Thursday, December 1, 2011

ساڌُ - منظور ڪوھيار


ساڌُ
منظور ڪوھيار

دادن جي ٽڪريءَ تي، ڀنگ جو پيالو هڻي، ڪچيون گاريون ڏيندي ۽ وٺندي جڏهن جوا کيڏي رهيو هيو ته اوچتو نارو پئنچ ٻڌايس: ”ادا سوڍا! تيڏا ٻا مرتي گيلاهي.“ پيءَ جي مرڻ جو ٻڌي ، هٿ مان پتا ڇڏائي وڃي پٽ پيس، مٺ جيترا کٽيل روپئي روپئي جا مروڙيل سروڙيل نوٽ به کڻڻ وسري ويس. تيزيءَ سان ڪانهن جي ٺهيل اوڏڪن پکن ڏانهن ٻرانگهون هنيائين، سرڪي (پکي) ۾ گهڙيو ته ڀيڻس ۽ جوڻس، ٻين عورتن جي ڀاڪرن ۾ پار ڪڍي روئي رهيون هيون. پٽهنس رامن خوف وچان ڪرونڊڙو ٿيو سُسيو ويٺو هيو، مکي هرچند پئنچن سان گڏ ڪڇ ۾ ڪيسيري پٽڪو ڪيون بيٺو هيو. بتيءَ جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مکي ۽ پئنچن جون ٽانڊي جهڙيون اکيون ۽ ڪنن جون سونيون ڪيوٽيون پئي چمڪيون، ڪاوڙ ۾ مکيءَ جو هڪ هٿ وڌي اچي سندس پڳڙيءَ ۾ پيو. ”هائو ڙي سوڀا! تنهنجي ڪا ادا...! پٽهين ته ايترو به ناهي سکيو ته جنهن جا پيئر مردا آهن، اهي پڳا ناهن پائيندا.“ مکي سندس پڳڙي لاهي سرڪيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلي ۽ پوءِ پنهنهجي پڳ ان جي مٿان رکيائين. آهستي آهستي ڪنڊ ۾ پڳن، پوڳڙين ۽ انگوڇن جو ڍير لڳي ويو.


”واڏڻ کڻي لاش ڪڇي ڇڏيو بابا! نه ته صبح سان وڏو ٿي ويندو!“  مکي اوڏڪو سونسو ڪندي رڙ ڪئي. وزيري پئنچ نئين واڻ جي نوڙي ڪڍي لاش ڪڇي، اهو ٽڪرو ڪوڏر سان ڪپي لاش جي سيرانديءَ ڪري رکيو.
”نارو! ڪاڏي ڪاڏي ماڻهو مڪا ٿو؟“ مکيءَ پڇيو.
”مکي، باڊهه وارن جيپڙوتن ڏي، مديجي وارن گڏاهين ڏي، ڳيريلي وارن گڙگٽن ڏي ..“ ناروُ واڻيو.
”اڙي لاڙڪاڻي وارن کروڙن ڏي به ماڻھو ڪيو، ڏوڪريءَ وارن ڏيواتن کي به ٻڌايو، ڪنڊياري وارن ڪليھن ڏي به مُنجو .... ڀيڻان سوڀو ساڌ هو ، ڪو جهڙو تهڙو هو ڇا؟“
’جي مکي!‘ ائين چئي نارو سرڪي مان ٻاهر نڪري ويو.
’هائو مکي! چئين سچ ٿو، سوڀو مور هو مور، وڏي مڃتا هئي سوڀي جي بابا! اوڏ ته ڇا پر گوچا (مسلمان) به فيصلن ۾ امين واريندا هيس!‘ ائين چئي هڪ همراه روئڻ ۾ ڇٽڪي پيو.
’ڀائي! ڪو جهڙو تهڙو ساڌ هو ڇا؟ پيڙهاتو هو پيڙهاتو !....اڙي ادا، اڄ هرچند اڪيلو ٿي پيو.‘ مکي هرچند جو هيانءُ ڀرجي آيو، ڳلي ۾کانگهارو اٽڪي پيس. هن زور سان ڪڍي ٻاهر اڇليو ، کانگهارو ڳلي مان نڪتو ته ڪنڌيءَ جي ڪانن کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيو.
‘بس ڀائي! جنهن جو هتي به کَپ ته، اُتي به!“ ٻي ڪراڙي اوڏ ٿڌو ساهه کڻي گوڏ جي پلئه سان نڪ جو ريشو اُگهندي چيو.
”ڪهڙي بات ڪجي، سوڀي ساڌ جي ڀائي! ... آنڌي مانجهي ، ٿڌي ڪوسي، مَــرُ جيءُ ۾ جاڏي هڪليس ته گوهي نه ڪندو هو ... ڪچهري ۾  چوندو ٻه اکر، پر نبيري وارا... اوڏڪي ڪل جو لال هو ڀائي!.... تڏهن ته ڀڳوان گهر ڀري ڇڏيس، اهڙا ڀلا گڏه جو ڪنهن جي سرڪي ۾ نه، اهڙي سيبتي ننهن جو ويڙها ڳول ته نه لڀي ... پر پٽنهس ۾ اُها مڻيا ڪونه ... بس ڌڻي اڳنان مت ڏيندس!‘ وزيري پئنچ جي اها ڊيگهه، سوڍي کي ائين لڳي ڄڻ لوسي گڏهه بي مهلي هينگ ڪئي هجي، هن اندر ۾ ڪٽ کائيندي چيو. ‘وزيرا! جي پيءُ مئل نه هجي ها ته اڄ پٽڪو ڌوڙ ۾ روليانءِ ها، پوءِ جيڪي ٿئي ها، ڏٺو وڃي ها“.
رکي رکي هوا جي جهوٽي تي اڇي چادر جو پلئه لاش مٿان کڄي پئي ويو، جنهن کي ماڻهن هر هر پئي ٺاهي وڌو . سوڍي پيءَ جي لاش کي اچرج وچان چتايون بيٺي پئي ڏٺو، ڄڻ کيس يقين ئي نه پئي آيو ، ته واقعي سندس پيءُ مري ويو آهي يا ڌرتيءَ تي نئون سنئون ٿيو ڇهندو ڪيون ستو پيو آهي. هن پڪ ڪرڻ خاطر، جيئن ئي پيءُ جي لاش مٿان چادر هٽائي ته پڻهس جون ٻوٽيل اکيون ۽ بند ٿيل ساهه کيس جهنجهوڙي وڌو. هو پيءُ کي بي اختيار چنبڙي رڙيون ڪرڻ لڳو، ڄڻ کيس گھري ننڊ مان جاڳائيندو هجي. ”بابا!... بابا!.....“ سندس بي رخين اکين مان پاڻي ائين ٻنڀ ڏئي ٻاهر آيو ڄڻ کوهه کوٽيندي، ڳر ۾ ڪوڏر جو لپو لڳي ويو هجي.
