Saturday, November 19, 2011

هــراس - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


هــراس
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

نيرڙي ٽپھريءَ جو وقت هئو. آسمان ۾ ڪڪر وسڻ لاءِ ڀرجي آيا هئا، ڄڻ مرضي هجين ته ڪو ڌاڙو هڻندا. ڌاڙيلن ۽ ڦورن وانگي هٿيار کنيو سنبريا بيٺا هئا ته جيئن ئي وجهه ملين ته هڻي ملڪ جو گهڙيءَ ۾ صفايو ڪري ڇڏين. اسان بسن ۽ ٽانگن جي سفر کان ٿڪجي پيا هئاسون. پھچڻ جي منزل اڃا اڳتي هئي.
اڳتي هلڻ لاءِ اسان کي جهنگ مان پنڌ ڪرڻو هئو. پھرين ته وک چڱي پئي پَئي. پر هڪڙا ڪُڙهيل ٻيو گهاٽو جهنگ ۽ اڻ ڏٺو ديس ڏسي ڏاڍا تنگ ٿياسين ۽ اڳين وک سا به پوئتي.
اسان کي ان ڳوٺ وارن خيرات جي دعوت ڏني هئي. اتي مون کي تقرير به ڪرڻي هئي. ٻئي ڪنھن هڪ اڌ مولوي صاحب کي به دعوت هئي. مان پنھنجي سؤٽ رستم سان ڳوٺان ٽانگي تي نڪري شھر پھتم. اتان هڪڙي کٽاره بس ۾ اچي پل وٽ لٿاسين ۽ هاڻي جتي وڃڻو هئو، ان ڳوٺ ڏانھن جهنگ جو پنڌ هئو. اسان جي استقبال لاءِ پل تي ڪو به ماڻھو نه هئو. اسان کي وڃڻو به ضرور هئو. جيڪڏهن تقرير ڪرڻ جي دعوت نه مليل هجي ها ته شايد هن خوفائتي جهنگل، مٿين ڪڪرن ۽ اڻانگي وقت کي ڏسي موٽڻ جا سانباها ڪيون ها! پر خدا جي راهه واسطي ۽ خير جي ڪم ڪري، سر تان هٿ کڻي، جتيون لاهي پوتڙن ۾ ٻڌيونسين. وَرَ ڪُنجي، اڳتي وڌياسين. جڏهن مٿي بيٺا هئاسين ته ڳوٺ نظر آيو پئي. هيٺ لٿاسين ته اکين کان اولو ٿي ويو. ڪو به پيچرو، هراس ڪري، سمجهه ۾ نه پئي آيو. هيڏي هوڏي لامارا ڏيڻ سبب، طرف جو تعين به نه پئي ڪري سگهياسين. اڻتڻ ۽ ڳڻتيءَ ۾ منجهي پياسين. مٿان گوڙ جو ٽڙڪو، هلڪي هلڪي هوا به هلڻ شروع ٿي وئي. وقت به، واري وانگر هٿن مان وهي، اونداهيءَ جا نشان ڇڏيندو پئي ويو. اِها حالت ڏسي دل صفا مايوس ٿي پِئي وئي.


گهڻي ھلاکيءَ کانپوءِ، صلاح ڪئيسين ته؛ ڪنھن کان رستو پڇڻ گهرجي. گهڻو هيڏي هوڏي ڦرڻ ۽ واجهائڻ کان پوءِ، هڪڙو ٻڪرار نظر آيو. کانئس پري کان ئي پڇيوسين؛ “ادا هيءُ پيچرو رئيس بھرام خان وارن جي ڳوٺ ڏي ويندو؟”
يار جواب ته نه ڏنو پر اسان ڏي منھن کڻي به نه ڏٺائين. اسان سمجهيو؛ شايد پري هئڻ جي ڪري ۽ ڪڪرن جي گوڙ سبب، اسان جو ڳالھاءُ، هن تائين نه رسيو آهي. تنھنڪري ٿورو اڳڀرو وڌي وڃي، هڪل ڪري پڇيوسينس؛ “او! ٻڪرين وارا! هيءُ پيچرو رئيس بھرام خان جي ڳوٺ ٿو وڃي!”
اڃا به جواب نه ڏنائين.
