Friday, December 23, 2011

بلو دادا - ”اياز“ قادري


بلو دادا
”اياز“ قادري
هو سڄي پاڙي ۾ بدنام هو. هر ڪو هن کان ڪؤ کائيندو هو. جهڙو تهڙو ته هن جو نالو به ڇرڪي وٺندو هو. پئسي وارا، هن کي بنهه گونڊو سمجهندا هئا. پاڙي جو دادگير ليکيو ويندو هو. سندس نالو بلاول هو، مگر کيس ڪوٺيندا هئا ”بلو دادا“. رنگ جو ڪارو ڪٺ، وار ننڍڙا، گهنڊيدار ۽ سخت، جي ڪيتري به تيل لائڻ سان نه نرم ٿيندا هئا، ۽ نه ڦڻي ڏيڻ سان ئي ڪنهن طريقي تي بيهندا هئا، منهن ڪشادو، گول، اکيون ننڍيون ۽ حرفت ڀريون، جن ۾ هر وقت حرڪت پيئي نچندي هئي، نڪ ڊگهو، مگر ناسون ويڪريون چپ ٿلها، ڏند وٿيرڪا، جي مساڳ لڳائيندو هو ته چپ ڳاڙها ۽ ڏند اڇا ٿي ويندا هئس، پر جي پان کائيندو هو ته ڏند ۽ چپ ٻئي ڳاڙها، ڇاتي ڪشادي بازو سخت ۽ مضبوط جهڙو رڪ قد جو ڇوٽو، سندس منهن ۾ اهڙو رعب هوندو هو، جو ڪنهن ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريندو هو ته همراهه کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي، آواز ۾ ڪڙڪو ۽ کڙڪو، هروقت پيو گجندو، ڳالهين جو ڳهير، جي ڳالهائڻ ۾ ڇٽڪيو ته خدا بس ڪرائيس، فٽ بال جو چمپئن، گهڻو ڪري راند ۾ سينٽر فاروڊ بيهندو هو، باڪسنگ جو ڪوڏيو، هروقت اها ڳالهه ته کاٻي مڪ ڪيئن هڻجي، ۽ ساڄو چنبو ڪيئن گسائجي.

بُڻُ - رشيد ڀٽي


بُڻُ
رشيد ڀٽي
”اڙي سگهو ٿي، ڪين ڪيانءِ وري سڌو!“
وڏيري جو دڙڪو ٻڌي، مينهون وري اڳتي وڌيو. هن جي سامهون جوئر جا ڊگها ڊگها ڪانا بيٺا هئا، ۽ انهن جي پويان واهه جي ڪڙ تي بيٺل وڻن تي اڪيچار ماڻهو ويٺا هئا. هو سڀ تماشو ڏسڻ آيا هئا. رات، وڏيري جي پوک ۾ سوئر ڏسايو هو، ۽ صبح جو، وڏيرو صاحب به ڪتن جي لوڌ سوڌو اچي پوک تي پهتو هو. وڏيري جي اچڻ سان، سوئر تي ڪتن جي پڇ ڪرائي وئي. ڪتن کي ڏسي، سوئر ڀڳو، هن ٻنيءَ مان نڪري واهه ڏانهن منهن ڪيو. کڏ تي وڏيري جا توبچي ويٺا هئا، تن فائر ڪيا، جن مان ٻه سوئر کي لڳا، پر اڳيان سوئر به سوئر هو، ڪو اهڙو تهڙو نه هو جو ٻن گولين سان خلاص ٿي وڃي. هو گوليون پچائي ويو، ۽ ڇتو ٿي بيهي هڏڪارڻ لڳو. ڪتن به راڙو ڪري وڃي ورتس، پر ڦٽيل سوئر اڳيان ڪتن جي هڪ لوڌ ڪٿي ٿي بيهي، کن ۾ هڻي سڀ ڪتا سيٽائي رکيائين، ڪي پڇ پائي وٺي ڀڳا ۽ ڪي ساڻا ٿي پئجي رهيا. سوئر به ڪتن کان جند ڇڏائي، ڪسيءَ ۾ کپ کوڙي ويهي رهيو. سڀ ماڻهو منتظر هئا ته ڇا ٿو ٿئي.

Tuesday, December 13, 2011

بُت بڻجي ويل شخص - رضوان گل


بُت بڻجي ويل شخص
رضوان گل
منهنجي موبائيل تي ميسيج رنگ وڳي. ميسيج ڪنهن نئين نمبر تان آيل هو. کولي ڏٺم ته ميسيج خالي هو...
مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي مان، ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس. ڪارا گھاٽا بادل برسات جون هلڪيون بوندون ۽ پکين جو آکيرن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ اڏامڻ .. موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي.. مان پنهنجي روالونگ چيئر کي ڦيرائي، ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ تي آڱريون ڦيرڻ لڳس..
دل چيو ته ڪو ئي خوبصورت گانو ٻڌجي.. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج جي رنگ وڳي. ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو ... ساڳئي اڻ ڄاتل نمبر تان خالي ميسيج...
مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه ڏيندو آهيان.. پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي who r u  لکي سينڊ ڪري ڇڏيو.. ..
ترت ئي جواب آيو  I m Anam and u r my Jaan  مون اهو پڙهي .. پڇتايو .. سوچيو ته رپلاءِ ڏيڻ نه گھربو هو مونکي..
مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس..  ٽيبل تي رکيل موبائيل تي ان اڻ ڄاتل نمبر تان ڪيترا ئي ميسيج ايندا رهيا.. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو ٿيو ته جيڪو به آهي سندس ٽيسٽ ڏاڍي لاجواب آهي ..