”بس منهنجا لال بس!... ڙي بس!“ مکي هر چند کڻي سيني سان لاتس، هڏڪين ۽ سڏڪين ۾ مکيءَ کي ننڍڙي ٻار جيان چنبڙي پيو.
”هين ڀيڻان گڏهه! رنن وانگر ٿو روئين ... اڙي مڙس ٿيءُ، زندگيءَ جو بار ڪيئن ڍوئيندين؟“ مس مس سمجهائي، مکيءَ تڏي تي ويهاريس.
رات جي پيٽ ۾ الائي ڪٿان ڪٿان اوڏڪو راڄ ڄام پور ۾ ڪهي آيو هيو ، جن سوڀي جون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳائيندي ساري رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏي.
ماڻهو بيهي هٿ مٿي ڪري، ايڏي گهري، ٻه هٿ موڪري، پنج هٿ ڊگهي قبر تيار ٿي وئي هئي. ڪچڙي منجهند جو سوڀو سينگارجي گهران ٽٽري (ارٿي) تي ڍونڍڪارن ۽ اوڇنگارن ۾ کڄيو ته مکيءَ ماڻهن کي جهليو: ”ڀائي نه روئو!..... پنهنجي ڌرتي ماتا ڏي ٿو وڃي ، متان ماتا ڪاوڙجي کيس پيڙي نه!“
سوڀي جو لاش ڏاڍي ڌيرج ۽ آهستگيءَ سان قبر ۾ رکيل نئين رلهيءَ تي لاٿو ويو. مٿان چادر جهلي مٽي آهستي آهستي ريڙهي وئي ۽ ڌرتي کيس ائين ڍڪي امرلٽ ڪري ڇڏيو جيئن ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪپڙي جي پلئه سان ڍڪي ڇڏيندي آهي.
ڪانڌين ڪانڌپو کائي بس ڪيو ته سوڍي کي مٽن وهنجاري سنهنجاري، ٺاهي ٺڪي، وٺي وچ تڏي تي ويهاريو ، مکي پئنچن ۽ چڱن مڙسن کيس راڄ اڳيان ور ورائي نئين پڳ ٻڌائي ، هرچند مکيءَ جي حيثيت سان کيس نصيحت ڪئي : ”پُٽ سوڍا! تونجو پيءَ اوڏان ويو، جاڏي سڀ ڪو ويندو آ.. اڄ گهر جو وڏو تون آ... راڄ ۾ اُٿي ويٺي توکي ڪرڻي آ ... هاڻي تون اهو ناهين جو ٻاراڻيون ڪرين ۽ راڄ سهي“.
سوڍي کي مکيءَ جي نصيحت ائين لڳي ڄڻ راڄ اڳيان کيس لٺ اولاري ڪڍي هيائين ته اڳتي خرمستيون ۽ چلولايون بند، نه ته جيئن سمجهي ٿو. ڀيڻيوي رانول ، جڏهن اوڏڪي رسم مطابق گڏهه جا آٿر آڻي هٿن تي رکيس ته هن کي ائين لڳو ڄڻ چيو هجيائينس ته هاڻي هو ننڍڙو کوتڙو ناهي، جيڪو زماني جي بارن کان آجو پستيءَ تي پستي ڏيندو وتي. هاڻي هن کي ڀڙ گڏهه جيان زماني جا ٻورا مڙسيءَ سان ڍوئڻا پوندا. ان سمي، پيءَ جي هڪ هڪ ڳالهه ياد ڪندي اُٿلي پيو ته پڻس هوندي کيس ڪنهن ڳالهه جي لکائي ڪونه پئي هئي. هن ته ماءُ مئي به پاڻ کي ڇورو نه سمجهيو هيو پر هاڻ پاڻ کي بي واهو ٿي سمجهيائين. جنهن کي هر ڪنهن ٻڌائي چيو ته ڪوئي به ڪونهي جيڪو سندس ڪئي جا ڏنڊ ڀري، ڇل ڪپٽ اکين تي رکي. اهڙيون ڳالهيون  ذهن تي رکندو ويو ته اکيون، ڀنل لئي جون ٽاريون ٿي ويس، جن کي انگوڇي جي پلئه سان هر هر پئي اُگهيائين.
مکي، پئنچ ۽ راڄ جا ماڻهو، پنهنجا لٿل پٽڪا، پٽڪيون ، انگوڇا ڇنڊي ڦوڪي مٿن سان ٻڌي چڪا هيا . سڄي رات ۽ ڏينهن  جي اوجاڳي ۽ ٿڪ ڪري موڪلائڻ لاءِ آتا هيا. هن اُٿي ، ويٺل نڙيءَ سان سڄي راڄ کي ڪرڻين جو ٻڌايو : ”ڀائي !ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڪرڻين جو ٻڌو هجيوَ! “ راڄ وارا ڪرڻين واري ايندڙ وار جو حساب آڱرين تي ڪندا اُٿي ويا.
