Tuesday, November 29, 2011

چوٽيھون در - نسيم احمد کرل


نسيم احمد کرل
باک مھل پاڻيءَ جي ماپ وٺندي، ھن جي اوچتي نظر وڃي ھڪ لاش تي پئي، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي ڳچي آروپار ڪپيل ھئي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل ھئي. لاش ڏسي ھو ھراسجي ويو ۽ ڪي گھڙيون ڀت کي ھٿ وجھيون چپ چاپ بيٺو رھيو. ڳپل مھل کان پوءِ ھن تان ٿورو ھراس لٿو ته وري لاش کي غور سان ڏسڻ لڳو. لاش ڪنهن زائفان جو ھو، جنهن کي ڳاڙھو گھگھو پيل ھو، جنهن جا ڊگھا وار پاڻيءَ ۾ لڙھڻ ڪري کلي پيا ھئا ۽ جنهن جو ڀورو باھ جھڙو رنگ ان لڙئي پاڻيءَ ۾ به ڪوڏ جيان پئي جرڪيو. ھن جي ھڪ دل گھريو ته جيڪر ان ڦڏي ۾ ئي نه پوي ۽ در کولي لاش کي ھيٺ لوڙھي ڇڏي، پر وري ٻيءَ دل ھن کي ائين ڪرڻ کان جھليو ۽ کيس رب جي ڏاڍي سرڪار ياد ڏياري، جا اھڙين ڳالھين ۾ راضي ڪانه ھئي. ھن دل ئي دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته ھو پاڻ وڃي ٿاڻي تي فريادي ٿيندو ۽ صوبيدار کان ڪرڙي جانچ ڪرائي، خونين کي سوگھو ڪرائيندو. اھو ارادو ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ڪلف کڻي در بند ڪرڻ لڳو. در بند ڪري اوچتو ھن کي پور پيو ته جيڪر پنهنجي ترتي عملدار، سروير کي اھو سمورو مذڪور ٻڌائيندو وڃي. ان پور تي ھن وڃي سروير جو ڪوارٽر جو ڪڙو کڙڪايو. پر سروير جو سڄي رات سکر گھمي ۽ فلم ڏسي اسر موٽيو ھو، سو ڪيئن پيو اھي اٺين ٻارھين آنين وارا کڙڪا ٻڌي. پر ھن در کي ايستائين نه ڇڏيو، جيستائين سروير اچي در نه کوليو. اکيون مھٽيندي کانئس پڇيائين: ”ڇو ڙي ڪو کنڊ پيو آ ڇا؟“
 
”نه سائين، کنڊ ڪونهي پيو، پر ھڪ لاش اچي در ۾ ڦاٿو آ.“
”پوءِ مون کي ڇو جاڳايئه، مان ڪو صوبيدار آھيان؟“
”سائين، ٿاڻي تي وڃان ٿو، پر تو کي اطلاع ڏيڻ آيم جو متان دير ٿي وڃي.“
”دير، شام تائين موٽي آئين ڄڻ لک کٽيئه. پوءِ ته روز حاضريون کارئيندءِ.“
”ھا سائين، مٿئون جو اچي پئي، منهن ته ڏبو نه.“
”ڀلي وڃي منهن ڏي، پر ٻي ڳالھ ٻڌ، متان فرياد ۾ منهنجو به نالو شاھدي ۾ لکائين.“
”نه سائين، تنهنجو نالو ڪونه ايندو. چوندس ته لاش ڏسي، سڌو ٿاڻي تي آيو آھيان.“
”ٺيڪ آ، ائين چئجانءِ.“ سروير در بند ڪيو.
ھو وري بئراج تي آيو ۽ سکر طرف ھلڻ لڳو. ھن اڃا سڏ کن پنڌ ڪيو ھو جو پوئتان کيس ٽرڪ جون بتيون نظر آيون. ٽرڪ ڊرائيورن جي وڏائيءَ جي کيس چڱيءَ طرح خبر ھئي. ھو ھھڙي تهڙي کي ته سگنل به ڪونه ڏيندا آھن، پر ھن کي به سکر جو پنڌ سجھيو ته ھن به کڻي ھٿ ڏنو. ڊرائيور به ڪو اشراف جو پٽ ھو، جو کڻي ٽرڪ جھليائين. ھو خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ ڊرائيور جو ٿورو مڃڻ لڳو، جنهن ٽرڪ جھلي کيس ڄنگھن ھڻڻ کان بچايو ھو. ان ٽرڪ کي بيھارڻ ۽ کيس پنڌ کان بچائڻ ۾ مرضي به مولا جي ھئي، جو سندس ان ڪم ۾ راضي ھو. ٿاڻي جي در کان ٿورو پرتي ھو ٽرڪ جھلائي لٿو ۽ گيٽ اندر ٿيو. سامھون بيٺل سپاھيءَ کان صوبيدار جي پڇا ڪيائين.
