Sunday, December 4, 2011

جيئي پلمبر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


جيئي پلمبر
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

يونيورسٽي آڊيٽوريم ۾ تقريري مقابلو هلي رهيو هو. جنھن جو عنوان هو؛ “عورت، مرد کان بھتر آهي” يا “مرد، عورت کان بھتر آهي.” مقابلو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ هو. حصو وٺندڙن کي واري وٽيءَ سان سڏ ٿي رهيو هو، جن اسٽيج تي اچي پنھنجي خيالن جو اظھار پئي ڪيو. اول شاگردن جو وارو هو. جن مان ڇھه، هن وقت تائين اسٽيج تي اچي چڪا هئا. ٽن جو موضوع هو؛ “عورت، مرد کان بھتر آهي” ۽ ٽن جو؛ “مرد، عورت کان بھتر آهي.”
ٻڌندڙن جي جينٽريءَ کي، عقلي ۽ علمي معلومات آهر، هرهڪ متاثر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. پھرينءَ صف ۾ مئڊمون، پروفيسر صاحبان بمع وائيس چانسلر ويٺا هئا. سندن اڳيان ساڄي پاسي کان وقتي جج صاحبان ويٺل هئا، جيڪي تقريرن جي روان تڪ تور ڪري، هر هڪ جون مارڪون داخل ڪري رهيا هئا. انھن جي سامھون، پنڊال جي کاٻي پاسي کان ويھارو کن ڪرسين تي، مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ويٺل هئا.
پروفيسرن ۽ منڊمن جي پويان رکيل ڪرسين تي ايسوسيئيٽ ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچرار ويٺل هئا. انھن جي پويان شاگرد ۽ شاگردياڻيون. تنھن کان پوءِ کوڙ سارا، مون پاران ڊنب ڪري، مقررن جي همت افزائي لاءِ تاڙيون وڄائيندڙ بيٺا هئا.



جينٽريءَ آڏو مقابلو هئڻ ڪري، مُڪي بازيءَ ۽ کوکلي نعري بازيءَ کان هر ڪو لنوائي رهيو هو. هرهڪ، پنھنجي خيالن کي پيرائتي ۽ سليقي سان پيش ڪرڻ جي ڪوش ڪري رهيو هو. جيڪي تقريرون ڪري چڪا هئا، تن پنھنجن پنھنجن خيالن جي، پٺڀرائي ۾ هيٺيان دليل ڏنا  هئا. مثال طور؛ مرد کي عورت کان بھتر سڏڻ وارن، هن قسم جا دليل پئي ڏنا:
   ¨ مرد کي عورت کان عقل گهڻو آهي.
   ¨مرد عورتن کان ديني ڪمن ۾ گهڻا آهن، ڇو ته عورتن کي هر مھيني حيض اچڻ ڪري، کانئن ديني ڪم رهجيو وڃن.
   ¨مرد نڪاح ڪرڻ کانپوءِ عورتن جا وارث ٿين ٿا.
   ¨مرد جي شاهدي شرع ۾ قبول آهي، عورتن جي شاهدي گهڻن ديني ڪمن ۾ قبول نه آهي.
   ¨مردن کي ڪافرن سان جنگ ڪرڻ جي فضيلت حاصل آهي، عورتن کي نه.
   ¨مردن کي جمع، عيدن ۽ جماعت سان نماز پڙهڻ جي وڏي ڀلائي حاصل آهي، عورتن کي ڪانھي.
   ¨مرد، عورتن جو امام ٿي سگهي ٿو پر، عورت مرد جو امام ٿي نه سگهندي.
   ¨مرد پيغمبر ٿيا ۽ زالون نه. مردن مان امام ۽ خليفا ٿيندا آهن، عورتن مان نه.
   ¨مرد چئن عورتن سان گڏ شادي ڪري سگهي ٿو ۽ عورت هڪ مرد کان زياده، (ٻئي سان پھرين جي جيئري هوندي) شادي نه ٿي ڪري سگهي.
   ¨الله تعالى مردن کي زالن کان وڌيڪ ورثو ڏيارو آهي.
   ¨مرد عورت کي طلاق ڏيئي سگهي ٿو ۽ زال مرد کي طلاق ڏيئي نه سگهندي.