ڪرڻين واري ڏينھن تي، جڏھن نياڻين سياڻين ڌاڳي ٻڌل ڪوري دکيءَ مٿان رکيل ماني ڳڀو کائي باقي بچايل ٽڪر ۽ جل دان ڪري سوڀي جي قبر طرف اڇلايو ته براھمڻ شنڪر لال سوڍي کي ٻڌايو: ”ڀائي! ھاڻي تنھنجو برت پورو ٿيو.“ ھن اڃا مانيءَ جو گرهه ڀڃي مٺائي ۽ گيھه ۾ ٻوڙي وات ۾ پئي وڌو ته مکي پڇيس.’ڀائي! ڪرڻيون ته خير سان ٿي ويون، ھاڻ سکو ڊاڙ ڪڏھن ڪندين؟‘ ھن کي لڳو ڄڻ مکي کيس ساھي پٽڻ نه ڏيندو. ھو اڃا ويچارن ۾ھيو ته ڪھڙو جواب ڏي ته مکي لفظن جون وري ٻيون سونٽيون وھائي ڪڍيس: ”سوڍا! ھتي پڻھين جي وھي وارا ويٺا ٿي، جنھن کان وڻئي، تنھن کان پڇ ته ڏاڏنهن سيتل جي ڪرڻين جي ٻي ڏينھن تي سوڀو، جيءَ چڙھيو، چئي: متان بابي جي آتما کي ان ۽ جل جو دان نه ملي ، تون ٻڌاءِ، پنھنجي پيءُ جي آتما کي گھڻا ڏينھن سڪائيندين؟....مھينو اڌ، سال يا سدائين لاءِ.‘  
سوڍو سمجهي ويو ته مکي سندس اندر جي گدڙ کي سڃاڻي ورتو هيو. هاڻي کيس  سڄي راڄ ۾ ڏٺو پئي ڪيائين، سوڍي جنهن سڄي عمر رڏيءَ ۾ گذاري هئي، سو ڪاٿي پئي مڙيو. مکيءَ کي مند جي ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين:
”هونهه!..... بار گڏهه تي چنگهي کوتي.... مکي! ساڌن جا پٽ ساڌ ٿيندا ڪو تنهنجا يا چورن جا ته ڪونه ٿيندا.... هفتي کانپوءِ ڀلي مهاراج گهرائي سکو ڊاڙ ڪرايو.“
مکي اهو سوچي کيس ڪا ورندي نه ڏني ته گپ گپ سان نه ڌوئبي آ. هن مهاراج شنڪر لال سان سس پس ڪري اها صلاح ڪئي ته جي وارو ڏنو ٿئين ته جاٺو هڻي ڪڍجيس هن پوءِ وڏي واڪي ويٺل راڄ کي ٻڌايو : ”ٻڌو هجيو ڀائي... آرتوار آتوار اٺ، نائون  سوموار، ڏهون منگل وار ... منگل وار تي سکو ڊاڙ ٿيندي.“
سکو ڊاڙي واري ڏينهن تي سوڍي جي سرڪي ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به ڪونه هئي. جنهن ٻڌو هيو، سو آيو هيو. ڪو سڏ تي، ڪو بي سڏيو رونشي خاطر.
سرڪيءَ جي اڱڻ تي، وڻن هيٺان وچ تي مکي هرچند ، سوڍو ۽ مهاراج شنڪر لال ۽ پاسن کان پئنچ پلٿيون هنيون ويٺا هيا. مهاراج شنڪر لال ڀاڳيرٿ جي ڪٿائن سان اوڏڪو راڄ ريجهايون ويٺو هيو.
”سائين ڪانن جي نئين مڙهي تيار آ.“ وزيري پڄنچ سرڪي ۾ گهرندي مهاراج جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
”هر شيءِ تيار ڪري رکي اٿو ... ڪانن جو پڃرو، جل ڀريل دلو، پرساد ۽ چئومکي واري ٿالهي؟ “ مهاراج پڇيو.
”هر شيءِ شئين تيار آ.“ پئنچ وراڻيو.
” بس ته پوءِ اُٿو!“ مهاراج سڀني کي اُٿڻ جو اشارو ڪيو. مڙهيءَ ۾ گهڙڻ کان اڳ، سوڍي ۽ شنڪر لال جدا جدا شنان ڪري، پنهنجي پنهنجي ڍنگ جا ڪپڙا پهريا. ڪانن جي مڙهيءَ اندر مهاراج ۽ سوڍو گهڙيا، باقي سڄو راڄ، مکي ۽ پئنچن سان گڏ ٻاهر بيٺو رهيو.
سوڍو انگوڇي جو گهونگهٽ هنيون، مهاراج اڳيان، ڪنهن نويل ڪنوار جيان ڪنڌ جهڪايو ويٺو هيو. مهاراج منتر ۽ اشلوڪ پئي پڙهيا. سوڍي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ مهاراج کيس هڪ نه سمجهندڙ دنيا ۾ پٽيون کنيون پئي ويو. انهيءَ ڪري کيس هڪ عجيب قسم جي آسيس ۽ فرحت پئي آئي.
جڏهن مهاراج منتر پڙهي پورا ڪيا ته هن ٻن پتل وارين ٿالهين کي جيڪي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل هيون، سوري وچ تي ڪيو. هڪ ٿالهيءَ ۾ کوپرو، ڇونهارا ۽ پرساد پيل هيو، ٻي ٿالهيءَ جي وچ تي اٽي جو چئومکو ٻري رهيو هيو. پاسن کان اٽي جا ٽي چاڻا پيا هيا. هن هڪڙو بوتو ڪڻڪ جي اٽي مان ۽ ٻيو مانهه ۽ مڱن جي اٽي کي ملائي ٺاهي، ٻنهي بوتن جي نرڙ تي سندور جو ڳاڙهو ٽڪو ڪڍي پوءِ سوڍي کان پڇڻ لڳو:
”ڀائي سوڍا مل! تون مري ويل ساڌ جي جيءَ چڙهين ٿو؟“
”جي مهراج!“ ، سوڍي آهستگيءَ سان وراڻيو.