”صاحب جانچ ۾ ويل آ.“ سپاھي کيس ڪياڙيءَ سان ورندي ڏني.
”جمعدار، مون کي صوبيدار وڏي سان ضرور ملڻو آھي. اھي ڳالھيون ڇڏ ميان!“
”ڇو، ڪا فرياد آ ڇا؟“
”ھا ميان، فرياد آ.“
”ھينئر فرياد داخل نه ٿيندو. ٻٽي ڏينهن رکي پوءِ اچجانءِ، سال جي پڇاڙي آھي، ڏوھ اڳ ۾ ئي وڌيل آھن.“
”ميان، ڪا چوريءَ کاٽ جي ڳالھ ٿوري آھي. خون ٿيل آ خون!“
”تون ڪيو آ ڇا خون؟ ڪٿي آھن ھٿيار؟“
”ھٿيار صوبيدار ئي وٺندو، مون کي ڇڙو ساڻس ملاءِ.“
”اھي سنها ڪم به صوبيدار وڏو ڪندو ته باقي مان ھي مڇون اس ۾ اڇيون ڪيون آھن؟ جلد پيروي ٻڌاءِ.“
”جمعدار، تڪڙ گھٽ ڪر، مان به ڌڻڪو آھيان ۽ تو جھڙو ئي سرڪاري ملازم آھيان.“
”کڻي آسمان تان اڏري لٿو ھجين، توکي حقيقت ٻڌائڻي ئي پوندي.“
”جمعدار، ھروڀرو ٿو ضد ڪرين. صوبيدار وٽ تون به ٻڌجانءِ.“
سپاھي ھن مان ڪو چاڙھو نه ڏٺو ته لاچار کيس صوبيدار جي ڪوارٽر ڏانهن وٺي ھليو. صوبيدار به ھينئر تازو اٿيو ھو ۽ چانھ پئي پيتائين. سپاھيءَ سلوٽ ھڻي صوبيدار کي چيو: ”سائين، ھي فريادي آيو آ.“
صوبيدار ڪرڙي اک کڻي پنهنجي سپاھيءَ ڏي ڏٺو ۽ خار مان کانئس پڇيائين: ”اڙي عقل جا دشمن، ٿاڻي تي منهنجي آمد آھي جو مون ڏي وٺي آئينس!“
”سائين، مان ته ھن کي ٻڌايو ته صاحب گناھ نمبر 224 جي جاچ ۾ مصروف آھي، پر ھن جو ڳؤري ڳالھ ٻڌائي ته لاچار کيس وٺي آيس. پاڻ به سرڪاري ملازم آ.“
”ڇا ٿو ٻڌائي؟“
”سائين، چئي ٿو ته خون ٿيل آ.“
”خون، چڪلي ۾ ڇا؟ پر اتي ته سڄي رات رائونڊ ۾ ھوس.“
”نه سائين، مون کي ته جاءِ واردات جي خبر ڪانهي، اوھان کي پاڻ ٻڌائيندو. اڙي ميان، ويجھو اچي صاحب کي سموري حقيقت ٻڌاءِ. ڊڄ ڊپ نه، سچ ٻڌائيندين ته فائدو پوندءِ.“ سپاھيءَ ھن کي سڏي چيو.
