Wednesday, November 16, 2011

ڀڙوو ڀيڻسان! - محمد علي مھر


ڀڙوو ڀيڻسان!
محمد علي مھر

عباس ڀائي پارڪ ۾ ٻاراڻي ريل گاڏيءَ جي جهنگلي وٽ ٺھيل، سيمينٽ جي دِڪيءَ تي ويھندي، هُن پنھنجي کيسي ۾ هٿ هڻي، اندر پيل ٽيھن روپين جي موجودگيءَ جي پڪ ڪئي.
سٺ روپئين زينب مارڪيٽ مان ورتل، ڪاٽن جي نقلي Levis واري شرٽ، پگهر ۾ شم ٿي وئي هئس ۽ ساڍا ٽي سال اڳ ورتل جينز به سٿرن وٽان ڪجهه آلي لڳي رهي هئس. اها جينز، سندس سٺن ڏينھن جي يادگار هئي ۽ يونيورسٽي جي فائنل ييئر ۾ آل پاڪستان ٽوئر مھل ورتي هئائين. تڏهن جي دستور موجب، اها جينز ٿوري ٽائيٽ ورتي هئائين پر هاڻي اها کيس چڱي لوز ٿي چڪي هئي.
پن ڇڻ جي مند اڃا پوري طرح وارد ڪانه ٿي هئي، پر موسم وڻندڙ ۽ جمعي جي ڏينھن هئڻ ڪري پارڪ ۾ چڱي رش هئي. کيس ڀوَ ورايو هيو ته انھيءَ گپا گيھه جي ڪري سندس کيسو نه ڪٽجي ويو هجي، پر اهو ڏسي کيس ڏاڍو اطمينان ٿيو هيو ته سندس آخري موڙي ٽيھه روپيا هٿيڪا هئا.

خميس جي شام تائين وٽس پنجاهه روپيا هئا، جيڪي پنھنجي محدود پگهار مان ڏاڍي مشڪل سان بچايا هئائين. سندس پڪو پروگرام هيو ته جمعي ڏينھن شام جو فلم ڏسندو ۽ ان کان پوءِ قاسم آباد جي شيخن واري هوٽل تي مرغي قورمو ۽ نان کائي، جي پئسا بچيا ۽ گنجائش نڪتي ته، پيپسي پي، بس تي چڙهي، اچي پنھنجي ٺڪاڻي ڪاري موريءَ ٺڪاءُ ڪندو. پر کيس کڻي ٿي کٽي سو جڏهن آفيس مان اُٿي پنڌ گهر ويندي چاندني سئنيما وٽ هڪ پراڻو يار مليس، جنھن کيس ڪيفي صلاح تي چانھه جي صلاح هنئي ۽ هن به کڻي هائوڪار ڪئي. نتيجو اهو نڪتو ته حضور شرميءَ ۾ هن جڏهن چانھه جا پئسا ڏيڻ چاهيا ته سندس دوست ڪُوڙي منھن به ڪونه جهليس ۽ کيس ويھه روپيا اتي جو اتي خون ڪرڻا پيا. انھيءَ ڏينھن گهر ويندي هن دل ئي دل ۾ ان دوست کي ڏاڍيون گاريون ڏنيون هيون.
جمعي ڏينھن صبح جو اٿي هن پنھنجي Choice تي غور ڪيو. وٽس ٻه Options هئا. يا فلم ڏسجي ۽ لٻو ٿٻو کائي گذر ڪجي، يا وري چڱي ماني کائجي ۽ فلم کي Postpone ڪجي. هن فورًا فلم وارو Option ڊراپ ڪيو.