”ڪام ، ڪروڌ ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار کان پاسو ڪندين؟“
”ها، مهراج!“
”آسري گڻن، پکنڊ ، گهمنڊ ، اڀمان ، ڪروڌ، ڪٺورتا ۽ اگيان جي اوڏو نه ويندين؟“
”نه!“
”هميشه سچ کي ڌرم سمجهندين؟“
”ها مهراج!“
”سوڍا جي تون پنهنجي وچن جو پالن نه ڪيو ته توکي ڪشٽ ڀوڳڻا پوندا، تنهنجي پوجيه پتا جي آتما رلي ويندي، تنهنجي ڪئي جي ڀوڳنا، تنهنجو ٻالڪ ڀوڳيندو، تنهنجو پريڻام اهو ٿيندو جو تون اڳلي جنم ۾ ڪتي جي پيٽ ۾ ڪينئي جي صورت ۾ ٿيندو.“
مهاراج شنڪر لال جون سُر سان ڊيڄاريندڙ ڳالهيون ٻڌي سوڍي کي هيڪر جوجڪي آئي ته چئي ڏي: ”کڻ پنهنجو ساڌپو، مان هي ٿو وڃانءِ، اهڙو سون ئي ٻَن ، جو ڪَن ڇني، پر چئي نه سگهيو جو اهو به سوچيائين پئي ته جيڪو ٻڌندو سو کلندو ۽ سڄي عمر ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو.“
مهاراج اؤتارن جون ڪٿائون ٻڌائيندي آخر ۾ نصيحت ڪندي چيس: ’سوڍا! اڄ کان وٺي تون سچ جي ٻيڙيءَ تي سوار آن، سچ جي ٻيڙي لڏندي آ، پر ٻڏندي ڪونهي. ڀڳوان جي پيارن کي پيون ڪٺنائون اينديون آهن، جيڪو انهن مان پار، تن کٽيو.“
مهاراج جون اهڙيون سڀاويڪ ۽ وڻندڙ ڳالهيون ٻڌي ، سوڍي جو اندر ماٺار ۾ اچي ويو.  پڪو ارادو ڪري ڇڏيائين ته جي ڪلهو ڏنو آ ته نڀائي وڃبو پر پيءُ جي آتما نه رولبي، نه پاڻ اڳلي جنم ۾ ڪتي جو ڪينئون ٿيندو ۽ نه وري پنهنجي ڪرمن جو ڪڙو ڦل رامن کي کارائيندو.
مهاراج وري اشلوڪ ۽ منتر پڙهندي ٿالهيءَ مان ٻه بوتا کڻي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪانن جي پڃري ۾ وڌا، پوءِ ڪوري دلي ۽ پڃري جو پئنچن کان بهراڻو ڪڍرائي، پرساد جي ٿالهيءَ سان گڏ سوڍي کي وٺي مڙهيءَ مان ٻاهر نڪتو ته سوڍي کي چئوطرف واڌاين جي آوازن ۽ مهاراج کي هٿن جو گهيرو ٿي ويو، جيڪي کانئس پرساد وٺي نه ڄڻ ڦري رهيا هيا.
”واڌايون سوڍا!..... واڌايون ڀائي!.... وا.... ڌا..... يون......“ واڌاين جي مڌر آوازن تي سوڍو اندران ئي اندران ٻلوان ٿيندو پئي ويو . کيس وشواس ايندو پئي ويو ته هاڻي هو اڳيون پاکنڊي ، ٺڳ  ۽ چور سوڍو ناهي رهيو. هاڻي سندس اندر مان هڪ نئين سوڍي جنم ورتو آهي، جيڪو سچو، ڌرمي ۽ ديوتائن جو ماڻهو آهي. هن جو پاڻمرادو ڪنڌ جهڪي ويو هيو. نظرون زمين تي کپي ويون هيس ، کميا ۽ ڌيرج سان پئي هليو. هر ننڍي وڏي اڳيان پئي جهڪيو. هن کي ڏسندي مکي هرچند کي ته ڄڻ يقين ئي نه پئي آيو ته ڪڏهن پاپي شخص جي به ڪا ائين ڪايا پلٽجي سگھي ٿي.
هفتي اندر نه صرف مکي، پر پئنچ به اچرج ۾ اچي ويا هيا. جڏهن وزيري پئنچ جهڙي مخالف ، جنهن کي اڳ سوڍو ڏٺي نه وڻندو هيو، تنهن به پئنچن جي ڪچهريءَ ۾ سوڍي جي ساراهه پئي ڪئي: ”مان کي هاڻي لڳي ٿو ته سوڍو ، سوڀي جو پٽ آ، نه ته ڀڳوان ٿو ڄاڻي اڳي شڪ هو.“
نارو پئنچ جنهن ويٺي چلم ڇڪي، نڙ هٿ مان ڇڏائجي هيٺ ڪري پيس: ”اهو وري ڪيئن؟“ هن پٽ تان نڙ کڻندي وزيري کان حيرت مان پڇيو.
”ڪلهه ڪو سوڍي سان وڏيري جو ڪمدار سير ۾گڏيو ، چيائينس ته، هزار سوا ڪانو ڪَـڙ ڪڍائـڻي آ، تنهان اوڏن ۾ ڪهڙو هوشيار آ کاٽيءَ ۾، جو جهٽ ڪري ڏي، ته مانجو نالو کنيائين. اچئي ٿي پت!؟“
”تون چوين ٿو ته پت اچي ٿي، نه ته تنهنجو نالو وٺندي ته ڪتڙيون چڙهنديون هيس. اڳي ته تنهنجا ٺهيل ڪم به ڊاهيندو هيو؟“ نارو عجب مان وراڻيو.
”چڱو ٿيو ڀائي! ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي ، سا به نه چئبو ڀلي!“ مکي سک جو ساهه کڻندي چيو ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس پئي ڪيائين.
”پر اڃا ته پاٽي به ناهي پيٺي، مکي اڳتي ڏسجي ته ڪهڙا ٿو ڪلياڻ ڪري؟“، نارو کي اڃا به ڳڻتي هئي ته سوڍو ڪهڙي مهل به بلٽ کائي سگهي ٿو.
اهو چئوٻول نه صرف چئن چڱن جي ڪچهريءَ ۾، پر محمدي گوچي جي چانهه جي مانڊڙيءَ تي به لڳو پيو هيو. سڀئي ڏٺل وائٺل ۽ سندس جُهٽَ حيران هيا ته سوڍو جيڪو پهرئين درجي جو ڪوڙو، قسمي، جواري، چور، ٺڳ  ۽ اوڙي پاڙي جي ننگن جو دشمن هيو، سو ڪيئن سنت ٿي ويو؟ جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون، ڪنهن ڪيئن پئي چيو ته ڪنهن ڪيئن.
سيتل جيڪو ايرکا جي آنچ ۾ جلي رهيو هيو، تنهن ڀڙڪو کاڌو: ”ماڻهو ڪجهه به چون ، پر مان کي دل سان لڳي ئي نٿي ته سوڍو ۽ ساڌ .... ؟ ساڌ ٿيڻ ڪو ڀوڳ يا مشکري آ ڇا؟ مکڻ سيخ  پچائڻو آ، مکڻ سيخ  ... مڙيئي مُکي ، گڏه جي مٿان گهوڙي جا سنج رکيا هن.“
”تون ڇو ٿو ارهو ٿئين ... جنهن کي ڌڻي سمڪ ڏي ته دير ئي ڪانهي.“ شهزادو جيڪو سوڍي جي ساڌ ٿيڻ تي سرهو ۽ سنتوش ٿيو ويٺو هيو، تنهن ورندي ڏنس .