ھو اڳتي وڌي صوبيدار جي ڀرسان آيو ته صوبيدار کائنس پڇيو: ”ميان، تون ڪھڙي کاتي ۾ آھين؟“
”سائين مان گيج ريڊر آھيان سکر بئراج تي.“
”ھا، حقيقت ڪر.“
”سائين، مان صبوح جو دستور موجب پاڻيءَ جي ماپ پئي ورتي ته ھڪ لاش ڏٺم، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي ڳچي آروپار ڪپيل آھي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل آ.“
”لاش مرد جو آ يا عورت جو؟“
”عورت جو.“
”لاش پڪ مڇيون کائي ويون ھونديون ۽ شناخت کان زور ھوندو.“
”نه سائين، اڃا سلامت آ.“
”ھون، ڪا خبر چار؟ ڪو آيو، ڪو ويو؟“
”نه سائين، اسان وٽ ته ڪو ڪونه آيو.“
”ڪوڙا خان، ٿاڻي تي ته ڪو وارث وصي ڪو نه آيو؟“ صوبيدار پنهنجي سپاھيءَ کان پڇيو.
”نه سائين، ھتي به نه جن نه ڪن.“
صوبيدار وري ڏانهنس ڪنڌ ڦيرايو: ”ھا ميان، ڪھڙيءَ مھل لاش ڏٺئه؟“
”سائين، باک پي ڦٽي.“
”اتي ٻيو ڪير ھو؟“
”ڪو ئي ڪو نه، مان اڪيلو ھوس.“
”پوءِ ڪنهن کي ٻڌائيه؟“
”ڪنهن کي ڪونه، سڌو ٿاڻي تي آيو آھيان.“
”تون پاڻ ڪٿي رھندو آھين؟“
”سائين، سکر بئراج تي ڪوارٽر مليل آ.“
”اڪيلو رھندو آھين يا ٻارين ٻچين؟“
”سائين اڪيلو.“
”ھا ميان، اڪيلو ڇو نه رھندين، مڙس به شوقين ٿو ڏسجين!“
”شوقين ڪيئن سائين؟“
”ميان لبِ مھراڻ تي روز ھڪ ٻئي کان اور ٿيون اچي گڏ ٿين، تو به ھڪ کن ته تاڙي ھوندي.“
”نه سائين، مان انهن ڳالھين کان پري آھيان.“
”انهن ڳالھين کان پري ھجين ھا ته خون ڇو ٿئي ھا، لاش ڇو لڀي ھا!“
”سائين مان نه سمجھيو.“ گيج ريڊر کي پگھر اچي ويا.
”برابر، تون ھاڻي ائين سمجھندين به ڪو نه، پر اھا مھل آئي ته پاڻھي طوطي وانگر ٻوليندين.“
”سائين، توھين مون ۾ اجايو شڪ ٿا رکو. مان اھڙو ڪم ڪيان ھا ته لاش ھيٺ نه لوڙھي ڇڏيان ھا. آخر مون کي ڪنهن پئي ڏٺو؟“
”ھا، اھا ڳالھ تنهنجي فائدي ۾ آھي، ان کي ضرور خيال ۾ رکبو. چڱو لاش جو حليو ته ٻڌاءِ.“
”سائين، مان ھيٺ لھي ته ڪونه ڏٺو جو ھراس پئي ٿيو. باقي فوتڻ رنگ جي ڀوري، ڊگھن ڪارن وارن سان، ڳاڙھو گھگھو ڀرت سان......“
”وئي، وئي!“ صوبيدار ڳوٽ ڀڳي.