   ¨رجعي طلاق ۾ مرد، عورت سان رجوع ڪري سگهي ٿو، عورت نه.
   ¨نسب ۽ اولاد، مرد کان ٿيندو، عورت کان نه.
   ¨مردن کي عورتن کان قوت وڌيڪ آهي. مردن کي ڏاڙهي آهي، جنھن ۾ دهشت آهي.
   ¨بانگ ڏيڻ جي ڀلائي به مردن کي حاصل آهي، زالن کي نه. خطبه پڙهڻ ۽ وعظ ڪرڻ جي فضيلت به رڳو مردن کي ئي آهي.
   ¨عورتن جي ڪٺي حلال ناهي.
   ¨مسجد اندر، اعتڪاف ۾ ويھڻ جي ڀلائي مردن کي حاصل آهي.
   ¨مردن جي پئدائش عورتن کان قوي ۽ ڏاڍي زور واري آهي.
   ¨مرد عورت جو سائين، سرپرست ۽ نگھبان آهي. کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي وغيره جو خرچ، سڀ مرد ڏيندو آهي. تنھن ڪري مرد عورت کان وڌيڪ آهي.
وري عورت کي مرد کان بھتر سڏڻ وارن، هيٺيان دليل ڏنا:
   ¨سڀ ڪو مرد، ماءُ جي پيٽ ۾ پيدا ٿي، ڏهن مھينن تائين اتي رهي، پوءِ ڄمي ٿو ۽ ماءُ جي کير تي پرورش وٺي وڏو ٿئي ٿو. ماءُ کيس کير پياري وهنجاري پاڪ صاف ڪري ٿي، يعني عورت مرد جي مربي ۽ پاليندڙ آهي.
   ¨کدڙا، مرد ٿيندا آهن، زالون نه ٿينديون آهن.
   ¨خدائيءَ جي دعوى ڪندڙ جھڙوڪ؛ فرعون، نمرود، شداد وغيره، مرد هئا. خدا تعالى ڪنھن عورت کي اهڙي زبان نه ڏني آهي جو پاڻ کي خدا سڏائي.
ڇھين مقرر جي لھڻ کانپوءِ، اسٽيج سيڪريٽريءَ ڊائس تي اچي اعلان ڪيو؛ “هاڻي اوهان جي آڏو دعوت ڏيندس، ٽئين سال سول انجنيئرنگ جي شاگرد جناب فيصل صاحب کي ته اچي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري. سندس تقرير جو عنوان آهي؛ عورت، مرد کان بھتر آهي. جناب فيصل صاحب!”
فيصل جو نالو ڪنن ۾ پوڻ سان، بيٺل شاگردن ۾ کسر ڦسر ٿي وئي. نعيم ٺونٺ هڻندي چيو؛ “اچئي  ٿو تو وارو يار!”
“هان! فيصل پاڻ وارو، جيڪو نواب شاهه ۾ پاڻ سان ڊي بلاڪ ۾ رهندو هو!” مون عجب مان پڇيس.
“ها! اهو نه ته ٻيو؟” نعيم وراڻيو.
تيستائين فيصل اسٽيج تي پھچي چڪو هو. کيس ڏسڻ شرط نعيم وري ڀڻڪيو.
“هيءُ ڇا تقرير ڪندو؟ ڪھڙو علم ادب اٿس!؟”
“ڇو؟ هوشيار ته آهي!” مون فيصل جون خوبيون ڳڻائيندي چيس. “ڳالھائڻ ۾ ته ڪنھن کي وٺ ئي نه ڏيندو آهي. ڳالھائيندو آهي ته مڙني کي ماٺ هوندي آهي. اها مڙس جي ڪچي نه ڪر!”