Friday, December 9, 2011

کل ڦل - اختر حفيظ


کل ڦل

اختر حفيظ
آئون هن کي کِل ڦل سڏيندو هئس..... کل ڦل، انهيءَ ڪري جو ننڍي هوندي مون کل ڦل پريءَ جي ڪهاڻي ٻڌي هئي، اها جڏهن کلندي هئي ته سندس وات مان موتي ڇڻڻ لڳندا هئا. جڏهن مون هن کي پهريون ڀيرو ڌٺو ته مون کي لڳو ته هي اها ئي کل ڦل پري آهي، جيڪا ڪهاڻي ۾ هئي ۽ اها هن جي روپ ۾ منهنجي حياتي ۾ اچي وئي آهي. جڏهن به آئون کيس انهي نالي سان پڪاريندو هئس ته هن جي چپن تي مرڪ تري ايندي هئي. اسين ٻئي، شهر جي پراڻي پبلڪ پارڪ ۾ ملندا هئاسين ۽ گيٽ جي ساڄي پاسي کان رکيل بئنچ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا ڳالهيون ڪندا هئاسين. جنهن جي ڀر ۾ سرنهن جو هڪ قدآوار وڻ هو. انهن ڳالهين ۾ دنيا جهان جا قصا اسان جي زندگيءَ جون ڳالهيون، پيار جون ڳالهيون شامل هونديون هيون. اڪثر ڪري اها بئنچ خالي هوندي هئي. انهيءَ ڪري اسان جو انهيءَ پارڪ ۾ ٺڪاڻو اهو ئي هوندو هو. پوءِ ڪجهه وقت لاءِ اسين ٻئي، هٿ هٿ ۾ ڏئي واڪ به ڪندا هئاسين ۽ انهيءَ دوران اسان جون وکون تمام آهستي کڄنديون هيون. هو جام سهڻي هئي، وچٿرا گلابي چپ، گول گورو چهرو ۽ اکيون ته عجيب هيون. هن جي اکين جو رنگ ئي عجيب هو. نه ڪاريون هيون، نه ڀوريون ۽ نه وري نيريون. بس هن جي اکين جي رنگ کي بيان نٿو ڪري سگهجي. پر هيون تمام معصوم، سهي جي اکين جيان. اداسيءَ جي ڪري جڏهن هن جي ڳاڙهن ڳٽن تان ڳوڙها ترڪڻ لڳندا هئا ته آئون هن جا ڳوڙها اگهي اڪثر هن جي پيشاني چمندو هئس. منهنجو اهو عمل هن کي تمام گهڻو وڻندو هو. انهيءَ ڪري هوءَ هڪدم مرڪي پوندي هئي.

کلڻي - شيخ اياز


کلڻي
شيخ اياز
هن جي سادگيءَ ۾ چالاڪي هئي، چالاڪيءَ ۾ سادگي. ڪڏهن ٻار جيئن نچندي ٽپندي ايندي ۽ پٺيان اچي اکين تي هٿ ڏيندي. ڪڏهن اوچتو منهنجا وار ڊاهي چوندي؛ “ڏس ته ڪيئن ٿي پيو آهين؟” ۽ پوءِ آرسي کڻي هٿ ۾ ڏيندي. ڪڏهن مان پينسل رکي پاڻي پيئڻ اُٿندس ته پينسل جو گورو ڀڃي ڇڏيندي ۽ اڃا کڻڻ جي ڪوشش ڪندس ته کل ۾ ويڙهجي ويندي. ڪڏهن پوتي پڳ ڪري ٻڌي ايندي ۽ ڪتاب منهنجي هٿ مان کسي چوندي؛ “چؤ هاڻي ڇا ٿو چئين؟” ڪڏهن ٽاچڻي کڻي منهنجي ڪنڌ ۾ چڀائيندي، ڪڏهن شربت ۾ لوڻ وجهي کڻي ايندي، ڪڏهن ڏينڀو ڦاسائي، پـَـر کان وٺي منهنجي اڳيان آڻي ڊڄاريندي. هڪ ڏينهن وڇون تريءَ تي کڻي آئي. الاجي ڪيئن ڏنگ ڪڍيو هئائينس! “ڏس مون هن کي منڊيو آهي.” هن چيو. مون ڏانهس شرارت ڀريل نظرن سان ڏسندي چيو؛ “تون ته ماڻهوءَ کي به منڊي سگهندي آهين.” هن جي منهن تي لـڄ ڇانئجي وئي ۽ وڇون کڻي منهنجي پاند ۾ وڌائين. مان ڇرڪ ڀري اُٿيس ۽ چوٽيءَ کان ڇڪي چيومانس؛ “چؤ وري ايئن ڪندينءَ؟” 

مـکـتـي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


مـکـتـي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
مونکي علي خان جي شاديءَ ۾، سندس ڳوٺ پھچڻو هو. جيڪو موري ۽ نوشھري جي وچ تي هو. سڪرنڊ مان ئي سکر جي بس پڪڙيم. موري جي بس پڪڙڻ سان، باقي پنڌ لاءِ موري ۾ خوار ٿيڻو پوي ها. پوئينءَ خواريءَ کان بچڻ لاءِ، ٿروءَ جي سواريءَ کي ترجيح ڏنم. جاءِ ته نه ملي پر ساهه ستو، وقت تي اچي علي خان جي ڳوٺ لٿم. دولت پور تائين بيٺو هئس. ڀر سان ٽن واريءَ سيٽ تان، هڪڙو همراه لٿو. جنھن لھندي، ويھڻ جو اشارو ڪيو. موقعي جو فائدو وٺندي، قبضو ڪرڻ لاءِ، سيٽ تي ڪري پيم.

مستقبل جو ابو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


مستقبل جو ابو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
اسٽينڊ تي لھي، نور احمد جي ڀاءُ جي دڪان ڏانھن هلڻ لڳس ته پويان ڪنھن اچي ڪلھي تي هٿ رکيو. منھن ورائي ڏٺم ته نور احمد پاڻ هو. ڏسندي ئي چيومانس: “يار! چڱو ٿيو جو ملي وئين. مان توسان ۽ نذير سان ملڻ لاءِ توهان جي ڳوٺ پئي آيم. تو واري ڀاءُ جي دڪان تان پڪ ڪرڻ لاءِ هتي لٿس. هاڻي اوڏانھن پئي ويس.”
“ها دڪان تي هل! ادو ويٺو آهي. اسان ٻئي به، ڳوٺ ۾ ترسيل آهيون. چڱو ٿيو جو تون آئين. اسان ته توکي ساريو پئي. تو ڏانھن اچڻ لاءِ، نذير پاڻ سنبريل هو. پر دليون پئي هيائين، الائي هجين الائي نه.”
“ڇو؟ خير ته آهي؟!”

