Tuesday, December 13, 2011

بُت بڻجي ويل شخص - رضوان گل


بُت بڻجي ويل شخص
رضوان گل
منهنجي موبائيل تي ميسيج رنگ وڳي. ميسيج ڪنهن نئين نمبر تان آيل هو. کولي ڏٺم ته ميسيج خالي هو...
مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي مان، ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس. ڪارا گھاٽا بادل برسات جون هلڪيون بوندون ۽ پکين جو آکيرن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ اڏامڻ .. موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي.. مان پنهنجي روالونگ چيئر کي ڦيرائي، ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ تي آڱريون ڦيرڻ لڳس..
دل چيو ته ڪو ئي خوبصورت گانو ٻڌجي.. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج جي رنگ وڳي. ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو ... ساڳئي اڻ ڄاتل نمبر تان خالي ميسيج...
مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه ڏيندو آهيان.. پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي who r u  لکي سينڊ ڪري ڇڏيو.. ..
ترت ئي جواب آيو  I m Anam and u r my Jaan  مون اهو پڙهي .. پڇتايو .. سوچيو ته رپلاءِ ڏيڻ نه گھربو هو مونکي..
مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس..  ٽيبل تي رکيل موبائيل تي ان اڻ ڄاتل نمبر تان ڪيترا ئي ميسيج ايندا رهيا.. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو ٿيو ته جيڪو به آهي سندس ٽيسٽ ڏاڍي لاجواب آهي ..

صبح، منجھند، شام، رات، اڌ رات، ان نمبر تان ميسيج ايندا رهندا هئا .. مان ڪو به رپلاءِ نه ڪندو هوس.. مونکي پڪ هئي ته اهو يا ته منهنجو ڪو دوست آهي يا وري ڪو به واقفڪار جيڪو ڇوڪري بڻجي تنگ ڪرڻ ٿو چاهي...
ڪافي ڏينهن ۽ مهينا گذري ويا چيٽنگ ڪندي.. هڪ دفعي مون پنهنجي هورا کورا لاهڻ لاءِ کيس ميسيج ڪيو جيڪڏهن تون واقعي به ڪا فيميل آهين ته پوءِ بلڪل هن وقت مونسان ڳالهاءِ...
واپسي ۾ ميسيج بجاءِ ڪال اچڻ لڳي... اٽينڊ ڪئي...
پريان ڇوڪري جو آواز آيو .. “ڇا اوهان هن وقت تائين مونکي ميل سمجھندا رهيا آهيو؟!!“
نڙيءَ مان لفظ نڪري نه سگھيا.. مون فون ڪٽي ڇڏي....
هاڻي مان سوچڻ تي مجبور ٿيس ته هي ڪير ٿي سگھي ٿي؟! جنهن کي مون سان ايڏي دلچسپي آهي ..
مون کيس ميسيج ڪيو: “اوهان مون کي ڪيترو ٿا سڃاڻو؟ ۽ مونکي آخر ايترا سارا ميسيجز ڇو ٿا ڪريو؟
جواب آيو : “مان اوهان کي ايترو سڃاڻان ٿي ته اوهان سرڪاري آفيسر آهيو، ڊفينس فيز ٽو جي 3 نمبر اسٽريٽ ۾ پهرئين ڪارنر تي اوهان جو گھر آهي، بليڪ ڪلر جي سٽي ڪار اٿوَ، اوهان شادي شده آهيو ٻه ٻار اٿوَ، فري ٽائيم ۾ سنگنگ به ڪندا آهيو، اوهانجا ڪجهه سانگس مون يو ٽيوب تي به ڏٺا آهن. نالو شاهد اٿوَ پر مون لاءِ منهنجي جان آهيو توهان.... ۽ ها! اوهان کي حاصل ڪرڻ، منهنجي زندگيءَ جو واحد مقصد آهي.
سندس اهو جواب پڙهي مان هڪ هنڌ ڄمي ويس. هيڏي ساري ڄاڻ ڪنهن کي ٿي سگھي ٿي؟ سوچي سوچي ٿڪجي پيس، ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي..
ڪيترا ئي ذهن ۾ آيل سوال، کانئس ميسيج ذريعي معلوم ڪيا. جن مان اندازو ڪري سگھجي ته هوءَ ڪير آهي پر هر سوال جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ، منهنجي پريشاني ويتر وڌنڌي ٿي وئي...  نه صرف پريشاني پر تجسس پڻ وڌڻ لڳو. ان ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي لاءِ، نه چاهيندي به مون ساڻس ميسيجز ذريعي رابطو جاري رکيو..