“يار! تون ته بادشاه آهين! خوامخواه ويٺو ٿو ڪک رکينس. ماضيءَ جي داغن تي، کوکلي شرافت جا پھا رکڻ لاءِ ۽ چڱن ماڻھن ۾ مان مرتبو بحال ڪرڻ لاءِ، ڪيئي اهڙا سولا ۽ آسان طريقا به جڙي پيا آهن جو شريف نه هوندي به ماڻھو شريف لڳي ٿو ۽ بي حيا هوندي به حيادار لڳي ٿو. هيءُ تقريرون ۽ مقابلا وغيره به اهڙي قسم جو هڪ ڍڪوسلو آهن. هن کي به ڏسجانءِ، اهو ئي آخري حربو اٿس، وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ جو ۽ ان ۾ وسان نه گهٽائيندو.”
نعيم جي ڳالهه ڪنھن حد تائين صحيح به هئي. فيصل پنھنجي هڪ ڪميڻي حرڪت جي ڪري رسٽيڪيٽ ٿيندي ٿيندي رهجي ويو هو. شايد ڪو مائٽن جو لولو اگهيل هئس، جو معافي ملي هئس. نه ته معاملو جھڙو سيريس هو ته ريسٽيڪيٽ ڇا، ايڪسپيل ٿي وڃي ها.
اها تن ڏينھن جي ڳالهه آهي، جڏهن نوان نوان پھرئين سال ۾ داخل ٿيا هئاسين. يونيورسٽيءَ کي نواب شاهه ۾ کلئي ٻه ٽي سال ٿيا هئا. پھريان ٻه سال نواب شاهه ۾ پڙهائيندا هئا ۽ پويان ٻه سال ڄام شوري ۾. اسان کان پوئينءَ بئچ تائين، ائين هيو. ان کان پوءِ واريءَ بئچ جون نواب شاهه ۾ 3 ٽيڪنالاجيون رکيائون ۽ ڄام شوري ۾ سموريون. ان کان علاوه Co-education به شروع ڪيائون. انھن نين آيل شاگردياڻين ڪري ماحول جي مٽ ٿي، جيڪا محسوس ڪندي هي مقابلو رکيو ويو هو. نواب شاهه ۾ نئين يونيورسٽي کلڻ ڪري، هاسٽلون مڪمل نه ٿيون هيون ۽ نه ئي اڪيڊمڪ بلاڪ تعمير ٿيا هئا. جنھن ڪري ٻه سال اتي پڙهايا ويندا هئا. اي ۽ بي بلاڪ مڪمل رهائش هيٺ هئا. جڏهن ته سي ۽ ڊي بلاڪ، سواءِ واٽر سپلاءِ ۽ سينيٽيشن جي، تعمير ٿي چڪا هئا.
ٻنھي بلاڪن ۾ داخلائون نه ٿيون هيون. اسان جي اچڻ سان، جنھن بئچ کي ڄامشوري وڃڻو هو، سا ڇڏي چڪي هئي. تڏهن به اي ۽ بي بلاڪ سٿيا پيا هئا، ٻن جي جاءِ تي ٽي ڄڻا. سوين شاگرد اڃا ڪمرن جي الاٽمينٽ کان محروم ھئا. ڪن شاگردن، سي بلاڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. مجبوراً انتظاميه کي الاٽمينٽ ڪرڻي پئي. اهو به ڀرجي ويو. مون جھڙا نڌڻڪا، پوءِ به رهجي ويا. وچ ۾ سنسان پيل ڊي بلاڪ تي وڃي قبضو ڪيوسين. پاڻيءَ لاءِ (وهنجڻ ۽ ٻي حاجت وغيره واسطي) اي يا بي بلاڪن ۾ ڌڪا کائڻا پوندا هئا. باقي ٻيءَ دربدري کان بچي پيا هئاسين. اهو مٿي جو سور لٿو ته، پڙهڻ وارن، پڙهڻ ڏانھڻ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو.
بنا الاٽمينٽ ۽ بنا معاوضي، رهائش جو مسئلو حل ٿي ويو. سرڪاري طرح الاٽمينٽ نه هئڻ جي ڪري، وارڊن به مقرر نه ٿيو هو. اسان مفت جي مال تي، ٽوپي نراڙ تي ڪيو، سڄيءَ ونگ جا ببر شير ٿيا گهمندا هئاسين. سينيئر بئچ به فقط هڪ هئي، جيڪي ٻين بلاڪن ۾ رهائش پذير هئا. اسان کي فول ڪير ڪري؟! ڊڄ ڊاءُ ته هيو ئي نه. جنھن کي وڻي تنھن کي دٻايون، جنھن جو وڻي، تنھن جو راه ويندي پٽڪو لاهي وجهون.
