Wednesday, November 16, 2011

اڌوري تصوير - انيس انصاري

اڌوري تصوير
انيس انصاري
هو ڄڻ گرانٽ وڊ جي پينٽنگ مان نڪري اتي اچي ويٺا هئا. اها ئي گنڀيرتا، اهو ئي تقدس، اهي ئي وقت جي گاڏيءَ جي ڦيٿن جون بنايل سندس چهرن تي اڻ مٽ ليڪون، مان سڙڪ جي ڪناري بيهي کين ڪجهه وقت ڏسندو رهيس.
آفتاب مون کي آرٽ ڪائونسل ۾ ڇڏي، پاڻ اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي اچڻ جو وعدو ڪري، گاڏي ڪاهي هليو ويو. اڌ ڪلاڪ جي بدران مون نمائش ۾ سندس ڪلاڪ کن انتظار ڪيو، پر هو ڪو نه آيو. ان ڪري مان اڪيلو پنڌ ئي پنڌ گوئٽي انسٽيٽيوٽ وارو رستو ڏئي روانو ٿيس. انسٽيٽيوٽ کان ٽي چار عمارتون ڇڏي، مون هڪ پراڻي عمارت جي پورچ ۾ کين ويٺل ڏٺو. خاموش، پنهنجن خيالن ۾ گم، ٻه ستر سالن کن جي پيٽي ۾ انسان، عورت ۽ مرد.


گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ اڀرندڙ فنڪار قمرالزمان جي آرٽ جي نمائش هئي. هن دفعي نه ڪنهن دوست کي هلڻ جو چيم ۽ نه وري آفتاب کي ئي گاڏيءَ لاءِ چيم. جيڪب لائينس مان نڪري صدر لتاڙي، رکيم رخ گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڏانهن. دراصل آرٽ جي نمائش کان وڌيڪ مون کي ان قديم گوٿڪ طرز تعمير واري پٿر جي ٺهيل عمارت جي پورچ ۾ ان پوڙهي ۽ پوڙهيءَ کي ڏسڻ جي خواهش هئي، جن کي ڪجهه مهينا اڳ آرٽ ڪائونسل مان موٽندي اتي ويٺل ڏٺو هيم. اڄ به هو ساڳئي فريم ۾ فٽ پئي نظر آيا، رڳو زوم لينس کي گهمائي کين فوڪس ۾ آڻي ڪلڪ ڪرڻي هئي. هو منهنجي ڪئميرا جي رنگين فلم ۾ هميشه لاءِ اتارجي ويا.
پوڙهن جا به آهن موڊ، ڪڏهن نظر انداز نه ڪرڻ جهڙين ڳالهين تي کلي ڏيندا آهن، ڪڏهن ڪنهن معصوم حرڪت تي غضبناڪ ٿي ويندا آهن. مون کين سندن قدرتي موڊ ۾ ڏسڻ پي گهريو، پر هو هميشه گنڀيرتا جو ماسڪ منهن تي چاڙهي، سامهون تڪيندا نظر ايندا هئا.
ميوزيم ۾ اسلامي خطاطيءَ جي نمائش هئي. موٽندي آفتاب کي گوئٽي انسٽيٽيوٽ واري رستي تان هلڻ لاءِ چيم. انسٽيٽيوٽ وٽ پهچندي، آفتاب کي گاڏي ڍري ڪرڻ لاءِ چيم. پورچ ۾ ٻه ڪرسيون پيل هيون، انهن مان هڪ تي پوڙهو ويٺل هو. پوڙهي ٻاهرين گيٽ وٽ ڪنهن اوسيئڙي ۾ بيٺل پئي نظر آئي. مون آفتاب کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو. لهي وٽس ويس ۽ انگريزيءَ ۾ کانئس پڇيم: ”مان ڪا اوهان جي خدمت ڪري سگهان ٿو.“
”ضرور!“ هن وراڻيو؛ ”منهنجي لاءِ خوشيءَ جو باعث بڻبي.“
”مارٿا اڄ ڪا نه آئي آهي. ڊبل روٽي، بيضا ۽ مارجرين ختم ٿي ويا آهن. ڦيريءَ واري جي انتظار ۾ بيٺل هيس.“
”هن وقت ته هو مشڪل ايندا هوندا.“
”ايندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن.“ هن وراڻيو.
مون سندس گهربل شيون آڻي ڏنيون.
وڏي ڏينهن تي مون انهن کي سوکڙي موڪلي. ائڊريس مون سندن گيٽ واري براس پليٽ تان نقل ڪئي هئي. جواب ۾ انهن منهنجو شڪريو مڃيو ۽ ڪنهن موڪل واري ڏينهن تي اچڻ لاءِ چيائون.
مسٽر ۽ مسز ڊسوزا، گوئن هئا، پر هندستان ۽ بعد ۾ پاڪستان ۾ هو ايترو ته رهيا هئا، جو هو پنهنجي اصلي وطن کي وساري چڪا هئا. گوئا ۾ هاڻي سندن هئو به ڪير؟ هو پاڪستاني هئا ۽ پاڪستان ۾ پورجڻ پسند پئي ڪيائون. کين رڳو هڪ ڌيءَ هئي جا مس ڊسوزا مان بدلجي مسز رچرڊسن ٿي، آمريڪا جي ڪنهن رياست ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ رهندي هئي. پنهنجي ڌيءَ جا ننڍپڻ، جوانيءَ، شادي ۽ بعد جا فوٽو. هو مون کي چاهه مان ڏيکاريندا هئا. مسز رچرڊسن، هاڻي ٻن ٻارن جي ماءُ هئي. هوءَ شاديءَ بعد رڳو هڪ دفعو پنهنجي والدين سان ملڻ پاڪستان آئي هئي. هن وقت هوءَ چاليهن جي پيٽي ۾ ته واهه جي هوندي.
مسٽر ڊسوزا نوڪريءَ جي سانگي انگريزن جي زماني ۾ ڪراچي پهتو هو، جتي کيس انتظاميا ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. نوڪريءَ جي دوران سندس واقفيت مس ماريا واٽسن سان ٿي هئي، جا بعد ۾ سندس زندگيءَ جي ساٿي بني. پينشن تي اچڻ بعد ڊسوزا فئمليءَ، موجودهه بنگلو هڪ انگريز ميجر کان خريد ڪري ورتو هو، جو واپس انگلينڊ وڃي رهيو هو.
ڊسوزا هائوس، انهن پٿر جي بنايل عمارتن مان هڪ آهي، جي ڪراچيءَ ۾ ڪنهن وقت ته ڪافي هونديون هيون، پر اڄ خال خال نظر اچن ٿيون. مسٽر ۽ مسزا ڊسوزا پنهنجي گهر ۾ اڪيلا، پنهنجين پراڻين يادگيرين جي سهاري جيئندا هئا. سندن گهر جي صفائي هڪ جمعدار ڪندو هو ۽ سندن روزمره جي ضرورت جي پورت مارٿا ڪندي هئي، جا صدر جي علائقي ۾ رهندي هئي.
ڊسوزا فئمليءَ پنهنجي جيئري ئي هڪ انڊر ٽيڪر سان طئي ڪري ڇڏيو هو ته سندن مرڻ بعد کين ڪرسچن طريقي سان تدفين لاءِ ذمو قبول ڪري.
وقت ڏاڍي وٿي ٿو وجهي، نفرتن ۾ به ۽ محبتن ۾ به! منهنجي بدلي سنڌ جي اندروني حصن ۾ ٿيندي رهي. ڪم جي گهڻائي ۽ گهرو جهنجهٽن ۾ ڊسوزا فئمليءَ جي ياد مون کي تڏهن ايندي هئي، جڏهن پنهنجا پراڻا البم ڪڍي، ڪراچيءَ جون يادگيريون تازيون ڪندو هئس. ڊسوزا هائوس ۾ ٻن ڪرسين تي ويٺل جوڙي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هئس ته، جي ان جوڙي مان ڪو به هڪ....، ان تڪليف ڏيندڙ خيال کي ذهن مان تڙي، پنهنجن خيالن جو رخ ٻئي طرف تبديل ڪري ڇڏيندو هيس.
آفتاب جي ڀاءُ نعيم جي شاديءَ جو سڏ هو. باوجود سرڪاري ڪم جي گهڻائيءَ ۽ ضروري هئڻ جي، ٽن ڏينهن جي موڪل وٺي ڪراچيءَ پهتس. پهريان ٻه ڏينهن ته آفتاب جي بلي هئا. البت ٽئين ڏينهن تي آفتاب جي ئي ڪال تي ڊسوزا هائوس جو رخ ڪيم. هائوس اڄ گرانٽ وڊ جي اڌوري تصوير جي ڏک ڏيئي رهيو هو، جنهن ۾ عورت ته موجود هئي، پر مرد غائب  هو.
پورچ ۾ رڳي هڪ ڪرسي پيل هئي.


No comments:

Post a Comment