Wednesday, November 16, 2011

رائـيـٽ ڪـنـيڪشـنـز - محمد علي مھر


رائـيـٽ ڪـنـيڪشـنـز
محمد علي مھر

اسان آهيون اڄوڪي رات سرڪار جا خاص مھمان!
ڇو آهيون؟!
اهو ٻڌائڻ، آهي ته هٿ سان پنھنجي منھن تي دانگي ڦيرڻ. پر ڳالهه لڪائي به ڪيستائين لڪندي؟!! اڄ نه کلي ته سڀان ضروري کُلي. ان ڪري پاڻ ئي ٿا پردو کڻونس.
حاجي محمد بوٽا، جنھن کي عام طور ”ڪاٽن ڪنگ“ ڪري ڪوٺين، پنھنجو بزنس پارٽنر آهي. سنڌ مان ڦٽي اسان سپلاءِ ڪيونس. پنجاب آهي تمام وڏو صوبو. وري مٿان ايگريڪلچرل. جيتوڻيڪ اسان جو حصو ڦٽي جو به گهٽ ڪونه ٿئي، تنھن هوندي به ڪاٽن ڪنگ سڏرائجي هو. رهي لاهور ۾ ٿو. اسان وٽ به هتي، ڇٺي ڇھه ماهي اچي ڀيرو ڀڃي ويندو آهي.

آهي يار ويس ماڻھو. مٿان اسان وانگر ڪجهه عياش به آهي. ان ڪري سمجهو ته پاڻ ۾ جُهٽ ٿي ويا آهيون. ياري مٿو مٿي تي آهي. هتي ڪراچيءَ ايندو آهي ته اسان به واس آهر کڻي سمورو شھر سندس آڏو اونڌو ڪري ڇڏيندا آهيون. اهي بليڪ ليبل جون بوتلون! سائين کي چوان، اهي شيواز ريگل، اهي مري بروريون. هوڏانھن اصل مال ۾؛ ٽاپ ماڊل گرلز، سنھيون سڪيون ايڪٽرياڻيون، اصلي حڪم تمھارا. جيترا ڏينھن ڪراچيءَ ۾ هوندو آهي، ٻيا ڪم ڪار ڇڏي، سندس سيوا ۾ لڳا پيا هوندا آهيون.
وري جو اسان پھچون لاهور ته ڄڻ همراهه جي عيد ٿي وئي. اهي ڏهه پندرهن ڏينھن سندس بزنس هوندو آهي، هيٺين جي بلي. وتي اسان جون چاڪريون ڪندو. هيرامنڊي ته ڪا ڳالهه ئي ناهي، ويندي گلبرگ، سمن آباد ۽ ڊفينس تائين اٿلائي ڇڏيندو آهي. مشھور پنجابي ۽ پشتو ايڪٽرياڻيون ته الائي ڪيترا ڀيرا، ساڻ کڻي ڪراچيءَ آيو آهي ۽ سنگت ۾ کارائي پياري چڪو آهي.
اسان به گهڻائي يارن جا يار ڏٺا، پر هن جي ڳالهه ئي اور آهي. بھرحال! ڳالهه ٿي کُٽائڻي!
همراهه گهڻي عرصي کان ڪڍ هيو. چي: ”هيل وقت ڪڍي لاهور جو چڪر مار! ڪو نئون چوزو سامايو هيو. يارن دوستن مان، جن جن به چکيو هيو، سڀني ۾ واه واه لڳي پئي هئي. بقول حاجي بوٽا جي. ڪُڙي ته نه هئي اصل ڪنچو هئي ڪنچو.
نئين شيءِ مارڪيٽ ۾ لٿي هئي. ڊمانڊ زورن تي هئس. ڪڏهن ٻڌ ته پنجاب جو وزير اعلى پيو ڇانگا مانگا گهمائيس. ڪڏهن وري سائين کي چوان، ڪو منسٽر هفتو سوا مريءَ جون هوائون پيو کارائيس. مطلب ته هٿ-کس لڳي پئي هئي.