”مان ارهو نٿو ٿيان پر سچ ٿو چوان .... سڄي جڳ کي خبر آ ته ٽيون ورهيه ، مانجو پٽ، گڏه لغڙي چوري ٿي وڃي پار واري قراني حاجي ڪوڙي کي پهتو هو، خبر پاڻ کي ٿي ته حاجي ڪوڙي وٽ شيءِ پهتي ته ڄڻ درياه لوڙهي ويس.گڏهه ته نه موٽيو پر اها پڪ پئي ته چور سوڍو آ. غلامو دايو ۽ ممو نوناري جهڙا حرامي ڪاٽڪو روبڪا بيهاريامانس ته به نه باسيائين، ٿانَ جو قسم پئچائت اڳيان ڏنو مانس ته به ائين کڻي ويو ڄڻ پاڻيءَ جو وٽو پي ويو... تون الائي ڇا ٿو ڳالهائين؟“ سيتل سگريٽ دکائي مُٺ تي ڪڇ هڻي وري نڙيءَ تي زور ڏنو : ”هيڏي شهزادا!....تون خوش نه ٿيءَ ته جونءَ ننڊ ٿي ... هي سڀئي ٻڌني ٿا.... ٻه ٽي ڏينهن ٻيا گذرڻ ڏي، جي سوڍو اڃا حرامي نه نڪري ته ماجي ڏاڙهي مٽ سان ڪوڙجانءِ!“ مانڊڙيءَ تي ويٺل سڀئي کلڻ لڳا، ته شهزادي جو ماتا وارو چچريل چهرو صفا رنگ ڇڏي ويو. سيتل جي اوڙاپي، نرڙ تي گهنڊ وجهي ڇڏيس ۽ هو دهوڙجي ويو ته جي سوڍو اڃا حرامي نڪتو ته پوءِ هن جي ننڊ ته جائي حرام ٿي ويندي. هن کي لاڏڪي پٺيان لڪي لڪي ڪڍ لڳڻو پوندو. هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي جي کيس ٻئي ڪنهن واهه جي گهير ۾ ٻٽ هٿ اچي ويا ته اوڏڪي رسم ڀنج (طلاق) جو نه سوچيندو ، يا وري سنئون سڌو ٻروچن وانگر ٻنهي کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڪهاڙي لوڏيندو وڃي ٿاڻي تي پيش پوندو. اهڙو تصور ڪيائين ته ڏڪي ويو. تڙ تڪڙ ۾ ڪوسي چانهه جو ڍُڪ  هنيائين ته خيال مٽ ٿي ويس ، ته پوءِ وري پهريان کان ابتڙ ٿي سوچڻ لڳو: لاڏڪي ڪجهه به ، پر سندس سرڪيءَ جي سونهن آ، سڄي راڄ ۾ ڪو سندس پير جي پٺيءَ مَٽ به ڪونهي، تڏهن ٿو هر ڪو سڙي. اڳ ۾ سيتل ته پنهنجي ڦنجهي جوءِ سنڀالي ۽ پوءِ ٻين ڏي اُڇل ڏي. هن جڪون کائيندي سيتل کي آخرڪار ٺاهوڪي موٽ ڏني: ”سچ آ ادا، ته ڪتو ڪتي کي ناهي سهندو ، هاڻ سوڍو ٿيو آ ساڌ ته توکي هيانوَ ۾ ڦٽ ٿي پيا آهن !“
”پوءِ رک ڀلا شرط ته سڀاڻي آزمايونس، جي هوندو ساڌ ته اڳيون پويون سچيون ڪندو . نه ته اڳي وانگر قسم ائين رهڙي ويندو ، جيئن ٻڪري سڱر کائي وڃي... ڪيئن محمدا؟“، محمدو جيڪو چانهه کي ميرانجهڙي ڪپڙي سان ڇاڻي ڪوپن ۾ وجهي رهيو هيو، سيتل تنهن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
”ٿي وڃي شهزادا!“ محمدي ٻين ويٺلن گراهڪن کي اک هڻندي شهزادي کي ٽيڪر ڏني. شهزادي ٽيڪرن کي سمجهندي به سيتل سان سئو روپين جي شرط لڳائي ڇڏي. ڇو ته کيس اها پڪ ڪرڻي هئي ته سوڍو واقعي ساڌ ٿي ويو آهي يا اڃا ڪو ڦند ڦير اٿس؟ جي اٿس ته پوءِ لاڏڪي سان وري اوئين ئي وهنوار رکي.
صبوح جو سج نه اُڀريو ته سوڍي کي سرڪي ٻاهران سڏ ٿيو . سوڍو ، ’رام نام ست هئي‘ چوندو ٻاهر نڪتو. ڏٺائين ته سيتل ، شهزادو ۽ محمد بيٺا هيا. هن سڀني کي وڌي وڃي نوڙت سان هٿ ڏيندي چيو: ”ڀائي حڪم!؟“
”حڪم خيراچا، حوال پوڇ!“ سيتل وراڻيو . سوڍو سمجهي ويو ته ڳالهه ڪا ڏکيرڙي آهي. هن سڀني کي سڏي اڱڻ ۾ کٽ تي ويهاري پڇيو: ””ڏي ادا! حوال.... جيءُ!“
”حوال خيرا! چي سوڍا .... توکي ياد آ ته مانجو گڏهه چوري ٿي ويو هو . توکي شڪ ۾ ساک به ڏني هيم ، پر ڀڳوان ٿو ڄاڻي مانجو دلئون شڪ نه لٿو هو. هاڻي جڏهن کان تون ٿيو آ ساڌ ، ته تنهنجي زبان تي ايتبار آ. رڳو هڪڙو دفعو ساڌڪي زبان سان چئه ته تونجو چوري ۾ هٿ نه هو ته هي ٻئي ڄڻا ٻڌني ٿا ته مان يا حياتي شڪ جو لئوظ به نه آڻيندس... توسان گڏ ياسي، ٻيو مڙيئي خير!“
سوڍي کي ڍڪر چڙهي ويا. ڪي گهڙيون ته اندر جي ساڌ ۽ چور جي ڪشمڪش هلي، پر پوءِ گروءَ جي نصيحت ياد آيس، ته سچ واري جي ٻيڙي لڏندي، پر ٻڏندي ڪونهي، نيٺ سندس اندر جو ساڌ ڪُوڙ جي ڀئو ساگر مان ٿاڦوڙا هڻندو اچي سچ جي ساحل تي رسيو.