مان رات جو جڏهن ڪمري جي لائيٽ آف ڪري سمهندو هوس ته پنهنجي موبائيل کي به سائلينٽ تي رکي ڇڏيندو هيس.. ڇا لاءِ ته ان اڻ ڄاتل نمبر تان پوري رات به مختلف وقتن تي شاعري ۽ مختلف ڪوٽيشنس وغيره وارا ميسيجز ايندا رهندا هئا... اهو سلسلو مهينن تائين هلندو رهيو .. هاڻي مان به سندس ڪيل پنجاهه ميسيجز جي موٽ ۾ پنج ميسيج موڪلڻ لڳو هوس.. اهو سوچيو ته صرف ميسيج ڪرڻ ۾ ڀلا ڇا ٿو ٿئي!!
ان وقت آسمان ۾ گجگوڙ سان گڏ کنوڻ به تجلا ڏئي رهي هئي، جڏهن مان پنهنجي دوست اعجاز جي اوطاق تي ويٺو هوس، ڪجهه گھڙين بعد تيز برسات به لهي پئي.. مان نرم آرامده سنگل صوفا تي ويٺل هوس.. اعجاز بينڪ ۾ آفيسر آهي. اسان ننڍي لاءِ جا سنگتي آهيون.. مان اعجاز سان ڪچهري دوران موبائيل تي ايندڙ ميسيجز به پڙهندو رهيس... اعجاز پڇيو؛ يار تون ڪجهه وقت کان موبائيل ۾ ڪجهه گھڻو ئي مصروف نه ٿي ويو آن؟!! ڪير ٿو ڪرئي ايڏا ميسيج ڀائو؟؟
مان منهن پڪو ڪندي چيو؛ بس مختلف ماڻهو ڪن ٿا .. يار ٽائيم ئي نه ٿو ملي. سڄو ڏينهن موبائيل جا ميسيج پڙهجن يا ٻيا ڪم ڪار ڪجن.. بس هاڻي هتي وقت مليو آهي، سو ڏسان پيو ويٺو..
پر مون کي ائين نه ٿو لڳي، منهنجي دوست چيو...
ته پوءِ تو کي ڇا ٿو لڳي ڀلا؟؟
مونکي لڳي ٿو؛ ڪنهن ڇوڪريءَ جو چڪر آهي..
هاهاها !! مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو: ڇوڪري ۽ مان!! ڇڏ يار .. مان اهڙو آهيان جو تو کان ڪجهه لڪايان؟
ٻاهر برسات تيز وسڻ سبب ڇتين جا نيسارا وهڻ لڳا هئا..
مان وس ڪندي به پنهنجي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ .. چپن تي آيل مرڪ لڪائي نه سگھيس.. اهو شايد ان ڪري به ته مان اعجاز کان اڄ تائين ڪا به ڳالهه لڪائي نه هئي..
اعجاز جي پڇيل سوال واري انداز مون کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ کان جيئن روڪي ورتو..
چيائين .. الاءِ ڀائو اسان به گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو آهي .. سڄو ڏينهن ٿا ماڻهن سان ملئون.. ۽ تو کي ته مان هونئن به چڱيءَ ريت ٿو سڃاڻان... سو مون سان چالاڪي ڪيئن ڪري سگھندين!!
مان هاڻي سنجيده ٿيندي، اعجاز سان سموري ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳس ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته؛ لڳ ڀڳ سال ٿيڻ تي آهي. هيءَ ڇوڪري، جنهن جو نالو انعم آهي، مون سان ميسيجز ذريعي رابطي ۾ آهي. هن مون سان پنهنجي بلڪل ذاتي نوعيت جون ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن... ها! مون به کيس پنهنجي متعلق ڪافي ڪجھ ٻڌايو آهي .. ڪافي ڳالهيون ٿيون آهن..  هاڻي ته يار منهنجي به عادت بڻجي وئي آهي. جيستائين ساڻس ميسيج تي رابطو نه ٿو ٿئي اٻاڻڪو ٿو ٿي پوان..
منهنجي منهن ۾ گھوريندي، اعجاز پنهنجو سڄو هٿ پنهنجي چپن تي رکي، منهنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو... ملازم ٽيبل تي ٻاف نڪرندڙ گرم گرم ڪافي اچي رکي....
مون سمورو سربستو احوال اعجاز کي ٻڌايو..
پهريون سوال ڪيائين: تو نمبر ڇو نه تبديل ڪيو؟
چيومانس پهريون سوچيو هو، پر پوءِ دل چيو؛ پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، فارغ وقت ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندس، وقت سٺو گذرندو..
پوءِ هاڻي ڳالهه ڪٿي پهتي آهي؟؟ مون ڏانهن شڪ وارين نظرن سان نهاريندي پڇيائين!!