حاجيءَ جي دانھن مٿي دانھن؛ ”پھچ ڙي پھچ. جهار ٻلا چري ويا!“
”حاجي تڪڙ ڪھڙي آهي؟!“ فون تي وراڻيندي چيو هئومانس؛ ”نينگر ننڍي جمعا گهڻا!! اچبو! ..... پر آرام سان!“
”انھيءَ آرام واري خيال ۾ نه رهجانءِ! سيٺ .....!“ حاجيءَ زور ڀريندي چيو هيو؛ ”هڪ دفعو پنڇي ڪنھن پڃري ۾ ويو ته پوءِ سمجهه ته ڇٽو!“
هونئن ته کڻي حاجي بوٽا جي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪونه هئا، پر کيس ڀؤ لڳو پيو هيو. چي؛ ”ڇوريءَ جي ڪڍ فلمي ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن جي لانڍ لڳي پئي آهي ..... هڪ اڌ فلم ۾ رول ملي ويس ته نخرا وڌي ويندس ۽ اسان رلي وينداسين. الائي ڪنھن جي ور چڙهي!“ انھيءَ ڪري همراه کي تڪڙ لڳي پئي هئي. چي؛ ”سگهوئي لامارو ڏئي، وهندڙ گنگا مان هٿ ٻوڙ ڪري وڃ!“
”يارن دوستن کڻي وڏي نيڪي ڪيس ۽ حاجي بوٽا به تڻ تپائي ڏنا. چيوسين؛ ”اهو سواد به وٺي اچجي!“
حاجي بوٽا کي لاهور اچڻ جو ٻڌايم. همراه جوش ۾ اچي ويو. چي؛ ”نيڪيءَ ۾ دير ڇاجي؟ دير نه ڪر! وارو ڪر.“
”مان ڇنڇر ڏينھن آفيس ۾ ڪم اڪلائي، شام واري فلائيٽ ۾ ساڍي ڇھين ڌاري، اچي لاهور ۾ ٺڪاءُ ڪندس.“ حاجي کي فون تي چيم؛ ”ٻيلي! ائين نه ٿئي اسان پھچون ۽ پکي، ڀاڙو تتر وانگر، ڀڙڪو کائي ڪنھن ٻئي کڏيءَ تي ويٺو هجي!“
”اصل گهٻراءِ ئي نه!“ پڪ ڏياريندي چيائين؛ ”پنھنجا هر جاءِ تي رائيٽ ڪنيڪشن آهن. انتظام ڪيان ٿو. ڇانگا مانگا ريسٽ هائوس تي. توکي ايئرپورٽ تان سڌو کڻبو. رات جي ماني ۽ رت-جگي جو انتظام ڇانگا مانگا ۾ ڪبو.“
”پر حاجي بوٽا! هيءَ ته سيزن ٿي پئي هلي. ائين نه ٿئي ته ڇانگا مانگا ريسٽ هائوس ملي ئي نه!“ پڪ ڪرڻ خاطر چيومانس.
”بادشاهو! گل ئي ڪوئي نھين!“ بوٽا ٽھڪ ڏيندي چيو هيو؛ ”توکي ته خبر آهي ته پنھنجا هر جاءِ تي رائيٽ ڪنيڪشنز آهن. ڇانگا مانگا ته ڇا؟ چئين ته پنجاب جي چيف منسٽر هائوس ۾ انتظام ڪري ٿو سگهان.“
حاجي بوٽا جي رائيٽ ڪنيڪشنز جي پاڻ کي ڄاڻ هئي. ان ڪري وڌيڪ بحث مباحثو اسان نه ڪيس.
ڇنڇر ڏيھاڙي، سائين کي چوان، اچي لاهور ۾ سلام عليڪم ڪئيسين. جاڙي خان کي چيوسين؛ ڪتي کان بيھه! اسان اچي وياسين.