”گهرجي به خير ڀائي!.... مان آزي مڃي!“ سوڍي ٻانهون ٻڌي چوري باسي. ’ساڌ، پاڻ نبيريندين يا پئنچائت ...؟‘‘ سيتل پڇيس. ’واڙ مان جيڪو گڏهه وڻئي، سو وڃي ڪاهه ...!‘ سوڍي اتي جو اتي پاڻ نبيرو ڪندي چيو ته متان ڳالهه وائرجي ۽ بدنامي ٿئي.
سيتل اهو سوچي دير ئي نه ڪئي ته زبان آ آلو لڪڻ، متان پوءِ سوڍو ڦري وڃي. ڊڪي وڃي واڙ مان ڀلوڙ گڏه ڪڍيائين ۽ سوڍي جي هانوَ تي مڱ ڏريندو هليو ويو. لکان، سرڪيءَ جي وٿين مان سڄو تماشو پئي ڏٺو ۽ ٻڌو پر پوءِ به پڪ خاطر پڇيائينس ته سوڍي ٿڌو ساه کڻي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، لکان کي پهريون دفعو و يسهه آيو هيو ته سوڍو ڪو سچ به ڳالهائي سگهي ٿو.
محمدي جي مانڊڙيءَ تي ميلو لڳي ويو، جنهن ٻڌو هو تنهن کي ڏندين آڱريون هيون. سيتل ۽ شهزادو خوشيءَ ۾ کٿي نٿي ماپيا. اهڙي ڳالهه ٻنهي ڀائرن درشن ۽ ٻيلي ٻڌي ته دير ئي نه ڪيائون، ڊگ ڀڄندا اچي سوڍي جي سرڪيءَ ۾ پهتا . هنن کي ڏسندي سوڍي جو هيانءَ کاڄي ويو. پر دل ٻڌي مُک تي ساڌ ڪي مرڪ سجائيندي کين کيڪاريائين: ”ڀائي! جي ڪيانَو!؟“
”اسان کي خبر پئي آ ته هاڻي تون سچو ساڌ ٿي ويو آ؟“  ٻيلي پڇيس. ڀاڻس درشن وري ٽيڪر وارو ڏنو :” ڇو نه ٿيندو سچو ساڌ، ڀت ته نيٺ بڻيات تي ويندي نه!؟“
”جيئن سمجهو ڀائي!“ سوڍي نهٺائيءَ سان جواب ڏنو.
”اسان تڏهن سمجهئون جڏهن اسان کي به پنهنجو حق ڏين!“ ٻيلي سنئين سڌي ڳالهه ڪيس.
”ڪهڙو ڀائي!“ سوڍي سمجهندي به، نه سمجهڻ واري انداز ۾ پڇيس.
”ياد ڪر، اُتر!، جيڪو دينا داستي کائي ويو هئين، ٻيو ڪهڙو؟“  ٻيلي ٿورو تکو ٿيندي ياد ڏياريس . هونئن ته هن کي سڀ ڪجهه ياد هيو ته گڏهن جي سؤدي ۾ هن اتر ڏيڻو ڪيو هيو پر پوءِ اتر کان آنڱوٺو ڪڍي ڏنو هيائين. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڀري ڏي يا انڪار ڪري . انڪار ڪرڻ لاءِ گنجائش ان ڪري ڪونه هئي، جو گرؤ سان ٿيل وچن جو پالن پئي ياد آيس. ڀري ڏيڻ لاءِ اندر جو گهمنڊي سوڍو ڀت لڳو بيٺو هيو، جنهن کي اورانگهڻ يا ڀڃڻ ڏکيو پئي لڳس. هن همٿ ڪري گهمنڊ ۽ اهنڪار واري ڀت اورانگهي ته زبان ڏوهه باسي ويٺي: ”ها، ڀائي!ياد آيو.“ ائين چئي سرڪيءَ ڏانهن ڀڳو، پيءَ جي ڪاٺ واري صندوق کولي پنج سئو روپيا ڳڻي اچي ٻيلي جي هٿ تي رکيائين . گهر وريو ته وري به لکان پڇيس . هن پنهنجي پاپن جي ڳالهه پيرائتي ٻڌايس. لکان کي سوڍي تي سورنهن آنه يقين اچي ويو ته سوڍو اهو ناهي رهيو ، جيڪو ڪوڙن جو گهڙيل هوندو هيو ، هاڻ جيڪو به پڇبس ته ڌڌڙ ۾ پير نه هڻندو ، لکان اها ڳالهه دل ۾ رکي خاموش ٿي وئي.
رات جو لکان گهر جا ائوکا پئوکا لاهي رامن کي ٻي کٽ تي سمهاري سوڍي جي گوڏن کان ويهي کيس زور ڏيڻ لڳي ته سوڍي جي ڏکندڙ لونءَ لونءَ کي فرحت پئي آئي:
”راموءَ جا پيءُ توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟“ ، لکان چيس.
”پڇ!“
”سچ ته ڳالهائيندين نه؟“
”اڳي توسان ڪوڙ ڳالهايو ٿم ڇا؟“
”اڳي ڪوڙي سوڍي کان پڇندي هيس، هاڻي سچي ساڌ کان ٿي پڇان“، سوڍي کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي هُٽ کُٽ ٿيڻ لڳي ته هاڻي وري الائي ڪهڙي ڳالهه مُنهن ڪڍندي ، مجبوريءَ کان چئي ويٺو: ”ڀلي پڇ!“
”رڳو اهو ٿي پڇانءِ ته لاڏڪي تنهنجي ڀيڻ سمان هئي يا سريت؟“
سوڍو ڪي گهڙيون ته گهوماٽن ۾ اچي ويو. هن ته ائين سمجهيو هيو ته هن وقت تائين لکان سندس ڪوڙن کي سچ سمجهندي رهي آهي ، پر اڄ کيس لڳو ته عورت ذات بيوقوف ناهي، جيئن هو سمجهندو آيو آهي.
”لکان! مان پاپي هيس.... اڳ مان توسان ڪوڙ ڳالهايو هيو. “ سوڍو لکان آڏو پاڻ هاري ويٺو.