”ڪئين وئي سائين؟“
”پڪ ڪنهن گھگھيلي ڪاري ماري، پنهنجو منهن ڌوتو.“
گيج ريڊر اڃا اھو گفتو نه سمجھيو، سو صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، ڪنهن منهن ڌوتو؟“
”ميان، تون ڄٽ ماڻھو، توکي انهن ڳالھين جي ڪھڙي خبر؟ اھي غيرتون گھگھيلن کي، جو ڪو مھڻو ڏئين ته ان تي ئي آءُ ڪن.“
گيج ريڊر ھينئر اھا ڳالھ سمجھي ويو، سو صوبيدار کي چيائين: ”سائين، اھي ڪھڙي قرآن ڪتاب ۾ جائز آھن؟“
”ٻروچ ھن قانون کي ڇا ٿا سمجھن، اھڙا خون ته ھنن لاءِ جائز آھن.“
”پر سائين، قانون ۾ ته ڏوھي آھن.“
”ھا ميان، قانون ۾ ته سڌو سنئون 302 آھي، پر ڪير فريادي ٿئي ۽ ڪير باڪو ٿئي؟ ان ڪاريءَ جو ڀاءُ ۽ پيءُ به جوڻي نه کڻندا. ٻيا مائٽ ته پري ٻڌ.“
”پر سائين، اوھان اکيون وجھونِ ته اھي ڏوھ ڪيئن ٿا لڪي سگھن؟“
”ھا، جي ڊگھي جاچ ڪبي ته اٽي مان وار به ڪڍي ڇڏبو. مون کي ته اھڙو آزمودو آھي، جو ڪو خونيءَ کي کڻي گلاب جي عرق ۾ وھنجاري سؤ ماڻھن سان گڏ بيھاري، ته به مان ھڪ پل ۾ ڪن کان وٺي ٻاھر ڪڍندوسانس ته پٽ ماءُ جا، ھتي ٿي بيھ!“
”واه سائين واه، اھو وري ڪيئن؟“
”خون جي ڌپ! خوني مان ڪا رت جي ڌپ ويندي؟“
”پوءِ ته سائين وارو ڪيو.“
”ميان، ھن ڪاريءَ جي ڪيس ۾ ڪنهن کي پڪڙي ڪنهن کي پڪڙيان؟ جنهن ٻروچ ۾ ھٿ پوندو تنهن مان خون جي ڌپ ايندي!“
”پر سائين، اھو به ته ٿي سگھي ٿو ته فوتڻ ڪاري نه ھجي ۽ واٽ ويندي، پاڻي ڀريندي، ڪنهن شڪاريءَ کي ھٿ اچي وئي ھجي ۽ ان پوءِ ڀو کان ماري کيس لوڙھي ڇڏيو ھجي.“
”ھا، ائين به ٿي سگھي ٿو، پر اھڙو امڪان اٽي ۾ لوڻ برابر آھي.“
”سائين، ھڪ ڀيرو جانچ شروع ٿي ته پاڻھي دڳ ٿيندو ويندو. خون ۽ کٿوريون ٿورو لڪنديون آھن.“
”ميان، ھھڙي خون جي مولا نه جاچ ڪرائي. ھيءَ جاچ ته رھندو گھر جا ٽپڙ به گھليندي.“
”ڪيئن، سائين؟“
”بابا، لاوارث لاشن جون جاچون ڪي سوليون آھن. پھريون لاش ڪڍائڻ تي مزوري، پوسٽ مارٽم جو خرچ، فوٽو گرافر، جيپن جا ڀاڙا ڪرايا، لاش جو دفن ڪفن، ان کان پوءِ بالا آفيسرن جا سھما، روز پيا پڇائون ڪندا، جيستائين ٻه ڏوڪڙ سندن منهن ۾ نه ھڻبا. ميان، در کولي، لاش لوڙھي ڇو نه پئي ڇڏيئي؟“
”سائين، اھڙو پاپ مون کان ڪيئن پئي پڳو. مولا الائي ڪھڙين ڳالھين ۾ راضي، شل حقؤن به رکي ناحقؤن به .“
”پر ھاڻي تو گناھ ڪيو يا مان، جو ٻئي پيا رولڙا پسون. ميان، خون جو فرياد ڪا چرچي جي ڳالھ ڪانهي. روز روز حاضريون کائي ٿڪين ته پاڻھي بان ڪندي.“
”سائين، مون کي اھي حاضريون چڱيون آھن، پر اھڙو ڪڌو ڪم مون کان نه ٿيندو، منهنجي فرياد وٺ.“
”ھا ميان، تو مان جند ڪانه ڇٽندي. ننڍي ھوندي مائٽن ڪو گڏھ جو کير پياريو ھيئي الائي ڇا.“
”سائين، جيئن سمجھين.“
”ڪوڙا خان، منشيءَ وڏي کي سڏ ڪر ته ھي فرياد وٺون.“ صوبيدار پنهنجي سپاھيءَ کي چيو.
