Friday, December 9, 2011

دينا داستي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

 دينا داستي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
جيئن طاق کي ڌڪو ڏنم، تيئن تاڪ لڳي ويا. در کي اندران ڪڙو چڙهيل هو. جنھنڪري سٽ ڏيڻ سان به نه کليو. پر ڇاکئون؟!!
“اڄ ڇو مون وارن سؤٽن جو در بند آهي؟! ڏينھن تتي پکي پکڻ کي به وائک کپي. هيءُ موراڳو در بند ڪيو، اونده ڪيو ستا پيا آهن. اندر ڪير آهي؟ در بند ڇو آهي؟” ايترا سمورا خيال، دل تي ترندا ويا.
نِوڙي ڏار مان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم. ڇت جي ڳڙکين مان ايندڙ روشنيءَ جي ترورن ۾ جيڪو نظر آيو، تنھن ٺَپَ ئي ٺاري ڇڏيا. سامھون واري کٽ تي، ٻه اڌ اگهاڙا جسم ليٽيل هئا. منجهن ساهه ۽ چرپر هئي. منظر ڏسندي ئي دل دهلجي وئي. بدحواسيءَ ۾ پوئتي موٽڻ لڳس.

اڻتڻ ٿي پئي. سوال مٿان سوال، خيال مٿان خيال، شڪ مٿان شڪ پئي جاڳيو.
“گلڻ هوندو - مون وارو سؤٽ-  ڀيڻس پَرِي وئي هوندي ڪاڏي ته کيس وارو وريو هوندو. هوندس ڪنھن سان اک جي پڇڙي اٽڪيل. آندو هوندائين ان کي.” هڪڙو شڪ.
“ڇو نه ڦاسائي؟ جوانيءَ ۾ ڦاٽي ٿو. جواني به ديواني آ. جوانيءَ جي آبياري ڪرڻ ۾ ڪھڙي اربعا خطا.” شڪ مٿان شڪ.
“ٽوهئي ماڻھوءَ کي نوجوان ڀيڻ جو به خيال ناهي. نويڪلو گهر ڏسي بانڀولجي پيو آهي.” ويتر شڪ.
“ٿي سگهي ٿو ٻئي ڪاڏي ويا هجن ۽ گهر وچئون ٻين کي ڏئي ويا هجن.” هڪڙو ٻيو وهم.
پرائي خلل ۾ هٿ نه وجهڻ گهرجي. هر ڪا ٻڪري پنھنجي ئي پائي ٽنگبي.” اندر ئي اندر پاڻ سان جهيڙو.
گلڻ ڏي ڪا ميار ڪانھي. مونکي مُنھن لاهي ڪيترا دفعا چيائين. بابي کي به چيائين. بابي نه مڃي نه مڃيس. تريون ئي ٻه هيائينس؛ “نڪمو آهين. بيروزگار آهين. تو ڀينگئي کي ڪير سڱ ڏيندو!؟” بابي ۽ امان کانسواءِ سندس دنيا ۾ ٻيو هئو به ڪير؟! اڪيلي ڀيڻ. ماءُ پيءُ ننڍي هوندي مري وين. بابي به هٿ ڪو نه رکين. ڌڪا ٿاٻا کائي پليا.
پاڻ ۾ ڇڙا ٻه سِرَ. ولائتي ٻٻر جي اُرهه ۾ جهوپڙي اڏي ويٺا آهن. اڱڻ اڱڻ ۾ گڏيل آهن. رڌ پچاءُ اسان جو پنھنجي منھن ته سندن پنھنجي منھن. رت کي وري به ڇِڪ ٿئي. ڪاڏي وڃجي؟! ڇڙهن جو ته ڪو ئي جھان ڪونھي. هِن هُن سان ڳالھائي وقت ٿيو پورو ڪرڻو. ٻنھي سان گهڻي لڳندي آهي. هر وقت، ڏانھنِ لوڻا هڻندي وتندي آهيان.
“اڄ منھنجو ته خيال نه پيس پر ڀيڻ پريءَ جو به خيال نه آيس. اهو به ڪٽر نه پيس ته ڀيڻ آئي ته ڇا چوندي؟! ان تي ڪھڙو اثر پوندو؟” گلڻ لاءِ اهو خيال ايندي، ٽنگون ڏڪڻ لڳيون.