دينا داستي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

 دينا داستي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
جيئن طاق کي ڌڪو ڏنم، تيئن تاڪ لڳي ويا. در کي اندران ڪڙو چڙهيل هو. جنھنڪري سٽ ڏيڻ سان به نه کليو. پر ڇاکئون؟!!
“اڄ ڇو مون وارن سؤٽن جو در بند آهي؟! ڏينھن تتي پکي پکڻ کي به وائک کپي. هيءُ موراڳو در بند ڪيو، اونده ڪيو ستا پيا آهن. اندر ڪير آهي؟ در بند ڇو آهي؟” ايترا سمورا خيال، دل تي ترندا ويا.
نِوڙي ڏار مان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم. ڇت جي ڳڙکين مان ايندڙ روشنيءَ جي ترورن ۾ جيڪو نظر آيو، تنھن ٺَپَ ئي ٺاري ڇڏيا. سامھون واري کٽ تي، ٻه اڌ اگهاڙا جسم ليٽيل هئا. منجهن ساهه ۽ چرپر هئي. منظر ڏسندي ئي دل دهلجي وئي. بدحواسيءَ ۾ پوئتي موٽڻ لڳس.

Tuesday, December 6, 2011

ڪافر - نسيم احمد کرل


ڪافر
نسيم احمد کرل
جنهن ڏينهن سيتل اوڏ ۽ سندس گھر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو ھو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر ٻاھر پڌر ۾ ٻه ٽي صفون بيھجي ويون. ھن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي ھئي، يا جڏھن ڪو سرنديءَ وارو ماڻھو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاھيندو ھو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام، مولوي اميد عليءَ به ان ڳالھ جي چڱي مشھوري ڪئي ھئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، ھن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ ھجڻ ثابت ڪيو ھئائين. ڳوٺ جا ماڻھو به ھروڀرو ايترا بي دين ڪو نه ھئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو ھو، سو اچي حاضر ٿيو ھو. مولوي صاحب پاڻ به ھن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو ھو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي ھرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ ھٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنهن جي ھيٺئين ڇيڙي ۾ لوھي ڪلي لڳل ھئي، جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي ھئائين، جيئن دين جو جھنڊو کوڙيو ھجيس. ان ڏينهن ھن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو ھو، سو به نئون ھو. ھو جڏھن آيتون پڙھي سنڌي ابيات جي ان حصي تي پھتو، جتي چئن اصحابن سڳورن جي ثنا ھئي:

پاروٿو گوشت - نورالھديٰ شاھ


پاروٿو گوشت
نورالھديٰ شاھ

حويليءَ ۾ ٻانهين جو ولر، ۽ انهيءَ ولر ۾ هڪ ڏينهن اوچتو هوءَ به الاءِ ڪٿان اچي نڪتي هئي. جنهن کي پهريون ڀيرو ڏسي ننڍي سائينءَ کي ڪچيءَ ووڊڪا (Vodka) جو ذائقو ياد اچي ويو هو. هن جي بدن ۾ ڄڻ وڄ وراڪا ڏيندي هئي. ڪڏهن هِتي، ڪڏهن هُتي. هو جيڏانهن ويندو هو، هوءَ نظر ايندي هئس. ڀانءِ حويليءَ جي هر ڪنڊ ۾، هر ڪمري ۾، ڪنهن هن جو هڪ هڪ بت سجائي رکيو هجي ۽ هر بت جو  پنهنجو روپ ۽ پنهنجو حسن هو. هوءَ ڏسندڙ جي اکين ۾ بجليون ڀري غائب ٿي ويندي هئي. سندس انهيءَ ادا ننڍي سائينءَ کي، بنا ڇهڻ، بنا چکڻ ۽ پيئڻ جي مست ڪري ڇڏيو هو. هن جي اڳيان هر ڪو شراب، هر ڪو نشڪو ڦڪو ۽ بي ذائقو ڀاسندو هئس. ڀلا انهيءَ شيءِ جو نالو ڇا هئڻ گهرجي، جنهن کي صرف ڏسڻ سان ئي نشو چڙهي وڃي. سڀئي روپ سڀئي نالا هن لاءِ هئڻ گهرجن. ننڍو سائين هن کي ڏسيو الاءِ ڇا ڇا پيو سوچيندو هو. بس ڪنهن اهڙي مهل جي وجهه ۾ هو، جڏهن هوءَ اڪيلي نظر اچي وڃيس. ۽ هڪ ڏينهن نيٺ هوءَ اڪيلي ور چڙهي وئي هيس اتر پاسي، نما شام جي مهل.

ٽِڪري - ”بشير“ مورياڻي


ٽِڪري
”بشير“ مورياڻي
ڏتي ڪپڙي جو سينهو ٺاهي مٿي رکيو، ۽ ان تي ڇَٻو رکي، تاجوءَ جي جئا واريءَ ٽِڪريءَ ڏانهن هلڻ لڳو.
ٽِڪريءَ جو اڌ حصو کليل ميدان هو. ڪٿي ڪٿي پڪين سرن جا گُندڙا ٺهيل هئا، جن ۾ نم جون چڪيون لڳايون پيون هيون؛ هڪ ڪنڊيءَ جو وڻ هو ۽ ٻيو گدامڙي جو، جن هيٺان کٽون پيون ئي رهنديون هيون.
ٻئي اڌ حصي ۾ هڪ ته وڏي در واري ڪوٺي هئي، جتي سياري جي راتين ۾ جوئا ٿيندي هئي. انهيءَ ڪوٺيءَ سان لڳ ٻي ننڍڙي ڪوٺي به هئي، جتي پاڻيءَ جو نل لڳل هو. هڪ ننڍو باغ به هو. هڪ ٻه کجيءَ جا ننڍا وڻ، هڪڙي نئين ٻير، ڪجهه وليون ۽ ٿوري ڇٻر. ڏينهن جو انھن جي ڇانوري ۾ جوئا لڳندي هئي. چوڌاري گنب جو لوڙهو ڏنل هو، جنهن جي مٿان ڪنڊا ۽ ٻوڙا ڄمائي رکيا ويا هئا. لوڙهي جي دڳ وارين ٻن ڪنڊن تي سدائين ٻه پهريدار بيٺا هوندا هئا.