چيومانس؛ ادا مان هن وقت تائين ساڻس مليو به نه آهيان .. ڳالهايو به صرف هڪ ڀيرو ئي اٿم .. سا به اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته ڇوڪري آهي يا ڪو سنگتي دوست يار.. بس ٻيو ڪجهه به نه!!
ته پوءِ هاڻي اهو قصو آخر ڪٿي پورو ٿيندو؟؟
بس ائين ئي جيستائين ان جي شادي نه ٿيندي، هلندو رهندو پوءِ هوءَ نمبر مٽائي ڇڏيندي .. يار ائين منهنجو فري ٽائيم به ڏاڍو سٺو ٿو گذري.. ڀلا صفا ڳالهه حد کان وڌي وئي ته پوءِ نمبر مٽائي ڇڏبو کڻي... مون پنهنجي چهري تي اطمينان آڻيندي چيو.
پر تو ٻڌايو ته: هوءَ تو سان ٿي شادي ڪرڻ گھري... منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي اعجاز ڪراس ڪوسچن ڪيو..
ها! پر مان سمجھان ٿو هوءَ اهو صرف ڳالهه ڪرڻ جي حد تائين چوندي آهي. ائين ٿيندو ڪو نه..
ادا ڳالهه ٻڌ ڀائو: اڄوڪي ڏينهن ۾ وڃي شرافت سان نمبر مٽاءِ .. نه ته ........
مون وڏو ٽهڪ ڏيندي .. ڳالهه مَٽائيندي چيو: يار موسم واه جي ٿي وئي اٿئي .. گاڏي ڪڍراءِ ته سي ويو تي ٿا هلئون..
هاڻي برسات ڪجهه جھڪي ٿي چڪي هئي .. موسم لاجواب ٿي وئي هئي.. هوا ۾ ٿورڙو سيئاندو به محسوس ٿي رهيو هو..
اعجاز هلڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو؛ نه يار موڊ ناهي. ڪنهن ٻئي دفعي...
پوءِ ڀلا مونکي اجازت ڏي.. مون اعجاز کان موڪلايو..
 تڪڙو تڪڙو گھر پهتس .. اهڙي رومانٽڪ موسم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل ۽ تصور ۾ سوچيل حسينه سان رومانٽڪ ڳالهيون ڪرڻ به پاڻ کي رليڪس ڪرڻ جو هڪ بهتر طريقو آهي ... اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مان ساڻس ڪچهريون ڪرڻ لڳس..... اهي ڪچهريون وڌنديون رهيون...  پهريون دائري جي اندر ۽ پوءِ دائرن ۽ حدن کان نڪرندي به.....!!
هاڻي جنهن ڏينهن ساڻس رابطو نه ٿيندو هو، مزو نه ايندو هو.. کيس ڪال ڪندو هوس ته اٽينڊ نه ڪندي هئي، ان وچ ۾ مون کيس آزمائڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ئي نمبرن تان ڪالز ڪيون پر هن ڪڏهن به اهي ڪالز اٽينڊ نه ڪيون.. ٻين نمبرن تان کيس رومانٽڪ ميسيجز به ڪيا پر ڪا به موٽ نه ملي..
ان ڳالهه مان مونکي اها دلجاءِ ٿي ته هن جو تعلق صرف مون سان ئي آهي. هوءَ صرف منهنجي ذاتي نمبر تي ئي ميسيج ڪندي هئي.. کيس مون هر طرح سان آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو ڪردار مون کي ڪٿي به ڪريل نظر نه آيو..
رات جو سمهڻ تائين، گڊ نائيٽ ۽ صبح جو اٿڻ سان گڊ مارننگ جا ميسيج ايندا رهيا...  ڳالهين ڳالهين ۾ هوءَ مونکي پنهنجو محبوب ڪري پيش ڪندي هئي.. گڏ رهڻ جون ڳالهيون.. لانگ ڊرائيو ۽ ڪينڊرل لائيٽ ڊنر جون ڳالهيون... سمنڊ تي هٿ هٿ ۾ ڏئي ڇولين جي ڇهاءَ جا مزا ... ۽ جيڪو هڪ شادي شده زندگيءَ کانپوءِ ٿيندو آهي، اهو سڀ ڪجهه هن پنهنجي ڳالهين ۾ بار بار ٿي ورجايو... هاڻي مان صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ نه پر اڪثر پنهنجي آفيس ۾ ڪم سيڙائي به کيس وقت ڏيندو هوس. مونکي جن ۾ به شڪ هئا، هوءَ انهن مان هڪ به نه هئي..!!