“جيڪڏهن پاڻ ۾ ڳنڍجون ها ته جيڪر اڄ هي ڏينھن ڏسڻو نه پوي ها. ڪاش! مونکي به ڀاءُ هجي ها! اٽي تي اٽو، کارو نه کٽو؛ پوءِ ته ضرور پاڻ ۾ جوڙ جس ٿيون ها. هاڻ زوريءَ جي ميندي ته لڳندي ئي ڪانه. گلڻ لاءِ منھنجا مائٽ راضي ناهن. پاڻ ٻئي هنڌ اٽڪجي، سو مون کي پسند ناهي. نيٺ چُھڙن جون ونڊيون چُھڙا کڻندا آهن. هاڻ انھيءَ، اڳيان بيٺل جبل کي ڪير ڏاري؟! هاءِ قسمت! لولو لنگڙو به ڀاءُ هجي ها! ته انھيءَ پھاڙ کي ٿڏو ئي هڪ هڻي ها!” خيالن ۽ سوچن جو هڪ ٻيو ڪڪر مٿان لنگهي ويو.
“ڪيڏو نه ظالم آهي بابو. اسان ٽنھي جي حال تي قياس ئي نه ٿو اچيس. ڇا خرابي آهي گلڻ ۾؟ جھڙو تھڙو آهي مون لاءِ آهي، مون کي نباهڻو آهي ان سان. پاڻ ته ويٺو آهي قبر ۾ ٽنگون لڙڪايو. پوءِ نانگ ٿي ويھڻ مان ڇا ٿو وريس؟! اجايو گلڻ بتال ٿئي ۽ پريءَ کي شينھن ڪلھي چاڙهي، پنھنجو گهر سرهو ڪري ته پوءِ منھنجو ڇا ٿيندو؟!” انھن خيالن ايندي ويتر طبيعت خراب ٿيڻ لڳي.
بابي ته ان ڏينھن دنگ ڪري ڇڏيو، جنھن ڏينھن گلڻ کيس چيو هئو؛ “چاچا! پاڻ گڏجون، توهان پري ڏئي پرڻجو ۽ مون کي پاڻ سان ڳنڍيو.”
ڪيڏو نه بيدرديءَ سان بابي کتو جواب ڏنو هئس؛ “جڏوڪا مينھن تڏوڪا پاڻي. ڇوڪر اڃا ننڍي آهي. نينگر ننڍي جمعا گهڻا. توکي گهر سنوارڻو آهي ته اٽو اٽي تي ڏئي ٻنڀو پٽ. مون کي ٻيءَ شاديءَ جو شوق ٿيو ته تنھنجي ڀيڻ ڏئي ڇو پرڻجان؟ پنھنجي ڌيءُ ڏئي ڇو نه پرڻجان؟! توکي ته ڌيءُ هرگز نه ڏيندس. توکي ڌيءُ اهو ڏئي، جيڪو پوءِ تنھنجا ٻچا پاڻ پالي. تون پاڻُ ڪو نه ٿو پالي سگهين، زال ۽ ٻچا ڪٿان تاتيندين.”
گلڻ ان کان پوءِ ته سَڌَ ئي پلي ويو.
“هن منجهند ٽاڪ جو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ڪير ٿو اچي سگهي؟” دل تي واچوڙي وانگر خيال آيو.
“ورائي ڏسان! سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪيان ته ڪير آهن؟ ٿي سگهي ٿو ته گلڻ ٻاهر ويل هجي ۽ پريءَ کي وارو وريو هجي. انسان خطا جو گهر آهي. پير ترڪندي ويرم ئي نه ٿي لڳي.”
“پراين ڳالھين ۾ دخل نه ڏيڻ گهرجيم. پنھنجي معاملي ۾ ڪير به ڪنھن جو دائو دخل برداشت نه ڪندو. دل تي هٿ رکي ڏسجي ته واقعي ائين آهي.” خيال مٿان خيال مٽجي رهيا هئا.
“عورت ويچاري به ڪيڏي نه مجبور آهي. جتي ۽ جڏهن چاهي، دل جي منشا ڪڏهن پوري نه ٿي ڪري سگهي. اها هنياري ۽ حق، فقط مرد کي آهي.” ٻيو خيال آيو.