هڪ مرد، ٽي لاشا - سراج

هڪ مرد، ٽي لاشا
سراج
اصغر جڏهن باريسٽري ڪري آيو، تڏهن پڻس نه رڳو شهر جي وڏن ماڻهن جي، پر پنهنجي تڪ جي سمورن زميندارن جي هڪ شاندار دعوت ڪئي هئي ۽ ان دعوت جو نتيجو ڪو برو نه ٿيو هو. اصغر جي وڪالت جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ اصغر جڏهن پنهنجي هت اچڻ واري وقت کان پوءِ جي ماضيءَ ۾ گهوري نهاريو ته هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته کيس  ڪنهن ڪاري ککر  ڏنگي وڌو هو. اڳي جو هو ڪا سماجي برائي ڏسندو هو ته سندس دل ڪڙهڻ لڳندي هئي، هاڻي ساڳي برائي ڏسي هن کي هڪ اڻ لکي خوشي محسوس ٿيندي هئي. اڳي ڪنهن جانور جي موٽر هيٺان اچڻ تي ٻه ٻه ڏينهن ماني کائي نه سگهندو هو ۽ هاڻي اسپتال ۾ ڪهاڙين سان چچريل انسان يا اسپتال جي مڙدا-گهر ۾ ڪو انساني لاش ڏسندو هو ته هن کي هلڪو اطمينان ٿيڻ لڳندو هو. اڳ هو جڏهن به خواب ڏسندو هو ته  هن کي اڪثر پيارا پيارا سٻاجهڙا ماڻهو سفيد گلابن جا تاج پهريو، حسين جسمن سان رقص ڪندا نظر ايندا هئا، ۽ هاڻي هن جي خوابن ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪندڙ ماڻهو، ڪهاڙين ۽ لوڙهين سان چچريل لاش، ڇُرن ۽ چاقن سان چيريل پيٽ، رت ۾ ڳاڙهيون حسين جوانڙيون، تاش جي پتن جا تاج پهريل ڳڀرو جوان نظر ايندا هئا، ۽ اهڙي خواب کان پوءِ هن جو سارو ڏينهن هڪ عجيب سڪون ۽ اطمينان ۾ گذرندو هو، ۽ سندس ڪنوار اهو سڪون ۽ اطمينان ڏسي، سمجهي ويندي هئي ته ان ڏينهن کيس ڪو خون جو ڪيس مليو هوندو، ۽ هوءَ ڪنهن نئين ساڙهيءَ، ڪنهن نئين تحفي جي اميد ۾ سارو ڏينهن اطمينان ۽ خوشيءَ ۾ ڇال ڏيندي رهندي هئي.

بدمعاش - جمال ابڙو

بدمعاش
جمال ابڙو
هو وڏو بدمعاش هو، پهرئين نمبر جو. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو هن جي ڏائي هٿ جو کيل هو. چپٽين ۾ ڏوهه ڪري وٺندو. حرام جو قياس پويس. خار ۾، ڇپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. هڪ ڀروون هيٺ، اک چُنجهيل، ٻيو ڀروون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل. ناسون ڦوٽاريون، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيون بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو، آنڊا ٻاهر.
ڏائڻ جهڙي ڪهاڙي ڪلهي تي کنيو، شينهن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو هو. شل نه ڪير کيس للڪاري. ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين، ٻه ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪهاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
چيلهه سنهي، سينو ويڪرو، ڪلها اڀا. مڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنهن تي فلڪ نه آڻيندو.

Monday, December 5, 2011

ڪتو به ان کي کائي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڪتو به ان کي کائي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اٺن ۾ پنج منٽ هئا. ڪراچي سٽي اسٽيسن تان، لاڙڪاڻي لاءِ بولان ميل جي ٽڪيٽ وٺي، پليٽ فارم نمبر ٽئين تي پھتس. عيد ۾ به ٽي ڏينھن هئا. عيد جي موٽ هئڻ ڪري رش به ڏاڍي هئي. مان سرڪاري ڪم سانگي ٽي ڏينھن اڳ آيو هئس ۽ ڪمن ۾ ئي مصروف هئس، تنھن ڪري بڪنگ به نه ڪرائي سگهيو هئس.
لاڙڪاڻي لاءِ ٽي ساهه-ستيون سواريون ملنديون آهن. هڪڙا بليو لائين جا ڪوچَ، جيڪي عيد سبب هفتو هفتو اڳي کان بڪ هيا. ٻيو هوائي جھاز، جيڪو مون جھڙا غريب ماڻھو نه افورڊ (Afford) ڪري سگهندا آهن ۽ نه ان لاءِ سوچي ئي سگهندا آهن. ٽيون آهن، ڀٽاريون ٽرينون. هر غريب جي آهي، انھن ڏانھن ڊڪ. عيد جي موقعي ۾ انھن تي به چڱي خاصي پيھه هوندي آهي ۽ هفتو هفتو اڳ، ايڊوانس بڪنگ ٿيل هوندي آهي. بڪنگ هوندي به، اسان جھڙي اُڙئي ٿُـڙئي مسافر لاءِ ويھڻ يا سمھڻ جي جاءِ نڪري ايندي آهي. جي ويھڻ لاءِ سيٽ نه ملي ته هيٺ فرش تي ويھي گذارو ڪري وڃبو. سيٽ هٿ ڪرڻ ۽ گهڻيءَ تڪليف کان بچڻ لاءِ، ريل ۾ ڪراچي سٽيءَ کان چڙهڻ مناسب سمجهيم.

ڀـــاڙ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڀـــاڙ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

هيءَ ستر  جي ڏهاڪي  جي ڳالهه آهي، تڏهن نوشھرو فيروز اڃا جدارو ضلعو نه ٿيو هو ۽ اڳوڻي نواب شاهه ۾ ئي هئو. ضلعي آفيس جي ڪمن ڪارين لاءِ نواب شاهه ئي وڃڻو پوندو هو. سفر جو ذريعو ريل به هئي ته بسون به هيون.
سکر جون بسون ٽين روپئي ۾، ڪنڊيارو کان مورو لاهينديون هيون. جتان ڇھين روپئي ۾ نواب شاهه پھچبو هو. قاضي احمد کان نواب شاه وارو رستو هلندڙ نه هو ۽ نه وري نوشھري کان پڊ عيدن- نواب شاهه وارو. هاڻي ته ٻنھي رستن سان ڪوچ ۽ ويگنون هلڻ ڪري، پنڌ به گهٽجي پيو آ ۽ وقت به گهٽ ٿو لڳي.

