Thursday, December 1, 2011

پــَتِ

پــَتِ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو


عيد کي گذرئي، اڄ ٽيون ڏينھن آهي. شام جو حسين وقت، ڏينھن جهڙالو، شيرل بروهيءَ وارن جي لڏ، حاجي صادق جي اوطاق ڀيڙو ٿي آهي. لڏ لاهيندي ئي، خوشيءَ ۾ جهمرين هڻڻ ۽ نچڻ ڳائڻ ۾ کُپي ويا آهن. ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون آهن. واٽ ويندا، بيھي ڏسي رهيا اٿن.

جبل جا لاڏائو، غريب ۽ مسڪين، اونھاري ڌاري جبل مان نڪري، پتڻ پار ڪري، سانھرن جي مند ۾ هر سال هتي اچن. ٻنين ۾ سانھر ڏئي، پئسا ڪمائين ۽ وقت گذارين. ڪجهه هت کپائين، ڪجهه پاڇي ڪري، پوئتي لاءِ کڻي وڃن.


پَرُ، نئينءَ مان، هن جوءِ ۾ آيا هئا. پھريائين پکا حاجي صادق جي ڳوٺ جي ڀر ۾ هنيا هيائون. پوءِ اوس پاس جي جوءِ ۾ گهمندا ڪمائيندا، مھيني بعد واپس موٽي هليا ويا هئا.

شيرل کي ڪمائڻ لاءِ، ڏاندن جي جوڳ هئي. منجهانئن هڪڙو ڏاند مري ويو هئس. ڏاڍو ملول ٿي پيو هئو. هڪڙي ڏاند سان ڪمائڻ، ڏکيو ٿي پيو هئس. ٻه هئا ته ڪمائي، پاڻُ به پئي تاتيائون ته مالڪ به پئي پاليائون. هڪڙو ته ڪنھن ڪم جو نه ٿيو. هٿائين کيس پالڻ مسئلو ٿي پيو. رئيس جي ماني جت تي. شيرل تي بار، ويتر وڌي ويا هئا.

ويڳاڻو ۽ مايوس ڏسي، هڪڙي هاريءَ صلاح ڏني هئس؛ حاجي صادق سخي مڙس آ. سندس اوطاق تي لڙي وڃ ۽ کانئس هڪڙو ڏاند اڌارو وٺ!

حاجي صادق سان منھنجي واقفيت ئي نه آهي! شيرل دليون هڻندي چيو هئو؛ مون کي سڃاڻي به ڪين. پوءِ مون کي ڏاند، ٻن ٽن هفتن لاءِ ڪيئن ڏيندو؟!

حاجي صادق، خلوص ۽ مروت وارو ماڻھو آهي. ڪير به لنگهي وڃيس، خالي هٿين ڪو نه موٽائيندس. سوالي سؤ جو هوندو، کيسا خالي هوندي به حاجي صاحب کيس، رپيو ٻه ضرور ڏيندو آهي. پڪ ڏياريندڙ لھجي ۾، دل ٻڌرائي ھيائينس.

شيرل به دل ٻڌي، حاجي صادق جي اوطاق تي آيو هيو ۽ پنھنجي مجبوري ۽ مدعا پيش ڪئي هيائين. حاجي صاحب کي مٿس ڏاڍي ڪھل آئي هئي. کيس چيو هيائين؛ ادا! جيءُ آئين ڀلي آئين. مون وٽ ڏاندن جي هڪ جوڳ آهي، سا ته هينئر مان پنھنجي ڪم ۾ لائي ويٺو آهيان. باقي مون وٽ جوڙو وهڙن جو آهي. ٻئي جـَڙَ آهن. ڪم اچني ته، منجهانئن هڪڙو ڪاهي وڃ. جيڪو به ان مان ڪم نڪري سگهئي، سو وڃي وٺجانس. سال بيھندو ته ڏاند ٿي ويندو.

اسان ته هتي مھينو کن آهيون. شيرل کيس چيو هو؛ سال ڇا ڪنداسين؟“

ڀلي تون هيل جبل ڪاهي وڃينس. سال کن چارينديس ته ڏاند ٿي پوندو. هيل به ڪمائينس. آئينديءَ به ڪمائي، پوءِ ھتان واپسيءَ تي، مون کي منھنجو ڏاند موٽائي ڏيندو وڃجانءِ!

