Wednesday, November 16, 2011

جڏهن بـُت ئي چوي ڪافر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جڏهن بـُت ئي چوي ڪافر
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پڪيءَ ننڊ مان ڄڻ ڪنھن پٽي اٿاريو. ذهن تي اڃان پڪيءَ ننڊ جا خُمار ئي هئا ته ڪنن تي ٺڪ ٺڪ جا وڏا ۽ مسلسل آواز اچي رهيا هئا. هِڪُ صبح جي پياري ننڊ، جنھن مان اٿڻ لاءِ چئجي ته ڀلي جھاز نڪري وڃي پر رات جي پوئين پھر جي ننڊ نه وڃي. مٿان سيءُ به خاشو، سو سوڙ مان ڪير نڪري؟ هيءَ وري اڄ اوچتو ڪنھن جي ڦٽي آهي جو صبح مردان سان، نه الله نه رسول، اچي دروازي کي سٽ سٽان لاتي اٿائين؟! ٽپ ڏيئي سوڙ پري ڪيم. سياري جي رات، صبح جي ٿڌ جو وقت، وري ڪمھلو ڀڇڙن آوازن سان اٿارڻ! ڏاڍي خار آئي.
ننڊ مان ته جيئن تيئن اٿيس، پر چپل جو هڪ پادر پير ۾ لڳو ته ٻيو لڳو ئي نه. ان کي ڳولڻ لاءِ واندي پير کي فرش تي گهمائڻ لڳس. هوڏانھن لوھي دروازي تي مسلسل ٺڪ ٺڪ لڳي پئي هئي. ڄڻ ته گاڏي ڇٽي ويندي هجيس. آواز به ٿڌ ۾ ويران وير وڌ، پئي محسوس ٿيو. پر هن بيگاهه وقت، ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جمع جو ڏينھن هرڪو نوڪريءَ وارو، سڄو هفتو نوڪري ڪري وڃي جمعي سندي ڏينھن ٻچن ۾ ٿانيڪو ٿيو. مان ئي هڪ چنڊو آهيان جو جھڙو هتي تھڙو ڳوٺ، سو رهيو پيو آهيان. هيءَ وري ڪھڙي هچا اچي مٿان پئي آهي؟ دليل ڊوڙايم ته ٿي سگهي ٿو، متان علي بخش ٽريسر هجي، ۽ ڪا ايسٽيميٽ وغيره، چيف انجنيئر صاحب جي آفيس ۾، حيدرآباد پھچائڻ لاءِ ويو هجي ۽ وري رات جو ئي خٽڪ ايڪسپريس ۾ موٽ ڪئي هجائين. هن وقت ٿڌ جي ڪري، پليٽ فارم تي وقت ٽپائڻ کان، اسان وٽ آرام ڪرڻ بھتر سمجهيو هوندائين ۽ سمجهيو هوندائين ته، مان اڄ اڪيلو ئي ترسيل هوندس. ڇو نه اتي سج چڙهئي تائين آرام ڪري، ڊاڙو ٺڪاءُ هڻي، پوءِ ڳوٺ هليو وڃجي.


چپل ته لڌي، پر وري رات جو مٿي سان ٻڌي سمھڻ واري ڍري ٿيل پوتڙي تنگ ڪيو. خار ۾ ان کي ڳچيءَ مان ڪڍي هنڌ تي اڇليم. تڪڙ ۾ ڪمري کان ورانڊي ۾ آيم. ورانڊي کان اڱڻ ۾. اڱڻ ٽپي جڏهن اوطاق واري ڪمري جي  ڀرسان لنگهي در وٽ پھتم ته ٻاهرئين دروازي کي لڳل تالي کي ڏسي ويتر چڙ وٺي وئي. چاٻي کڻڻ لاءِ، وري ڪمري ڏي ڏڪ ڏڪ ڪندو موٽيم. انھيءَ اپرانڌ، در تي ٿوري ٺاپر ٿي.
وري سوچڻ لڳس ته ڪير ٿي سگهي ٿو؟ هن مسواڙ جي جاءِ ۾ اسان ٻه ڄڻا رهندا آهيون؛ مان ۽ اسد. ٻئي ساڳئي کاتي ۾ ملازم آهيون. جاءِ کي ڪمرا، سمھڻ لاءِ به ٻه آهن. جن مان اڳئين ڪمري ۾ مان سمھندو آهيان ۽ پوئين ۾ اسد. پوئين ڪمري کي مٿي چڙهڻ لاءِ پاسي ۾ ڏاڪڻ آهي. ڏاڪڻ جو ٻيو دروازو، جاءِ جي بلڪل پٺ ۾ پوئينءَ ويران گهٽيءَ ۾ کلندو آهي. اڳئين ڪمري جو دروازو ورانڊي ۾ کلندو آهي. ان کانپوءِ اڱڻ آهي ۽ ان جي اڳيان نلڪو، ڪاڪوس ۽ ڪنھن آئي وئي مھمان لاءِ اوطاق جو ڪمرو آهي. جيڪو اسان گهڻو ڪري ڇڙهي هجڻ جي ڪري، ڪتب ئي نه آڻيندا آهيون. انھن سڀني جي ڀر ۾ بچيل باقي چيوٽ مان لنگهي ٻاهرئين دروازي تي پھچبو آهي. جيڪو اڳينءَ گهٽيءَ ۾ کلندو آهي. اها آهي اسان جي مسواڙ تي ورتل، ريل جي دٻي نما جاءِ ۽ ان جو نقشو.
چاٻي کڻي، جڏهن اڳئين دروازي تي پھتم ته پوئين ڪمري جي لوهي دري، وڏيءَ بڊانگ بڊانگ سان وڄڻ لڳي. ڪجهه خار ۾، ڪجهه تڪڙ ۾ وڃي تالو لاٿم. خبر ئي نه پئي پئي، ته دروازي کڙڪائڻ واري کي ڪھڙي هچا پٺيان پئي آهي جو اچي باهه ٻاري ڏني اٿائين. تالو لاهي ٻاهر ٽپيم. اسانجي جاءِ جي ساڄي پاسي وارو پلاٽ خالي پيل آهي. ان ۾ مالڪ صرف ڊي. پي. سي وجهرائي ۽ ڀراءُ ڪرائي ڇڏيو آ. دروازي کڙڪائڻ واري، ان سھولت مان فائدو وٺندي، ڊڪي وڃي پوئين دري وڄائڻ شروع ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ان سمجهيو هجي ته اندر ستل، شايد پوئين ڪمري ۾ ستل هئڻ ڪري، اڳئين دروازي جي ڊڙام ڊڙام نه ٿو ٻڌي، تنھن ڪري عقل ڊوڙائي وڃي ڳالهه جو ڳاٽو جهليو هجائين. ان مان اهو به اندازو ٿيو پئي ته در کڙڪائيندڙ، جاءِ ۾ ايندڙ ويندڙ آهي ۽ کيس جاءِ جي اندرئين توڙي، ٻاهرئين نقشي جي پوري پوري خبر آهي.