عباس ڀائي پارڪ تائين هن پئسا بچائڻ لاءِ Walk ڪئي هئي. ڪاري موريءَ کان عباس ڀائي پارڪ تائين پھچڻ ۾ کيس پورو مُنو ڪلاڪ لڳو هيو. هن منجهند جي ماني ۽ صبح جي ناشتي کي گڏي اٽڪل اڍائي وڳي چانھه ۽ ٽن پاپن سان Brunch ڪئي هئي ۽ شايد انھيءَ ڪري کيس هلڪو هلڪو ڪمزوريءَ جو احساس به ٿي رهيو هيو. چوڪ کان پارڪ تائين، هوا سندس مخالف رخ تي هئي ۽ هن هڪ ٻه دفعا سوچيو هيو ته ڪنھن بس يا سوزوڪيءَ کي هٿ ڏيئي بيھارجي پر ان جو مطلب هو ٻن ٽن روپين جو زيان، جيڪو هن جي Plans کي Upset ڪري سگهيو ٿي، سو هو دل تي پٿر رکي هلندو رهيو هيو.
ڪاوڙ کيس تڏهن لڳي هئي، جڏهن سندس ڀرسان يونيورسٽيءَ دور جو، ھڪ ڪلاس فيلو سرڪاري Chauffer Driven گاڏيءَ ۾ لنگهيو هيو. هن انھيءَ اميد تي هٿ کڻي کيس Wish ڪيو هيو ته من هو اخلاقًا کيس Ride Offer ڪري پر هُن ته هِن ڏانھن ڏٺو به ڪونه ۽ زوڪٽ ڪندو ڌوڙ اڏاريندو لنگھي ويو هيو.
“ڀڙوو ڀيڻسان! ڪاش مون وٽ هڪڙي ڪلاشنڪوف هجي!” کيس باهه وڪوڙي وئي هئي ۽ هن سوچيو؛ “مان اڄ سڀني سفارشين کي ڊاهي پورو ڪري ڇڏيان.”
هو کانئس قابليت ۽ اهليت ۾ تمام گهٽ هيو، پر!....! پوءِ کيس اوچتو کل اچي وئي. ڇو جو اهو ڪلاس فيلو، ڪلاس ۾ ايڏو ته غير اهم هيو جو هن جو گروپ جيڪو Intelligent & Active ڇوڪرن تي ٻڌل هيو، سو اهڙن Back Benchers سان ڳالھائڻ به پسند نه ڪندو هيو ۽ اڄ جڏهن هو پنھنجي ڪنھن چاچي مامي، سوٽ ماسات جي ڪري ڪنھن چڱي نوڪريءَ سان لڳو آهي ته هن کي به پورو Right آهي، ته هو به کيس Ignore ڪري.
جڏهن هو مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هيو ته سندس محنت ۽ ذهانت کي ڏسي ڪري ڇوڪرن کي پڪ هوندي هئي ته هو نڪرندي ئي ڪٿي نه ڪٿي SDO ضرور لڳندو. تڏهن ڪجهه ڇوڪرا مٿانئس کِلندا به هئا. “بادشاهه ايڏي محنت نه ڪر، نوڪري توکي به اسان کان چڱي نه ملندي.”
کيس پنھنجي ذهانت تي پورو Confidence  هيو. مارايو به کيس انھيءَ پنھنجي پاڻ تي Confidence ئي. جڏهن کيس بيروزگار ڏسي مائٽن مٽن ڀڄ ڊڪ ڪري سب-انجنيئري جو Order وٺي ڏنس ته هن آسمان کڻي مٿي تي کنيو هيو؛ “مان اها يارهين گريڊ جي نوڪري ڪندس ڇا؟!” هن اها نوڪري ڏاڍي حقارت سان Turn Down ڪري (ٿـُڏي) ڇڏي هئي.
پوءِ قدرت سندس قسمت تي اهڙي دانگي ڦيري هئي، جو حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به پنھنجا ماڻھو آڻي ويھاريا. ٻيون نوڪريون ته هونئن ئي لڪ ڇپ ۾ وزيرن مشيرن جي ماڻھن کي ملي رهيون هيون، هاڻي ڪميشن وارين نوڪرين ۾ به M.N.A, M.P.A, Senators جي ڪوٽا مقرر ٿي وئي ۽ اهڙي نموني ڄڻ سندس قسمت کي به ٻنجو اچي ويو هيو.