واٽر سپلاءِ جي انٽرنل فٽنگ هلي رهي هئي. پوري بلاڪ ۾ اٺ Lavatories هيون. هر هڪ ۾ ٽي ڪاڪوس خانا، ٽي وهنجڻ جون ڪوٺيون، ڇھه هٿ ڌوئڻ جون گينڊيون لڳل هيون. چڱو خاصو ڪم هو. جيڪو ڪم از ڪم ٻن مھينن جو هو.
ٺيڪيدارن جا مستري مزور، پلمبنگ جي ڪم ۾ مصروف هوندا هئا. اسان به واندڪائيءَ ۾ ٽولو ٺاهي، نظرداريءَ جي بھاني، داداگيري پيا ڪندا هئاسين. مٿان بيھي دڙڪا ڏيندا هئاسين؛ “جلدي ڪريو! ڏسو نه ٿا ته وهنجڻ ۽ ڪاڪوس ته ٺھيو پر گلاس پاڻي لاءِ به ٻين بلاڪن ڏانھن ٿا وڃون. پاڻي ڍوئي ڍوئي اسان جو بُنڊُ ئي نڪري ويو آهي. جلدي ڪم پورو ڪيو!”
ڪڏهن ته وڃي دڙڪا ڏيندا هئاسين؛ “اڙي ڪم اڃا پورو نه ڪيو اٿو. اسان کي پاڻي ئي ڪونھي. مھمان ٿا اچن، انھن کي پاڻي ڪٿان پياريون!” پوءِ مزورن مان ڪنھن کي ڪولر ڦاسائيندا هئاسين ته ڀري روم تي پھچائي وڃو.
روز جي راه رسم ٿي پئي هئي. ائين کين اک ۾ رکڻ سان، اسان جا هلڪا ڦلڪا ڪم به ٿي ويندا هئا. مھمان آيو. چانھه گهرائڻي آهي. پاڻي گهرائڻو آهي. مزورن ۾ جيڪي ڇوڪراٽ هئا، تن کي مستري چوندا هئا ته؛ ‘شاگردن جو ڪم ڪري اچو.’ ائين ڪم به پيا نڪرندا هئا ۽ ڇورن مان وات جي لست به پيا وٺندا هئاسين. لسڙاٽ ڇورن کي سنڌيءَ ۾ ڳُجهين گارين ڏيڻ جو به عجيب مزو ۽ لطف وٺندا هئاسين.
اها به پڪ هئي ته اسان سان مھاڏو ڪو نه اٽڪائيندا. ڇو جو سندن پيٽ جو مسئلو آهي. اسان سان اٽڪائي روزيءَ ۾ زهر نه وجهندا. سرڪاري طرح، هاسٽل الاٽ نه ٿيڻ جي ڪـَسرَ، ڇورن کي ڪم ۾ وهائي پوري ڪندا هئاسين.
هڪڙي ڏينھن ڪلاس اٽينڊ ڪري، شھر جو چڪر هڻي، هاسٽل تي پھتس. ڪمرو کولي اندر ٿيس ته ٺڪ ٺڪ ٿي. در کوليم ته نعيم هو. اندر گهڙندي چيائين؛ “ڪجهه خبر پيئي؟! تو واري فيصل جي؟!”
“نه! ڪھڙي خبر؟!”
“هو ٺيڪيدار وارا ٻه ڇورا ناهن؟” پڪ ڪرڻ خاطر سوال پڇيائين.
“ها!” وڌيڪ حال ڪرڻ خاطر چيومانس.
“انھن مان هڪڙو ڇورو اڄ سندن وَر چڙهي ويو اٿئي!”
“پوءِ؟!”
“پوءِ وري ڇا؟!” هيءُ هئا ٽي ڄڻا، سو ڇوري کي موراڳو ڇني وڌائون. ڇوري ڪمري مان رڙيون ڪيون. سڀ مستري مزور اچي گڏ ٿيا. هي ڪمرو ڇڏي ٿا ڀڄن، سي بلاڪ ڏي ٻيو!”