منشي وڏو پنا، ڪاربان، رول، پينسلون کڻي آيو ۽ اچي صوبيدار جي ڀرسان موڙي تي ويھي، رول سان پني تي ليڪا ڪڍي، صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، پھريون ڪچي پني تي ٺاھيون ته پوءِ ٿا 154 تي آڻيون.“
”وڏا، مڙيئي ڌوڙ وجھينس، يا جيئن وڻئي تيئن ڪر، ڀلي پھريون ڪچي ٺاھ.“
منشي وڏي بنا ڪاربان ٺاھي پينسل ھٿ ۾ کڻي، صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
”وڏا لک فرياديءَ جو نالو، ڇا ٿي نالو؟“
”سائين، غلام محمد پٽ نور محمد.“
”وڏا، لک – فريادي غلام محمد پٽ نور محمد، گيج ريڊر سکر بئراج، ڏوھ قلم 302 وقت اطلاع صبوح جو ڇھ بجي، وقت رپورٽ...... وڏا، بيھ ته، روزنامچو ڪيستائين لکيو اٿئي؟ ھينئر ته ڏھ ٿيا آھن.“
”روزنامچو رات کان بند آ، ھينئر وڃي لکندس.“
”ٺيڪ آ ته پوءِ لک – وقت رپورٽ داخلا جو سوا ڇھ بجا، وقت جانچ جو، بروقت پوليس طرفان ڪا دير ڪو نه. ھا بابا، لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
”سائين، سکر بئراج جي چوٽيھين در ۾.“
”وڏا، وارو ڪر، ڏس ته اسان جي ٿاڻي جي حد ڪھڙي در تائين آھي؟“
منشي وڏو تڪڙو ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ پري کان رجسٽر کنيون ٻهڪندو آيو ۽ چوڻ لڳو: ”سائين، اسان جي ٿاڻي جي حد ڪانهي.“
”واه قلندر! ميان، وڃ روھڙي ٿاڻي. ان حد ۾ نه اسان جو اڌ نه ٽھائي.“ صوبيدار مرڪندي چيو.
”سائين، ائين ڪيئن ٿا ڪيو؟“
”ميان، اعتبار نٿو اچئي ته کڻي پاڻ رجسٽر ڏس.“
”سائين، فرق ته رڳو ھڪ در جو آھي.“
”بادشاھ، ھڪ در جو فرق ته وڏي ڳالھ آ، پر ھڪ تِر جو ھجئي ته به وک نه ھلانءِ. مان آخر پرائو سور پنهنجي مٿي ۾ ڇو وجھان؟“
”مڙئي سائين مھر ڪر.“
”اڙي ڪو چريو چئبين. ليلھڙاٽ ته ائين ٿو ڪرين، ڄڻ ڪا پنهنجي سڳي ھجئي. ميان، تنهنجو ڇا؟“
”پوءِ سائين، مان ڇا ڪيان؟“
”بابا، تون روھڙي ٿاڻي تي وڃ، اتي وڃي اھا رپورٽ ڏي.“
”اھو جو رپورٽ نه وٺي؟“
”ڪيئن نه وٺندو؟ سندس حد آ.“
گيج ريڊر وري روھڙيءَ ڏانهن کڙي ڪئي ۽ ذري گھٽ منجھند اچي ٿاڻي تي پھتو. ڪلاڪ ڏيڍ جي انتظار کان پوءِ مس مس صوبيدار سان ملاقات ڪيائين ۽ کيس خون ٿيل لاش جي لڙھي اچڻ جي خبر ٻڌايائين.
”لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
”سائين، سکر بئراج جي چوٽيھين در ۾.“
”منشي وڏا، اھو چوٽيھون در اسان جي حد آ يا سکر جي؟“
”اسان جي.“ منشيءَ وڏي منهن ڀيلو ڪري ٻڌايو.
”ڪھڙيءَ مھل لاش ڏٺو ھيئي؟“
”سائين، باک مھل.“
”پوءِ ايتري دير ڪاٿي ھئين؟ ھينئر ته ذري گھٽ منجھند اچي ٿي آھي!“
گيج ريڊر چپ.