حاجي بوٽا آهي پنجابي، پر مھمان نواز اهڙو آهي ڄڻ سنڌيءَ جو پٽ هجي. ايئرپورٽ تي پنھنجي نئين لينڊ ڪروزر ۽ ٻن باڊي گارڊن سان گڏ موجود هيو. جھاز ڪلاڪ کن ليٽ پھتو هيو. تنھن ڪري سندس بريز بريز لڳي پئي هئي.
ڊرائيور به گاڏيءَ جو سوَ تي ڪانٽو ڇڪي رکيو. رئي آسمان هڪ ڪندا، ڌو اچي ڇانگا مانگا ريسٽ هائوس ۾ ڪيوسين.
پکي به پھرين جا پھتل هئا. حاجيءَ ڇاندي پاڻيءَ جو وڏي پيماني تي بندوبست ڪيو هيو. سڄو ڪم تيار هيو، ڇڙو اسان جي پھچڻ جي دير هئي.
تڪڙ ۾ تريل تترن جي ٻوڙ جا، ٻه گرهه هڻي، حاجيءَ موٽ جي ڪئي.
”چل ڀائي سيٺ!“ موڪلائيندي چيائين؛ ”تون ڪر سو جان. مون کي سڀاڻي سوير سان هڪ ٻه تمام ضروري ڪم آهن. آرام سان اٿي ڪري ٻي گاڏيءَ ۾ لاهور پھچ! وڌيڪ ڪچھري اتي ڪبي.“
اهو چئي، پاڻ ڪيائين يارو ياري.
نگينه، اسان سان نگنه نه وري. ڇو جو سوير-ڀرو ننگر پاڻي ڪري چڪي هئي. جيتري دير اسان پيٽ پوڄا ڪئي. ايتري دير هو ڊمپل وسڪيءَ سان شغل ڪندي رهي.
حاجي جي اسھڻ بعد، وڃي پاسو ڏنومانس. مولائڻ خمارن ۾ هئي. اڌ منو ڪلاڪ ويھي ڪچھري ڪئيسين. ٽُن هئي. نشن ۾ اڌ پاڪستان کي اگهاڙو ڪري بيھي رهي. منسٽر مـَڙا، وزير ورڙا ته ٺھيو، ملن مولوين جون به سٿـڻون لاهي بيھي رهي.
”عمر ته ايتري ڪانه اٿئي؟“ ڀوڳن ڀوڳن ۾ عمر جو ننڍو ڪندي چيومانس؛ ”جيترو تجربو اٿئي!“
”عمر تي نه وڃجانءِ!“ ٽھڪ ڏيندي وراڻيو هئائين؛ ”عمر ڀلي سترنھن سال آهي پر تجربو ستاويھه سالن جو آهي.“
”عمر سترنھن سال ۽ تجربو ستاويھه سال!“ پڇيومانس؛ ”سو ڪيئن؟!“
”ڏهه سال!“ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيائين؛ ”اوور ٽائيم جا!“
بيڊ روم ته ڇانگا مانگا ريسٽ هائوس جا، ڳالهه ئي نه پڇ. گدي تي وڃي پئو، ڄڻ بھشت ۾ پھتين.
ڪوڙ ڪونھي. پت اچي يا نه. هي عمر آندي آهي پر اسر کان اڳي نه ستاسين. اسان به گهڻيئي جک ماري آهي پر ايمان جي ڳالهه اها آهي ته ڇوريءَ جي جيترو نيڪي ٻڌي هئي، انھيءَ کان چار آنا ڪسر هئي، گهٽ نه هئي.
صبح جو سوا ڏهين ڌاري اک کلي. درين مان ايندڙ سج جي ڪرڻن جي ڪري. اندر ڪمري ۾ به روشني ٿي وئي هئي. منھنجيءَ چرپر تي نگينه کي به جاڳ ٿي پئي. چيومانس؛ ”پھرين تون باٿ روم مان واندي ٿي اچ!“
کلندي ٽپ ڏئي بيڊ تان اٿي. چادر ويڙهي، باٿ روم وڃڻ جو ارادو ڪيائين. سَٽَ ڏئي مون تان چادر لاٿائين، منھنجي ننگ تي نظر پوندي ئي دانھُن ۾ کپي وئي.