“پوءِ؟!” تجسس مان پڇيومانس.
“اتي ٻين شاگردن کي مدد لاءِ سڏيائون. شاگرد هئا گهڻا، سو مزور چپ ٿي ويا.”
“پوءِ؟!”
“هاڻي ته ڳالهه انتظاميه تائين پھتي آهي. ڇورو اسپتال ۾ پيو ٿو ٽاڪا هڻائي. ٺيڪيدار ڪيس ڪرڻ جي ڪڍ آهي. اڳ ۾ انتظاميه سان ڳالھائڻ لاءِ ويو آهي. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي؟!”
“هيءُ ڪاٿي آهن؟!”
“ڀڄي ويا ڳوٺ؟!”
“يار! ڏاڍو خراب ٿيو. کڻي ئي نه کاڌائون!” ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيومانس؛ “ڪِنُ ڪري وڌائون! هڪڙو الاٽمينٽ ڪا نه ٿي آهي. مٿان وري پيٽ ڀرائي! هاڻي ته سڀني جا لاهه نڪتا ٻيو!”
“ٻيو نه ته ائين ڪرڻ کين جڳائي پيو؟” اڳتي وضاحت ڪندي چيائين؛ “جيڪو ٿيو پئي، اهو به ٺيڪ نه هو، پر هيءُ ته اصل قھر ٿي ويو. يارن کي ڪير سمجهائي؟!”
ٺيڪيدار انتظاميه تي دٻاءُ وڌو. انتظاميه به ڪيس ڪرڻ کان کيس روڪيو. هيءُ ٽئي ڪجهه وقت گم رهيا. سندن مائٽن کي انتظاميه گهرايو. جن ضمانت ڏني ۽ ٺيڪيدار کي به پنج پنج هزار روپيا ڏنڊ ۾ ڀري ڏنائون.
انتظاميه جي وچ ۾ پوڻ ڪري، معاملو مٿي نه اُسريو ۽ ائين ئي ٺاهه ٿي ويو. سواءِ سنگت جي، ڪنھن کي به معاملي جي تفصيلي خبر نه پئي.
هاڻي ڊائيس تي اهو ئي جناب فيصل، “عورت، مرد کان بھترآهي” جي عنوان تي تقرير ڪري رهيو آهي. ضروري تھميد کان پوءِ، هيٺينءَ طرح تقرير شروع ڪيائين.
پيارا ساٿيو !
جڏهن کان حوا، دنيا ۾ پير پاتو آهي، ان وقت کان هيءَ ڪائنات عورت جي وجود سان سينگاريل آهي. تڏهن ته اقبال به چيو آهي.
“وجودِ زن سي ھي تصوير کائنات مين رنگ”
خدا تعالى دنيا ۾ انسانن جي دل وندرائڻ لاءِ، جتي دلڪش ۽ حسين منظر پيدا ڪيا آهن، اتي عورت ذات کي به پيدا ڪيو اٿائين. عورت به شروع کان وٺي پنھنجي حسن جو جادو ڪندي پئي اچي. ان ڪري ته چوندا آهن؛ دنيا ۾ ٽي شيون فساد جي پاڙ آهن. ٽيئي “ز” سان شروع ٿين ٿيون. يعني: زن، زر ۽ زمين. زر ۽ زمين هڪ ئي شيءِ آهن. ڇو جو زمين به آخرڪار پئسو ۽ مال ئي پيدا ڪندي آهي. انھن ٻنھي سان زن کي ڳنڍڻ مان ڇا مراد آهي؟ جيئن ته ان کي به انسان پنھنجو قيمتي اثاثو پئي سمجهيو آهي. فقط جذباتي ۽ محسوساتي لحاظ کان نه پر مادي لحاظ کان به عورت ذات، مادي دولت ۽ فائدن حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي.