اسان کي شڪ ڇا پڪ ٿي وئي ته گھَلِ ٻوڙو آهي. تنھنڪري صفا ڀرسان وڃي، سندس هٿ ۾ جهليل لٺ ۾ هٿ وجهي لوڏيندي، چيوسينس؛ “ادا، هيءَ واٽ رئيس بھرام خان جي ڳوٺ ٿي وڃي؟!”
“ادا! ايڏانھن وڏيري جي اوطاق اٿو. اهو توهان کي رات ترسائيندو!” بي حوصلائيءَ مان جواب ڏنائين؛ “باقي مان ته غريب آهيان!”
“اڙي يار اسان کي دعوت آهي. اسان اوڏانھن وينداسين. اسان تو وٽ ڪونه رهنداسين. تون روئين ڇو ٿو؟”
“نه ادا نه، ائين ڪڏهن نه ٿيندو! مان توهان کي ڪونه ترسائيندس. اڃا سج آهي، توهان اِجهي اوطاق تي پھچي ويندؤ. هرڀرو منھنجو نه کائو.”
ڳالھائڻ ۾ صفا ليڪي کان ئي لنگهي ويو.
جواب ٻڌڻ سان ششدر ٿي وياسين. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
دل چي؛ ھيڪر جوتو لاهي وٺانس، نوانوي تي اچي ڀلجي وڃانس. وري ھڪ کان شروع ڪيانس ۽ سو تائين ڪٽيندو رهانس. تيستائين نه ڇڏيانس جيستائين ڪارو گڏهه هينگ نه ڪري.
اسان پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏي نھاريو. اشارن ۾ پڇيوسين؛ “هاڻي ڇا ڪجي؟ هيءُ يار ته وٺ جو ئي ناهي. چئو هڪڙي ته ٻڌائي ٿو تيرهين”.
انھيءَ ٻُڏ-تَر ۾ ئي هئاسين جو پڙلاءَ سان گڏ هڪ هڪل جو آواز آيو. ڳالھائيندڙ اسان کي پاڻ ڏانھن متوجہ ڪندي ٻڌايو؛ “ادا، اهو ٻوڙو آهي. توهان جي ڳالهه نه سمجهندو. اچو ته مان توهان کي هلي واٽ ڏيکاريان”.
سامھون هڪڙو ڇوڪرو گاهه مان ڳاٽو ڪڍي، اسان سان ڳالھائي رهيو هو.
وري چوڻ لڳو؛ “ٻه ٽي منٽ ترسو! مان گاھ مٺ ڪري وٺان ته گڏيا ٿا هلون”.
ٿورو ترسياسين. گاهه ڪري بس ڪيائين. کيس گاهه کڻائي، سندس پويان، سندس پيرن تي پير ڏيندا هلياسين.
ڇوڪرو سڀاءَ ۽ ڏيکاءَ جو ڏاڍو ڀلو هئو. سندس ملڻ جي ڪري اسان جي دل جي مونجهه ئي ختم ٿي وئي. هو رڳو هلڻ ۾ اسان جي رهنمائي نه ڪري رهيو هئو بلڪ ان سان گڏ اتان جون ڳالھيون به ٻڌائيندو پئي هليو. اسان رڳو هون، هان ۾ جواب ڏيندا پئي هلياسين.
چي: “هتي چوراڪاري زبردست آهي. اها رات خالي ناهي جنھن رات کاٽُ نه لڳي. اهي کاٽَ ۽ ڌاڙا ڄڻ ڳوٺ کي ڏاجي ۾ مليل آهن. هتان جا ماڻھو صفا ڄٽ، جاهل. نه وڏي جي شناس ۽ نه ئي ڪنھن ننڍي جي عزت، صفا موڳا. ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي هروڀرو هڪ ٻئي سان هٿ-کس ڪندي، هڪٻئي جو پٽڪو ضرور لاهين”.
گوڙ جو خوفائتو ٽڙڪو ٿيو. هو کبڙ جي هيٺان ڊونڊو ٿي لنگهندي، اها ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽي تڪڙو نڪري ويو. اسان به سندس پويان تڪڙا نڪري آياسين.
وري چوڻ لڳو: “هتي قتل ته عام آهي! جيڪو ٿو گهر مان رسي، سو به قتل ڪرڻ لاءِ بھانا جاچيندو ٿو وتي. هرڪو پنھنجي غيرت جي اظھار لاءِ ۽ هروڀرو ماڻھن ۾ پنھنجو نالو مشھور ڪرڻ لاءِ، اجايو سجايو ڪتي تان، ٻلي تان، ٺڪر تان، ٿانءَ تان جهيڙو ضرور ڪري. جي ٻيو نه ته پاسو ضرور هڻي لنگهندو. من ڪير نه ڪير ساڻس هٿ اٽڪائي. مڙيئي حق يا ناحق، پر خونن ڪرڻ جي سڌ هميشه دل ۾ هوندن. شرافت جي زندگي گذارڻ ۾ ته مزو ئي نه ايندن”.