هو جينز ڇنڊي اٿيو. سندس شرٽ سڪي وئي هئي، پر جينئر اڃا آلي هئي. هن گهڙيءَ تي نظر وڌي. سندس ڊجيٽل واچ ۾ اٽڪل پوڻا اٺ ٿيا هئا. سوچيائين ته جيڪڏهن هو عيدگاهه وارو رستو وٺي قاسم آباد وڃي ته اتي پھچي سوائين يا ساڍي اٺين نائين ماني کائي واندو ٿي سگهي ٿو ۽ کيس هالا ناڪي واري بس آرام سان ملي سگهي ٿي. پارڪ مان نڪري عيد گاهه واري ڍڪيل ڪاريڊور مان گذرندي هن عادتًا اُن جي Construction تي تنقيدي نگاهه وڌي. هيٺ فرش تي ٿوري ٿوري فاصلي تي گل ٺھيل هئا، جن جون پتيون هڪ ٻئي ڏانھن مڙي رهيون هيون.
هن سوچيو ته جيڪڏهن انھن گلن ۾ چئن جي جاءِ تي ٽي پتيون هجن ها ته گل اڃا سھڻو لڳي ها. هن وري گلن کي چتائي ڏٺو. گلن ۾ ٽي ئي پتيون هيون. هن کي وري کل اچي وئي ته Weakness جي ڪري سندسSense of Observation به ڪمزور ٿي ويو هيو. ڏوهه Construction جو ڪونه هيو، کيس نظر ئي ڌنڌلو اچي رهيو هو. “صرف پنجن منٽن کانپوءِ بھترين دلپسند ماني!” هن پنھنجي دل کي آٿت ڏني.
اهڙي ماني کيس گهڻي عرصي کانپوءِ نصيب ٿيڻي هئي. يونيورسٽي ميس ۾، هفتي ۾ چار ڏينھن گوشت ۽ ٻه ڏينھن مرغي يا مڇي کائيندي کائيندي چانھه پاپن تائين پھچڻ ۾ کيس ويرم ئي ڪانه لڳي هئي. تنھن دور ۾ کيس ڳوٺان هر مھيني ٻڌا پئسا ملندا هئا ته هو سوچيندو هيو ته سدائين اها ئي موسمِ بھار رهندي.
يونيورسٽيءَ مان نڪرندي ئي وٺ وٺان پئجي وئي هئي. ڪن کي اسڪالرشپون مليون، ڪي وڃي ليڪچرار ٿيا. ڪن وڃي هڻي ماري هلڪي سلڪي سب-انجنيئري هٿ ڪئي. سڀ کان خوش قسمت اهي نڪتا جن جا چاچا ماما بيٺل هئا. انھن مان ڪي سفارشن جي زور تي ته ڪي قائدِ اعظم جي مھربانيءَ سان وڃي AEN  ۽ SDO لڳا.
کيس اسڪالرشپ يا ليڪچراريءَ جو شوق هيو ڪونه. نه ئي وري ڪا وڏن جي رهائي رسائي هيس جو سترهين گريڊ جي نوڪري وٺي ڏينس. هنن ويچارن به وس آهر ڪوشش ڪري سب-انجنيئري وٺي ڏنس، جيڪا صاحب کي وڻي ڪانه. هاڻي ته اها سب-انجنيئري به ڪانه هئي.
هن خواب تمام وڏا ڏٺا هئا، پر ٻه ٽي سال گهر ويٺو ته سڀ سپنا Shatter ٿي ويس. نالائق ۽ نااهل ڇورا سفارشن ۽ پئسي جي بنياد تي وڃي الائي ڪٿي کان ڪٿي نڪتا. “ڀڙوا ڀيڻسان، سفارشي!” هو پنھنجي منھن ڀڻڪيو.