ڏنو اسان جو پاڙيسري آهي. پيءُ ماءُ کي اڪيلو. هڪ ڏينھن گلڻ کي منھن لاهي چيائين؛ “مون کي ڳنڍيو. ابو امان مئا ته توهان جو گولو ٿي رهندس. مون وٽ پاءُ پاڻيءَ جو ڪونھي. ڦلن مُٺ، جيڪي پئسا چوندؤ سي ڏيندس. ٻيو نه ته پنج هزار کن ته ٿي ويندا.”
“اڙي! ها دولت ۽ پئسن جا پٽ! اهي لالچون وڃي ٻين کي ڏي. ڪانھي مون کي تنھنجن انھن ٺڪرن جي بک. ڏٺل آهن اهي ڪاڳر جا نوٽ. انھن کي لالچاءِ جيڪي بي غيرت ۽ ڀڙوا هجن. منھنجي سامھون اها ڳالهه ڪئي اٿئي ته تُنبو بڻائي ڇڏيندوسانءِ. مان وچان ڇٽس. اچي منھنجيءَ ڀيڻ جو توکي خيال ٿيو آهي.” ڪيڏيءَ نه اڻ ٽرائپ مان کيس ورندي ڏني هئائين.
“وياءُ نيٺ اٿاريندين يا ڪھي کائيندين؟! پڪيءَ ٻير ۾ هر ڪو ڇاڙپ هڻندو. ان ۾ چڙڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟!” پريءَ تي ساهه ڇڏيندڙ، ڏني چيو هئس.
“ها! مان ڪھي کائيندومانس! مون وٽ بک ٿي مري ڇا؟ اهو لولو جيڪو ٻئي هنڌ کائيندي سو مون وٽ ڪونھي ڇا؟!” گلڻ جي انھيءَ ورنديءَ، ڏِني جي خيالي ٺاهيل محل کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هئو. پري به ان ڏينھن ڏاڍي اداس هئي. ڪُڇي ڪا نه سگهي هئي. ڏِني اهو ڏينھن ڪيو، وري نه منھن ڪيائين. مون کي ان ڏِني تي به ڏاڍا جک آيا هئا. گلڻ سان ڳالھائڻ کان بابي سان ڳالھائي ها. گهر جو وڏو اهو هئو. خير بابو به ڇا ڪري ها؟ جھڙا ڪانءَ تھڙا ٻچا. اهو به اهو ئي چويس ها.
“اندر، ڏِنو ۽ پَري ٿي سگهن ٿا.” دل ۾ نئون شڪ جاڳيو؛ “گلڻ جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺندي پَريءَ کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها. کيس ڌارين کان گهر جي چانئٺ لتاڙائيندي، ڀؤ به نه ٿيو؟!”
“ڀاڻس ڪم ڪار تان موٽي ۽ کيس ان حال ۾ ڏسي وٺي ته ڇا مانُ ٿئيس. رت ڪتا نه چٽنس! خير! سرڙي آئي، ڪير نه ٿئي ڀائي. سر تي اچڻ کانپوءِ بيعزتيءَ جو ڪنھن کي خيال آيو آهي؟ مجبوري به ڪيڏي نه بري بلا آهي؟!” خيالن جو ٻيو ريلو ذهن تان لنگهي ويو.
“ڏِنو هڪڙو لوفر ۽ لچ، سو هتي ڇو آيو؟! پَريءَ کي ٻيو هنڌ کٽو هو. نه! نه! پري ائين نه ٿي ڪري سگهي. پڪ انھيءَ ۾ ڏِني جي لچائپ ٿي سگهي ٿي.” ڏِني تي خار اچڻ لڳا. هٿ ۾ ڪجهه نه هو. ڊوڙندي پنھنجي گهر جي اڱڻ تي آيم. ڪھاڙي کڻي، يڪدم سندن در تي پھتم. در اڃا بند هو.
“اڄ ڏِنو مري يا مان ماران. پَريءَ کي اڪيلو ڏسي، گلڻ جي ڪيل بيعزتيءَ جو پلئه ڪرڻ آيو هوندو. اها دينا داستي ڏينھن ڏٺي جو ٿيڻ نه ڏبي. کيس چڱو ٿي پلاند ڪرڻ ڏيان. اڄ ڏني مان ڏنا ٿيندا.” انھيءَ خيال ايندي ئي ٻيھر در جي ڏار مان اندر ليئو پاتم. ساڳيو منظر. اندر روشني گهٽ هئڻ ڪري، چھرا نه سڃاڻي سگهيس.