شيرل، حاجي صادق جو وهڙو ڪاهي ويو هئو. ٻه ٽي هفتا وهائي، لڏو پٽيون روانا ٿيا هئا. لڏو تمام وڏو هئو. مٺياڻيءَ کان درياهه به ٽپڻو هئن. ڪچي ۾، صبح کان منجهند تائين، پنڌ ڪري شام ڌاري پتڻ تي پھتا. ڪجهه مال ۽ سامان ڪن ٻيڙين ۾ ٽپي ويو. باقي ڪجهه ٽپڻو هئو جو شيرل جي ڀاءُ جي هٿان وهڙو ڇنائي ڀڄي ويو. پوين همراهن، وهڙي کي ڪچي جي گهاٽي ٻيلي ۾ ڪافي ڳولهيو پر لڀي نه سگهيا.

وهڙو هٿ نه آيو ته شيرل غمگين ٿي پيو. هڪڙو ته پنھنجو ڏاند مري ويو. خير! اهو پنھنجو هئو، سو ته کڻي سور سھايائين. ھاڻي وھڙو سو به پرايو، ھٿان ويو ڄڻ مٿئون چٽي پيس. دل ۾ ويچارڻ لڳو؛ ٻئي سال، حاجي صادق کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندم. اڻ واقفيت آهي، اعتبار به ايندس الائي نه! هاڻي موٽڻ به ڏکيو آهي. لڏ پار ٿي وئي آهي. ٻيھر پتڻ ڀرڻ به چيلھه ڀڃي وجهندو. منجهي پيو. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ، الله تي رکي، لڏو ڇڪيائون جبل.

هيل، واپسيءَ تي، لڏو سڌو حاجي صادق جي ڳوٺ جي ڀر ۾ لاٿو هيائون. شيرل پکا هڻي، ٻچا ٿانيڪا ڪري، پھريون ڪم سمجهيو، وهڙي جي روئداد حاجي صادق کي ٻڌائڻ.

ڪوماڻل من سان، حاجي صادق جي اوطاق تي پھتو. فڪر هئس ته؛ حاجي صاحب الائي ڇا سمجهندو؟! متان گمان ويهيس ته مان وهڙو کائي کپائي آيو آهيان ۽ هاڻي ٺڳي ٿو ڪيانس. خير ايترو بدگمان نه ٿيو ته به ڏاند جي گهر ته ضرور ڪندو. مون وٽ به هن وقت فقط هڪ ڏاند آهي. جيڪڏهن اهو به ڏنڊ ۾ ڀري ڏنومانس ته مزوري ڪيئن ڪندس!؟! هڪڙو ڏاند ته سوال سٽ تي ملي ويندو، جوڙو ڪير ڏيندو؟! مُند ڪمائيندس ته ٻيو ڍڳو به وٺي ويندم ۽ ٻچن جو پيٽ گذر به ٿي پوندو.

حاجي صادق کي، الف کان وٺي ي تائين سموري حقيقت سربستي سڻايائين. آخر ۾ چيائينس؛ حاجي صاحب اعتبار اچئي ته اها آهي حقيقت! نه ته به تون وس وارو آهين. وهڙو ڀرائڻ چاهين ته مون وٽ هڪڙو ڏاند آهي. اهو تو کي ڀري ڏيان. جي مھلت ڏيندين ته الله مالڪ آهي، ٻه چار پئسا ڪمائي تو کي ڀري ڏيندم. ان سان منھنجو به ڳھو چڙهي پوندو ۽ تو کي به شيءِ موٽي ملندي. جي نه ۽ اهو ٿو ڀانئين ته مان ٺڳي ٿو ڪيان ته پوءِ، مان بيٺل ڏاند هينئر ئي تنھنجي ڪلي تي ٻڌي وڃان!؟

