلندي هئي جو سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيندا هئا ۽ پتو نه پوندو هو ته هوءَ کلي ٿي يا روئي ٿي! هن جي حياتيءَ ۾ لڙڪ ۽ مـُـرڪ گڏ گهوٽيل هئا. هوءَ هر ڪنهن کي تنگ ڪندي هئي پر ڪو ئي منجهائنس ڪڪ نه ٿيندو هو. مان ته ساڻس نفرت ان ڪري ڪندو هوس جو مون کي هن کان نفرت هئي. مٺي مٺي نفرت، ڪؤڙي ڪوڙي محبت! دور رهي، دور رهڻ نه چاهيندو هوس. ويجهو رهي ويجهڙائيءَ مان ڪڪ ٿي ويندو هوس. مون کي ٻيون به سوٽيون ماساتيون هيون پر ڪا اهڙي عجيب و غريب نه هئي. ڪنهن کي ايتري مجال نه ٿيندي هئي جو مون سان کڻي کيچل ڪري. سڀ ڪتابي ڪيڙو سمجهي، منهنجي عزت به ڪنديون هيون ۽ مون کان نفرت به ڪنديون هيون. پر هوءَ الاجي ڇو مون کي ڇيڙيندي هئي. مان ڪتاب جي ڪنهن صفحي تي نشان وجهي بند ڪري ويندس ته هوءَ اها نشاني اتان ڪڍي ٻئي صفحي تي وجهي ڇڏيندي هئي. مان فائونٽين پين ۾ مس ڀري رکندس ته هوءَ مس ڪڍي پاڻي ڀري رکندي. مطلب ته عجيب شامت هئي. مون ڪيئي ڀيرا خيال ڪيو هو ته وري سندس گهر نه ويندس. اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ گهر ۾ ويهندس ته هوءَ ڪو ئي بهانو ٺاهي ماڻهو موڪليندي. مثلن چوائي موڪليندي ته؛ “امان کي مٿي ۾ سور آهي دوا ته ڏي.” ۽ مان اڃا سور جي دوا کڻڻ ويندس ته نياپو ڏيندڙ گم ٿي ويندو ۽ لاچار مون کي ئي دوا کڻي سندس گهر وڃڻو پوندو. اڃا ويندس مس ته هوءَ کلندي چوندي؛ “ڏس ڪيئن چالاڪي ڪري گهرايومانءِ پتو پيئه!” ۽ پوءِ نوڙيءَ تي ٽپڻ لڳندي.
پر ايئن به ناهي ته هوءَ مون کي صرف مسخريءَ لاءِ گهرائيندي هئي. مون کي ياد آهي ته تهه اونهاري ۾ مون کي پڙهي پڙهي ننڊ اچي ويندي هئي ۽ ڏاڍيءَ گرميءَ ڪري پاسا بدلائيندو هوس ته ڪنهن مهل ٿڌي جهلڪي تي اک پٽجي ويندي هئي ۽ هوءَ وڃڻو هلائيندي نظر ايندي هئي. مون کي اکيون پٽيندو ڏسي ٺڪاءُ ڪرائيندي هئي پٺيءَ تي وڃڻو ۽ ايئن چوندي اُٿي ويندي هئي ته؛ “ننڊ ۾ ڳالهائين ڇو ٿو؟ اسان جي ننڊ ٿي ڦٽي.
جڏهن گڏجي ماني کائڻ ويهندا هئاسين تڏهن چوندي هئي ته،؛ “ڏسجانءِ جي مون اڄ توکي بک نه ماريو.” ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي هئي، پر مون ڏٺو هو ته هوءَ تمام ٿورو کائيندي هئي ۽ سٺي سٺي شيءِ منهنجي لاءِ رکندي هئي.
هڪڙي ڏينهن مون کي سخت بخار هيو، سو مون ڀيڻ کي چيو ته؛ “مٿي کي ٿورا زور ته ڏينم.” هن هڏيءَ مان چيو ته، “ٻه ڪلاڪ ساندهه ماساتنهن ويهي زور ڏنا اٿيئي. اڃا پيو زور زور ڪرين.” مون کي خبر نه هئي ته غشيءَ جي حالت ۾ هن مون کي زور ڏنا هئا. اهڙي طرح ڪيئي دفعا مون محسوس ڪيو هو ته هن جي مون سان همدردي هئي.
مون بي اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ هن وٽ ويس. هن چيو؛ “مٺائي کاراءِ!” ۽ ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳي؛ “هل سڃا تون ڇا کارائيندين!” منهنجو مڱڻو ٿي ويو ۽ هوءَ آئي ۽ چيائين؛ “مٺائي کاراءِ!” ۽ پوءِ “هل سڃا تون ڇا کارائيندين!” چئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي. منهنجي شادي ٿي وئي ۽ هوءَ آئي ۽ چيائين؛ “مٺائي کاراءِ!” ۽ پوءِ ساڳيءَ طرح “هل سڃا تون ڇا کارائيندين،” چئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي. مون کي ڪڪو ڄائو ۽ هوءَ آئي ۽ وري ساڳيا لفظ چيائين؛ “مٺائي کاراءِ.” ۽ پوءِ “هل سڃا تون ڇا کارائيندين.” چئي ٽهڪ ڏنائين. هن ۾ اڃا به اها معصوم شرارت هئي، اڃا به زندهه دلي هئي، اڃا به کلي کلي ڳوڙها وهي ايندا هيس.
پر.......

ڪالهه هوءَ منهنجي ڪڪي کي کيڏائي رهي هئي. هن جي منهنجي ڪڪي سان ڏاڍي دل هئي. ڪڪو بانبڙا پائي ٿورو گهمڻ سکي ويو هو، سو ڪالهه جئن هوءَ ڪڪي کي ڪـُـڏائي رهي هئي. مان آفيس مان موٽيس. ڪڪي مون کي ڏسي ڪيو، “با آ با آ” (بابا) مون ٻانهون ڊگهيڙيون ته کڻانس، پر ڪڪو ڪنڌ ڌوڻي هن جي ڇاتيءَ سان چهٽي پيو ۽ چيائين، “ام مان (امان)” مون چرچي ۾ چيو؛ “اڙي امان ته تنهنجي ماني پئي پچائي، هيءَ اٿي پڦي!” پر ڪڪي ڄڻ منهنجي ڳالهه نه مڃي ۽ هن جي ڇاتيءَ مان منهن ڪڍي، ڏانهس ڏسي، چيائين؛ “امان.” اچانڪ مون ڏٺو ته هن جو منهن ون ون ٿي ويو ۽ ڳوڙها سندس اکين مان لهي ڳلن تي اچي ويا. مون تعجب ۾ پڇيو؛ “ڇو، آهي ته خير؟” هن ڪڪي کي چميو ۽ سندس چولي ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ لڳي. مان حيرت ۾ هوس. اڄ شايد پهريون ڀيرو هو، جو ٽهڪ ۽ لڙڪ دوستي ڇني جدا ٿيا هئا. زندگي کل جو سهارو نه وٺي سگهي هئي ۽ ڳوڙها قابو پائي ويا هئا. خوشيءَ غم کي چميون ڏئي، الوداع ڪئي هئي.

No comments:

Post a Comment