اڳيان، هڪ ڪريل کبڙ جي ٿڙ مٿان ٽپو ڏئي لنگھيو. اڳڀرو هڪ ڊونڊي کبڙ جي هيٺان لنگهندي، هن وري اسان کي ٻڌائڻ شروع ڪيو: “انھن ڳالھين جو ڪو داد فرياد به نه ٿئي. پوليس ته ڄڻ اچي ئي ڪانه. جي اچي ته رڳو پنھنجي ڦُرڻ کائڻ لاءِ. ماڻھن کي انھن ڳالھين سان پنھنجي سر منھن ڏيڻو ٿو پئجي وڃي”.
گوڙ جو ڪڙڪو ٿيو. ڳالھائڻ بند ڪري، اڳيان ديوين جي وچ ۾، نانگ وارا وٽَ کائيندڙ سوڙهي پيچري مان، گاهه جي ڀريءَ ۾ ٻئي هٿ مضبوط وجهي، تڪڙو نڪرڻ لڳو. اسان به ڪپڙا بچائي سندس پويان وکون ڀرڻ لڳاسين.
ڳالھ کي وڌائيندي چوڻ لڳو: “ڌاڙيل پيا گهمندا ڦرندا، مجال آهي جو پوليس نالو وٺين. جيڪڏهن ڪنھن پوليس واري جي نظر ڌاڙيل تي پئي، ائين اچي ٻٽڪو ڪندو، جيئن گدڙ جي اڳيان ڪڪڙ”. انھيءَ چر مان نڪري هڪڙي ٻني تي هلندي چيائين.
ڪڪرن مان اوچتو، ڌماڪي سان، گوڙ جو آواز آيو. ان اسان جي لڱن ۾، ڄڻ سيئاندو وجهي ڇڏيو.
لاڳيتو ٻيو ڌوڙيو ٿيو. ڏڪڻي وٺي وئي.
گھڙي رکي ٿوري سانت ٿي. اڳتي وڌياسين. ٿوري پنڌ کانپوءِ، ٻني تان لھي، تازي کيڙهيءَ مان هلڻ لڳو. ڇو جو ٻني سان پنڌ ڊيگهارو هئو ۽ وچان ويجهو هئو.
کيڙهيءَ ۾ لھڻ وقت ٻڌائڻ شروع ڪيائين؛ “سائين باقي جيڪڏهن پوليس کي ڪو غريب ماڻھو هٿ اچي وڃي ته اُنَ ڪري ڇڏيس. بنا ڏوهه جي به غريبن کي گهران ڦاسائي ويندا. چوندس؛ اڙي ڪالهه هتان تو واري گهر جي ڀرسان اڇي ڪار لنگهي آهي. اسانکي به اطلاع نه ڪيو اٿئي. تو ڌاڙيلن لاءِ رند ٺاهي ڇڏيا آهن. مانيون ٿو کارائين. تر ۾ ڌاڙا ٿو هڻائين. هل ٿاڻي تي، صوبيدار صاحب گهرايو اٿئي. پوءِ ڀلي انھيءَ وقت جو ويلو، ڌاڙيلن کي صوبيدار صاحب پاڻ ئي کارايو هجي.”
 آسمان ۾ گوڙ جو ٽڙڪو ٿيو. همراھ ڳالھائڻ بند ڪيو. کيڙهيءَ مان، بار جي ڪري، هلڻ تي ٿيڙ کائڻ جي انديشي کان، سڄو ڌيان اوڏانھن ڏيڻو پئي پيس. تنھڪري ڳالھائڻ گهڙي سوا لاءِ بند ڪيائين.
کيڙهي ٽپي، اڳيان ٻني تي چڙهياسين. اهو ٻنو، هڪ سنھيءَ واٽ ۾ پيو. اها واٽ ڏِنگُ هڻي، ڳوٺ ۾ گهڙي وئي. اتي سج ٽٻي هنئين. آسمان الھندي کان صفا ڳاڙهو ٿي ويو هئو. ڄڻ ڪنھن ڪنوار جي شاديءَ واري رات جي پاتل پوتي هوا ۾ اڏامي، سج کي ويڙهي وئي هجي.