مان وائـڙو ٿي ويس ته الائي ڪھڙو آسمان ٽٽي پيو آهي. اٿي ڪري پرچائڻ ۽ چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي مانس. ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪندي مون کي ڌڪو ڏئي پري ڪيائين ۽ ويتر چيخون ڪرڻ لڳي.
مون تـڙ تڪڙي ۾ ڪپڙا پاتا. ايتري ۾ ريسٽ هائوس جا چوڪيدار، بيرا وغيره پھچي ويا. ڇوري ڊڪي در کوليو ۽ دانھون ڪندي کين ٻڌايائين؛ ”اس بنيي ني ميري عصمت دري ڪي هي!“ چوڪيدار سڃاڻندو هئس، اهو پھريان لفظ عصمت دريءَ جي انوکي استعمال تي کليو ۽ بعد ۾ سمجهائيندي چيائينس؛ ”مان توکي به سڃاڻا، حاجي بوٽا کي به. هيءُ به حاجي بوٽا جو خاص مھمان آهي. توکي فل پيمينٽ تي لاهور مان خاص هن لاءِ وٺي آيو هيو. انھيءَ ۾ عصمت دري ڪھڙي ٿي!؟“
پر سائين! ڇوري ڪا بس ڪري ڇا؟ رڻ ٻاري ڏنائين. سڄي ريسٽ هائوس ۾ ڍنڍورو پٽيندي، چوڪيدار کي چيائين ؛ ”پوليس نه گهرايئه ته مٿي تائين دانھيندس!“
چوڪيدار ڪڏهن مون کي ڏسي ته ڪڏهن کيس.
ڏاڍيون منٿون ميڙيون ڪيومانس. پئسي پائيءَ جي لالچ ڏنيمانس. چيومانس؛ ”برابر مان ديوان ماڻھو آهيان. پر تون به ته پروفيشنل آهين. ميڙي جي مٺائي، ڪير به وٺي سگهي ٿو. ان ۾ دين ڌرم جو واسطو ئي ناهي. مان تو لاءِ پھريون گراهڪ ناهيان ۽ نه ئي مون لاءِ تون پھرين ڌنڌي واري. ڌنڌي ۾ ته ائين ٿيندو رهندو آهي. گراهڪ جو دين ڌرم ڏسبو آهي ڇا؟“
وڏي پٽڪا لاھَ کانپوءِ، پيرن ۾ وڃي ڪريومانس ۽ چيومانس؛ ”جيترا پئسا زبان سان چئين ته ڏيانءِ باقي منھنجي جان ڇڏ!“
ميان حدود آرڊيننس جو ڀؤ پئي ٿيو. منھنجي ته ...... پئي ڦاٽي. چوان ته هڪ-واري اڄ جان ڇٽي ته ياعمر وري هيءُ ڪڌو ڪم نه ڪندس.
الائي ڪيئن زورين مسين ڇڪي اچي لاهور پھچايوسينس. کيس گهر روانو ڪري مان ڀڳس حاجي بوٽا ڏي.
”حاجي! ڪو پاءُ پاڻيءَ جو لھڻل هيئي ڇا جو هن عذاب ۾ ڦاسايو اٿئي؟!“ ملندي شرط، حاجي بوٽا کي چيم. سڄي قصي ٻڌڻ بعد ٽھڪ ڏئي کليو ۽ چوڻ لڳو؛ ”سيٺ ماڻڪ چند! ستر ڪوڙن کائڻ لاءِ تيار ٿي وڃ! تو به گهڻا عيش ڪيا آهن!“
”حاجي! مشڪري نه ڪر! منھنجي ٿي پئي ڦاٽي. مون کي ڇڙو هتان ڪڍڻ جي ڪر!“ منٿون ڪندي چيومانس؛ ”وري منھنجو بابو به لاهور جو رخ نه ڪندو!“
”اڙي يار! تون حاجي بوٽا جو مھمان آهين!“ سينو ٺوڪيندي چوڻ لڳو؛ ”سڀني کي خبر آهي ته تون منھنجو مھمان آهين. تنھنجو نالو ڪير وٺندو؟! ماٺڙي ڪري آرام سان ويھي رهه!“
حاجي جي آٿت تي پيٽ ۾ ساهه پيو. تنھن هوندي به جلد نڪرڻ لاءِ ڦٿڪو هئم. شام واري فلائيٽ ۾ واپسيءَ جي ٽڪيٽ او-ڪي ٿيل هئي.