”ميان، جواب ڏي نه ته اھا دير توکي ڏکي پوندي.“
اتي گيج ريڊر ڦاٽ کاڌو، پرائيءَ عزت کان نيٺ پنهنجي عزت پياري ھئي. ”سائين، مان ته پنهنجي سر ڪا دير ڪانه ڪئي. مان ته ان مھل ئي سکر ٿاڻي تي ويو ھوس، پر ان صوبيدار مون کي ويھاري ويھاري نيٺ پوءِ جواب ڏنو.“
”ڇو جواب ڏنائين؟“
”چيائين ته منهنجي حد ڪانهي.“
”ھن جي حد ھجي يا منهنجي ھجي. جھڙو ھو گورنمينٽ جو نوڪر، تهڙو مان نوڪر. ھن کي پھريون خون جي خبر پئي ھئي. قانون مطابق ھن کي رپورٽ وٺڻي ھئي ۽ مشير نامو ٺاھي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلڻو ھو. ان کان پوءِ مون ڏي ڪاغذ موڪلڻا ھئس.“
”ھا سائين، مان ته کيس گھڻا ئي ايلاز ڪيا، پر اصل ڪونه مڙيو.“
”ڇا پئي چيائين؟“
”سائين، چيائين پئي ته ھھڙي جاچ ڪير ڪري. ھيءَ جاچ ته رھندو گھر جا ٽپڙ گھليندي.“
”ھا، پر جي مٺو کائبو آ ته ڦڪو به کائبو آ. جي ان لاش جا وارث پئدا ٿين ٿا ته پوءِ اھو لاش کيس ڏاڍو مٺو لڳي ھا. پوءِ انهن حدن ٻدن جو خيال ئي ڪو نه اچيس ھا.“
”الائي، سائين.“
”الائي وري ڇو؟ تو کي اھا خبر نٿي پوي؟“
گيج ريڊر ڇا ڪڇي.
”چڱو ڀلا، ھاڻي ھي ٻڌاءِ ته تو کي ڪيئن خبر پئي ته لاش چوٽيھين در ۾ آ؟“
”مان پاڻ ڏٺو ھو.“
”تو لاش ڏٺو ھو يا در ڳڻيا ھيئي؟“
”در ڳڻڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي سائين، درن جا نمبر ته منهنجي دل تي لکيل پيا آھن.“
”پر ميان، ڀل چڪ ته ٿي سگھي ٿي.“
”نه سائين، اھڙو انڌو مان به ڪونهيان.“
”ڀلا، ھينئر جو ھن ٿاڻي تي آئين ته وري لاش ڏٺئي؟“
”ھن ڀيري ته اھو رستو آيس ئي ڪو نه. مان ته سڌو اچي روھڙي واري پل ٽپيس.“
”اوڏانهن اچين ھا ته گھٽ ۾ گھٽ پڪ ته ٿئي ھا. الائي وري لاش لڙھي ڪنهن ٻئي در ۾ ته نه ڦاٿو.“
”اھا الله کي خبر، پر ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“
”چڱو، اھا وري ٿا کڻي جاچ رکون...... وڏا، او منشي وڏا!“
”جي سائين!“ منشيءَ وڏي جواب ڏنو ۽ اچي صوبيدار جي سامھون بيٺو.
”يار، لاوارث لاش جي فرياد آھي ته ڏکي، پر ھن مڙس کي ھروڀرو ڪو نه رلائبو. تون ھن کان فرياد وٺڻ جي تياري ڪر. پر ان وچ ۾ پنهنجو ڪو ماڻھو موڪلي اھا ته خاطري ڪر، متان لاش اسان جي حد ۾ ئي نه ھجي ۽ اسين ويٺا اجايا خفا ڪيون.“
”اھي خفا اجايا ٿا ڪيو سائين، لاش چوٽيھين در ۾ آ.“ گيج ريڊر صوبيدار کي وري پڪ ڏني.