شيرل جي انھيءَ حالت تي، جنھن جو نصيب ٽٽل ۽ ڦٽل، ڪپڙا پراڻا ۽ ڦاٽل، پٺيان کائڻ وارو وڏو ڪھول، رهڻ لاءِ ڪو وٿاڻ نه، بک تي ويلا ويھڻ وارو، پرائي زمين تي سانھر گهمائي ته ٻچن جو پيٽ پلجيس، حاجي صادق کي ڏاڍي ڪھل آئي ۽ پاٻوهه مان موٽ ڏنائينس؛ ادا! اڃا جھان هلي چلي ٿو. اهڙي هاءِ ملڪ ۾ ڪا نه پئي آهي. الله، سڃاڻڻ جون اکيون ڏنيون آهن. نصيب، مٿان ٺھندا جڙندا آهن. ڏاند در تي ٻڌيي به مري ويندو آهي. چور به ڪاهي ويندو آهي. مـَوَن ۾ ڇنائي، جهنگ مُنھن به ڪندو آهي. خدا جي طرفان شيءِ وڃڻي هئي، وئي. ان ۾ تنھنجو ڪھڙو ڏوهه؟ ڏاند ويو ته ڪا پرواه ناهي. جنھن اڳ ۾ ڏنو هئو، سو ٻيھر به ڏيندو. تو مسڪين کان ڏاند ڀرائبو؟! مان اهڙو ڇتو نه ٿيو آهي. نه ئي چريو ٿيو آهيان. تون بي فلڪو ٿي وڃي محنت ڪر! مزوري ڪري ڪماءِ ۽ ٻچن جي پيٽ لاءِ هٿ پير وڃي هڻ!

حاجي صادق جي لفظن سان، شيرل جي بت ۾ ڄڻ نئون ساھ پئجي ويو. سندس ٿورو مڃي، دعائون ڏيندو، گهر ڏانھن خوش خوش موٽي ويو.

ٻه چار ڏينھن، حاجي صادق جي ڳوٺ پاسي ۾ ڪمائڻ کان پوءِ اوس پاس جي جُوءِ ۾ پيٽ گذر لاءِ ٽڙي پکڙي ويا. ڪڏهن هِتِ ته ڪڏهن هُتِ.

عيد جي رات، حاجي صادق، گهر ۾ ستو پيو هئو. اڌ رات، گگهه اونده ۾، گهر جي ٻاهران لوڙهي ۾ وڏو کڙڪو ٿيو. گڏوگڏ ڪتن ۾ باهوڙ به پئجي وئي. بغاغي تي سَڀڪنھن کي سؤنچو ٿي ويو. حاجي صادق جو ڌيان يڪدم ڪتن جي داهوڙ ۽ لوڙهي جي کڙڪي ڏانھن ويو. ڏٺائين ته ڪو جانور ٿونن سان لوڙهو هٽائيندو، مٿان پار پوندو، سڌو لانڍيءَ ۾ بيٺل ڏاندن جي وچ ۾ وڃي بيٺو. حاجي صاحب پھرين ته ڊنو، پر دل جهلي ڀاءُ کي بتي ٻارڻ لاءِ چيائين. ٻئي ڀائر بتي ساڻ ڪري ڏاندن کي سنڀالڻ لاءِ ويا. ڏٺائون ته ڏاند پنھنجن ڪلن تي هئا، پر هڪڙو اوپرو ڏاند به وچ ۾ بيٺو هئن.

چڱيءَ طرح ڏسڻ ۽ غور ڪرڻ کان پوءِ، حاجي صادق جي ڀاءُ رڙ ڪئي؛ ادا! هيءُ ڏاند ته ساڳيو پاڻ وارو وهڙو آهي، جيڪو شيرل کي پـَرُ ڏنو هئوسين.

حاجي صادق کي اول ته يقين نه پئي آيو. ڇو جو انھيءَ دوران ڏاند کي سڱ به نڪتا هئا ۽ رنگ به ٿورو ڦريو هئس. ڀاءُ جي ٻڌائڻ تي ان به صحيح ڪيس.

في الحال ته ڪلو کوڙي، رسو وجهي، هن کي ٻڌ! حاجي صادق ڀاءُ کي چيو؛ هالي ڪيون ٿا ننڊ، صبح جو ڍڳي جا ابتا پيرا کڻنداسين ته ڪٿان آيو آهي؟ ڪيئن پھتو آهي؟ پاڻھي آيو آهي يا ٻيو ڪير هتي ڇڏي ويو اٿس.

باک ڦٽي. فجر نماز پڙهي، ڍڳي جا پويان پير ورتائون. ميل ڏيڍ جي پنڌ کان پوءِ اندازو لڳايائون؛ ڍڳو اڪيلو آيو آهي. ڇو جو پيرو فقط ڍڳي جو آهي. باقي رهيو سوال ته ڪٿان آيو آهي؟ ان لاءِ ان ڪري گهڻو پنڌ نه ڪيائون جو هڪ ته عيد جو ڏينھن هيو، ٻيو ته شيءِ گهر ويٺي ملي چڪي هئي.