ان کان علاوه ان جي ڪري فساد ۽ جنگيون به ٿيون آهن. قديم يوناني ڏند ڪٿائن ۾ هيلن آف ٽراءِ هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو عالمي ادب ۾ ڪلاسيڪيت جو درجو اختيار ڪري چڪو آهي. هڪ حسين عورت لاءِ هڪ ملڪ، ٻئي تي حملو ڪيو ۽ مثال قائم ٿي ويو ته؛ هيلن آف ٽراءِ هڪ اهڙو حسين چھرو هو، جنھن لاءِ هزار جنگي بحري ٻيڙا، ان دور ۾، حرڪت ۾ اچي ويا. عورت نه فقط بادشاهن کي ڄڻيو نپايو، بلڪ کين، آڱرين تي نچايو به آهي.
چوڻ جو مطلب آهي ته حسن هڪ اها صفت آهي، جيڪو قدرت جو وڏو ۽ ڏسڻ وٽان عطيو آهي. اهو جيڪڏهن هڪ ئي هنڌ، پوري ڌوم ڌڙاڪي سان نظر اچي ٿو ته، اهو عورت ذات جو وجود آهي.”
فيصل ايترا لفظ چيا ته سڄي هال ۾ تمام گهڻيون تاڙيو وڳيون. شاگردن جي وچ ۾ اهڙي جذباتي تقرير ٿئي ۽ فقط تاڙيون وڄن! ڪجهه عجيب لڳو. ڪم ازم ڪم پنج ست نعرا لڳڻ گهرجن ها. پر ٻيھر به تاڙيون ئي وڳيون. فيصل جي سٺي همت افزائي ٿي وئي. همت افزائي وڌڻ سبب ڳاٽ مٿي ٿي ويس. نـڙي صاف ڪري، مفڪرانه انداز ٺاهي، ڳالھائڻ لاءِ دماغ مان سٺا لفظ تيار ڪرڻ جي ساهي مليس.
جيئن ئي ڳالھائڻ لاءِ، ٻڌندڙن ڏانھن اک کنيائين، تيئن ئي نعيم زوردار نعرو هنيو؛ “جيئي پلمبر!”
“سدا جيئي!” سڄي هال مان، بنا سوچ سمجهه جي، نعري جي موٽ ملي.
هڪ ئي نعري مڙس جا ڪم لاهي ڇڏيا. ڪـَنَ ڳاڙها ٿي ويس، اکيون ٽمڪيس پئي. ڳالھائڻ وارا لفظ ئي دماغ مان گم ٿي ويس. مِڻ مِڻ ڪري بيھي رهيو. کيسي مان ڪارتوس ڪڍيائين. اهو به ڏڪندي ڏڪندي کوليائين. جتان پڙهڻو هئس، اهو هٿ ئي نه آيس. مِڻ مِڻ ڪيائين. ڏسي به پڙهي نه سگهيو. نيٺ پنا ويڙهي، اسٽيج تان لھي ويو.
جڏهن مقابلي جي رزلٽ آئي ته جج صاحبان کيس مارڪون ته گهٽ ڏنيون پر سندس تقرير ڪرڻ جي انداز ۽ وري گيدين وانگر لھڻ واري حالت تي حيرت جو اظھار ضرور ڪيائون. نعيم، سندس اهو چانس به وڃائي چڪو هو.
جنھن ڳالهه جو انديشو هو، سا ئي ٿي. ٻئي ڏينھن صبح جو اڃا ننڊ ۾ ئي هئس جو، نعيم سھڪندو منھنجي ڪمري ۾ اچي گهڙيو. گرميءَ جي ڪري روم جو دروازو، رات جو کليل ئي هو. ايندي ئي مٿان ڪري پيو.
“ڇو؟ ڇا هي؟ ڇو ننڊ ڦٽائي اٿئي؟!” مون پڇيس.
“اڄ تون وچ ۾ نه اچجانءِ! مان هن کي نه ڇڏيندس!” پويان فيصل ڏنڊو کنيو، ڪمري ۾ گهڙيو.
“اڙي يار! خير ڪيو! خير ڪيو! ڇو هڪ ٻئي جي ڪڍ پيا آهيو.” مون فيصل کي چيو.