”تون ته مان سان ڏاڏي مَـنشي جي قبر تي هٿ رکي ساک کنئي هئي؟“
”ان ڳالهه کي ڇڏ لکان، جيڪا ٿي سا گذري!“ سوڍي سندس ڪانچڙيءَ کان ڇڪي ڀر ۾ سمهارڻ پئي چاهيو پر لکان باه جي ڄر ٿي وئي. ڀڙڪو کائي کٽ تان لهي بيٺي: ”مان به ڏاڏي مَـنشي جو قسم کنيو هيو ته جي تون لاڏڪي سان هوندين ته ڀنج ڪرائيندس.“ سوڍو جيئن سمجهائڻ لڳس ته لکان ڪاڪڙو ڪرڻ لڳي. سوڍو خاموش ٿي ويو ته  متان ويڙهي ۾ خواري ۽ ڪو نئون بنبال کڙو نه ٿئي، سو خاموش ٿي کٽ تي اڪيلو ليٽي پيو ته امرت ويلا تائين لکان ڪجهه ٿڌي ٿي ويندي ته هو کيس ڌيرج ۽ پيار سان سمجهائي ڇڏيندو .
امرت ويلا جو ٻئي اُٿي کڙا ٿيا هئا، پر امرت ويلا زهر ويلا ٿي وئي، لکان ڏاج واري پيتي ۽ رامن کي کڻي ٻاهر نڪتي ته ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪ ڇڪان ٿي وئي. جنهن نه ٻڌو هيو تنهن کي به خبر پئجي وئي ته لکان ڇو ٿي رٺي وڃي. ويندي ويندي کيس ڌمڪيون به ڏيندي وئي ته سڀاڻڪي سج ۾ پئنچائت ڏانهن پيڪا موڪلي ساک تي ڀنج ڪرائيندي ، هن کي ڪجهه به سمجهه  نه پئي آيو ته ڇا ٿيندو، جڏهن پئنچائت کانئس ساک پت گهرندي؟ جي سچ ڳالهائيندو ته سندس هڙ هلي ويندي. جي ڪوڙ ڳالهائيندو ته جنم جنم جو پاپي ٿيندو ، پٽهنس ڪشٽ ڀوڳيندو. هن کي ساڌپي کان نفرت ٿيڻ لڳي. پر ڏڌو کير ٿـڻي ڪيئن وجهي؟ ڪيئن اهو ساڳيو چور ۽ ٺڳ ٿئي، جنهن سان سڀ ڪو سڌو هيو. هن پنهنجي ذهن کي ائين ولوڙيو جيئن کير ۾ سيباڻ وجهي چاڏيءَ ۾ ولوڙبو آهي. ٿوري دير کانپوءِ سڻڀ جي ڦٽين جيان ذهن تي ڳالهه تري آيس ته جنهن کيس ساڌپي جو سنگهر وڌو هيو سو ئي لاهي سگهندو. هن پڪو پهه ڪيو ته ڪيئن به ڪري ان جنجال مان جان آجي ڪرائي. پوءِ کڻي گروءَ اڳيان گهرٽان ۽ گيسيون ڪرڻيون پونس يا ڌن جي جهجهي دان سان رام ڪرڻو پويس. ان کان اڳ جو ويڙهن ۾ هُو هواءِ ٿي، راڄ گڏ ٿي پڇ پڇ ڪريس، سوڍو اُٿي کڙو ٿيو.....
شهر، ڳوٺ کان پرتي ڪونه هيو. ڪلاڪ اڌ جو پنڌ هيو . مهاديو جو مندر ڏٺل هيس، پيءُ سوڀي سان ڪيئي ڀيرا آيو ويو هيو. مندر ۾ پهتو ته مهاراج شنڪر لال منهن سامهون ٿي ويس. جيڪو ٻئي ڏهاڙي کان شروع ٿيندڙ اکنڊ پاٽ جي تيارين ۾ مصروف هيو. سوڍو گرو جي پيرن تي پاڻ ڇڏيندي ائين رنڀڻ لڳو، جيئن سوئا ڍڳي کير کان ڪنهن گهاٽي بن مان وڇڙي وئي هجي، ” ڇا ٿيو ساڌ؟“ مهاراج آڇچريه وچان پڇيس.
”مهاراج سائين ! تون چيو هو ته سچ جي ٻيڙي ٻڏندي آ، لڏندي ڪونهي، پر مانجي ته سچ هڪڙي ڏينهن ۾ ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي.“ سوڍو منهن ڀريل رت ڳڙيءَ وانگر ڦسي پيو.
”ڪهڙي ويڌن ٿي وري توسان؟“
”ساڌن جو زمانو ناهي مهاراج!.... مان چور هيس، ٺڳ هيس ته سڀ ڪو سڌو هيو. جڏهن کان ساڌ ٿيو آهيان ته هرڪو ڪڍ پئجي ويو آ.“ سوڍي روئيندي روئيندي مهاراج کي سارا سور سڻايا.
برهمڻ شنڪر لال سندس اوڏڪي لانڍ مان تنگ ٿي چڪو هيو، تنهن کتو جواب ڏيندي چيس: ”ڀائي ، مان ته ڪونه چيو هيو مانءِ ته پتا جي جيءَ چڙه!..... جيڪي اکرين ۾ مٿو وجهندا، اهي مهرين کان ناهن ڊڄندا .... شڪتي نه پئي سمجهئي ته ساڌ ڇو پيو ٿئين؟“ سوڍي کي يقين ٿي ويو ته هاڻ ايلازن سان ڪم نه هلندو ته هن گوڏ جي پلئه مان پئسا ڇوڙي گروَ جي اڳيان رکيا: ”مهاراج! هزار روپيا دان جا ٿي .... مانجو ڪو ٽڪو پنجو ڪر... مان گريب جي جان آجي ڪراءِ!“ برهمڻ شنڪر لال دان جا پئسا گوڏي هيٺان ڪري ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ ٻڏي ويو. چڱي جهٽ کانپوءِ سوڍي کي چوڻ لڳو: ”سوڍا! توکي اها اٽڪل ٿو ٻڌايانءِ جيڪا ڀڳوان ڪرشن مهاڀارت جي يڌ ۾ ، دروڻ آچاريه کي جيتڻ لاءِ ارجن ۽ يڌشٽر کي ٻڌائي هئي“.
سوڍو وات ڦاڙي ۽ ڪن سرلا ڪري مهاراج کي غور سان ٻڌو لڳو .....