ڏِنگُ هڻي، ڳوٺ ۾ داخل ٿيندڙ واٽ مان، هڪ ٻي گهٽي نڪتي. ڇوڪرو اسان کي اتي پنھنجي منزل جون گهٽيون سمجهائي، پاڻ ان گهٽيءَ ۾ هليو ويو. اسان انھيءَ ڏس پتي تي اندر آياسين. ماڻھن جي هجوم، اسان جو استقبال ڪيو. تڙ تڪڙ ۾ وضو ڪيوسين ۽ مغرب جي نماز ادا ڪئي سين.
نماز کان پوءِ لنگر شروع ٿيو. خبر ناهي ڪيتريون ديڳون لٿيون. ٿالھن ۽ پاٽوڙن جي هڻ هڻان هئي. ڳوٺ ته ننڍو هئو، پر خلق الائي ڪٿان پئي آئي، جنھن ايڏو ڀتُ پِئي گِھليو.
ڀتُ به کٽڻ جو نه هئو ته کائڻ وارا به کٽڻ جا نه هئا. ماڻھو ماڪوڙن وانگر ڄڻ ٻرن مان نڪتا پئي. ويڙھ ويڙهان، دس دسيان، لٺ لٺيان لڳي پئي هئي. ڪو ڪيڏانھن پاٽ جهلي بيٺو آهي ته ڪو ڪيڏانھن. ڪيڏانھن پاڻيءَ جي دانھن ته ڪيڏانھن ٻوٽين ۽ ڀت لاءِ رڙيون. مٿان کنوڻ ۽ گوڙ جي راڙو راڙ. ايترو ته چرٻروٽ لڳو پيو هئو جو ڀرواري جو به آواز سمجهه ۾ نه پئي آيو.
اهو حشر ۽ ماحول، عشاء جي نماز پڙهڻ کان به گهڻي دير وئي تائين پئي هليو. نه ماڻھو پيا کٽن، نه پئي ڀت کٽو. ڳوٺ جا ماڻھو ته ٺھيو پر ٻين ڀروارن ڳوٺن جا ماڻھو به انگوڇن ۾ ڀت جون پُٺارڪون ٻڌي، ڳوٺن ڏي کڻي پئي ويا. اسان انھيءَ آسري ۾ هئاسين ته ڪھڙي وقت ٿو ڀت ختم ٿئي ۽ ڪھڙي وقت ٿو اسان کي انھيءَ ڪم جو حڪم ملي، جنھن لاءِ اسان آيا هئاسون.
ڀت هليو ئي پئي ته اوچتو ‘ڍڙام، ڍڍ ....... ڍڙام’ جي آوازن ماڻھن کي ڇرڪائي وڌو. گوڙِ جي آواز ۾ بندوق جو ٺڪاءُ پڌرو هو. ڀت وارن ۾ چُپِ ڇانئجي وئي. سڀ ڇَڙھ ٿي ويا. ڄڻ ته اهي بندوق جا ٺڪاءَ نه پر انصاف جي ڪورٽ ۾ ڪنھن جج جا ٽيبل تي لڳايل هٿوڙا هجن ۽ جن سان گڏ هن “آرڊر، آرڊر” جا لفظ به ادا ڪيا هجن. ٽڙڪاٽ سان ڪڪرن مان گوڙ جو آواز آيو. ٺڪائن واري طرف کان ڪوڪريا شروع ٿي ويا. ڪتن ۾ باهوڙ پئجي وئي. کنوڻ جو ڀيانڪ چمڪاٽ ٿيو. ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين اڳيان اونداھُ ڇانئجي ويو.
ماڻھن ۾ ڊِيھاڙُ پئجي ويو. ڀت هٿن مان ڇڏائجي وين. جنھن طرف کان ‘خون ڙي خون’ جون رڙيون ۽ ڪوڪون آيون پئي، سڀئي اوڏانھن وٺي ڀڳا.
سڄي ميدان ۾ ڀت گانبولبو پيو هئو. ڪو پاٽوڙو ڪاٿي اونڌو ته ڪو گلاس ڪاٿي ڪريو پيو هئو. ڪا ديڳ اڃا چلهه تي ئي سڙي پئي ته ڪو پادر ۽ پٽڪو ڪٿي ڪريو پيو هئو. ٿوري لڪڙ جهڪڙ شروع ٿي. هوا ۾ مٽي به هئي ۽ ٿوري تيزي به هئي. ڀت ڀت ٿي ويو، واعظ واعظ ٿي ويو.