جيئن ئي خالي پيل پلاٽ ڏانھن وڌيم ته ڪنڊ تان ئي ان تي نظر پَئي. کڙڪائڻ وارو به لوهي دروازي جي کلڻ جو آواز ٻڌي دري کڙڪائڻ ڇڏي، مون ڏانھن واچ مينھن ڪندو اچي پھتو. سندس انھيءَ کنوڻ وانگر اچڻ تي ٿورو ششدر به ٿيس ته يا الاهي خير، ڪا چڱي خبر هجي، ذهن تي زور لاتم ته همراهه جا مھانڊا ڏٺل لڳا. روز گهٽين ۾ سامھون ايندڙ ويندڙ ۽ انوکي چال وارو ماڻھو ڪير نه سڃاڻندو؟ ڪانءَ کي ته هرڪو سڃاڻي. ها ياد اچي ويو، هي ته “ممتاز” عرف ممتو کدڙو آهي. ان جي پويان اڇي برقعي ۾ ڪا ضائفان ڀاڄ ڪندي آئي. اهو منظر ڏسي ته دل ئي جلي وئي. پاڙي ۾ اڃا ساک پت ئي نه ڪئي آهي. هڪڙو رهون ٿا ٻئي ڇڙا ڇانڊ. ان تي به گهڻن ئي پاڙي وارن اعتراض ڪيو هئو ته ڇڙن کي جاءِ مسواڙ تي نه ڏيو. گيھٽن سان جاءِ ملي آهي ته مٿان وري هيءَ کشٽ!. جي پئي پاڙي وارن کي خبر ته صبح سان اسان جا ٽپڙ ئي ٽيشڻ تي .
هيءَ به شابس هجي حاجي علي گل صاحب کي، جنھن اسان کي ڪنھن دوست جي چوڻ تي، هيءَ جاءِ سال کن اڳ، مسواڙ تي وٺرائي ڏني هئي. ان جو مطلب اهو ناهي ته ان کي ۽ پاڻ کي بدنا ڪيون. ان سان گڏ اها به ڳالهه دل ۾ آئي ته، ڪڏهن به صبح جو نرم نرم هنڌ ڇڏي، الله ۽ رسول کي نه ساريو آهي. ۽ اڄ جڏهن زندگيءَ ۾ پھريون دفعو صبح جو سوير اٿي ڪو ڪم ڪرڻ جوموقعو مليو آهي، سو به اهڙو جيڪو الله ۽ رسول جي يادگيريءَ تي مقدم نه ٿو رکي سگهي. ان مان هرگز اهو مطلب نه ٿيو ته مان ڪو مسيت جوڪک آهيان. هونئن به اهو ڪم صبح سان اٿڻ مھل اصولِ طب جي خلاف آهي. ان کان علاوه ڏينھن شينھن آهي. هرڪو اٿندو ۽ “نن” کي منھنجي گهران نڪرندي ڏسندو ته “هنن” جي سڄيءَ رات جو ڪيل گناهه به منھنجي کنڌي ۾ لکندو. ان کان علاوه مان ناتجربيڪار ماڻھو آهيان. سڃو به ڍؤ تي آهيان. اهي ڪم پيسن تي اڪلندا آهن. ائين نه ٿئي جو ڪم نه ڪم جھڙو بليڪ ميل ڪري الائي ڇا دنبڙ ٻڌن. تنھن ڪري ڏئينس انھيءَ ڳالهه کي ئي باهه .
“ڇا هي؟” بڇڙي ٻوٿ سان رهڙ ڏئي پڇيومانس.
“سٽڪو پٽينس!” پٺيان تاجل گهوڙيءَ وانگر آيل رن ڏانھن، اشارو ڪندي چيائين.
“هل ڙي گڏهه جا پٽ! ڀيڻان صبح سان نه الله نه رسول، پڻھين جو هن کي سٽڪو پٺيان. نڪر ته هڻانءِ نه جوتا.” ڏاڍيءَ خار مان دٻڙاٽ ڏنومانس.
“ڀلا حاجي صاحب آهي؟” ڦڪي مرڪ چپن تي آڻيندي عرض ڪيائين.
“ڪھڙو ڙي! پڻھين حاجي صاحب؟”
“حاجي علي گل صاحب”
حاجي علي گل جو گهر، اسان جي گهر کان هڪ گهر ڇڏي پوءِ هيو.
“اڙي! هيءَ گهر اٿس؟ تو کي خبر ناهي ته حاجي صاحب جو گهر ڪھڙو آهي؟” ويتر چڙ مان جواب ڏنومانس.
ان تي ساڻس جيڪا رن هئي، انھيءَ سس پس ڪيس ۽ الله ايمان ڏنن جو ايتري ۾ ئي خير ٿي ويو. جيڏانھن جا هيا تيڏانھن هليا ويا. دروازو بند ڪري موٽي اچي بستري ۾ ڪريس. پر هن ماجرا ننڊ ئي ڦٽائي ڇڏي. خاص ڪري، حاجي صاحب جي معززائپ جو ته ڀانڊو ئي کلي پيو.
حاجي صاحب لاءِ پڇا ڪرڻ مان، اهو ئي اندازو لڳي پئي سگهيو ته، حاجي صاحب سان هنن جو اٿا ويٺي ۽ اچ وڃ جو گهڻي وقت کان رستو آهي. حاجي صاحب ڪڏهن ڪڏھن اسان کان “ڳوٺان مھمان ٿا اچن” چئي، ڄاٻي به وٺندو آهي. پنھنجي گهر ۽ اوطاق جي ڪمري هوندي جو حاجي صاحب، مھمانن لاءِ اسان کان چاٻي وٺندو آهي ته، انھيءَ مان اهو ئي شڪ ڪري سگهجي ٿو ته حاجي صاحب جي “ڳوٺ جا مھمان” اهي ئي هوندا. جن کي حاجي صاحب نويڪلائيءَ واري جاءِ ۾ ويھاري کاريو آهي. پر اها ڳالهه وڌيڪ منجهائيندڙ هئي جو ممتو ڇوٽ ۾ مونکي دعوت گناهه سڌي ڏني. پوءِ حاجي صاحب لاءِ پڇيائين.