دروازي تي، زور سان پاهوڙيءَ جو ڌڪ هنيم. اندر کسر پسر ٿي. کٽ تان لھڻ جا چيچٽ ۽ افراتفريءَ ۾ هيڏي هوڏي هلڻ جا آواز ٿيا. وري سانت ٿي وئي. ڏار مان ڪجهه نظر نه پئي آيو. سامھون کان شايد هٽي ويا هئا. ڪَنَ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم. اندران سمجهه ۾ نه ايندڙ آواز پئي آيا. اندرين جي دلين تي به ڄڻ پھاڙ ڪريو هئو. ڏِني کي ڪھاڙين سان ڪيرائڻ جي لاءِ، ڪھاڙي ٻنھي هٿن ۾ مضبوط اڀي جهلي بيٺم. جيئن ئي طاق کلي ته ٻه هٿڙي ڪھاڙي سڌي سينڌ واري ٿي ٽوڙيانس. ڪوٺيءَ کي در ئي اهو هڪڙو هو. ڀڄڻ جي ٻي واهه هئس ئي ڪانه.
“در لاھ! ته قبر کڻانءِ!” چڱيءَ جهٽ ترسڻ کان پوءِ، جڏهن در نه کليو ته ٻه هٿڙي سڌي جهيل ڪھاڙي، طاق ۾ هڻندي، رڙ ڪيم.
“اڙي کوليان ٿي، کوليان ٿي. اڄ صبر ته اٿئي ئي ڪونه!” پريءَ جو آواز هئو.
“جلدي ڪر! در کول!” طاق مان ڪھاڙي ڇڏائيندي هڪل ڪئيمانس.
“ائي ڇا هي؟ ڇا تي کڻي اسان جي ننڊ ڦٽائي اٿئي؟!” پريءَ دروازو کوليندي چيو.
“خير آهي! توکي هينئر ايڏي ننڊ ڪيڏانھن آئي آ؟” توائيءَ ۾ کيس اندر ڌڪيندي چيم.
کٽ تي ڪو ماڻھو، پوتـڙو تاڻيو پاسيرو ستو پيو هو. پڪ ٿي ته ڏنو آهي.
“اڄ وري ڪنھن سان وڙهي آئي آهين؟ ڪھاڙي ڇا لاءِ کنئي اٿئي! خير ته اٿئي؟” پريءَ پويان ڪھاڙيءَ جي ڳن ۾ هٿ وجهندي چيو.
“ٻڌائين نه ٿي ته ڪنھن سان وڙهڻو اٿئي؟ هتي ڇا لاءِ آئي آهين.”
“هيءُ ڪير آهي؟” سٽ ڏئي ڪھاڙي ڇڏائيندي، ستل جي باري ۾ پڇيومانس.
“هيءُ ڪير جي سڪي! تون آئي ڇا لاءِ آهين؟ ......” خار مان چيائين. هن جو ايترو چوڻ ۽ پوئتي هٽي لوڻي واري لپاٽ ٽرا ڪرائيمانس. وائسر ئي ڦري ويس. کٽ تي ستل اڃا پاسي ورائڻ جي ڪئي ته، مٿس ٻه هٿڙيءَ جو سنئون وار ڪيم. ڪھاڙي ڳچيءَ وٽان، آرون پار هلي ويس.
کٽ تي ستل رڙ ئي نه ڪئي. آرام سان پوتڙو منھن تان هٽايائين. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. منھنجو شڪ غلط هو. ڏنو نه پر گلڻ هو. حيرت تڏهن ٿي جو کانئس نه رت جو ڦڙو نڪتو هو ۽ نه ئي زخم جو نشان هئس. منھنجي رت کي غيرت مان باهه لڳي وئي. اکين آڏو اونداهه ڇانئجي ويو. زهر مان کيس الائي ڪيتريون سڌيون ڪھاڙيون هنيم. تنھن هوندي به گُلو اڃا ٽھڪ ڏئي رهيو هو.