تڏهن کيس جلد ئي احساس ٿي ويو هيو؛ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ته سولو آهي، هڏ ٽوڙي بيروزگار ٿي گهر ويھڻ، پھاڙ ڪٽڻ کان گهٽ ناهي. مائٽ کيس ڪجهه وقت ته گهر ويھاري دلاسو ۽ ماني ڏيندا رهيا پر ڪجهه عرصي کان پوءِ دلاسو گم ٿي ويو، صرف ماني رهجي وئي.
پوءِ جڏهن هن Realize ڪيو ته مانيءَ سان سب-انجنيئري نه ڪرڻ جا طعنا سلاد وانگر گڏ اچي رهيا آهن ته هن هڪ ڏينھن چپ چپات، يونيورسٽيءَ واري ڏينھن واري بيگ ۾ ڪپڙا وجهي اچي حيدرآباد ۾ هڪڙي دوست جي فليٽ تي ٺڪاءُ ڪيو، جيڪو پبلڪ هيلٿ ۾ سب-انجنيئر هيو، ۽ هڪ ڪمري جي فليٽ ۾ هڪڙي ٻئي پارٽنر سان گڏجي رهندو هيو.
پوءِ کيس دوستن جي مھربانيءَ سان نوڪري به ملي وئي، توڙي پرائيويٽ ئي سھي. سندس عھدو هيو Construction Engineer جو پنھنجين نين درخواستن موڪلڻ مھل هو جڏهن پنھنجي  Resumeاندر جڏھن Designation جي سامھون، ڪنسٽرڪشن انجنيئر لکندو هيو ته کيس لڄ ايندي هئي. ڇاڪاڻ ته کيس ۽ سندس دوستن کي ڄاڻ هئي ته سندس ڪاٺياواڙي بلڊر سيٺ، کانئس Draughtsman جو ڪم وٺندو هو ۽ ساڍن ٽن هزارن جي ووچر تي صحيح وٺي کيس ارڙهن سؤ ڏيندو هيو. کيس پورو مھينو انھن ارڙهن سؤ روپين ۾ ڪڍڻو هوندو هيو.
نوڪري ملئي کيس ٻيو يا ٽيون ڏينھن ٿيو هوندو ته سندس دوست جنھن جي فليٽ ۾ رهيل هو، سائيڊ تي وٺي ويو هيس.
“چوندي ٻڏڻ ٿو اچي!” دوست چيس۾ “پر مون وارو روم-ميٺ چئي ٿو ته توکان به ڪرايو وٺجي ته جيڪر ٽنھي تي بار جهڪو ٿي ويندو. هونئن ته اسان پنج پنج سؤ ڪڍندا آهيون، تون ڏيندين ته هرهڪ تي ٽي سؤ ٽيھه روپيا پئجي ويندا. تون کڻي ڇڙا ٽي سؤ ڏجانءِ!”
هن ٽيھن روپين جو ٿورو نه قبوليو هيو ۽ ٽي سؤ ٽيھه روپيا ۽ بجليءَ ۽ گيس ملائي تقريبًا چار سؤ روپيا ڪرائي ۾ ڏيندو رهيو. ماني هرڪو پنھنجي منھن وڃي کائيندو هو. اهڙين حالتن ۾ سندس گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيندو هو. ڏهه ويھه روپيا بچائڻ به ڏاڍا ڏکيا هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ لنگهڻ به ڪڍڻا پوندا هئس.
هن دفعي البت موڪلون ڪجهه اهڙيون پئجي ويون هيون، جو تقريبًا هفتو کن ساندهه موڪل ملي ويس ۽ جڏهن هفتو کن ڳوٺ گذاري موٽيو ته مھيني جي آخري ڏينھن ۾ سندس کيسي ۾ وڃي اهي ٽيھه روپيه بچيا هئا ۽ هاڻي کيس ڪرڻي هئي، مڪمل عياشي. ڇنڇر ڏينھن کيس نئين مھيني جي پگهار ملندي ۽ ساڳيا ٽڪر ساڳ سان.