هونئن به حاجي صاحب، صوم و صلواة ته ڇا، سال ۾ وضوءَ کي به ويجهو نه ڏٺو اٿئون. مڙيئي زميندارڪو ٻار هئو، پئسو جام هئس. ڪاڏي ڪن؟ سو سير سپاٽي جي لحاظ کان، ننڍي هوندي سعودي به گهمي آيو ۽ حج جي سعادت به حاصل ڪيون آيو. هتي شھر ۾ ڪو خاص ڌنڌو به ڪونھيس. نه ئي پاڙي جو ڪو چڱو مڙس آهي. رڳو اها جاءِ اٿس جنھن ۾ هاڻي ٻارن سان پاڻ رهي ٿو. جڏهن ملڪ ۾ امن و امان هئو، تڏهن ڇڙو رهندو هئو. ڌاڙن جي ڪري جيڪا شھر ڏانھن لڏ پلاڻ ٿي آهي ته پاڻ به سگهرو رهڻ شروع ڪيو اٿائين. زمينن جي سنڀال سڙي ڪڙمي ڪاروا ۽ ڪمدار پيا ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هيءُ به مينھاڻي ريجاڻي ڪرڻ ويندو اٿن، نه ته الا الا خير صلى.
جيڪو به فصل لھيس. هر بنجهر، ٻج ڀت، ڍل ۽ هارپ جو حساب چڪتو ڪري، باقي روڪڙ بئنڪ ۾. پوءِ ڪڪڙ آنو بونڊ ۾، سارو لوڪ گواهه. هڪ حاجي صاحب، ٻيو وڏيرڪو ٻار، ٽيون رهي شھر ۾، پيسو به اڻ-ميو ۽ پڇا به نه. هڪ زال ٻھير ٻيو سمھي ولھه تي. خير! . ....
بھرحال پريشاني ورائي وئي. هڪ جواني، ٻيو اڪيلائپ. ذهن تي هن جا لفظ ۽ انھن مان ڌڳندڙ شھوت جو غلبو ڇانئجڻ لڳو. ننڊ ته ڄڻ موڪلائي وئي. جمعي جو ڏينھن سرڪار به موڪل ڪري ته “آرام” ڪري، سڄي هفتي جو ٿڪ ڀڃون. سو به انھن ڳڻتين ۾ حرام ٿي وڃي ته باقي ڇا بچيو؟ سڄو ڏينھن “آرام” کان سواءِ ڪيئن گذرندو؟ سدائين جمعو ننڊ ۾ گذري. اڄ ته اها ننڊ به ڄڻ ڪير کسي ويو. پاسو ورائيندي سوڙ جو پلاند ٿورو هٽيو، ته جسم کي ٿڌو ٿڌو سيءُ لڳو. انھيءَ جي بچاءَ کان ته پاڻ کي سوڙ ۾ ڪرينڊڙو ڪري ويڙهيم، پر سيني ۾  بيقراري هئڻ ڪري، جيڪا ننڊ ڦٽي هئي تنھن کان ڇا ڪيان؟ هنڌ ۾ لڇڻ لڳس. اجايو واپس ڪيومان. گهڙيءَ سوا جي ته ڳالهه هئي. انھن جو به ڪم ٿئي ها، مان به پاڻيءَ کان ٻاهر اڇليل مڇيءَ وانگر کرڙيون نه هڻان ها. هاڻي ڇا ڪجي؟ هڪڙو وهاڻو مٿي کان هئو ۽ ٻيو پاسي ۾. پاسي واري وهاڻي ۾ ٻک پئجي ويو. تصور ۾ ڄڻ بروڪ شيلڊ کي ڀاڪر پئجي ويو. وهاڻو ويچارو سڄو ڀيڪوڙجي ويو. ڄڻ لڇندڙ مڇيءَ کي پاڻيءَ جي دٻي جو سھارو مليو ۽ مونکي قرار جي ننڊ اچي وئي.
ان مھل ته ننڊ اچي وئي، پر ڏينھن سڄو فڪرات ۾ گذريو. حاجي صاحب جا به اهي ڌنڌا آهن؟! جي حاجين جا به اهي ڌنڌا آهن ته پوءِ اسان ڪھڙو کوتيءَ کي هٿ لاتو آهي. نه! بھرحال حاجي صاحب کي ائين ڪرڻ نه کپي. حاجي صاحب کي ڇا ڪرڻ کپي، ڇا نه ڪرڻ کپي، تنھن ۾ منھنجو ڇا؟ قاضي ڄاڻي، قاضيءَ جي قيام ڄاڻي.
ٻن ٽن ڏينھن کانپوءِ، حاجي صاحب اسان جي جاءِ تي آيو. ڪچھري ڪندي، پاڻ ئي اها ڳالهه سوريائين:
“يار! اڪبر صاحب! تون اسان جي مھمانن کي عزت ئي نه ٿو ڏئين، اسان جي تو ۾ وڏي اميد هئي”.
مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ حاجي صاحب مسواڙ واريءَ جاءِ جي ضمانت منسوخ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو هجي.
“حاجي صاحب! تنھنجا وري ڪھڙا مھمان آهن، جن کي قرب تعظيم اسان وٽان نه مليو آهي؟”
“بس سائين! زور ماڻھو آهيو، توهان کي ڇا چئجي؟”
“نيٺ! خبر ته پئي، تنھنجي ڪھڙي مھمان سان اسان چڱو نه هليا آهيون؟”
“بس هاڻي يار بس، پڪائي ڇڏ. ممتو تو وٽ جمعي جي رات ڪو داڻو ڦاسائي آيو هئو. تو انھن کي پاڻيءَ جي به صلاح نه ڪئي. جڏهن ته توکان منھنجو به پڇيو هئائون”.
“حاجي صاحب! يار ٽائيم ئي اهڙي تي آيا هئا، جيڪو موزون نه هئو”.