اهو سوال منهنجي ذهن ۾ پهرئين ڏينهن کان ڦِرندو ئي رهيو... پر ڪو به مطمئن ڪندڙ جواب ڪو نه مليو.. مان جڏهن به کانئس سندس باري ۾ اهو پڇندو هوس ته؛ آخر تون پنهنجو مڪمل تعارف ڇو نه ٿي ڪرائين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ مون کي ايترو ڪيئن ٿي سڃاڻين؟ يا پنهنجي ڪا تصوير ايم ايم ايس يا اي ميل ذريعي ڇو نه ٿي اماڻين!! ته هوءَ موٽ ۾ هميشه ڳالهه کي تبديل ڪري وٺندي هئي .. بار بار ساڳيو سوال ڪرڻ تي چڙي به پوندي هئي..
هڪ سال ٻه مهينا چار ڏينهن، اسان جون ڪچهريون ٿينديون رهيون .. مون ڪيترا ئي ڀيرا ملڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو پر ملڻ واري ڳالهه تي کيس ڳالهائڻ ئي پسند نه هو.. چوندي هئي؛ ملنداسين ته پوءِ ڪڏهن به الڳ نه ٿينداسين.. پر اڄ اچانڪ هن ميسج ڪيو ته مان توسان ملڻ ٿي گھران... !!
مون کيس ٺهه پهه جواب ڏنو: ڪڏهن ۽ ڪٿي؟
لکيائين: “تنهنجي آفيس جي سامهون واري ريسٽورنٽ ۾.
مون لکيو: مان ڪيئن سڃاڻيندس تو کي؟
لکيائين: مان ته تو کي سڃاڻان ٿي نه! بس تو کي هٿ سان اشارو ڪنديس.. پر ملڻ کان اڳ منهن جو اهو ئي ساڳيو شرط آهي ته پاڻ ملڻ کانپوءِ ڪڏهن به نه وڇڙنداسين ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته تون.. اڄ ئي پنهنجي زال کي طلاق ڏي... طلاق وارا پيپر اتي کڻي اچ. مان ٺيڪ 4 بجي اتي تو سان ملنديس...پوءِ پاڻ شادي ڪنداسين.
مان کيس بغير ڪجهه به سوچڻ جي لکيو: ها ٺيڪ آهي.
سندس ميسيج آيو: مان تو کي ڪنهن ٻئي سان شيئر ڪرڻ نه ٿي گھران جانو.. تون صرف منهنجو آهين..
مون موبائيل ٽيبل تي رکي، اکين تي هٿ رکي ڇڏيا .. سمجھ ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو.. هوش خطا ٿي ويا هئا... اها حسينه، جنهن سمورو سال خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون، اها اڄ مون سان ملي رهي هئي... جنهن سان ڪيترا ئي سپنن جا خيالي محل، ميسيجز جي ذريعي اڏيا هئا، سا اڄ پاڻ ملي رهي آهي، سا به هميشه لاءِ..... هڪ طرف، مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس.... ٻئي طرف، سندس لڳايل شرط، مٿي ۾ هٿوڙا بڻجي لڳي رهيو هو.. گھڻي دير کانپوءِ، اهو سوچي طلاق نامو تيار ڪري ورتو ته؛ اهو صرف انعم کي ڏيکارڻ لاءِ ئي هوندو.
بس! اندر ۾ نه بيان ٿيندڙ اُڻ تُڻ هئي، انعم کي ڏسڻ جي...
نه ڄاڻ ڪهڙو جادو هو، جنهن ڪري مون وٽان سوچڻ جي صلاحيت غائب ٿي وئي ...
جيئن چار وڳا ته مان روڊ ڪرس ڪري، شاندار ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس.. عجيب محسوس ٿي رهيو هو. سڀ ڪجهه طلاق جا ڪاغذ، لفافي ۾ وجھي کڻي آيو هوس ... دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هئي ... ريسٽورنٽ اندر هلڪي روشني هئي، سامهون ڪنڊ تي نقاب ۾ ويٺل، پنڪ ڪلر جا ڪپڙا پهريل حسينه مون کي اشارو ڪيو. تڪڙا قدم کڻندو، سندس آڏو اچي بيٺس. لفافي ڏانهن هٿ وڌايائين .. مون سندس حوالي ڪري ڇڏيو.. هڪ دم کولي ڏٺائين ... پني تي نظرون ڦيريندي سندس نقاب لهي ويو.. ۽ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي.. وهندڙ پاڻيءَ مان برف جو پهاڙ بڻجي ويس، ها مان ان وقت بت بڻجي ويس ...  ڇو ته هوءَ منهنجي زال هئي ...

No comments:

Post a Comment