نيشنل هاءِ وي تي گاڏين جون هيڊ لائيٽون ٻري چڪيون هيون ۽ ٻنھي پاسي جي ٽريفڪ تيزيءَ سان لنگهي رهي هئي. هن روڊ ٿورو خالي ٿيندي ئي اڳتي ڊڪ وڌي. روڊ ڪراس ڪندي جڏهن هو ٻئي ڀر تي پھتو ته هڪڙي گاڏي سامھون کان سندس طرف تيزيءَ سان آئي، ڪجهه هن اڳي ڊڪ وڌي ڪجهه ڊرائيور بريڪ هنيا ۽ بچ بچاءُ ٿي ويو.
گاڏي سرڪاري هئي ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ڪنھن سرڪاري ڪاموري جي تيرهن چوڏهن سالن جي ڇوڪري کي ويٺل ڏسي، فرسٽريشن مان بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويس.
“ڀڙوو ڀيڻسان” هن خبر ناهي ڇوڪري کي يا پڻس کي پنھنجي Favorite گار ڏني. هتي اهل ماڻھن کي نوڪريون نه ٿيون ملن، هُتي ڪامورن جا ڇورا عياشيون ٿا ڪندا وتن.”
روڊ جي ٻئي پاسي هوٽل ۾ رونق لڳي پئي هئي. هن آرام سان رستو ڪراس ڪيو. ٻاهر واريون سڀ ٽيبلون ڀريل هيون. هو اندر هليو ويو. هڪ ميز تي پکي جي هيٺان واريءَ ٽيبل تي هڪ همراه، هڪ مائيءَ ۽ ٻن ٻارن سان ويٺل هيو. سندس اڳيان تِڪا پيا هئا، جن کي هو Pepsi سان گڏ کائي رهيا هئا. تِڪا ڏسي سندس بک چمڪي اٿي ۽ کيس پيٽ ۾ چڪ پوڻ لڳا.
“صبر! وڏا صبر!!” هن پنھنجي پيٽ کي آٿت ڏني.
کيس وهندو ڏسي، بيري مٿانئس لڳل پکو هلايو. ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل ۽ گلاس ميز تي رکي، مٿس آلو ڪپڙو هڻڻ لڳو.
“ڇا کڻي اچان سائين؟” بيري پڇيس.
هن ڏاڍي اطمينان سان کيس چوڻ چاهيو؛ “چڪن قورمو ۽ ٻه نان، ٻيو ڇا؟” ايتري دير ۾ لاشعوري طور تي، سندس هٿ، سندس جينز جي کيسي ۾ ھليو ويو. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ سندس کيسو خالي هجي. کانئس ڇرڪ نڪري ويو. هٿ ٻاهر ڪڍي ڏٺائين، خالي هيو. وري کيسي ۾ ڏڪندڙ دل سان هٿ وڌائين پر پارڪ کان هوٽل تائين پھچندي ڪو شاهينگ پنھنجي هٿ جي صفائيءَ جو مظاهرو ڪري چڪو هيو.
هٿ کيسي مان ڪڍي، ٿڌي بوتل مان گلاس پاڻيءَ جو ڀري پيتائين ۽ اٿي کڙو ٿيو. اٿندي کيس ڪمزوريءَ جي ڪري هلڪو ٿاٻو آيو ۽ ميز لڏي ته پاڻيءَ جي بوتل ميز تي ڪِري پئي پر ان کان اڳ ۾ جو هيٺ ڪِري پئي، بيري بوتل کي پڪڙي ورتو.
هن هوٽل مان نڪرندي، ميز تي هاريل پاڻيءَ کي ڪپڙي سان اگهندڙ بيري جا لفظ چٽيءَ طرح ٻڌا هئا، جنھن آهستي چيو هو؛ “ڀڙوو ڀيڻسان”.

1 comment:

  1. interesting blog. It would be great if you can provide more details about it. Thanks you



    فرش سفارشی

    ReplyDelete