“پوءِ يار! ايڏا بيعزتا ته نه هئا جو ائين ڌڪا ڏيئي ڪڍيني. تو ۾ ضرور اميد سمجهي آيا هوندا”.
“يار حاجي صاحب! ڳالهه ته ٻڌ! در اصل مونکي انھيءَ ڌنڌي جي ڪا به خبر ناهي. مان صرف انھيءَ ڳالهه کان لھرائي ويس ته مون وٽ نه پئسا هيا ۽ نه مون وٽ ڪو ڳالھائڻ جو ڏانءُ هيو”. حاجي صاحب جي ڏکاري ٿيڻ ڪري، ڳالهه کي کڻڻ جي ڪوشش ڪيم.
“يار! پئسن جي ڪا ڳالهه ئي نه هوندي آهي. منھنجو نالو کنيائون، اهو ڪافي هئو. هونئن به ڇا هي ته اهي ماڻھو جاتي نائيٽ ڪندا آهن. اتان رات جي پوئين پھر ۾ ڌِڪجي نڪرندا آهن. ڇو جو هر ڪو “شريف” ماڻھو رات جي پيٽ ۾ واردات ئي ڊاهي ڇڏيندو آهي. سو هاڻي صبح تائين، هيءُ ڪيڏانھن وڃن. تنھن ڪري چيائون ته ٺھيو، جيستائين صبح جون بسون ۽ رڪشائون شروع ٿين، تيستائين ڪٿي پناهه وٺجي. جيڪڏهن انھيءَ مھل گهر وڃن ها ته، رڪشن نه هجڻ ڪري، پنڌ وڃڻو پوين ها. پوءِ اهڙي آويلي ٽائيم تي جي چوڪيدار يا سپاهي پڪڙين ها ته، يا ڪرائين ها سج ڏي مھڙ يا ڪرين ها مفت ۾ ڏينھن. تنھن ڪري ڪنھن ڇڙهي ڇانڊ جي گهر جو دروازو کڙڪائڻ سان “پناهه جي پناهه” به ملين ها ۽ “ڪمائي جي ڪمائي” به ٿئين ها.
“سو ان لاءِ واندو به مان نظر آيو مانِ؟”
“نه، ائين به ٿي سگهي ٿو ته سڄي رات، “ٿاڪن” يا “اڏن” تي ڍومائون ڏنيون هوندائون. ڪير ور نه چڙهيو هوندن، سو انھيءَ مھل ڌاري ٻيو نه ته، ڀاڙو خرچ ڪڍڻ لاءِ تو وٽ آيا هوندا”.
“اهي ٿاڪ ڇا هن؟”
“اڙي يار! تون ڪو بيوقوف ماڻھو آهين. تو کي خبر آهي ته سرڪار چڪلن تي پابندي وجهي ڇڏي آهي؟”
“ها! اهو ته سرڪار چڱو ڪيو آهي”.
“ته هيراڪ ماڻھو ڪيڏانھن وڃن؟”.
“ .............................................”
“تنھن ڪري ڪي پرائيويٽ “اڏا” آهن، جتي “عزت وارو” ماڻھو پنھنجو ڪم پيو ٿو ٽپائي“.
“عزت وارو ماڻھو؟”. کانئس “عزت وارو ماڻھو” لفظ جي وضاحت پڇيم .
“اڙي يار “اڏن” تي “عزت وارو” نه ويندو ته ڪو “لچ” ويندو؟”.
“ڇا مطلب!”
“لچ کي ڀلا  پاڙو کٽو آهي؟! بھرحال، جيڪڏهن تو سان ڪا مجبوري هئي ته انھن کي، هتي ويھاري مون ڏانھن اچين ها. پوءِ کڻي ٻئي گڏجي انھيءَ ڳالهه سان منھن ڏيون ها. رن سان مان ته ممتوءَ سان تون. ونڊي ورهائي کائون ها”. حاجي صاحب ڄڻ آئينده لاءِ سڌي ٿي هلڻ واسطي رشوت به آڇي ويو، پر “ممتو” جو لفظ ٻڌي، منھنجو موڊ ئي خراب ٿي ويو. چڱو چوکو پنھنجي لاءِ، پيو ليو منھنجي لاءِ.
“يار بس حاجي صاحب، در اصل منھنجو موڊ ئي نه هئو”. جان ڇڏائڻ جي ڪئيمانس.
“ها اها ڳالهه ڪر نه ..... پر يار ڳالهه ته ٻڌ! تون ڇڙهو ڇانڊ ماڻھو آهين. نوجوان به آهين. کائين به سٺو سڦرو ٿو. نوڪري به چڱيرڙي اٿئي. پئسو به چڱو ٿو هڻين. آخر تنھنجو انھيءَ “ڪم” کان سواءِ، گذارو ڪيئن ٿو ٿئي؟”. حاجي صاحب ڏاڍو وٽ ڏيئي سوال پڇيو.
ان کي ڇا ٻڌايان ته اسان پيدائشي غريب ماڻھن جو ڇا حال آهي. ڪھڙو نه ڏکن ڏوجهرن کان پوءِ تعليم حاصل ٿا ڪيون. نوڪريءَ لاءِ به ڪيترن هنڌن تي واهگرو ۽ وٺ-پاڄا ٿي ڪرڻي پوي. تنھن کانپوءِ مس ٿي ڪا ڪلارڪي پلئه پئي. ان مان به جيڪو ملي، سو به وڃي ٿر ۾ برسات وانگر، ماضيءَ جي ريتيلن ڏرڙن ۾ گم ٿي. هت الڳ خرچ، گهر الڳ ڏيون. پوءِ عياشي ڇا تي ڪيون؟
حاجي صاحب کان کِلي لنوائڻ لاءِ بس ايترو ئي چيم؛ “حاجي صاحب بک ۾ بصر مٺو ئي لڳندو آهي. ٽِٽَ به ڍؤ تي ڇڏبا آهن. اسان ماڻھن جو ڪھڙو آهي گذر سفر. بس مڙيئي وهاڻو زنده باد ته ٻيڙا ئي پار”. وڏي ٽھڪ کان پوءِ موضوع ئي ختم ٿي ويو هئو.
مون اهو حوال اسد سان به نه ڪيو. داتا ولي، ڍڪي ڀلي. هونئن به گونھن کي جيترو ڦلھوربو، ڌپ اوتري ئي اٿندي. تنھن ڪري واءِ واءِ ڪرڻ چڱي نه ڄاتم ۽ ڳالهه ڄڻ آئي وئي ٿي وئي.