Sunday, December 4, 2011

جيئي پلمبر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


جيئي پلمبر
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

يونيورسٽي آڊيٽوريم ۾ تقريري مقابلو هلي رهيو هو. جنھن جو عنوان هو؛ “عورت، مرد کان بھتر آهي” يا “مرد، عورت کان بھتر آهي.” مقابلو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ هو. حصو وٺندڙن کي واري وٽيءَ سان سڏ ٿي رهيو هو، جن اسٽيج تي اچي پنھنجي خيالن جو اظھار پئي ڪيو. اول شاگردن جو وارو هو. جن مان ڇھه، هن وقت تائين اسٽيج تي اچي چڪا هئا. ٽن جو موضوع هو؛ “عورت، مرد کان بھتر آهي” ۽ ٽن جو؛ “مرد، عورت کان بھتر آهي.”
ٻڌندڙن جي جينٽريءَ کي، عقلي ۽ علمي معلومات آهر، هرهڪ متاثر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. پھرينءَ صف ۾ مئڊمون، پروفيسر صاحبان بمع وائيس چانسلر ويٺا هئا. سندن اڳيان ساڄي پاسي کان وقتي جج صاحبان ويٺل هئا، جيڪي تقريرن جي روان تڪ تور ڪري، هر هڪ جون مارڪون داخل ڪري رهيا هئا. انھن جي سامھون، پنڊال جي کاٻي پاسي کان ويھارو کن ڪرسين تي، مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ويٺل هئا.
پروفيسرن ۽ منڊمن جي پويان رکيل ڪرسين تي ايسوسيئيٽ ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچرار ويٺل هئا. انھن جي پويان شاگرد ۽ شاگردياڻيون. تنھن کان پوءِ کوڙ سارا، مون پاران ڊنب ڪري، مقررن جي همت افزائي لاءِ تاڙيون وڄائيندڙ بيٺا هئا.

روايتي ۽ جديد ڪهاڻي - منظور ڪوھيار


روايتي ۽ جديد ڪهاڻي
منظور ڪوھيار

اسان وٽ روايتي ڪهاڻي ۽ جديد ڪهاڻيءَ جو جڏهن بحث ٿيندو آهي ته، ايئن لڳندو آهي ڄڻ روايتي ڪهاڻي ۽ جديد ڪهاڻي، فني ۽ خيال آرائيءَ جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ يا مخالف آهن. وري جڏهن اسان وٽ ڪهاڻي ۽ افساني تي بحث ٿيندو آهي ته به ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪو زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.
جڏهن ته ائين ناهي. تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ معاشرت جي تسلسل جو نالو روايت آهي. روايت ڪا جامد شيءِ ناهي، پر زندگيءَ جو هڪ اهڙو تخليقي سلسلو آهي، جيڪو هڪ نسل کان ٻي نسل تائين منتقل ٿيندو رهي ٿو.

۽ شهر اونڌو ٿي ويو ... - منظور ڪوھيار


۽ شهر اونڌو ٿي ويو ....
منظور ڪوھيار

باک ڦـٽيءَ چڪي هئي. ڳاڙهو سج، آهستي آهستي اوڀر مان ڪني ڪڍي رهيو هو. ٽڪرين تي ٿڌڙي هير گھلي رهي هئي.  چوڌاري هيڙها ۽ بلبلا چهڪي رهيا هيا.
چو ٿنڀيءَ تي ‘قلندر شهباز’ پوري جاهه و جلال سان بيٺو هيو. هيٺ تي سڀ اوري جا ۽ پري جا طالب ۽ مريد بيٺا هيا. جيڪي سندس لب ڪشائيءَ لاءِ منتظر هيا.
قلندر شهباز ، جنهن جو ڳاٽ ، ڳچيءَ ۾ وڌل گلوبند جي ڪري ٿورو جھڪيل هيو ، سو اوچو ٿيو. هن ٽڪريءَ تي بيٺل سڀني طالبن ۽ مريدن تي طائرانه نظر وڌي ۽ پوءِ پنهنجي هڪ هٿ ۾ جھليل ڏنڊي کي لهرائيندي فرمايو:
‘سيوهڻ جي قلعي واري شهر ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڃي ٻڌايو ، ته اسان راتو رات قلعي واري شهر کي اونڌو ڪرڻ وارا آهيون. جو هاڻي انساني بي حسي پنهنجي انتها کي پهچي چڪي آهي. ان ڪري جيڪو ساٿ ڏيندو، اُهو ئي سرخرو ٿيندو ۽ جيڪو منڪر ٿيندو ، اُهو ذليل و خوار ٿيندو!’

ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون - منظور ڪوھيار


ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون
منظور ڪوھيار

مهينو جولاءِ جو ۽ وقت صبح جو آهي، آسمان تي هلڪن هلڪن ڪڪرن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي. ٻٻرن، ٻيرن ۽ نمن جون چوٽيون لڏي رهيون آهن. ڳوٺ ‘رانجھي سدوري’ جي مسيت (مسجد) ۾، جھرڪ، جھرڪين کي ڊيڪائي رهيا آهن. ڪنوارو مولوي، زيبيءَ جي ٽاٻريءَ ڌيءَ کي دير تائين سبق پڪو ڪرائي رهيو آهي. زيبي، ڌيءَ جو انتظار ڪري ٿڪجي پئي آهي. سوچي ٿي: ‘ڇوري کي سڏي اچان ته ماني کڻي وڃئون ٻنيءَ تي.’
زيبي جو مڙس عدلو، ڳوٺ جي اولهائين نئين ٺهيل روڊ جي پرئين ڀر، ٻنيءَ تي وانگارين سان گڏ روت ۾ مشغول آهي. عدلوءَ جون نظرون رکي رکي بچيءَ جي پنين ۾ کُـپي وڃن ٿيون. جنهن جي سٿڻ جا پاچا ذري گھٽ گوڏن تائين کنيل آهن. بچيءَ جومڙس ڪوڙيءَ کي اک ۾ ڪيون مرايون هڻي رهيو آهي. ڪوڙي رونبو گھٽ ڇانجرا گھڻا ڪري رهي آهي.