”ميان، اسان کي پڪ ته ڪرڻ ڏي. متان درياھ جي وھڪري تي لاش لڙھي ڪنهن ٻئي در ۾ نه ڦاٿو ھجي.“
”ڀلي سائين.“
”منشي وڏا، تو به ڳالھ سمجھي نه؟“
”ھا سائين، خاطري ڪيو.“
”پر ڪنهن بني بشر کي خبر نه پوي! مھاڻي کي به جھلجانءِ ته ان ڳالھ جو پڙھو نه ڏي، رڳو ماٺ ميٺ ۾ لاش ڏسي، در ڳڻي اچي.“
”ھا سائين، بس نه؟“
”بس، پر ھن ھمراھ کي پاڻ سان ورتيون وڃي. ھن ويچاري ماني به کاڌي آھي الائي ڪونه.“
”سائين، مون کي طلب ڪانهي.“
”ميان حجاب نه ڪر، ماني مولا جي آ. وڏا، منهنجي کنڌي ھوٽل ماني گھرائي کارائينس. ھي مڙس ماڻھو اٿئي، پرائي خون تي ڪنهن ڀاڙيي ڀتي کي ڪھڪاءُ ڪونه ايندو آ. وڏا، ھھڙن مڙسن جو شل ڪال نه پوي.“
”بيشڪ سائين، مڙساڻا اکر اٿس. ھل ادا، اٿي ڪو ڳڀو کاءُ.“
صوبيدار ۽ وڏي منشي جي ان تعريف گيج ريڊر جا مڙئي ٿڪ لاھي ڇڏيا. ھن کي سکر واري صوبيدار تي وڏي خار ھئي، جنهن کيس اجايو رلايو ھو ۽ ساڻس خوديءَ سان ڳالھايو ھئائين. جو منشي وڏي جي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ماني کائي، ڄنگھون ڊگھيون ڪيائين ته کيس ننڊ کڻي وئي. ٽپھريءَ مھل منشيءَ وڏي ٽنگ لوڏي جاڳايس ۽ صوبيدار وٽ ھلڻ لاءِ چيائينس. ھو صوبيدار جي ڪوٺيءَ ۾ گھڙيو ته صوبيدار کيس چيو: ”ميان، لاش ته ٽيٽيھين در ۾ آ، اھا اسان جي حد ڪانهي.“
”اھو وري ڪيئن سائين؟ مان پاڻ چوٽيھين در ۾ ڏٺو ھو!“
”ميان، يا ته تون ڀلو آن يا لاش پوءِ وري لڙھي وڃي ٻئي در ۾ ڦاٿو ا.“
”سائين، مان ته رلي مري ويس!“ گيج ريڊر کي رلڻ جو جيڪو خيال ھو، سو ته کڻي ڇڏيو، پر کيس سکر واري صوبيدار جا سور به پئي سجھيا.“
”ميان، پرائيءَ حد ۾ مان ڪيئن دخل ڏيندس؟“
”پر سائين، در ۾ ڦاٿل لاش ڪيئن وري لڙھندو. منهنجو ته مغز ئي نٿو ڪم ڪري.“
”ميان، پر تون وري کڻي بئراج ڏانهن ٿيندو وڃ. چڱيءَ طرح در ڳڻجانءِ. جي چوٽيھون در ھجي ته مون کي کڻي نياپو موڪليندين ته مان اچي ٺھڪو ڪندس.“
گيج ريڊر آڳ قبولي، وري سکر طرف ھليو ۽ سڌو رستو ڇڏي سکر بئراج ڏانهن ڦريو. ھن ڀيري ھن پڪو پھ ڪيو ته لاش چڱيءَ طرح خاطري سان ڏسي، پوءِ سکر واري صوبيدار سان ملندو. ھو ھلندو ھلندو چوٽيھين در وٽ پھتو ته ڏٺائين ته ڪاريءَ وارا ڪک ھئا ۽ وري اڳتي وڌي ٽيٽيھين در ۾ جھاتي پاتائين ته اتي لاش برابر ڦاٿل ھو. اھا خاطري ڪري ھو سکر ٿاڻي پھتو ته صوبيدار پري کان کيس ڏسي پڇيو: ”پٽيا خدا جا، وري ڇو آيو آھين؟“
”سائين، لاش ٽيٽيھين در ۾ آ، اھا اوھان جي حد آ.“
”اڙي، اھو وري ڪيئن؟“
”سائين، صوبيدار روھڙي واري جو لاش ڏسڻ لاءِ مھاڻو موڪليو ته اھو ٽيٽيھين در ۾ ڦاٿو پيو ھو، سو توھان ڏي موڪليائون.“
”ھتي ويھ گيج ريڊر جا پٽ.“ صوبيدار گجگوڙ ڪندي چيو: ”تنهنجي حد ۾، تنهنجي ڊيوٽي ۾ خون جو ڏوھ ٿيل آھي. ان کان پوءِ تون لاش کي ھڪ جاءِ تان ٿيڙائي وري ٻي جاءِ واردات ٺاھي آھي. اھو ڏوھ به خون جيترو ئي آھي. وڏا، ڏيکارينس ان ڏوھ جو قلم.“
”ھيڏي آ ميان ته قلم ڏيکاريانءِ.“ منشي وڏي کيس سڏ ڪيو.