هفتي ٻن کانپوءِ، موڪل جو ڏينھن هيو، مان به گهر ۾ اڪيلو هئس. حاجي صاحب آيو ۽ مونکي چيائين ته؛ هلي ڪاٿي چڪر ڏئي، وقت گذاري اچون. گهران نڪري بس اسٽينڊ ڏانھن آياسين. بس اسٽينڊ جي ويجهو، ڪاريءَ چادريءَ ۾ ملبوس، هڪ الھڙ جوانڙيءَ، اسان کان تڪڙو تڪڙو اچي، اڳ ڪڍيو. اسان وٽان اورانگهڻ وقت، حاجي صاحب کي باقاعده پاسي ۾ ڪلھو هڻي لنگهي. انھيءَ حرڪت تي حاجي صاحب صرف مرڪيو. مرڪ مان اهو واضح هيو ته ٻئي، هڪ ٻئي کي سڃاڻين ٿا. پاسي هڻڻ واريءَ کي ته شايد “هِينو” جي انجڻ ڦٽ ٿيل هئي، سا ته الائي ڪاٿي وڃي پھتي. پر مان حاجي صاحب کان پڇي ويٺس؛ “ڇا ماجرا آهي؟”
“تو نه سڃاتس؟” ڏند ٽيڙيندي، هٿائين مون کان پڇڻ لڳو.
“نه، الائي ڪير هئي، مان ڇو سڃاڻندومانس؟”
“اڙي ممتو هئو”. وڏو ٽھڪ ڏيندي، چادريءَ واري جو راز فاش ڪيائين.
“ممتو هئو؟!!!”
“هائو! ڪڏهن ڪڏهن، ڏينھن جو چادري پائي گهمندو آهي ۽ رات جو رنون وٺي گهمائيندو آهي. ڄڻ سھيليون ٿيون وڃن”.
“پاڻ چادري ڇو ٿو پائي؟”
“اها انھيءَ لاءِ پائيندو آهي ته جيئن ڄاڻ سڃاڻ وارا ڇيڙ ڇاڙ نه ڪن. ڇو جو سپاهي به تنگ ڪندا اٿس ته رن وٺي اچ. ٻي ڳالهه ته پاڻ به کدڙو آهي. ڪي يار ته “ان ڪم جا” به شوقين آهن. پوءِ هيءُ ڪيڏانھن وڃي، ڪنھن سان منھن ڏئي”.  پوين لفظن چوڻ وقت حاجيءَ جي اکين ۾ عجيب جوت لھي آئي ۽ ترڇين اکين سان مون ڏي ڏسندي چيائين. ڄڻ چوندو هجي ته؛ “اها آفر ته تو کي به ٿيل آهي.”
هڪ ڏينھن مان ۽ اسد، صبح سان تيار ٿي، آفيس پئي وياسين ته گهٽيءَ ۾ ممتو منھن پئجي ويو. چادري پاتل هئس ۽ اڪيلو هئو. چادريءَ ۾ وڏا فحش قسم جا ٺمڪا هڻندو پئي آيو. ڀلا کدڙو جو ڪندو پردو ته پوءِ ڪا هلت ماين جھڙي ٿيندس. چال ته ساڳي هوندس نه؟ ڪانءُ هلي مور جي ٽور، نه رهي ڪانءُ نه مور. مون ته کيس پري کان ئي سڃاتو، پر سندس بي حجاب ٺمڪن تي اسد جي دل هرکجي پئي، اکين ۾ چمڪ اچي ويس. ڀلا يار زندگيءَ ۾ کوتيءَ کي به اوڏو نه ٿيو هجي ۽ اڄ ڏينھن ڏٺي جو، راهه ويندي، “لال ڪنوار” ٺمڪا هڻندي، دعوت عيش ڏئيس ته پوءِ ‘دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي’. دل ٻوليس. ڪلھو هڻندي چيائين؛ “ماما اڄ ته ڇا پيا ڏشون!” “ڏسون” چوڻ مھل گگ ڳڙي پيس. تنھن ڪري ان کي جهلڻ جي زور ۾ ڏسون جي بدران “ڏشون” چيائين.
“پٽ! اڄ  ڀاڳ ڦاٽو اٿئي، ضياءَ وانگر، تو واريءَ ماءُ جي به دعا ڪا اگهي وئي آهي.” مون وارن لفظن تي، ٽاهڙ وهڙيءَ وانگر اسد جي چال ئي ڦري وئي ۽ ٿيڙ کائي هلڻ لڳو. تيستائين ممتو به اچي اسان وٽان لانگهائو ٿيو. مون واري پاسي ڏانھن لڳ ڀڳ پاسو هڻندي ۽ ويچارا ڪڍندي، تاڙيءَ جي ڦھڪي جي لئه تي ڏاڍيان چيائين؛ ”ڏسڻ جو ته ڪيڏو نه ڏٽو مٽو آهين. باقي ڀاڙ جو ترو آهين. ٻڏي نه ٿو مرين، انھيءَ جوانيءَ کان. ڀاڙ جا ترا! ڀاڙي! گيدي ............” ۽ الائي ڇا ڇا چوندو رهيو. جنھن پنھنجي پڳ لاهي ڪڇ ۾ رکي آهي، ان کي ٻئي جي لاهڻ ۾ ڪھڙو شرم. تنھن ڪري مان ته ڪن ٻوساٽيون نڪتو آيم. اسد به ليلڙيءَ وانگر، منھنجي پٺيان ٿيڙ کائيندو آيو. وائڙن وانگر پڇڻ لڳو؛ “ماما هيءَ ڇا هي؟”
“ماما هي وڏن جا کيل آهن. تون ڪو نه سمجهندين. بس تون رڳو کوديءَ جا کيل ڏسندو وڃ ته ڪيئن ٿي دودن کي دسي.“ اسد کي اصل ڳالهه ٻڌائڻ کان صاف لنوائي ويس.
“نيٺ، خبر ته پئي.”
“بس اهو، اهو هيو. جيئن تو ڏٺو، تيئن مون ڏٺو ۽ بس.”