سچي ۽ لاجواب ڪهاڻي - منظور ڪوھيار


سچي ۽ لاجواب ڪهاڻي
منظور ڪوھيار

هو جئين ئي، ٿڪل ٽٽل فيلڊ مان، سروي جو ڪم ڇڏائي ، آفيس ۾ پهتو ته کيس پنهنجي ماتحت اسسٽنٽ ٻڌايو: ‘سائين، اوهان جي گھران نياپو آيو آهي ته گھر جلدي پهچو. اوهان جو والد آيو آهي.’
هيڪر ته هن جو مٿو چڪرائجي ويو ته سندس والد ....!!؟؟ پر پوءِ کيس سمجھه ۾ اچي ويو ته پڪ سان وري سندس ماءُ کي دؤرو پيو هوندو. هن کي پنهنجي ماءُ تي ڪاوڙ سان گڏ ڪهل آئي ۽ سوچيائين ، ماءُ اهڙي هستي آهي، جنهن تي ڪاوڙجڻ اولاد کي زيب نٿو ڏي. پيريءَ کي ته اولاد جي صورت ۾ مضبوط لٺ کپي نه ته پوڙهائپ زندگيءَ جو اهو بي وس ۽ لاچار حصو آهي. جنهن ۾ اداسي ۽ مايوسي ڄڻ هوا ۾ اُڏيل دز جيان ملامت ٿي وسندي آهي.

ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ - منظور ڪوھيار


ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ
منظور ڪوھيار

شام جو وقت آهي.
دل مونجھي مونجھي اٿس.
هلندو هلندو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي قلعي نما عمارت جي اوڀارين باغيچي ۾ اچي ويٺو آهي. هُو ڏسي، سوچي ٿو: ‘هيءَ انگريزن جي دور جي عمارت ڪيڏي نه رعبدار ۽ شاندار آهي!’
اَسرنهن جا پيلا پاپڙ ‘کڙ ... کڙ!’ ڪندي، قلابازيون کائيندي هيٺ ڪري رهيا آهن. هڪڙو پيلو پاپڙ سندس آڏو اچي ڪريو آهي، ٻه ڦاڪان ٿيل آهي، پر ڏانڊيءَ جي رشتي سان اڃا ڳنڍيل آهي. خبر ناهي ڇو ان کي هٿ ۾ کڻي ڏسي رهيو آهي.
چوڌاري سدا بهار جا گل هوا جي زور تي ٿر ٿر نچي رهيا آهن . قطار ۾ لڳل سورج مکي جھومي رهيا آهن. باغيچي جي اولهائين وٽ سان گل مور جا رتاوان ڇڳا وڏي شان ۽ اڊمبر سان لڏي رهيا آهن.
فضا ۾ ڪانوَن جي ‘ڪان ڪان’ ۽ ڪٻرين جو ٽيڪو وڌي ويو آهي. ڪجهه ساعتن لاءِ ٻاهران روڊ تي لنگھندڙ رڪشائن جي گوڙ ۾ پکين جو آواز دٻجي وڃي ٿو.

فليگ آف آنر منظور ڪوھيار


فليگ آف آنر
منظور ڪوھيار

صبوح صبوح سان حليم جو پٽ جميل سندس ڪمري ۾ اندر داخل ٿيو. اچڻ سان چيائين:
‘بابا، مان اسڪائوٽ ڪيمپ اٽينڊ ڪيان؟’
حليم پٽ تي ڀرپور نگاهه وڌي.
نائين ڪلاس جو شاگرد، عمر چوڏنهن سال، وارن ۾ پڳور، مڇن جي هلڪي ساول، تن هيٺ رتول چپ، ڀريل ڳٽا، لڄاريل اکيون هيٺ ڪري وري مٿي ڏسڻ جي عادت. لڳو ڄڻ هن موٽ کاڌي هئي ...

سچا ڪوڙا رشتا - منظور ڪوھيار


سچا ڪوڙا رشتا
منظور ڪوھيار

جيئن لٺ هنئي پاڻي جدا ناهي ٿيندو، ائين رت جا رشتا به جدا ناهن ٿيڻا. ڀل کڻي ڪيڏا به رساما هجن، هڏ ضرور سڏ ڏيندو آهي.
رجب جو لاش، اسپتال مان کڻائي، جڏهن ڪامريڊ دوستن سندس مسواڙي گھر ۾ آندو ته پاڻ ۾ سرِ جوڙي صلاح ڪيائون ته، توڙي جو مرحوم جا مائـٽن سان ترِ سنوان نه هيا، نه وري انهن سندس طويل علالت ۾ ڪا واهر ۽ وارثي ڪئي. پر پوءِ به رت رت آ، دانگيءَ تي وريو پئي. ان ڪري ٻڌائڻ ضروري آ.
سنگت ، اهو سڄو بار استاد غفار ۽ نجيب تي رکيو ته ڪيئن به ڪري سندس ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ کي ڳولي ڦولي هٿ ڪن، ڇو جو مرحوم آخري گھڙين ۾ انهن جو پڇندو رهيو ۽ آسروند نظرن سان دروازي ڏانهن ڏسندو رهيو.
صبح صبح سان اهو قصد ڪري نڪري پيا ته انڌن ملتان لڌو آ، خيرپور ڪو هروڀرو ايڏو وڏو شهر به ڪونهي، جو مرحوم جي قريبن کي نه ڳولي سگھجي. ٻنهي ڄڻن کي هلڪي سلڪي کڙڪ هئي ته سندس وڏو ڀاءُ محرم، بس اسٽينڊ جي ڀر پاسي ۾ حجامت ڪندو آ.