”ڇڏ منشي وڏا، مان برابر گناھي آھيان.“ گيج ريڊر روئڻھارڪو ٿي ويو.
”بلڪل تون گناھي آھين. ان کان سواءِ تون ٻن ٿاڻن، ٻن عملدارن کي ٿو پاڻ ۾ ويڙھائين. ان ويڙھ ۾ تون ائين پيسجي ويندين جيئن ان سان گڏ گھڻو.“
”سائين، اعتبار ڪر. مان توھان کي ڪونه ٿو ويڙھايان ۽ نه مون ڪو لاش ئي ٿيڙيو آھي.“
”پوءِ لاش ٽيٽيھين در ۾ ڪيئن آيو؟“
”سائين، خدا جو قسم، مون کي ڪا خبر ڪانهي. منهنجون ته پاڻ وايون بتال ٿي ويون آھن. صبوح جو مان ھن گنهگار اکين سان لاش چوٽيھين در ۾ ڏٺو ھو، پر وري روھڙي کان موٽندي ڏٺم ته ٽيٽيھين در ۾ پيو ھو.“
”پوءِ لاش جن ٿيڙيو، ڀوت ٿيڙيو؟“
”سائين، روھڙي واري صوبيدار ته چيو پئي ته لاش درياھ شاھ ٿيڙيو آھي.“
صوبيدار سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ڪي گھڙيون ٽٻيءَ ۾ پئجي، ڪنڌ مٿي کنيائين: ”ھا اھا ڳالھ ٿي سگھي ٿي، درياھ بادشاھ آھي.“
”ڀلا سائين، ھاڻي رپورٽ وٺو، دير ٿي ٿئي.“
”ضرور وٺبي، پر ھينئر ته سانجھي ٿي وئي آھي. ھن مھل لاشو ڪير ڪڍندو؟“
”پوءِ ڇا ڪيان؟“
”تون ساجھر اچجانءِ، رپورٽ مان رات ئي ٺاھي ڇڏيندس. صبوح جو ڇڙي تنهنجي صحي پوندي.“
”پر سائين، لاش کي ٻي به رات پوندي ته شناخت کان زور ٿي ويندو.“
”ميان، رات ۾ ڪجھ ڪونه ٿيندس. تون باک مھل اچي پھچجانءِ.“
رات جو ته نه، البته باک مھل ھو وري سکر ڏانهن پئي آيو ته ٽيٽيھين در جي سامھون پھچي، ھن کي دل ۾ خيال آيو ته جيڪر ھو لاش کي وري ھڪ نظر ڏسندو وڃي. ھن کي پڪ ھئي ته لاش شناخت کان زور ٿي ويو ھوندو. ھن ڀت کي ھٿ وجھي جو ھيٺ نهاريو ته ھن جي اکين ۾ ترورا اچي ويا. لاش ٽيٽيھين در ۾ ڪونه ھو. ھن وري ڊڪي وڃي چوٽيھين در ۾ جھاتي پاتي ته لاش اتي ڦاٿو پيو ھو.
ھو ڪي گھڙيون فٽ پاٿ تي بيھي رھيو. ھن نه سکر طرف قدم وڌايو ۽ نه روھڙي طرف موٽ کاڌي. ٻئي پاسا ڳورا ھئا. اڳيان باھ ھئي ته پٺيان پاڻي ھو. ڪا مھل سوچي سوچي ھن ھيڏي ھوڏي نهاريو. پرتي اورتي ڪوئي ڪونه ھو. ھن ڀت تي چڙھي در جي چاٻيءَ ۾ وڃي ھٿ وڌو.
نيرن مھل گيج ريڊر پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن پئي ويو ته سروير کانئس پڇيو: ”غلامو، لاش ڪھڙي صوبيدار جي حوالي ڪيئي؟“
”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاوارث لاش ڪونه ورتو، سو ان کي ان بادشاھ جي حوالي ڪيم، جنهن جون حدون تمام وڏيون آھن. ھيڏانهن سکر بئراج ته ھوڏانهن عربي سمنڊ.“

No comments:

Post a Comment