هڪڙي ڏينھن وري اسر ڌاري، ساڳئي ٽائيم تي ساڳئي بڇڙي نموني سان، در تي ڊز ڊز ٿي. ان ڏينھن جمعو نه هيو. پوئين ڪمري ۾ اسد ستل هئو ۽ مان اڳئين ڪمري ۾ ستل هئس. انھيءَ ڪري مون کي ئي اٿي وڃي دروازو کولڻو پيو. رات جو مٿي سان ٻڌڻ وارو پوتڙو، ڳچيءَ ۾ ئي هئو. ان جي پلئه سان اکيون مھٽيندي وڃي دروازو کوليم. اڳيان ممتو ٻي ڪا ڇوڪري وٺي بيٺو هئو. ٻئي اسان جي در جي ڏاڪي تي ائين اٽينشن ۾ بيٺا هئا، ڄڻ پنھنجي گهر جو دروازو کڙڪايو هجائون ۽ پڪ هجين ته در کلڻ شرط، اندر گهڙڻ ۾ ڪا به رنڊ روڪ نه ٿيندي.
ڇوڪري قد جي پوري پني، جسم ۾ سنھي ۽ ڪاريءَ چادريءَ ۾ ملبوس هئي. چادريءَ مان ٻئي سھڻا هٿ ڪڍي، سيني تي رکيل هئس. جن ۾ ٻه ٽي سونيون منڊيون پاتل، پيرن ۾ کڙيءَ تي سينڊل ۽ ڳاڙها جوراب پيل هئس. گهڻو ڪري ڪاليج جي اڇي ڊريس پيل هئس. اٽينشن ۾ بيٺي هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ صبح سان باقاعده تيار ٿي، تيل ڦليل ڪري، سينڌيون سرما هڻي، سرخيون پائوڊر مکي، لٽا ڪپڙا ۽ ڳھه ڳٺا پائي، عطر عنبير هڻي، “لال ڪنوار” بڻجي، ممتوءَ سان گڏ رخصتيءَ لاءِ اشيرباد وٺڻ جي انتظار ۾ بيٺي هجي .
ممتو ته مونکي ڏسڻ شرط بانڀولجي ويو. وري مٿان جڏهن حسب عادت رهڙ ڏئي پڇيومانس، “اڙي! “ٿوڪا!” اڃا به نه ٿو مڙين، وري به وڏو اسر پيو آهي ته اچي ننڊ ڦٽائي اٿئي، گهر گهاٽ اٿئي ڪن نه؟”
“حاجي صاحب آهي؟!” يڪدم ڦڪي مرڪ سان ڳالهه مٽايائين. مون کي ائين لڳو ڄڻ پڇندو هجي ته؛ “ڪو مڙس ماڻھو آهي؟” انھيءَ خيال ايندي ڏاڍي چڙ آئي.
“حاجي صاحب جا پٽ! اڙي هيءُ حاجي صاحب جو گهر آهي؟” تَوِڻي چاڙهي، ٺڪاءَ سان دروازو بند ڪري، اچي هنڌ ۾ ڪِريم.
رات جو دير سان سمھڻ ڪري، ننڊ به پوري نه ٿي هئي. ويتر هن جزا ننڊ ڦٽائي وڌي. ننڊ لاءِ ته ماڻھو گوريون به کائيندا آهن، ڇو جو آرام آرام آهي. ننڊ اچڻ تي پوي ته سوليءَ تي به اچيو وڃي. نه اچي ته جهڪي روشنيءَ واري ايئرڪنڊيشن ڪمري جي ڪيمخواب پلنگ تي، خوشبوءِ سان آٽيل حسين دلربا پرينءَ جي ڀاڪر ۾ به نه اچي. ننڊ پوري نه ٿي ته آفيس ۾ ڀيلو ٻوٿ هوندو، تنھن ڪري،”وهاڻو زنده باد” ڪري ڊهي پيم.
سج اڀرئي ڌاري، اسد اٿيو ۽ پڇيائين؛ “ماما! صبح ڪنھن پئي دروازو کڙڪايو؟”
“هئو ڪو واندو، کٽيءَ کنيو هئس تڏهن پئي دروازو کڙڪايائين”. سوڙ مان ئي ورندي ڏنيمانس؛ “ممتو ھيو!”
“ڪھڙو ممتو؟”
“انھيءَ ڏينھن جيڪو گهٽيءَ ۾ ٺمڪا هڻندو پئي آيو. اهو هئو”.
“ها ها! ڇا لاءِ آيو هئو؟”
“رن وٺي آيو هئو، ٻيو ڇا لاءِ آيو هئو.” ترش جواب ڏنامانس ته من چپ ڪري، پر يار کي تيئن پئي مزو آيو.
“رن وٺي آيو هئو، پوءِ ڪاڏي ويو، ترسيو نه ڇا؟”
“ويھڻ لاءِ صلاح ئي نه ڪئيمان ته ترسن ڌوڙ لاءِ”.
“ڇو ڀلا ويھارڻ ۾ ڇا هئو، ترسائين ها.”
“ڇو؟ تو کي ضرورت هئي ڇا؟”
“يار تون ته ڪو عجيب قسم جو ماڻھو آهين. رضا سان چڙهيل ٻوٽيءَ کي واپس ڪبو آ.”
“اڙي هاڻي بس ڪر، اهڙو مڙس ماڻھو هئين ته پوءِ اسر پاڻ اٿي وڃي در کولين ها.”
“اڙي ته پوءِ پير صاحب! مونکي اٿارين ها نه!”
“بلي! مڙس ته ڏسو!... اٿي دروازي جي ٺڪ ٺڪ تي ڪو نه ٿو، وري آرڊر ته “مونکي اٿارين ها نه”. ها سائين، مڙس به آهين “لانڍي ۽ ڪوٺو”، تو کي اٿاريان ها ته اصل سڄو ملڪ جهڳ ڪري وجهين ها”
“اڙي ته مون کي ڪھڙي خبر ته ممتو آهي ته اٿي وڃي دروازو کوليانس. مان ته جاڳيس پئي. مونکي ڪھڙي خبر ته تنھنجو پيٽ ڀريل آ ۽ اڄڪلهه سڄو ڏينھن شخر کي اِٽون هڻندو ٿو وتين. گهر آئيءَ روزيءَ کي ائين بي مانائتو ڪري موٽائبو آهي؟”
“اڙي بس ڪر، روزيءَ جا پٽ! ڀيڻا صبح سان الله نه رسول، رڳو کڻي بَڪ لاتي اٿئي. هڪڙو هنن ڪڃرن صبح، وڏو اسر ڏئي اچي، ننڊ ڦٽائي آهي. مٿان وري هيءَ لاٽ صاحب اچي مٿو چٽڻ ويٺو آهي.” پوءِ ته باقاعده سوڙ اڇلائي کٽ تي اٿندي، اسد کي پنج ست وضو ٽوڙ گاريون ڏنم. مون کي اٿندو ڏسي، وڃي ليٽرين ۾ لڪو. مان وري سوڙ ورائي سمھي پيس. اٿيس ته سج سوا نيزي تي اچي ويو هئو ۽ اسد الائي ڪيڏي مھل آفيس هليو ويو هو.