سڄو ڏينھن خير سان گذريو ته دلجاءِ ٿي وئي. شام ڌاري، ڏاڍو سنان پاڻي ڪري، اڇو ڪاٽن جو ڪلف وارو وڳو هڻي، ڪراچي وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ پھتس. مار پويس ڇوري به ٽن سپاهين ۽ ٻن پٽين واري جعمدار سان گڏ، اچي ٺڪ ڪيو.
ٻجهڙڪ شاه نانگا! جيپ مان لھندي ئي کنڀجي ويس. حرامين اچي ساڄي ٻانھن ۾ هٿ ڪڙي هنئي.
حاجيءَ گهڻو ئي گوڙ ڪيو. وڏيون واسطيداريون ڪڍيائين. پوليس وارن گاهه ئي نه وڌس. چيائونس؛ ”اس بنيي ڪي خلاف، باقاعده وارنٽ نڪلا هوا هي!“
کيس سمجهائيندي چيائون؛ ”وڃي ضمانت جو بندوبست ڪر! ان کان علاوه ٻي ڪا واه ئي ڪانھي“.
پوءِ خبر پئي ته لاهور جو ڊي سي صاحب به نگينه جي نيازمندن مان هئو. لاهور پھچڻ شرط، پنھنجي گهر وڃڻ بجاءِ، تـڙ ئي ڊي سيءَ جي حمام ۾ لاٿو هئائين. قصو ٻڌي، ڊي سي صاحب جي غيرت ايمانيءَ جوش کاڌو هئو. منھنجي لاءِ يڪدم حڪم نامو جاري ڪيائين؛ ”لاهور ايئرپورٽ پھچڻ کان پھريائين، واڻيي کي پڪڙيو وڃي. سندس اها مجال جو مسلمان ڇوڪريءَ سان ٿو زيادتي ڪري.“
سو سائين ائين پھتاسين هتي. ڪارو آھي اسان جو منھن. تڏهن ٿيا آهيون، راتوڪي رات سرڪار جا مھمان خاص. پوليس وارا نگينه کي به سڃاڻن ۽ حاجي بوٽا کي به سڃاڻن. حاجيءَ هڏي به ڪرائي اٿن. ان ڪري ٿڌا آهن ۽ بدتميزي نه ٿا ڪن.
آچر جو ڏيھاڙو آهي. حاجي مجبور ٿي ويو. موڪلائڻ وقت ٻڌائي ويو ته سڀاڻي رائيٽ ڪنيڪشن استعمال ڪري، ضمانت ڪرائي وٺندو. في الحال راتوڪي رات اکين تي ڪڍان.
هوڏانھن ڇوري به ڌمڪي ڏئي وئي آهي ته هو به پنھنجا رائيٽ ڪنيڪشنز استعمال ڪندي. انھيءَ ڳالهه کي يقيني بنائيندي ته منھنجي باقي حياتي جيل ۾ گذري.
سڀاڻي پاڻهئي خبر پئجي ويندي ته ڪنھن جا رائيٽ ڪنيڪشنز زور آهن. پئسا ڀري مال گهرائڻ واري حاجي بوٽا جا يا پئسن تي وڪامندڙ ڇوريءَ جا.
ڳالهه آهي هڪڙيءَ رات جي،  سا به گذري ته سھي نه !

**

No comments:

Post a Comment