ڪلاڪ اڌ جي طوفان کانپوءِ، ٿوري ڦُڙُ ڦُڙُ پئي. رکي رکي نيٺ طوفان بند ٿيو. مٽي به ختم ٿي. جيڏانھن تيڏانھن زندگي سُنِ ٿي وئي. ايتري ۾ ٻه چار ماڻھو جاءِ واردات تان ٿي موٽي آيا. خبر ڏنائون ته؛ ڪن هٿياربندن دلاور جي گهر تي حملو ڪيو ۽ کيس گوليون هڻي، ماري ڀڄي ويا.
اسان جون وايون بتال ٿي ويون. وائيسر ڦري ويا. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. هڪ پرديس ۾ ۽ مٿان هھڙي واردات. اچي رڦڻيءَ ورتو. صفا ششدر ٿي وياسين.
مسجد جو پيش امام اچي اسان جي کٽ تي ويٺو ۽ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳو. ٻڌايائين؛ “دلاور جي وڏي ڀاءُ احمد، هڪ دفعي ڪن چورن کي گهر ۾ کاٽ هڻندي پڪڙي وڌو هئو. بندوق سان سندن مقابلو ڪيائين. هڪڙو ڌڪي ٿي پيو ۽ ٻئي کي ماري وڌائين. اھي، اتفاق سان، سندن ئي ذات وارا هئا. هتان جا ته نه هئا پر ٿورا پري جا مائٽ به هئن. ھونئن به هرڪو چوري ٿو ڪري ڏس تي. پوءِ انھن جي وارثن، احمد کي ڌمڪي ڏني هئي، ‘اسان توکي ضرور مارينداسين.’ انھيءَ ڀؤ کان، احمد ته گهر ڇڏي خبر ناهي ڪاڏي گم ٿي ويو آهي پر اڄ پلاند ۾ سندس ڀاءُ دلاور کي گهر ۾ هلان ڪري ماري وڌائون”.
ساري رات اڻتڻ ۾ گذري. بيقراريءَ جي عالم ۾ هر هر اٿي به پوان پيو. دل تي وڏو هائث ڇانيل هئو. نيٺ، خدا خدا ڪندي، رات گذري ۽ صبح ٿيو. نماز کانپوءِ ناشتو مليو. زورين مسين، ڪلاڪ اڌ ترسايائون ته جيئن جنازي نماز پڙهائي، پوءِ وڃون.
اسان کي هڪڙو خوف، ٻيو تڪڙ. چئون ته؛ اسان جو رسو نڪري ته اسان هينئر ڳوٺ پھچون، پوءِ ٻي ڳالهه ٿئي. اسان جي منٿُن تي اسان کي اجازت ملي. اڃا هلياسين پئي ته ماڻھو جنازو به کڻي آيا. دل ۾ خيال آيو ته؛ ڀلا منھن ته ڏسندا وڃونس. لاش جي مٿان آياسين ته هڪڙي ماڻھوءَ، ڪفن کولي اسان کي منھن ڏيکاريو. ميت جو منھن ڏسڻ سان، ڌرتي پيرن هيٺان ڇڏائجي وئي. هوش ۽ حواس باخته ٿي ويا. زبان مان ڪو به لفظ نه اُڪليو. اهو لاش، انھيءَ ساڳئي ڇوڪري جو هئو، جنھن ڪالهه اسان کي هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مدد ڪئي هئي.
جنازي جي نماز پڙهائڻ لاءِ مجبور ٿي وياسين. نماز کانپوءِ ائين گولي ٿي وياسين جو گس جي به خبر نه پِئي پَئي. کيڙهيءَ مان ٿا هلون يا ڪانڊيرا پيرن ۾ آهن. ٻني تان ٿا ھلون يا لوڙهن مان ڌوڪيندا ٿا وڃون. ڪا خبر نه پِئي پَئي. نيٺ ڪپڙا ڦاڙائي اچي الائي ڪٿان رستي تي چڙهياسين. بس آئي. هٿ ڏئي چڙهياسين.
بس رستي تي ڊوڙندي رهي ۽ اسان جي دل جو ڌڙڪو، اڳ جي ڀيٽ ۾، گهٽجندو رهيو.

No comments:

Post a Comment