ٻئي ڏينھن شام جو حاجي صاحب، اسان جي جاءِ تي آيو. ان وقت اسان وٽ اڳي ئي ڪجهه دوست ويٺا هئا. اسد جو ساڻن سياست تي تمام گرما گرم ۽ مخالفانه قسم جو بحث هلي رهيو هئو. رسمي طور حاجي صاحب، سڀني کي هٿ ڏئي، هڪ ڪرسيءَ تي ويھي رهيو. پھرين ڪوشش ڪيائين ته اسد وارن سان پاڻ کي مشغول رکي. پر مون وانگر کيس به سياست جي ڳالهه مزو نه ڏيندي آهي. تنھنڪري وائڙن وانگر پندرهن ويھه منٽ انھن ڏي اجايو سجايو ڪن ڏئي ٻڌڻ ويٺو. نيٺ، بور ٿيو ۽ مجبورن مون سان نه ڳالھائڻ وارو روزو ڀڃڻو ئي پئجي ويس. سندس انداز مان اهو ظاهر هئو ته کيس ممتوءَ جي ٻيھر اچڻ جي پوري پوري خبر هئي. پوءِ يا ممتوءَ خود ٻڌايو هئس. يا اسد ٻڌايو هئس ۽ ممتوءَ کان تصديق ڪيون آيو هئو. والله اعلم.
امالڪ ڦڪي مرڪ سان پڇي وڌائين؛ “ممتو وري ڪالهه به آيو هئو ڇا؟” سندس سوال مان بلڪل واضح هئو ته کيس خبر آهي، تنھنڪري ڪوڙ ڳالھائڻ جي ڪا گنجائش به نه هئي. ان کان علاوه اکين ڏٺو شاهد مون وارو اسد خان به موجود هئو، تنھن ڪري مجبورًا “ها” ئي ڪرڻي پئي.
“پوءِ ائين موٽائي ڇڏيني!؟” ويچاري شڪل سان سوال ڪيائين.
“ها! ڏس نه! نه پاڻ . ...... هي، نه سنگت کي سھي.” اسد پنھنجي سياسي بحث کي ڇڏي، دل جي باهه ڪڍڻ خاطر اسان جي وچ ۾ ٽنبڪو ڏنو.
“ڇا هي؟ ڇا هي؟ ڪھڙي ڳالهه آهي؟ ڪنھن جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ ويٺل دوستن مان هڪ پڇيو. سياست ۽ مذهب جي بحث ۾ اختلافات آھن، جڏھن ته جنس جو بحث اختلافات کان پاڪ آهي. ان ڪري سڀئي متوجهه ٿي ويا.
“اڙي! توهان سياست تي بحث ڪيو، توهان جو ڇا وڃي وڏن جي ڳالھين ۾.” مون سندن توجه هٽائڻ خاطر چيو .
“نيٺ اسان کي به خبر ته پئي، توهان ڪڏهن کان ‘وڏا’ ٿي ويا آهيو.” ٻئي دوست اڳلي جي وٽ وراڻ ڪئي.
“بلي! هيءُ ۽ ‘وڏو!’ پرڪار ٻارن کان پري! ڳالھيون وڏن جون!” اسد مون ڏانھن اشارو ڪندي ڀڻڪيو.
مھمانن جي اصرار تي حاجي صاحب ڇلڪي پيو؛ “ادا، اڳين رات ممتو جيڪو پکي وٺي آيو هئو، سو ٻاهران آيل هئو. نائيٽ هڪڙي انسپيڪٽر صاحب وٽ پندرنھن سئو روپين ۾ هئن. صبحڙي، ان ڪڍي ڇڏين. پوءِ ڪيڏانھن وڃن؟ جيستائين بسون هلن، تيستائين وقت گذارڻ ۽ ممتوءَ جا “مٿڪي” پئسا ڪڍڻ لاءِ چيائون ته هتان “ڌڪڙو” هڻايون وڃون. پر هيءُ (مون ڏانھن هٿ جو اشارو ڪندي) يار ته الائي ڇو ممتوءَ سان چَپِ پيل آهي. بيھڻ ئي ڪو نه ڏنائينس. نئون پکي هئو. اهڙا پکي ڪڏهن ڪڏهن بازار ۾ ايندا آهن. جڏهن مونکي ممتوءَ ڳالهه ٻڌائي ته منھنجو ته وات ئي پاڻي ٿي ويو. اسان وٽ اڳي به پکي آندا اٿائين. پر هيءَ تلور سائين اور شيءِ هئي.” حاجي صاحب جي آواز ۾ عجيب قسم جي ڏڪڻي به هئي ۽ آواز گهٽيل به هئس. سندس آواز مان گمان اهو پئي ٿيو ته حاجي صاحب، اجهو اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪيو.
مون ڏانھن متوجهه ٿيندي، دل جي هار خار ڪڍڻ لاءِ چيائين؛ “يار! تنھنجو جيڪڏهن ارادو نه هيو، ته پوءِ انھن کي اندر ويھاري، مونکي سڏي وٺين ها. هڪڙو پويون ڪمرو کڻي اسان کي ڏئي ڇڏيو ها. انھيءَ ۾ ڇا هئو. پر سائين مان سمجهان ٿو ته ممتوءَ سان تو کي وير آهي. هن غريب کي تون ڌنڌو ڪرڻ ئي نه ڏيندين. هونئن به پٺاڻ، پٺاڻ کي نه سھي.” ڌَڪَ سو نه هنيائين، باقي لفظن جي چڱي مار ڏئي ويو.
“اڙي يار مان ويٺو هئس، مون کي کڻي اٿاري ها.” ماديءَ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. اسد وچ ۾ ٽپو ڏنو.