“اڙي قاسو! تون وچ ۾ نه اچ! ڪميڻي جي تو کي خبر ناهي. ڪالهه صبح تقرير ڪرڻ مھل، هن ئي نعرو هنيو هو. مون کي پڪن ماڻھن ٻڌايو آهي. تو کي خبر آهي؟ اها تقرير مون ڪامريڊ ڪريمداد کان جيل مان لکرائي هئي. زبردست تقرير هئي. اٺ ڏينھن ته مون کي رٽڻ ۾ لڳا هئا. هن منھنجو اصل دانگيءَ سان ڪارو منھن ڪري ڇڏيو. اڃا ٿو چوين ته هن کي ڇڏيان. مان هن کي نه ڇڏيندس.” چڙ ۾ ايندي چيائين.
“اڙي يار! خير آهي، نعرو هن هنيو يا ٻئي. شرارت واقعي ٿي آهي، پر ان ۾ ڏنڊي کڻڻ جي ڪھڙي تُڪ آهي. صبح سان ٻين جي ننڊ ڦٽائڻ مان ڇا ورندو؟!” مون چيس.
“يا ته موڳو مٽر آهين، يا ته هن جو صلاحي آهين. تڏهن ته هن ڪڃر جي وٽ وراڻ ٿو ڪرين!”
“اڙي يار! ان ۾ ساٿي هجڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي. سڀئي پاڻ ۾ دوست آهيون. هڪٻئي جي پاڻ ۾ مدد نه ڪنداسين ته ٻيو ڪو اچي ڪندو ڇا؟!”
مان ٻنھي جي وچ ۾ بيٺو هئس. نعيم کٽ تي چڙهيو بيٺو هو. مان ۽ فيصل پٽ تي بيٺا هئاسين. مون کي پاسي تي ٿيلھو ڏيندي، نعيم تي الر ڪيائين، ته پاڻ سنڀالي ٻک وڌومانس.
“يار! آخرڪار ڳالهه ٻڌبي ته آهي. منھنجي ڳالهه ته ٻڌ نه !” نعيم چيس.
“اڙي! ڇا ڳالهه ٻڌان؟ رات اي بلاڪ جي ڪينٽين ۾ ڇا پئي چيوَ؟!”
“ڪنھن؟” نعيم چيس.
“اڙي رات نه پئي چيو، جيڏيءَ مھل بجلي نه هئي. در واريءَ کاٻي ٽيبل تي ويٺا هئو. منظور ۽ انور تو سان گڏ ويٺا هئا. تو نه پئي مون لاءِ چيو ته؛ ‘ڇورن جو پياسي آهي، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو شوق اٿس. پڪ مھراڻ ۾ ماستر ٿيندو. پوءِ ڪو سفارش لاءِ ڇورو چوندو ته، چٺي ڇوري جي پٺيءَ تي لکنداسين ته فيصل ڇوري کي جهٽ پاس ڪندو!”.
“پوءِ ان ۾ چڙڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي! اهي ڳالھيون ته اسٽوڊنٽ لائيف جو حصو آهن.” ٻک ۾ ئي، در ڏانھن کڻي ايندي، ورندي ۾ چيومانس.
“اڙي! وري ٿو چوين ته چڙڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟! ان وقت اتر اوڀر واري ڪنڊ ۾ مان پنھنجي وڏي ڀاءُ سان ويٺو هئس. ٻيو ان جو گهاٽو دوست هو. اهي هاڻي ڇا چوندا؟”
“ڇا وري ڇا چوندا؟! تو واري پلمبر واري ڳالهه جي ته پڪ خبر هوندن.” منھنجي ايتري چوڻ تي ڍرو ٿي ويو ۽ ڏنڊو کڻي ڦٽو ڪيائين. ڏنڊي جي ڦھڪي تي، نعيم کي تسلي ٿي. اهو به ورانڊي ۾ ٻاهر آيو، ايندي ئي چوڻ لڳو؛ “منھنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪير تيار ئي ناهي!”
“ڇا ٻڌئون تنھنجي ڳالهه؟” مون چيس.
“تون انصاف ڪر! جڏهن ضرورت پوي ته اسان مرد ڪم اچئون. ڪم نڪري وڃي ته تعريف عورت جي، ظلم ناهي؟!” نعيم جو ايترو چوڻ، فيصل وري ڏنڊو کنيو ۽ هيءُ اڳيان هو پويان. ساڳي ڀڄ ڀڄان!

No comments:

Post a Comment