مال غنيمت - منظور ڪوھيار


مال غنيمت
منظور ڪوھيار

استاد مٺل چڱو ڀلو هو. معمول مطابق رات جو ٻارنهن وڳي پنڪچر جو دڪان بند ڪري گھر پهتو. هٿ منهن ڌوئي اچي کٽ تي ويٺو. جوڻهس چانور ۽ پٽاٽا اڳيان آڻي رکيا. کائي کير جو وٽو پي، اوڳرائي ڏئي، اڃا ليٽيو مس ته اوچتو سيني ۾ سور جي سٽ اُڀريس. دانهن ڪري چيائين: ‘نصيبان الائي ڇا ٿو ٿئي!؟’ جيستائين نصيبان پاڙي جي ڊاڪٽر (ڪمپائونڊر) ڏي ڀڳي، وٺي آئي، تيستائين ساهه نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
سڄو پاڙو صبح سان اٿلي پيو. استاد مٺل جي سڀ سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي. ڪنهن سان ڏند اگھاڙي نه ڳالهائين، نه ڊيگھه رکيائين. ڪم سان ڪم رکڻ وارو شخص هيو. جنهن ٻڌو سو لڙي آيو.
 ڪفن دفن کان پوءِ پاڙي وارن، پردي پٺيان مائي نصيبان سان عذر خواهي پئي ڪئي ۽ پڇيو: ‘ادي ڀلا، ڀائو مٺل جو ڪو مٽ مائٽ ....؟’
‘نه ادا، الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ... باقي ٻڌائيندو هيو ته دادو ڪئنال کان پريان سندس مٽ مائٽ رهندا آهن.’
نصيبان کي مڙس جي مرڻ کان وڌيڪ غم هيو ته پٽاڻي اولاد نه هئڻ جو. اولاد هئي به ته چار ڌيئون. جن ۾ ٻه سامائل هيون ۽ ٻن جا ارهه انبوريا پئي.

Saturday, December 3, 2011

هٿ جي وڍي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


هٿ جي وڍي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڏهن ڏينھن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ، جڏهن سنگتياڻيءَ ڊوڙندي اچي ٻڌايس؛ “تو وارو پٽ لڌو آهي!” تڏهن پٽڻ ڪٽڻ بند ڪري، وائڙن وانگر، اشارن ۾ پڇيائينس؛ “ڪٿي آهي؟!”
مڙسھنس به تڏي تي حُقي ڦوڪ ڀريندي ڪن اپڙا ڪيا.
“واه تي!” آيل ٺھه پھه وراڻيندي، پويان پير ڪيا. نياپو آڻيندڙ مائيءَ جو گهر، سڏ پنڌ تي، واه جي ڪپر تي هئو.
ٻئي زال مڙس، خوشيءَ ۾ نعرا هڻندا، جهمريون پائيندا، پنھنجي ٻارنھن سالن جي جوان، گم ٿيل پٽ کي وٺڻ لاءِ ڀڳا. سندن نعرن ۽ بغاغي تي، سڄي ڳوٺ جا ننڍڙا توڙي وڏا، خوشيءَ ۾ دلا ۽ ٿالهه وڄائيندا نڪتا.
“ڪاٿي آهي منھنجو دلبر پٽ!؟ مون کي ڏيکاريو!” ڪپر وٽ پھچندي، سنگتياڻيءَ کان پڇيائين. ڪپر واري سلامي چڙهي، ٽاپ تي پھتي ته بيھوش ٿي ڪري پئي. اڳيان سڃاڻپ ۾ نه ايندڙ، پاڻيءَ سان ڦوڦراٽيل ۽ ڦوڪيل لاش پيو هيو. لاش جي ڌپ، هاڻ ساڙي رهي هئي.

Friday, December 2, 2011

عالي جناب جو استقبال - منظور ڪوھيار


عالي جناب جو استقبال
 منظور ڪوھيار

شهر عجيب ٿرٿلي ۽ ڪهرام ۾ ورتل هيو. شهر جي سرڪردن ۽ نگهبانن جي ننڊ حرام ٿي چڪي هئي. آفيسر اڻ تڻ ۽ ڳڻتيءَ وچان بندش پيل شراب ڏوگهي رهيا هيا. چؤطرف افراتفري هئي ته خبر ناهي ڪم ڪيئن ٿيندو؟..... اڄ ملڪ جي عالي مرتبت جي آمد هئي. هر قسم جو اڳواٽ ئي اعلي انتظام ٿيل هيو. ٽي ڏيهاڙا سرڪاري ۽ خانگي، بسون ۽ ويگنون ٿاڻن تي جمع ڪرايون ويون هيون. سرڪاري ملازمن جون موڪلون رد ٿي چڪيون هيون. ايستائين جو اڄ سرڪاري طور تي، ڪنهن کي مرڻ جي اجازت به ڪو نه هئي. سڀني سرڪاري ملازمن کي اعلي عهديدارن طرفان پروانا ملي چڪا هيا ته پنهنجن سمورن نمڪ حرام ۽ نمڪ حلال ڪرندن سان اسٽيڊيم جي وسيع ميدان تي جمع ٿين. شهر جي خوشامندي ۽ برآمدي ماڻهن پنهنجن گوڏن کي تيل ۽ نڙين کي لوڻ جا گرڙا ڪرائي چڪا هيا. بي رحم ۽ سفاڪ مقامي سردار ۽ اڳواڻ پنهنجين ڪرڙين اکين ۾ مصنوعي چمڪ ۽ لبن تي معصوم مرڪ سجايون، آرام ڪرسين تي ٽيڪيل هيا. سندن اشارن تي، سندن جوءِ جي لاٺڙين، راڄ جي ماڻهن کي صبح کان اسٽيڊيم ۾ آڻي، واڙي ڇڏيو هيو. ٻهراڙين مان آيل ماڻھن بک ۽ بيزاريءَ مان بيٺي اهڙيون حرڪتون پئي ڪيون، جيڪي شهر جي تهذيب يافته ماڻهن کي ناگوار پئي لڳيون. شهري ماڻهو وقت ڪاٽڻ لاءِ گهمندڙ ڦرندڙ گهورڙين کان پڪوڙا ۽ پاپڙ وٺي گذارن ڪري رهي هيا. موٽ ۾ ٻهراڙيءَ جي مجبور ماڻهن کين حقارت سان پئي ڏٺو ۽ هڏي ڀت جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن لئوڻا پئي ڦيرايا. جلسي گاهه جو پنڊال خصوصي طور شهر جي چالاڪ ۽ حسين عورتن سان سجايو ويو هيو، جيڪي ذهني ۽ جسماني طور تي، معزز مهمانن جي استقبال لاءِ مخصوس صوفن تي آتيون ويٺيون هيون. بيشمار اڃايل، بکايل نظرون، سندن وارن جي چوٽين ۾ لڳل رنگين ڪانٽن کان وٺي چمڪندڙ سينڊلن جي چهنبيارين کڙين تائين، ڪنهن ڄئور جيان چهٽيل هيون.