“ماديا ڪڪڙ به ڪڏهن ميل وڙهيا؟ هاڻي هيءَ سائين هڪڙيءَ رن ۽ کدڙي سان منھن ڏئي ها، جيڪي سڄيءَ رات ۾ انسپيڪٽر وٽ نه ڍاپيا آهن.” اسد تي جرح ڪيم.
“يار! سنگت ۾ ماڻھو ايترا به ڪم نه ڪري ته پوءِ سنگت ڇا جي آهي؟” دوستن مان هڪ دليل ڏنو.
“تون ته ڪو صفا چٽ آهين. ڪنھن ڪم جو ئي ناهين، تو کان ته ڀينگ ڀلي آهي.” ٻئي چيو.
“سائين، نه هجي ها ته به ڏک نه ٿئي، ڪھڙا نه سريلا ماڻھو اسان سان، هن جي ڪري ناراض ٿي ويا آهن.” حاجي صاحب اڃا به ڏک ڪڍيو.
“اسد! تون ڪھڙي ڀاڙئي ماڻھوءَ سان ٿو رهين يار!” پھرئين دوست اسد کي آگاهه ڪيو.
بري تي بڇ ٿي وئي. سڀ چڱا مڙس گڏيا هئا. مون پاڻ کي ڏاڍو گيدي محسوس ڪيو. نيٺ جان ڇڏائڻ لاءِ انھيءَ ڳالهه تي راضي ٿيڻو پيو ته؛ “ادا آئينده، توهان جي ڪم ۾ ٽنگ نه اڙائبي ۽ نه ئي ڪباب ۾ هڏي ٿبو”.
تنھن هوندي به، اسد هفتو کن ٻوٿ سڄايو پئي هليو. اچي به پنھنجي منھن ته وڃي به پنھنجي منھن. جڏهن ته اسان ٻنھي جا رند کند ساڳيا هئا. حاجي صاحب به پندرهن ويھه ڏينھن ٿان-شوخائي ڪئي. انسان، نرڄو آهي. وقت سر ڳالھيون يا وسارڻيون ٿيون پون يا وسري ٿيون وڃن. تيئن اها واردات به ذهنن مان نڪري وئي ۽ ماحول به ساڳيو ٿي ويو.
اونھاري جا ڏينھن هئا ۽ رمضان جو مھينو هئو. رات جي نماز ۽ تراويحون پڙهي، شھر ۾ سنگت سان ڪچھريون ڪري، رات جو ٻارھين ڌاري، اسد ۽ مان گهر پئي آياسين. گهر جي ويجهو پھتاسين ته اتي ناليءَ جي اٿلڻ جي ڪري، گهٽي گندي پاڻيءَ سان ڀري بيٺي هئي. گهٽيءَ مان لنگهڻ جي لاءِ صاف جاءِ، صرف ۽ صرف ناليءَ جو ٻاهريون اوساريءَ وارو پاسو هئو، جنھن تان اسان هلڻ لڳاسين. اڳيان جنھن جڳھه تي گندو پاڻي ۽ گپ، گهٽيءَ ۾ کٽا ٿي، اتي ممتو ۽ ساڻس پھرئين دفعي آيل اڇي برقعي واري مائي، اسان جي اڪري پار پوڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. الائي ڇو، اسد سان ڦاٽڙو کائي ويٺس؛
“اچئي ٿو ممتو، ساڳي پھرئين ڏينھن واري رن، ساڻ اٿس. ڇا خيال اٿئي؟”
“خيال “نيڪ” آهي. بس چوينس ته هلي نه.” دل جي ڳالهه زبان تي ايندي دير ئي نه ڪيس.
“اڙي هي نمازون ۽ تراويحون پڙهيئه ته ڪو ايمان تازو نه ٿيئي. وري هن کي به چوان ته هلي. جي اهڙو شوق اٿئي ته پاڻ چوينس. تو کي وات ڪونھي ڇا؟”
“تون وڏو آهين. تون چئينس!” ناليءَ تان لنگهڻ مھل، پٺيان ٻانھن مان هٿ وجهندي ايلاز ڪيائين.
“اڙي ڪيرايو هيئي ڪاٿي!” ناليءَ جي ڀرسان واري ڀت تي ٽيڪ ڏئي، پاڻ سنڀاليندي چيومانس؛ “ضرورت تو کي آهي، چوانس مان!! ڏينھن جو ڏٺو وٺو به مون کي ڪيو ۽ رات جو بندوق به منھنجي ڪلھي تي ڇوڙيو! واه سائين واه! ڏاڍا چالاڪ آهيو، ٿُڪ به کدڙي جي ته ......... به کدڙي جي. نه بابا! مون کان اهو ڪم نه پڄندو”.
“چئينس، مامو ناهين.” ٻانھون ٻڌندي ايلاز ڪيائين .
گپ اڪري، ناليءَ تان اسان لٿاسين ۽ هو چڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيا. مون کان به هلندي، وات مان نڪري ويو؛ “اڙي! هن مھل جو “هِنَ” کي ڪاڏي ڌڪيو اٿئي؟ ڀيڻان رلي مئا آهيو. اچو! هن (اسد ڏي اشارو ڪندي) جو شوق پورو ڪيون وڃون.” خير، مون کان اهو جملو پورو ٿيو ئي ڪو نه، جو اسان وٽان مٽڻ مھل، ممتوءَ خار مان منھنجي ڪلھي تي مُڪَ وهائيندي چيو؛ “هل ڙي، کدڙا!”
پاڻ اڳتي ٽِهه ٽِهه ڪندا ويا. مان به ٿوري ڦڪي کل کليس. اسد به ڇيلڙيءَ وانگر ٺينگڙا ڏئي، وڏا ٽھڪار ڏيڻ لڳو. ڄڻ کيج کٽيا هجائين. گهر تائين بس ئي نه هئس. هنڌ ۾ به ٽھڪ پئي ڏنائين. چھڪار بند ڪرڻ لاءِ خار مان چيومانس؛
“اڙي! ڪل ٿـڙي اٿئي يا چاٻي اچي وئي اٿئي، جو بس ئي نه ٿو ڪرين؟”
“ماما! کِلان انھيءَ ڪري ٿو ته، ‘بت ئي هم ڪو ڪھين ڪافر!” کلندي کلندي، ڪِرندي ڪِرندي چيائين.


No comments:

Post a Comment