عيد نماز کانپوءِ، حاجي صادق جو پٽ ڊوڙندو آيو ۽ اچي ٻڌايائين؛ ابا! راتوڪي ڏاند کي، جهنگ مان ٻه ماڻھو ڪاهيو پيا وڃن. مال سان جهنگ ۾ ڌنار ڪو نه هئو. امن امان هئو، چوراڪاري نه هئي. انھيءَ ڳالهه جو فائدو وٺي، ٻه همراهه ڍڳو ڪاهي نڪتا هئا.

اٺ ڏهه همراهه ساڻ ڪري، حاجي صادق، ڍڳي جي پيرن سان نڪري پيو. سج لٿي کان ٿورو اڳ، مٺياڻي اسٽيشن لڳ، ريل جي ڀر ۾، هڪ ڳوٺ جي گهر جي در تي، اچي پيرَا هنيائون. گهر ڌڻيءَ کي سڏي ماجرا ٻڌايائون. ماجرا ٻڌڻ کانپوءِ، گهر ڌڻيءَ مڃيو ته؛ برابر پر سال اهو ڍڳو، منھنجي ڏاندن ۾ اچي بيٺو هئو. مون رسي سان ٻڌي، اها ڳالهه پنھنجي زميندار مٺا خان ڳوراهوءَ سان ڪئي هئي. جنھن چيو هيو ته؛ ڍڳي جو مالڪ ٿئي ته ان کي ڍڳو واپس ڪري ڇڏجانءِ. ٻه ٽي ڏينھن گذرڻ بعد، ڍڳي جو ڪو ڌڻي سائين نه ٿيو ۽ ڍڳو مون وٽ ئي رهيو. ڍڳن سان گڏ چرندو ۽ وهندو هئو. ڪالهه شام، چرندي چرندي، اوچتو ڍڳن کان ڇڄي ويو. سڄي رات نه آيو. نيٺ باک ڦٽي ته پيرو کنيومانس. پيرَ توهان جي ڳوٺ ڏانھن آيا. واھ تي ئي، ڍڳن سان جهنگ ۾ چرندي ڏٺومانس. پنھنجو ڍڳو سمجهي، رسو وجهي ڪاهي آيومانس.

بھرحال شيءِ اسان جي آهي. پـَرُ کان گم آهي. اسان مالڪ آهيونس! حاجي صادق چيس.

اوهان هاڻي مٺا خان ڳوراهوءَ سان ڳالھايو. اهو چوي ته پوءِ، مان ڍڳو موٽائي ڏيندس. گهر ڌڻيءَ چين.

اسان ٿڪل آهيون. ڏهاڪو ميل اڳي هڻي آيا آهيون. موٽڻو به آهي. هينئر وري مٺا خان ڳوراهوءَ ڏي وڃون، وري موٽون، پوءِ وري ڳوٺ جو پنڌ ڪيون. اهو پنڌ ته مڙسن کي ڇني رکندو. حاجي صادق گهر ڌڻيءَ کي چيو؛ بھتر ائين آهي ته مٺا خان ڳوراهوءَ ڏي تون وڃ ۽ منھنجا سلام چئينس. اهو به ٻڌائينس ته، ڍڳو حاجي صادق جو آهي ۽ پاڻ ئي پيرن سان نڪتل آهي ۽ ڍڳو وٺڻ آيو آهي. ٿڪل آهي، تنھن ڪري اچي نه سگهيو.

گهر ڌڻي، ڀڳو مٺا خان ڳوراهوءَ ڏانھن. جنھن سموري ماجرا ٻڌي چيس ته؛ حاجي صادق کي مان سڃاڻان. ڪوڙ جھڙو ماڻھو ناهي. چوي ٿو ته پوءِ، ڍڳو سندس ئي آهي. کيس موٽائي ڏي.

گهر ڌڻي، ساڳين پيرن تي موٽيو. حاجي صادق وارن کي ڍڳو ڇوڙي اچي ڏنائين. حاجي صادق رات جي پيٽ ۾ ڍڳي سميت اچي ڳوٺ پھتو.

ڪالهه شيرل وارن کي خبر پئي هئي. اڄ سمورو لڏو کڻي، حاجي صادق جي اوطاق وٽ لاٿو اٿائون ۽ خوشيءَ ۾ جهمريون پائي رهيا آهن. ڌڻيءَ شيرل جي پـَتِ رکي آهي، جنھن ڪري اها جهمر وڌي اٿن.

No comments:

Post a Comment