دين جي ڀيڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

دين جي ڀيڻ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اڄ ھو، سنگيتا ۽ ممتاز جي گهر نه ٿو وڃي. کيس ضمير جي روڪ آهي. ڏانھُن ڏيھاڙي ويندڙ آهي. ممتاز سان ته حد کان وڌيڪ ڪچھريون ۽ روح رچنديون ڪندڙ آهي. ساڻس هوءَ به حد کان وڌيڪ آزاد ۽ پُراڻي آهي. اڄوڪو ڏينھن ئي، خراب موسم وارو ٿيو آهي.
انھيءَ ۾ ٻئي ڪنھن جو ڏوهه ناهي. جي آهي ته فقط سندس ئي ماحول جو آهي. هن وقت تائين، ممتاز جي طرفان ڪيئي نياپا آيا اٿس. تنھن هوندي به اوڏانھن نه ٿو وڃي. هونئن ته آنڌي مانجهي هجي، ٽڪي جو نياپو اچي، سندس سر اڏيءَ تي. دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي! مجال آهي جو نياپو اچي ۽ ماجد گيسر ڪري.

Thursday, December 1, 2011

ٽيون سبب - منظور ڪوھيار



ٽيون سبب
منظور ڪوھيار
اصلي سبب؟؟؟.....
مسب السباب کي معلوم، پر الحاج رئيس جان محمد جي خيال ۾، مدرسي جي اجڙڻ جا ٻه سبب ٿي پئي سگهيا . هڪ ته اهي اڳيان استاد نه رهيا، جن کي علم سان عشق هيو ۽ ٻيو نه وري اهي طالب جن کي علم سان محبت هئي. هاڻي هيا به ته استاد نانءَ جا، جن کي عالم ٿيڻ جو اشتياق گھٽ، رڳو مرڻو پرڻو کائيندڙ وڌي ويا ها. طالب به اڻ گهڙيا ڪاٺ ۽ کٽي کل وارا ڪي اوستي محمد ۽ ڳڙهي خيري جا ٻروچ ته ڪي خضدار جا بروهي. جن کي پڙهائڻ ائين هيو، جيئن ڪاري ڪلر ۾ ڪڻڪ پوکڻ.

ساڌُ - منظور ڪوھيار


ساڌُ
منظور ڪوھيار

دادن جي ٽڪريءَ تي، ڀنگ جو پيالو هڻي، ڪچيون گاريون ڏيندي ۽ وٺندي جڏهن جوا کيڏي رهيو هيو ته اوچتو نارو پئنچ ٻڌايس: ”ادا سوڍا! تيڏا ٻا مرتي گيلاهي.“ پيءَ جي مرڻ جو ٻڌي ، هٿ مان پتا ڇڏائي وڃي پٽ پيس، مٺ جيترا کٽيل روپئي روپئي جا مروڙيل سروڙيل نوٽ به کڻڻ وسري ويس. تيزيءَ سان ڪانهن جي ٺهيل اوڏڪن پکن ڏانهن ٻرانگهون هنيائين، سرڪي (پکي) ۾ گهڙيو ته ڀيڻس ۽ جوڻس، ٻين عورتن جي ڀاڪرن ۾ پار ڪڍي روئي رهيون هيون. پٽهنس رامن خوف وچان ڪرونڊڙو ٿيو سُسيو ويٺو هيو، مکي هرچند پئنچن سان گڏ ڪڇ ۾ ڪيسيري پٽڪو ڪيون بيٺو هيو. بتيءَ جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مکي ۽ پئنچن جون ٽانڊي جهڙيون اکيون ۽ ڪنن جون سونيون ڪيوٽيون پئي چمڪيون، ڪاوڙ ۾ مکيءَ جو هڪ هٿ وڌي اچي سندس پڳڙيءَ ۾ پيو. ”هائو ڙي سوڀا! تنهنجي ڪا ادا...! پٽهين ته ايترو به ناهي سکيو ته جنهن جا پيئر مردا آهن، اهي پڳا ناهن پائيندا.“ مکي سندس پڳڙي لاهي سرڪيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلي ۽ پوءِ پنهنهجي پڳ ان جي مٿان رکيائين. آهستي آهستي ڪنڊ ۾ پڳن، پوڳڙين ۽ انگوڇن جو ڍير لڳي ويو.

پــَتِ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پــَتِ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

عيد کي گذرئي، اڄ ٽيون ڏينھن آهي. شام جو حسين وقت، ڏينھن جهڙالو، بروهين جي لڏ، حاجي صادق جي اوطاق ڀيڙو ٿي آهي. لڏ لاهيندي ئي، همراه خوشيءَ ۾ جهمرين هڻڻ ۽ نچڻ ڳائڻ ۾ کُپي ويا آهن. ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. واٽ ويندا، بيھي کين ڏسي رهيا آهن.
جبل جا لاڏائو، غريب ۽ مسڪين، اونھاري ڌاري جبل مان نڪري، پتڻ پار ڪري، سانھرن جي مند ۾ هر سال هتي اچن. ٻنين ۾ سانھر ڏئي، پئسا ڪمائين ۽ وقت گذارين. ڪجهه هت کپائين، ڪجهه پاڇي ڪري، پوئتي لاءِ کڻي وڃن.
اڳئين سال، نئينءَ مان، هن جوءِ ۾ آيا هئا. پھريائين پکا حاجي صادق جي ڳوٺ جي ڀر ۾ هنيا هئائون. پوءِ اوس پاس جي جوءِ ۾ گهمندا ڪمائيندا، مھيني بعد واپس موٽي هليا ويا هئا.