”تون به ائين ڪر جيئن يڌ شٽر، دروڻ آچاريه اڳيان زور سان رڙ ڪندي چيو هيو: ”اشوٿوما!“ آهستي چيو هئائين: ”هاٿي‘ ۽ پوءِ ٻوڪٽ ڪري چيو هئائين: ”مري ويو.....!‘ دروڻ آچاريه ائين سمجهيو ته سندس پيارو پٽ اشوٿوما مري ويو ۽ دل هاري هٿيار ڦٽا ڪيائين....! ڳالهه سمجهه ۾ آيئه؟“
سوڍي ڪنڌ ڌوڻي، ڳٽڪ ۾ نهڪر ڪئي.
”تون به لکان کي جيتڻ لاءِ پئنچائت ۾ ساک کڻي ڏاڍيان چئه : ”منهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو“ ۽ دل ۾ چئه ”نه!“ ۽ پوءِ ڏاڍيان چئه: ”وهنوار هيو.“ سڄي پئنچائت سمجهندي ته تنهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو وهنوار هيو. ائين لال به لڀندو، پريت به رهجي ايندي ..... ڀيٽو، هاڻي ته سمجهه ۾ آيئه نه اٽڪل!؟“ شنڪر لال مشڪندي سمجهايس.
 ”اي مهاراج!..... ڪاٿي ڀڳوان ۽ مهاويرن جو ديماڪه، ڪاٿي مان غريب اوڏ جو .... اتي وري ڪو تو جهڙو پڙهيل هجي ، جيڪو سچ ۾ ڪوڙ ملائي ۽ ڪوڙ ۾ سچ، جو خبر ئي نه پوي .... گرو جي! مان ته سنئون سڌو سچ ڳالهائڻ ڄاڻان يا سنئون سڌو ڪوڙ. مان سان ڪو اهڙو جڳاڙ ڪر جو اهو ساڌپي جو گنگڻ سدائين لاءِ لهي وڃي پوءِ سڄي هند سنڌ جي اوڏڪي ذات کي موڪل آ جو مان کي پڄن.“ برهمڻ شنڪر لال کي سندس ڄٽڪي جواب تي ڏاڍي مٺيان لڳي . هن خار مان ڀڀڪي پٽيس: ”نڪري وڃ چوانءِ ٿو ڄٽ ڄٽ جا پٽ !..... گڏه هڪليندڙن کي گڏه وارو عقل هوندو نه!..... جيئن وڻئي تيئن وڃي ڪارو منهن ڪر. .... پنهنجي پتا جي آتما رول يا جنم جنم جو پاپي ٿيءُ  منهنجو ڇا!“
براهمڻ شنڪر لال ، پئسا مٺ ۾ ڪري اُٿيو ۽ ڀڳوان شو جي مورتي اڳيان مٿو ٽيڪي پرارٿنا ۾ لڳي ويو. هو کيس چڱي مهل تائين نماڻن نيڻن سان نهاريندو رهيو. بي رخي مهاراج لئوڻو نه هنيو ته هن کي ائين لڳو ڄڻ شو ڀڳوان کي مڇرائيندو هجي. هن شو جي مورتي ڏانهن سٻاجهو ٿي ڏٺو ته ائين محسوس ڪيائين ، ڄڻ ڀڳوان به ڪاوڙ ۾ کيس گهوري رهيو آهي. هن ڪنڌ ڦيرائي مندر جي ڀتين تي ٽنگيل چترن ڏانهن نهاريو ته اهي به کيس دياوان نه پئي لڳا. هن کي لڳو ته سڀئي کائنس چڙيا ويٺا آهن. جڏهن به سندن ڪاوڙ زر چڙهي ته گڏجي سڏجي سندس ساهه ڪڍي ڇڏيندا. هن جو شرير ڏڪڻ لڳو. ڪنڀڻي وڌي ويس. هو مايوسيءَ وچان ٿڙڪندي پوئين پير مندر مان ٻاهر نڪري آيو.
سج لهي ٻڏي رهيو هيو ته سوڍو بس مان لهي ڳوٺ جي لاڙي تي رسيو. گهلبو گهلبو گهر پهتو. سندس لڱ ساڻا ٿي چڪا هيا. هن ڏڪندي ڏڪندي بتي ٻاري ٿُـوڻيءَ ۾ ٽنگي، کٽ تي آهليو ته ڄڻ اڌ ساهه ڇڏائجي ويس.
بتيءَ جي روشنيءَ تي ويڙهي ۾ چئوپچوءَ ٿي وئي ته سوڍو ساڌ گهر پهچي ويو آهي. مکي هرچند ۽ پئنچن کي اڳيئي ڳڻتي هئي، تن جو ٻڌو ته سرڪي ۾ ڌوڪي آيا. سوڍي، مکي ۽ پئنچن کي ڏسي اُٿڻ جي ڪئي ته اُٿي نه سگهيو.
”هئي ڀڳوان!..... سک شانت ته آهي سوڍا ساڌ؟“ مکي ويجهو ايندي رڙ ڪندي پڇيس.
”ها ، بس مکي ....! “ سوڍو وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيو.
”بس ڇا ؟ .... ٻڌاءِ ته سهي ٿيو ڇاهي توکي؟“ مکي سوڍي جي پيشاني تي هٿ رکيو ڄڻ ٽانڊا پئي ٻريا.
”مکي.....! مان منهن مٽايان ..... ته رامن کي .... ساڌ نه ڪجانءِ .... ڀل مانجي آتما کي .... اَن ۽ جَل جو .... دان نه ملي!.....“
سوڍي وڏي مشڪل سان، ساهيون کڻندي مکي ۽ پئنچن کي وصيت ڪئي.
”کير(خير) جي وائي ڪڍ ساڌ .....! ائين ڇو ٿو چئين ....؟ ڌڻي کير(خير) ڪندو!“ پئنچن هڪ ٻئي پٺيان زور سان چيس ڄڻ ڪنهن ٻوڙي سان ڳالهائيندا هجن.
”آج.... ساڌان ... چا... و... ک... ت ..... ڪو ... نهي.... ادا!.... آ.....ج... سا... ڌا.... ن... چا...“. سوڍو ساڌ وڌيڪ نه چئي سگهيو، تيز بخار جي ڪري مٿائنس غش چڙهي ويو.



No comments:

Post a Comment