هراسجي پوئتي هٽيم. اڀين ڪھاڙين سان پريءَ کي کپي ويم.  هن به ڌڪن لڳڻ سان ٽھڪ پئي ڏنا. نه رت پئي اُڙهس ۽ نه زخم پئي ٿيس. ڪھاڙي ته ڄڻ الائي ڪاٿي پئي لڳي؟! منھنجا وائيسر تڏهن بتال ٿي ويا، جڏهن ٻئي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳا. ٻنھي تي ٻيھر ڪھاڙين جو وسڪارو لائي ڏنم. کين ڪجهه به نه ٿيو.
ڪھاڙيون هڻندي، رڙيون ڪرڻ شروع ڪيم. نڙيءَ مان آواز نه نڪتو. ڄڻ نـڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاٿل هئي، جيڪا آواز نه نڪرڻ جو سبب ٿي پئي هئي. وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ، اڻ چٽو آواز ائين نڪتو، جيئن کوهه مان رڙ موٽي ايندي آهي. ان تي ٻنھي ٽھڪ ڏيندي چيو؛ “اسان ته در بند ڪري تو سان مذاق پيا ڪيون. تو کي الائي ڪھڙا شڪ پيا آهن، جو ڪھاڙي کڻي آئي آهين.”
سندن انھن لفظن تي ويتر چڙ آئي. يا الاهي، ڪري وري ڪھاڙين سان کپي وئيمان. رڙ پوءِ به نه نڪتي. ٽيھر رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. رڙ نه نڪتي. ساڻي ٿي پئي هئس. ڪھاڙي ڦٽي ڪري، رڙ ڪيم. تمام جهڪو ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ آواز نڪتو. ڇڙهيون هڻندي، وڏي رڙ ڪيم. رڙ ته باقاعدي رڙين جھڙي نڪتي، پر اکين آڏو اونده ڇانئجي وئي.
“پٽ! زيبل ڇا هي؟” بابا ڀر واريءَ کٽ تان رڙ ڪئي.
اکيون هيڏي هوڏي ڦيرايم. پنھنجيءَ کٽ تي ستي پئي هئس. گُگهه اوندهه ۾ نظر ڪجهه نه پئي آيو. بابا هٿوراڙيون ڏئي مون تائين پھتو. مٿي ۽ مُنھن تي هٿ ڦيري چوڻ لڳو؛ “امڙ! ڏي خبر خير ته اٿئي نه؟ ڪجهه ٿيئي  ته نه؟! ڏيکاري ته ڪا نه آيئي؟”
“نه! بابا نه!” خشڪ وات ۾ خشڪ زبان ڦيرايم ته جيئن آلاڻ ٿئي ته سولائيءَ سان ڳالھائي سگهان.
“ڪو ڊيڄڙو ٿيئي ڇا؟ ڀوائتو خواب ته نه ڏٺو اٿئي؟!”
“ها! شڪر ڪر ته ڀوائتو خواب ئي ڏٺو اٿم.”  ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيومانس؛ “بابا! مون کي پاڻي ته ڏي!”
تڪڙ ۾ پاڻي ڀري آيو ۽ وٽو ڏيندي پڇڻ لڳو؛ “امڙ! ڇا ڏٺئه خواب ۾؟”
“بس! بابا اهو نه پڇ!” پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ ڀري کيس ورندي ڏنم. خالي گلاس ڏانھنس موٽائيندي چيم؛ “اڃ ڏاڍي لڳي هئي.”
“تڏهن ته امڙ چوندو آهيانءِ ته رات جو پاڻي پي، پوءِ سمھندي ڪر. اهي ڀوائتا خواب ايندا ئي اڃيئي بکئي سمھڻ ڪري آهن.” گلاس وٺندي چيائين.
“بابا سچ ٿو چوين!” پاڻيءَ جو ٻيو گلاس وٺندي ورندي ڏنيمانس. پاڻي پي گلاس موٽائيندي ۽ پاڻ کي ھنڌ تي ڇڏيندي چيومانس؛ “اڃ ۽ بُک تي ڏينھن ڏکيا ۽ خواب ڀوائتا ٿي پوندا آهن. ڪھڙي آهي غريب ماڻھوءَ جي حياتي بابا!” 

No comments:

Post a Comment